سنڌ جا پورھيت ٻار ۽ گلوبل مارچ 1998ع
اهڙن ٻارن سان همدرديءَ ۽ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ سڄيءَ دُنيا ۾ 1998ع ۾ گلوبل مارچ شروع ڪيو ويو. پاڪستان ۾ اهو مارچ تيرهين اپريل کان شروع ٿي ايڪيهين اپريل تي ڪراچيءَ ۾ ختم ٿيو. اهو مارچ لاهور کان ٿيندو سيال ڪوٽ، گجرات، فيصل آباد، ساهيوال، عارف والا، وهاڙي، ملتان، بهاول پور، احمد پور شرقيا، خان پور، رحيم يار خان، سکر، خيرپور، نواب شاهه، هالا، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ پهتو. ان ۾ سماجي تنظيمون، صحافي، عام ماڻهو وغيرهه شامل ٿيا. ان مارچ جو خاص مقصد سڄيءَ دنيا جي سمُورن ٻارن جي حقن جو بچاءُ، بنا معاوضي جي تعليم ڏيارڻ، معاشي پائماليءَ کان بچائڻ ۽ اهڙن ڪمن کان تحفظ ڏيارڻ آهي، جن سان ٻارڙن جي جسماني، ذهني، روحاني، اخلاقي ۽ سماجي واڌ وِيجهه تي خراب اثر پوَن ٿا، وغيرهه شامل آهن. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) ٻارن جي پورهئي کي هيٺينءَ ريت واضح ڪيو آهي.
چئن کان چوڏهن سالن جي عُمر وارن ڪم ڪندڙ ٻارن کي پورهيت ٻار چئجي ٿو. کانئن روزانو ٻارهن کان چوڏهن ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو. هُو بيمار رهن ٿا ۽ خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا. هُو جسماني، سماجي ۽ نفسياتي دٻاءَ ۾ رهن ٿا. کين تمام گهٽ پگهار ڏني وڃي ٿي. کين آرام، کيڏڻ ۽ پڙهڻ جو ڪو به وقت ڪونه ٿو ملي.
پاڪستان جي 1998ع ۾ آبادي چوڏهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ هُئي، (جڏهن ته هينئر ٻاويهن ڪروڙن کان مٿي آهي.) يونيسيف جي رپورٽ مطابق انهيءَ مان اڌ آبادي ٻارڙن جي آهي جن مان چوويهه ملين هڪ ڏينهن کان وٺي پنجن سالن تائينءَ جا ٻارڙا ۽ چوويهه ملين پنجن کان ارڙهن سالن جا ٻارڙا آهن. انهن چوويهن ملين مان رڳو چوئيتاليهه سيڪڙو يعني اڌ کان به گهٽ ٻارڙا اسڪُول ويندا آهن. باقي اسڪُولن کان محروم آهن. پاڪستان جي حڪُومت جي 1998ع جي رپورٽ مطابق 3.3 ملين ٻارڙا پورهيو ڪن ٿا؛ پر ڏٺو وڃي ته اسان جي مُلڪ ۾ جيئن تيزيءَ سان ٻار پيدا ٿين ٿا، تيئن ٻارن جو پورهيو وڌندو وڃي ٿو. ان حساب سان ڏِسجي ته اسان جي مُلڪ ۾ انهن انگن اکرن کان به ٻيڻ تي ٻارن کان جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو. سنڌ ۾ خانگي جيل به آهن؛ جن ۾ خاندانن جا خاندان انهن جيلن ۾ بند ڪيا وڃن ٿا ۽ پنجاهه سالن کان پوءِ به رڳو ڪُجهه خانگي جيلن جو پتو لڳي ٿو ته ان مان اندازو لڳايو ته ڪيترا ٻار جبري پورهئي جو شڪار ٿيندا هُوندا؟ جتي مرد ۽ مايون ظلم جو شڪار آهن ته اتي جا ٻارڙا ڪيئن محفوظ هُوندا؟ ٻارڙن جي پورهئي بابت روزانو اخبارن ۾ خبرون ڇپجنديون رهن ٿيون. خاص طور تي ٿر ۾ غاليچن جي صنعت معصُوم ٻارن جي نرم ۽ نازڪ آڱرين سان هلائي وڃي ٿي. بُک ۽ بد حاليءَ جي ڪري پورهئي لاءِ ٻارڙن کي وِڪيو به وڃي ٿو. پاڪستان ۾ قانوني طور ٻارڙن کان پورهئي وٺڻ جي جهل آهي پر ٻين قانونن وانگر اهو قانون به عمل جو اوسيئڙو ڪري رهيو آهي. 1991ع ۾ ٻارڙن جي پورهئي کي بند ڪرڻ جو قانون The Children Employment 1991 لاڳو ڪيو ويو هو؛ جنهن ۾ فيڪٽرين، کاڻين وغيره ۾ چوڏهن سالن تائينءَ جي ٻارن کان پورهئي وٺڻ جي پابندي لڳائي وئي هُئي. چوڏهن سالن کان گهٽ ٻار کان دڪانداريءَ جو ڪم به نه ٿو وٺي سگهجي. مرچنٽ شپنگ ايڪٽ 1923ع مطابق چوڏهن سالن کان گهٽ ڄمار واري ٻار کان شپنگ انڊسٽريءَ ۾ ڪم نه ٿو وٺي سگهجي. روڊ ٽرانسپورٽ ورڪرس آرڊيننس 1991ع مطابق ارڙهن سالن جي ڄمار کان گهٽ ٻارن کان اهو پورهيو به نه ٿو وٺي سگهجي. اِي سي اَي (ECA) جي ڀاڱي ٽئين مطابق رات جو ستين وڳي کان صُبح جو ستين وڳي تائين هر قسم جي پورهئي وٺڻ تي پابندي آهي ۽ هر ٽئين ڪلاڪ تي پورهيت کي ساهي پَٽڻي آهي؛ پر هتي سڀ ڪُجهه ان جي اُبتڙ پيو ٿئي. لڳي ٿو ته اهو قانون رڳو ڪتابن جي سُونهن بڻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
ٻارڙن جي پورهئي جو وڏو سبب غربت آهي. هر مائٽ جي دل چاهيندي هُوندي ته سندس ٻار سُٺي تعليم حاصل ڪري. سُٺو پهري، سُٺو پيئي کائي، گهمي ڦِري، کيڏي ڪُڏي ۽ خوش رهي پر معاشي مجبُوري سندس سمُورين آسن ۽ اُميدن کي ناس ڪري ڇڏي ٿي. اسان وٽ ٻار گهڻا پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن جي صحيح سار سنڀال مسئلو بڻجي وڃي ٿي؛ جنهن ڪري پنهنجن بُنيادي حقن کان وانجهجي وڃجي ٿو. ٻار مختلف بيمارين ۾ ڦاسي موت جو کاڄ به بڻجي وڃي ٿو. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هر سال چاليهه لک ٻار ڄمن ٿا؛ جن مان چار لک ته هڪ سال جي ڄمار تائين مس جيئرا رهن ٿا ۽ ڪي پنجن سالن تائين به مشڪل سان پهچن ٿا، جيڪي ٻارڙا بچي وڃن ٿا اُنهن کي نه صاف پاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي صحيح خوراڪ ملينِ ٿي. تعليم ته پري جي ڳالهه آهي. ٻارڙن جي حقن جا قانون ته ٺاهيا ويا آهن پر اُنهن تي عمل نه پيو ٿئي. جيئن نومبر 1989ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ٻارڙن جي حقن جي معاهدي جي منظوري ڏني هُئي؛ جنهن کان پوءِ سيپٽمبر 1990ع ۾ ٻارڙن جي حقن بابت بين الاقوامي ڪنوينشن ٿي؛ جنهن ۾ پاڪستان پڻ شريڪ ٿيو هو. ان مطابق دنيا ۾ هر ايندڙ ٻار جي بقا، تحفظ ۽ ترقيءَ کي بنيادي حق طور مڃيو ويو هو.
هاڻي قانون ته موجُود آهي پر ضرورت عمل جي آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن عمل ڪيو به وڃي، نٽهڻ اُس ۾ پاڻي کپائيندڙ ٻار، اخبار وڪڻندڙ ٻار، ڇولا ۽ لائي وِڪڻندڙ ٻار، غاليچن اُڻندڙ ٻار، گيريج ۾ ڪم ڪندڙ ٻار ۽ هوٽل ۽ دڪان هلائيندڙ ٻار کان پورهيو کسيو وڃي ته ڇا هُن کي تعليم سان گڏ لٽو ڪپڙو ۽ ماني ڏني ويندي؟ ان صُورت ۾ گهر جا ڀاتي جيڪي ٻارڙي جي پورهئي تي پلجن ٿا، اُنهن جي پيٽ جي آڳ ڪير اُجهائيندو؟ ٻهراڙين ۾ ڪير اسڪُول قائم ڪندو جتي مسڪين ماروئڙا پڙهندا؟
ٿي سگهي ٿو ته مسئلا اڃا وڌندا. ان جو مطلب اهو نه آهي ته
ٻارن جي حقن لاءِ آواز نه اُٿارجي. منهنجي چوَڻ جو مقصد آهي ته، هتان جي ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري، اُنهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري، پوءِ انهن قانونن تي سختي ڪجي. ها باقي ان ڳالهه تي به سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ته، ٻارڙن کان سخت پورهئي بدران سوَلو ڪم ورتو وڃي. ان جو صحيح معاوضو ڏنو وڃينِ ۽ اسڪُول جي وقت تي کانئن پورهيو نه وٺجي ۽ سندن ٿورو وقت ورتو وڃي. جيڪو ادارو ٻارڙن کان ڪم وٺي اُن کي ٻار جي تعليم، کيڏڻ ۽ تفريح وغيرهه جو پابند بڻايو وڃي. ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي. ميڊيا جي ذريعي ماڻهن ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي ته، هُو پورهيت ٻارڙن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچن. کين پنهنجن ٻارڙن وانگر سمجهن. هوٽلن وغيرهه تي ڪم ڪندڙ ٻارڙن سان اڪثر ڪري اسان جا ماڻهو سُٺو پيش نه ايندا آهن. بهر حال مجمُوعي طور تي ٻارڙن سان رويا بهتر ۽ پنهنجائپ وارا رکيا وڃن. گلوبل مارچ جو مقصد به اهو ئي آهي. حڪُومت توڙي عوام ٻارڙن کي سندن حق ڏين ۽ صحيح سار سنڀال لهن؛ ڇا ڪاڻ ته سُڀاڻي انهن ئي ٻارڙن کي مُلڪ سنڀالڻا آهن. جيڪڏهن اهي پيڙهيل ۽ مجبُور هُوندا ته ملڪ ۽ قومون به پيڙهيل ليکيون وينديون. سنڌ جا ٻارڙا به هن گلوبل مارچ کي ڏِسي سَرهائي محسُوس ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجو آواز دُنيا جي ٻارڙن سان گڏائي، ڏاڍي خوشي محسُوس ڪري رهيا آهن. هاڻي وڏن جو فرض آهي ته هُو به ٻارڙن کي سڏ ۾ سڏ ڏين ۽ کين حق ڏين.
****
(روزاني هِلال پاڪستان ڪراچي، اڱارو 21 اپريل 1998ع بمطابق 23 ذوالحج 1418هه)