مزاحيه خبرون
چمچا گهٽي ڳوٺ ڄامڙن ۾ اڄ رات ٻه نقاب پوش ماڪوڙا، جيڪي گڏهه تي سوار هُئا، ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي، مينهون ڀَڃِي ڀِتيُون ڪاهي ويا. ڀتين جي ڪاهجي وڃڻ سان ڇت کي ڪو به مالي نقصان نه پهتو آهي ۽ اها ڇت اڃان ڪافي صدين تائين سلامت رهندي.
جڏهن اهو اطلاع پوليس ڀَٽاريءَ کي پهتو ته، اُها ڀاڳين کي گرفتار ڪري کانئن ڌاڙيلن جي پُڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي. اسان جي چمڙا پور جي نڌڻڪي نمائندي کي پوليس جي هڪ اعليٰ عملدار ٻُڌايو ته، پوليس ۽ نقاب پوش پاڻ ۾ ملي ڀاڳين جي انهن سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل مشقون ڪندا.
اسان جي نڀاڳ پور جي نمائندي نڙ بيت فقير نياپو ڏنو آهي ته، ڪالهه هتي سم اينڊ پوسل هائوس ۾ آل پاڪستان مڇر ايسوسيئيشن جو اهم اجلاس ماسيءَ مک جي صدارت ۾ ٿيو؛ جڏهن ته مُک مهمان ڏاڏو ڏينڀو هو. انهيءَ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، ڦوهاري وارن فسادين خلاف مُهم هلائي ويندي. ان تي سنڌ جي مڇرن اعتراض اُٿاريو ته، ڦوهاري وارا آهن ئي ڪونه. باقي ڪارروائي ڪنهن سان ڪجي؟ ڪاوڙ ۾ هُنن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ عدم اعتماد جي رٿ بابت سوچي رهيا آهن. ڪڏهن به ڪو به نئون ڌماڪو ٿي سگهي ٿو. سڀئي فيصلا پُورا ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي مڇرن کي پرچائي اجلاس ۾ آندو ويو؛ ڇو جو هُو اجلاس هائوس جي ٻاهران انتظار ۾ هُئا ته کين من ڪو پرچائڻ اچي.
پاٽو ساٽو ذريعن مطابق زڪاة جا پيسا حاجي هڙ کائو صاحب پنهنجن هٿن مُبارڪن سان ايندڙ صديءَ جي آخري سال جي تيرهين مهيني جي پنجٽيهين تاريخ تي ورهائيندو؛ تيستائين هُن جون هڏيون به ڳري وينديون. اُميد آهي ته ماڻهن جون دليون کٽي وٺندو. خواهشمند ماڻهن کي صلاح ٿي ڏِجي ته گُرڙي ڪري وات ڌوئي ويهن. پوءِ ائين نه ٿئي ته ان سونهري موقعي مان فائدو نه وٺي سگهن.
راندين وارو وزير شريمتي گدڙ گگدام اڄ منجهند جو جڏهن ٺِڙڪ ٺڳي اسٽيڊيم تي پهتو ته، عالَمي ٻلي ڪُوئو ٽورنامينٽ هلي رهي هُئي؛ جنهن ۾ اتفاق سان ڪُئي جو بال جهرڪيءَ کي لڳو ۽ جهرڪين شور مچائي وزير صاحب جو پَٽڪو لاهي وِڌو. پوءِ اهو سرڪاري اعلان ڪرايو ويو ته وڏي طوفان ڪري راند ٿي نه سگهي.
پڇاڙيءَ ۾ مُنڍ معاف ڪندا. کُليو ڪونهي. آخر ۾ مُند! مُندائتن موالين اطلاع ڏنو آهي ته، ايندڙ چوويهن سيڪنڊن اندر آسمان تي گڙٻڙ رهندي ۽ هوا بي درديءَ سان دلين کي ڌَڪ هڻندي. ان ڪري هر ڪو پنهنجي دل ڪنهن محبُوب کي ڏئي اچي. باقي سج سڙڻ تي آهي ۽ اُوندهه کُٽڻي ناهي. ان ڪري ڪو به حويليءَ کان ٻاهر نه نڪري. جيڪڏهن نڪتو ته، اها حڪُومت جي ذميداري هُوندي. سرمائيدارن ۽ وڏيرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته، هُو پنهنجا بنگلا ڇڏي ڪُڙمين واريون ڪکائيون جهُوپڙيون وَسائن؛ جن کي تيلي ڏيڻ سان باهه نه ٿي لڳي سگهي.
انهيءَ تي کاريون کٽيون کبرون کتم ٿيون. مهرباني ڪري هتان نڪران ته ناراض نه ٿجو. اڳي ئي ڪاوڙ جو قدر ڊالر کي ڊيڄاري رهيو آهي، نه ته سُڀاڻي خبرن ٻُڌائڻ کان هڙتال ڪئي ويندي ۽ پوءِ ڏاڍا ڏُکيا ٿيندؤ. چڱو جُدائيءَ ۾ جلندا رهنداسين.
****