ٻاراڻو ادب

بهادر ڇوڪري

ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ بہ پڙهيون ويون. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي
Title Cover of book بهادر ڇوڪري

نياڻين جي تعليم جي اهميت ۽ ضرورت

دنيا ۾ جيڪا به ترقي ٿي آهي، اُن جو جيڪڏهن سبب معلُوم ڪيو ويندو ته، وڏي ۾ وڏو سبب ۽ بُنياد عِلم ڏِسڻ ۾ ايندو. دُنيا ۾ جيڪي به قومون مٿڀريون آهن، اُهي پنهنجي عِلم، عقل ۽ ڏاهپ جي ڪارڻ ئي ان منزل تي پهتيون آهن. اهڙيءَ ريت دنيا جا جيڪي به وڏا وڏا ڏاها، مدبر، سائنسدان، سياستدان ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن يا هن وقت موجُود آهن، سي به عِلم جي ذريعي ئي پنهنجي ماڳ تي پهتا آهن.
اوهان اهو ته، ٻُڌو هُوندو ته، علم انسان جي ٽين اک آهي پر مان سمجهان ٿو ته جنهن وٽ علم نه آهي، اُهو ڄڻ ٻنهي اکين کان محروم آهي. هُو شيون ڏسي ته سگهي ٿو پر پرکي، پروڙي ۽ منزل حاصل ڪري نه ٿو سگهي.
اِهو ئي سبب آهي ته دنيا ۾ جيڪي به مذهب آيا اُنهن تعليم ۽ تربيت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو. هنن جي پرچار جو وڏو ذريعو تعليم ئي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪو ڪم قلم سان ڪيو ويو آهي، سو ترار کان ناهي ٿي سگهيو. اسان پنهنجي مذهب اسلام تي ئي نظر ڦيرائينداسين ته ان جي ابتدا ئي تعليم، تربيت ۽ اخلاقيات سان ملندي. حضور اڪرم ﷺ جن کي پهريون سبق اقراءَ يعني پڙهه جو ڏنو ويو. حضرت محمّد مُصطفيٰ ﷺ هِن دُنيا تي جيڪو انقلاب آندو سو عِلم جي ذريعي ئي آندو. پاڻ هڪ سچي رسُول ۽ نبيءَ سان گڏ دنيا جو وڏي ۾ وڏو مُعلم به هو. حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي عِلم، ڏاهپ ۽ بُردباريءَ وسيلي اُنهن کي به صحيح انسان بڻايو، جيڪي ٻين ڏوهن سان گڏ پنهنجين نياڻين تي وڏا ظلم ڪندا هُئا. انهن ظلمن ۾ منجهان نياڻين کي علم پِرائڻ کان روڪڻ به شامل هو. اسلام مُسلمان مرد توڙي عورت لاءِ عِلم حاصل ڪرڻ لازمي ڪري ڇڏيو آهي.
اسان پاڻ کي مُسلمان ته سَڏرايون ٿا پر ان جي پيروي صحيح نمُوني سان نه ٿا ڪريون. مختلف هٿراڌو ريتن رسمن کي بُنياد بڻائي خاص ڪري نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان پري رکؤن ٿا. اسان وٽ عام تاثر اهو آهي ته نياڻي پڙهندي ته خراب رستي تي نڪري ويندي. اها سوچ بلڪُل غلط آهي. اها سوچ ظاهر ڪري ٿي ته، اسان پنهنجيءَ نياڻيءَ کي ڪو به حق نه ٿا ڏيڻ چاهيون؛ ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن نياڻي پڙهي شعور واري ٿي ويندي ۽ پنهنجن جائز حقن جي گهُر ڪندي ته، اسان کان اهو برداشت نه ٿيندو. اِها سوچ غلط آهي. پنهنجيءَ ڪوڙيءَ اَنا ۽ هَٺَ خاطر اسان ظلم پُٺيان ظلم ڪندا رهون ٿا. ان ظلم جا انفرادي توڙي اجتماعي ڪيترا ئي هاڃا ٿين ٿا؛ جن جي نتيجي ۾ گهرن جا گهر، ڳوٺ، شهر ۽ ڪُڙم قبيلا تباهه ٿي وڃن ٿا.
پڙهيل ڳڙهيل نياڻيءَ جي ڪري اسان جي ڪُٽنب، گهر، ڳوٺ، شهر ۽ قوم کي جيڪو فائدو پهچي ٿو، اسان اُنهيءَ ڏانهن نهارڻ به پسند نه ٿا ڪريون. نياڻيءَ جي پڙهڻ سان پُوري گهر ۾ هڪ انقلاب اچي وڃي ٿو. سڄي گهر جو اُٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ تبديل ٿي وڃي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ نياڻيءَ کي پڙهائيندو سو لازمي پنهنجي پُٽ کي به پڙهائيندو. جڏهن هڪ گهر ۾ عِلم داخل ٿئي ٿو ته، اُن جي سُرهاڻ يا هُڳاءُ هوريان هوريان وڌندو وڃي ٿو. اسان وٽ تعليم حاصل ڪرڻ جو وڏو مقصد روزگار حاصل ڪرڻ آهي، جيڪا پڻ چڱي ڳالهه آهي پر عِلم حاصل ڪرڻ سان ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو به اچي ويندو آهي.
عام تاثر اِهو آهي ته، نياڻين کي نوڪري ته ناهي ڪرائڻي سو پڙهائجينِ ڇو؟ اها سوچ بهتر نه آهي. جن به قومن عورتن جي صلاحيتن ۽ ڏاهپ کي صحيح نمُوني ڪم آندو آهي، اُنهن وڏي ترقي ڪئي آهي. هڪ گهر جي خوشحاليءَ ۾ جڏهن مرد توڙي عورت جي محنت شامل ٿئي ٿي ته، اها خوشحالي ٻيڻي ٽيڻي ٿي وڃي ٿي. ڪيترين ئي سنڌي نياڻين تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي گهر ۽ ٻارن ۾ بهتري آندي آهي پر ملڪي ۽ عالَمي سطح تي نالو روشن ڪيو آهي. انهن مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو (پاڪستان جي اڳوڻي وزيرِاعظم)، پروفيسر انيتا غلام علي (تعليم جي اڳوڻي وزير)، محترمه مهتاب اڪبر راشدي (سنڌ جي مختلف محڪمن جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي)، محترمه شمشاد اختر (اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر) وغيره ڳڻائي سگهجن ٿيون.
ڪو به پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڀل نوڪري نه ڪري تڏهن به عِلم هُن کي ڪم ايندو. گهر هلائڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي تربيت وغيرهه ۾ به تعليم توهان جي تمام گهڻي مدد ڪندي، تنهن ڪري پنهنجيءَ سوچ کي وسيع ڪرڻ گهُرجي.
تعليم هر ميدان ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ انتهائي لازمي آهي. هن وقت سنڌ ۾ هڪ تمام وڏو سماجي بُحران پيدا ٿي ويو آهي ته، ٻهراڙين ۾ جيڪي نوجوان عِلم حاصل ڪن ٿا، سي پنهنجي بهتر مُستقبل ۽ روزگار لاءِ شهرن ڏانهن اچن ٿا، جيڪا تمام بهتر ڳالهه آهي. هُو شادي به شهر جي ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريءَ سان ڪن ٿا. نتيجي ۾ ڳوٺ ۾ ويٺل نياڻيون شاديءَ کان به رهجي وڃن ٿيون. انهن نوجوانن کان جڏهن اوهين پُڇندؤ ته اوهان ڳوٺ مان شادي ڇو نه ڪئي؟ هُو وراڻيندا سائين! مان پڙهيل ڳڙهيل آهيان سو ڪنهن اڻ پڙهيءَ ڇوڪريءَ سان ڪيئن ٿو شادي ڪري سگهان؟ ڪيترن ئي ڇوڪرن ته ڳوٺ واريءَ گهر واريءَ کي ڇڏي شهر ۾ ٻي شادي به ڪئي آهي.
اهڙا ڪيترا ئي سماجي مسئلا اسان جي سامهون آهن. تنهن ڪري اسان کي پنهنجي سوچ مَٽڻي پوَندي. هڪ گهر، شهر ۽ قوم جي ترقي مرد ۽ عورت تي دارو مدار رکي ٿي. ٻئي جڏهن پڙهيل ڳڙهيل هُوندا تڏهن ئي ترقيءَ جي رفتار به وڌي سگهي ٿي.
هن وقت هر ڳوٺ توڙي شهر ۾ نياڻين لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي ادارا موجُود آهن ۽ اوهان جي نياڻين جي اوسيئڙي ۾ آهن، تنهن ڪري انهن مان ڀرپُور فائدو وٺو.
****