سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

ڪورونا جي عالمي وبا ۽ سنڌ جو ڪيس

ڪورونا، وبا جنھنجي دنيا سميت پاڪستان ۾ ٻيءَ نئين لھر آدم بُو آدم بُو ڪندي گهرن ۾ داخل ٿي آھي انجي شُروعات گُذريل سال ڊسمبر جي آخر ۾ چين جي شھر ”وُوھان“ مان ٿي ۽ ڏسندي ڏسندي سموري دنيا ۾ ڦھلجي ويئي ۽ اھا وبا ئي ٻُڌڻ ۾ پيو اچي تہ ڊونالڊ ٽرمپ جي 3 نومبر تي ٿيل صدارتي چونڊ ۾ شڪست جو ڪارڻ بہ بڻي آھي ڇو تہ ڊونالڊ ٽرمپ بہ ڪورنا کي عام رواجي فلُو سڏيندي سماجي دُوري جو مذاق اُڏايوھيو ۽ نتيجي ۾ لکين آمريڪي شھري موت جي منھن ۾ ھليا ويا.
اھا وبا، بَوا بڻجي جڏھن ڦھلجي ويئي ۽ سموري دنيا جا ماڻھو گهرن تائين محدُود ٿي ويا تڏھن چيو پئي ويو تہ ھي دُنيا ھاڻي ڪورونا کانپوءِ جي دنيا ھوندي جنھن ۾ گهڻو ڪُجھ ساڳيو نہ ھوندو. انھي مفروضي جو تعين تہ عالمي وبا جي خاتمي کانپوءِ ئي ڪري سگهبو ليڪن ھن وقت دنيا انھي وبا مان جان ڇڏائڻ ۾ پوري آھي.
انھي عالمي وبا تي سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جو بلاگن تي مُشتمل ڪتاب ”وبا جا ڏينھن“ ئي پنھنجي گُفتگُو جو موضوع آھي.
ڪورونا جڏھن چين جي شھر ووھان مان شروع ٿيو تہ ڏسندي ڏسندي يورپ، ڏور اوڀر ايشيا، ايران، آمريڪا سميت پوري دنيا ۾ ڦھلجي ويو.ھن وقت تائين انھي بيماري ۾ متاثر ماڻھن جو انگ پنج ڪروڙ، اٺاويھہ لک ٻاونجاھ ھزار کان مٿي آھي جن مان ذري گهٽ ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻھو چـڱا ڀلا بہ ٿي چڪا آھن جڏھن تہ انھي بيماري تيرھن لک جانيون ورتيون آھن. دنيا ۾ سڀ کان گهڻا مريض ٻہ ڪروڙ ستاويھہ لک کان مٿي صرف آمريڪا ۾ آھن جڏھن تہ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت بہ آمريڪا ۾ ئي ٿيا آھن. يورپ انھي وبا کان متاثر ٻيو اھم خطو آھي جتي ذري گهٽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيا آھن. ڀارت ۾ انھي وبا ۾ ذري گهٽ ۸۸ لک جڏھن تہ برازيل ۾ ڪورونا ڪيسن اٺونجاھہ لک جي لڳ ڀڳ آھن.
پاڪستان ۾ ڪورونا جا ٽي لک ٻاونجاھہ ھزار کان وڌيڪ ڪيس آھن جڏھن تہ ۷ ھزارکان وڌيڪ ماڻھو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آھن.سنڌ ڪورونا جي مرض ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آھي جنھن ۾ مُتاثر ماڻھن جو انگ ڏيڍ لک کان وڌي ويو آھي جڏھن تہ ملڪ ۾ مرڻ وارن جو سڀني کان گهڻو تعداد ٽي ھزار جي لڳ ڀڳ بہ سنڌ ۾ ئي آھي ۽ اڄڪلھ ملڪ ۾ جيڪا ڪورونا وبا جي ٻي لھر اڀري آھي ان۾ بہ مثبت ڪيسن جو تناسب بہ سڀ کان گهڻو سنڌ ۾ آھي. سنڌ ۾ ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۲۰ تائين مرض جي لاٿ دوران روزانہ ڪيسن جو تعداد ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ ھيو جڏھن تہ تازي لھر ۾ ۱۲ نومبر جي ڏينھن ۹۷۹ مثبت ڪيسن جو انگ ٻُڌائي ٿو تہ اھا وبا انتھائي خوفناڪ رفتار سان وڌي رھي آھي.گُذريل مھيني جي وچ ڌاري ملڪ ۾ ڪورونا جي متحرڪ ڪيسن جو تعداد صرف 5 ھزار ھيو جيڪو ھن وقت 25 ھزار تي پھچي ويو آھي. اھا اسان سڀني جي خوش نصيبي آھي تہ سوشل ميڊيا ۽ واٽس اپ گروپن تي ڪورونا متعلق ڪارئتي ۽ وقتائتي ڄاڻ ڏيڻ، حاصل ڪرڻ جو اھم ذريعو عبدالرحمٰن پيرزادو آھي. جيستائين چينل ڏسجي خبرون ٻُڌجن ۽ ڏسجن سوشل ميڊيا تي عبدالرحمٰن جي ڪورونا اپڊيٽس اڳ ئي موجود ھجن ٿيون.
ڪورونا جي وبا متعلق جيترا وات اوتريون ڳالھيون آھن اتي جيترا ملڪ اوتريون انھي بيماري جي ويڪسين ٺاھڻ جون دعوائون بہ آھن ليڪن انھي بيماري جي وئڪسين ھن وقت بہ خلق خدا جي ڀلي لاءِ عام نہ ٿي آھي.انھي بيماري متعلق ڄاڻ ڏيڻ ۾ عالمي ملڪي ميڊيا وسان ڪين گهٽايو آھي ۽ ائين ئي ھن ملڪ ۽ سنڌ حُڪومت بہ ڪوششون ورتيون آھن ليڪن سنڌ ۾ ڪورونا جي بُحران دوران فيبروري ۾ انھي مرض جي ملڪ ۾ وارد ٿيڻ کان اڄ تائين مُنڌل ماڻھوءَ کي واٽ لائڻ ۾ جيڪو ڪردار پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادو ادا پئي ڪيو.انھي وبا دوران سوشل ميڊيا تي عبدرحمان جا بلاگ ڪافي پاپولر رھيا .
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ توڙي جو ايترا گهڻا ڪونھن ليڪن اھي انھي وبا جي نالي ۾ بوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي.ماسڪ پائڻ ڇو ضروري آھي ءِ انھي کي پائڻ جي لاءِ ڪو خاص مھل يا موقعو آھي يا انھي کي گهر ۾ بہ پائڻ ضروري آھي جتي گهر ڀاتين سان ھر وقت گهر ۾ گڏ گُذارجي ٿو.
ڪورونا وائرس ڪيئن عام وبا کان عالمي وبا ۾ تبديل ٿيو آھي ءِ اھو ختم بہ ٿيندو يا ايڊز، ڊينگي ۽ ھيپاٽيٽس جيان ھاڻي اسان سان گڏئي انکي رھڻو آھي.ان قسم جي انيڪ سوالن جا جواب ھن ڪتاب ۾ موجود آھن.
ڪورونا جي وبا دوران ”ڪوارنٽائين سينٽر“ ۽ ”آئسوليشن سينٽر“ ٺاھيا ويا اھي ڇو ضروري آھن ءِ انھن ٻنھي ۾ فرق ڪھڙو آھي انھي تي بہ ھن ڪتاب ۾ تفصيلي ڄاڻ موجود آھي.
مُلڪ ۾ ڪورونا آيو تہ انھي سان گڏ افواھ بہ آيا، ڪتاب ۾ ان تي بحث ٿيل آھي تہ ڪورنا تي سياڻن سيبتن ماڻھن جي مشڪرين جو ذڪر بہ آھي.ڪورنا سميت آفتون موقعا بہ کڻي اچن ٿيون.
ھن ڪتاب ۾ انجو ذڪر بہ آھي تہ ڪيئن اھا بيماري جنھن جي تشخيص لاءِ ملڪ ۾ ڪا بہ سھوليت ڪونہ ھئي اھا سھوليت پوري ملڪ سميت سنڌ جي تمام اسپتالن جي ليبارٽين ۾ پھتي ۽ اھا سھوليت ھاڻي نہ صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ موجود آھي بلڪہ گمبٽ ۽ سيوھڻ جھڙن ننڍڙن ۽ ڏورانھن علائقن ۾ بہ پي سي آر ٽيسٽ جي سھوليت مموجود آھي.سنڌ سرڪار سمورن آئسوليشن سينٽرن کي ھاءِ ڊپينڊنسي يونٽ ” ايڇ ڊي يو“ ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن تي جيڪڏھن عمل ٿيو تہ ان مان مراد اھا آھي تہ اھي آئسوليشن سينٽرآئيندھ ھائي ڊپينڊنسي يونٽ(ايڇ ڊي يو) يعني ھاءِ آڪسيجن يونٽ يعني بھترين نگھداشت يونٽ ۾ تبديل ڪيا ويندا جنھن سان ھن وقت ڪورونا جا جڏھن تہ اڳتي ھلي آڪسيجن جي شديد ضرورت وارا مريض بہ علاج ھيٺ رکي سگهبا.
ليکڪ ڪورونا وائرس (ڪووڊ ۱۹) کي انھي ئي خاندان جو نئون دريافت ٿيل حصو قرار ڏنو آھي..ڪورونا صرف مائڪرواسڪوپ ذريعي ڏسي سگهجي ٿو جڏھن تہ انھي جي شڪل تاج يعني ڪرائون جهڙي آھي جنھن جي ڪري ئي انھي جو ”ڪورونا” نالو پيو آھي.
ھن وقت تائين مليل ڄاڻ مطابق اھو وائرس ساھ کڻڻ، کنگهڻ، نڇ ڏيڻ دوران ھڪ ماڻھو مان ٻئي ماڻھو ۾ منتقل ٿئي ٿو جنھن سبب ٻن کان ٻارھن ڏينھن ۾ اھا بيماري ظاھر ٿئي ٿي جڏھن تہ انھي مرض کان متاثر فرد وري چار کان پنج ٻين مانھون کي بيمار ڪري سگهي ٿو. ليکڪ ھر وقت سرجيڪل ماسڪ پائڻ جي حمايت نٿو ڪري بلڪہ چوي ٿو تہ سرجيڪل ماسڪ گهر ۾ پائڻ جي ڪا بہ ضرورت ناھي. سرجيڪل ماسڪ صرف ان صورت ۾ پائجي جڏھن ڪنھن ماڻھو ۾ وائرس جي پڪ ھجي، سرجيڪل ماسڪ صحت ڪارڪن پائي جيڪو ڪنھن شڪي يا مريض جي تيمارداري ڪري رھيو آھي. يا وري توھان دڪاندار آھيو ۽ توھان جا گراھڪ فاصلو نٿا رکن ان صورت ۾ سرجيڪل ماسڪ پائڻ گهرجي.جڏھن تہ باقي عام ماڻھو صابڻ سان بار بار ھٿ ڌوئن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٽي فوٽ سماجي فاصلو رکن تہ ھروڀرو ڪورنا جي وبا جي ور نہ چڙھبو.
ليکڪ سوشل ميڊيا تي ھڪ ڊاڪٽر جي ڳالھ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ ”گُذريل ڇھن مھينن ۾ ڪورونا وگهي 2 لک پنجيتاليھ ھزار ماڻھو فوت ٿيا آھن جڏھن تہ انھي عرصي ۾ بُک وگهي ڪيترا ماڻھو فوت ٿيا آھن.“ ليکڪ انھي جو جواب ٿو ڏئي تہ انھن ٻنھي المين جي ڀيٽ مناسب ڪونھي.سڀ کان پھريان وڏي ۽ فوري مسئلي کي حل ڪبو پر ڪنھن پراڻي مسئلي کي درگُذر نہ ڪبو. اھا ڀيٽ بلڪل ائين آھي تہ ڪنھن عورت کي ڏاٺ ۾ سور ھجي ۽ ھنجو ويم بہ ٿيڻ تي ھجي تہ پھرين ويم تي ڌيان ڏينداسين جڏھن تہ ڏاٺ جو سور بعد ۾ ختم ڪبو. ائين ئي غذائي قلت کان متاثر ٻار کي ڌڪ لڳي پئي تہ اڳ۾ ڌڪ جو علاج ڪبو ملم پٽي ڪبي باقي علاج بعد ۾ ڪبو.ا ئين سمجهجي تہ ڪورونا سان ويڙھ جياپي جي جنگ آھي. زندھ ھونداسين تہ باقي مامرن کي ڏسي وٺبو.
”عالمي وبا ۽ احوال“ بلاگ ۾ افواھن جي دنيا ۾ جتي ڪورونا کي مشڪري سمجهي ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ جون ڳالھيون آھن اتي ھن جون مھلاتيون صلاحون بہ آھن تہ،
”افواھ نہ ڦھلايو، اڌ خبر نشر نہ ڪيوغلط بيان جاري ڪرڻ بند ڪيو، پنھنجي گهرن ۾ رھو ھرو ڀرو ٻاھر نہ نڪرو، مٽن مائٽن ۽ سنگت ڏانھن نہ وڃو. ھر ھر صابڻ سان ھٿ ڌوئو. سماج ۾ وٿيرڪا رھو جڏھن تہ گهر ۾ وٿيرڪي ٿيڻ جي ضرورت ناھي. کنگھ زڪام محسوس ڪيو يا گهر کان ٻاھر نڪرو تہ ماسڪ ضرور پايو. بخار کنگھ زڪام ھجي تہ ڊاڪٽر سان فون تي رابطو ڪيو. جيڪڏھن ڪووڊ جو شڪ ھجي تہ ”ھُدو“ ڪيو ۽ ٽيسٽ لاءِ حد جي ڊي ايڇ او سان رابطو ڪيو ۽ ائين گهر ويٺي بنا ڪنھن خرچ جي پي سي آر ٽيسٽ ٿي ويندي. جيڪڏھن ٽيسٽ مثبت اچي تہ گھر وارن کان پري رھو ۽ ضرورت سمجهو تہ سرڪار پاران قائم ٿيل آئسوليشن سينٽر ۾ داخل ٿيو جتي بھتر سار سنڀال بہ آھي ۽ ضرورت پوڻ تي ڪنھن ”ايڇ ڊي يو “ يا وري وينٽيليٽر تي منتقل ٿي سگهجي ٿو. صحتياب ٿيل مان ٻين ڏانھن مرض جي منتقلي جا امڪان گهٽ آھن جڏھن تہ ھڪ دفعو بيمار ٿيڻ کانپوءِ ٻيھر بيمار نہ ٿيڻ جي ثابتي ڪونھي.
ليکڪ انھي ڳالھ کي بہ واضح ڪيو آھي تہ انھي بيماري جو ڪو علاج ڪونھي جڏھن تہ انھي بيماري ۾ ڪلوروڪوئين جو استعمال کل جوڳو آھي اھڙي کل جھڙي حرڪت ڊونالڊ ٽرمپ دنيا جھان کي دڙڪو دھمان ڏيئي ڪلوروڪوئين گڏ ڪري لوڪ کلائي چڪو آھي.انھي بيماري دوران اينٽي بايوٽڪ جو استعمال صرف بيڪٽيريا جي ممڪنہ انفيڪشن ڪارڻ ئي آھي جڏھن تہ ڪورونا جو اڃا تائين ڪوبہ علاج ڪونھي.
ليکڪ ھڪ اھم سوال بہ اٿاريو آھي تہ ڪيئن نہ انھي وبا دوران ترقي يافتہ ملڪ انھي وبا سان مھاڏو اٽڪائڻ ۾ بيوس نظر آيا ۽ پنھنجي ملڪ جي عوام کي تہ نہ، صحت ڪارڪن لاءِ بہ ماسڪ سميت باقي پِي پِي اِي ميسر نہ ڪري سگهيا ءِ انھي ۾ الميو وري اھو تہ عالمي وبا دوران جڏھن ماڻھو زندگي جي ويڙھ پئي وڙھيا تہ سرمائيدار دنيا واپار ۽ منافعي جو سوچي رھي ھُئي.
”مُشتري ھوشيار باش“ بلاگ ۾ موجودھ خوفناڪ لھر تي بہ چڱي خاصي ٽيڪاٽپڻي ٿيل آھي.سنڌ حُڪومت پاران ماسڪ نہ پائڻ تي ڏنڊ جي اعلان کي بحث ھيٺ آڻيندي ليکڪ مُنڌل حڪومت آڏو سوال ٿو رکي تہ ٻارن کي اسڪول ۾ ڪھڙو ماسڪ پارايو ويندو. اسڪول ۾ ٻارن کي ميڊيڪل ماسڪ پارائي موڪليو وڃي ٿو جيڪو درست ناھي جڏھن تہ ھن نئين لھر جي وارد ٿيڻ سان ملڪ ۾ صحت جي ڪارڪنن لاءِ ماسڪ پورا ڪونھن.سماجي دُوري جو حال آھو آھي تہ شھر وڃو يا اسپتال ۽ ان جي وارڊن ۾ يا وري ڪنھن روڊ رستي بازار ۾ ھر جڳھ اسانجو ماڻھو بي فڪر ٿي گهمندو پيو وتي ڄڻ ڪورونا مرض ڪوئي خطرو ناھي. جنھن جو ڪارڻ آھو آھي تہ حُڪومت ۽ عوام وچ۾ ڪو رابطو ڪونھي. ڪورونا تي بار بار بحث ڪندي ليکڪ سمجهائي ٿو تہ جيڪڏھن ڪورونا جو شڪي مريض آھي تہ انکي نسبتن الڳ رکڻو آھي ڊاڪٽر جي مشوري سان سندس ٽيسٽ ڪرائڻي آھي ۽ مثبت ٽيسٽ جي نتيجي ۾ گهر ڀاتين ۽ انھن ماڻھن جي ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ ڪرڻي آھي جيڪي گُذريل ڏينھن کان ساڻس رابطي ۾ ھيا.مثبت ٽيسٽ اچڻ جي نتيجي ۾ مريض کي پنھنجي گهر ۾ الڳ ٿلڳ يا ڪنھن آئسوليشن سينٽر ۾ رکڻو آھي.سنڌ حُڪومت ھر ضلع ۾ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ آئسوليشن سينٽر مقرر ڪيو آھي انجي عوام تائين ڄاڻ ضروري آھي بلڪہ حقيقت ۾ ٿيو ڪجھ ائين آھي تہ جون جي ويھين تاريخ کانپوءِ ڪيسن ۾ لاٿ کانپوءِ حُڪومت بہ سوڙ تاڻي سمھي پئي ھُئي ڄڻ ڪورونا وبا جي موڪلاڻي ٿي ويئي آھي. اصولي طور تي ۽ دنيا جي تجربي جي پيش نظر ٿيڻ تہ ائين گهربو ھيو تہ وبا جي جهڪائي دوران آئيندھ جي يقيني خطري کان بچاءُ لاءِ بھتر تياري ڪرڻ جي ضرورت ھُئي .
حُڪومت جي مجرمانہ غفلت جي ڪارڻ ئي عوام ۽ حُڪومت وچ۾ دوري ٿي آھي جنھنڪري نہ ماسڪ پيو پائجي نہ وري 3 فوٽن يعني ھڪ ٻانھن واري مجوزھ سماجي دوري پئي ٿئي نہ وري وبا جي شروعات وارو بار بار ھٿ ڌوئڻ ئي ماڻھن کي ياد آھي.
اڄ جڏھن ڪورونا وائرس جي ھڪ ٻي خطرناڪ لھر ڪر کنيو آھي تہ ھن ڪتاب جي اھميت اڃا بہ وڌي ويئي آھي.ھلندڙ سال 10 کان 20 جون پاڪستان ۾ انھي وبا چوٽي ڪئي انھي کان پوءِ لاٿ شروع ٿي ويئي ۽ گُذريل آڪٽوبر جي وچ ڌاري پاڪستان ۾ وائرس جي متحرڪ ڪيسن جو تعداد صرف پنج ھزار ھيو ۽ پاڪستان جي اسپتالن ۾ وينٽيليٽر ۽ ايڇ ڊي يو ۾ داخل مريضن جو تعداد بہ گهٽ ٿي ويو ھيو ليڪن ھاڻي نہ صرف مُتحرڪ مريضن جو انگ 25 ھزار ٿي ويو آھي بلڪہ موت جي منھن ۾ ويندڙ مريضن جو انگ بہ پريشاني جوڪارڻ بڻجي ويو آھي .
محدُود بلاگن تي مُشتمل ھي ضخيم ڪتابچو حقيقت ۾ ڪورنا جي ڄاڻ متعلق حُڪومت ۽ خلق خدا وڄ۾ دُوري کي گهٽائڻ جي ڪوشش آھي جنھن ذريعي ڄاڻ سان نہ صرف انھي مرض کي پنھنجي محدود وسيلن ۾ قابو ڪري سگهجي ٿو تہ پر مريض ٿيڻ ۽ ماڻھو جي موت جي منھن ۾ وڃڻ کان بچائي بہ سگهجي ٿو تہ پنھجي روز مرھ جا ڌنڌا ڌاڙي ۽ ڪم ڪاري بہ ڪري سگهجن ٿا.
ڪورنا جي عالمي وبا خلاف ڪتاب ۾ ڄاڻايل اُپاءُ ايستائين وٺڻ جي ضرورت آھي جيستائين انھي جو ڪو مستقل حل يا انجي بچاءَ جي ويڪسين سامھون نٿي اچي.ھتي ليکڪ ماڻھن کي چھنڊڙِ بہ ھنئي آھي تہ سنڌ ۾ يارھن بيمارين جھڙوڪ ٽي بي، پوليو، ڪاري سائي، وڏي کنگھ، گردن ٽوڙ، نمونيا، اُرڙي، دستن ۽ جهٽڪي جي بيماري، کان بچاءُ لاءِ حفاظتي ٽُڪن جو پروگرام EPI بہ ڪم ڪري پيو ان مان اسان ڪيترو مستفيد ٿيا آھيون جو ڪورونا خلاف ممڪنہ ويڪسين مان لاڀ حاصل ڪنداسين. ياد رکڻ گهرجي تي غيرجاندار سروي مطابق حفاظتي ٽُڪن جي پروگرام پھچ صرف %30 آبادي تائين آھي ۽ ٽُڪن نہ لڳڻ ڪري ھر سال پاڪستان ۾ انھن بيمارين ڪارڻ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ لک ٻار مري وڃن ٿا.
ڪورونا جي وبا سميت باقي صحت جي مامرن ۾ بہ اسان کي سمجهداري جو ثبوت ڏيڻو آھي تہ جيئن اسان جو ايندڙ نسل نہ صرف غذائي کوٽ جي ڪارڻ وڌندڙ ”ڊينڊڙائپ“ stunting کان بچي سگهي، صحتمند رھي سگهي، ڊينڊڙائپ مان جند ڇڏائي دنيا ۾ ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ۽ ڪٿي ڪو چوندي ٻُڌو بہ وڃي تہ ھائو ھي اھي ئي ماڻھو آھن جن پنج ھزار سال اڳ سنڌو درياءُ جي الھندي ڪناري تي ”مُھين جي دڙي“ جھڙي عاليشان تھذيب جي آبياري ڪئي ھُئي جيڪا انوقت بہ صحت، زندگي جي مامرن متعلق نہ صرف باخبر ھُئي بلڪہ انوقت موجود مرضن جا وٽس حل بہ موجود ھيا.ليکڪ جو اھو خواب بہ آھي تہ اميد بہ آھي ۽ وقت کي سنڌ جا خواب آزاد ڏسڻ جي ئي تمنا آھي.

حميد سُومرو
حيدرآباد
14 نومبر 2020