سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

ڪورونا جي وبا ۽ سنڌ

ھن وقت جڏھن سنڌ ڪورونا جي وبا جي پھرين مرحلي مان آجي ٿيندي نظر پئي اچي. ان نازڪ موقعي تي سڀني دوستن کي عرض تہ مھرباني ڪري جنھن معاملي جي جوڳي ڄاڻ نہ ھجي، ان تي ويھي فتوائون ڪڍڻ ڪو سٺو عمل ڪونھي. ھن وبا جي ٻين بيمارين سان ڀيٽ ڪرڻ بہ ڪو مناسب رويو ڪونھي. ڪورونا جي ھن نئين وائرس جي برپا ڪيل ڪووڊ ـ ۱۹جي وبا اڄ بہ دنيا لاءِ مصيبت بڻيل آھي. اسان جڏھن پھرين مرحلي مان نڪرئون پيا، انوقت صورتحال کي بيان ڪرڻ مھل لفظن جي مناسب چونڊ ڪرڻ گھرجي.
ياد رکجو
وبا جھڪي ٿي آھي، ختم ڪونہ ٿي آھي
انڪري وڌيڪ احتياط ڪرڻو پوندو.
پنھنجو ۽ پنھنجي پيارن جو خيال رکو.
ڪورونا وائرس جي ڦھلاءَ ۽ ٻيھر ظاھر ٿيڻ کان روڪڻ جو سولو ۽ ڪاگر طريقو:
① کنگھ يا نڇ اچڻ جي وقت پنھنجي وات کي ڪنھن ڪپڙي سان ڍڪيو.
② ھٿن کي چڱي طرح صابڻ سان ڌوئي، صاف ڪريو يا 'الڪوحل' جو محلول ھٿن تي مليو.
③ کنگھ، زڪام، بخار يا ساھ جي تڪليف ڀانئيو تہ ڪنھن مستند ڊاڪٽر سان جلدي مشورو ڪريو.
④ گھر کان ٻاھر ھڪ ٻئي کان گھٽ ۾ گھٽ 3 فوٽ وٿيرڪا رھو.
⑤ گھر کان ٻاھر جيڪڏھن ڪنھن دڪان، بئنڪ يا مارڪيٽ وڃو تہ ڪپڙي جو 'ماسڪ' استعمال ڪريو.