سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

ايران کان واپس آيل زائرين

ايران کان واپس آيل زائرين جن کي 'تفتان' ۾ 14 ڏينھن رھائي سنڌ موڪليو ويو، انھن مان وڏي تعداد ۾ ماڻھو ڪووڊ ـ ۱۹ جو شڪار تشخيص ٿيا آھن. اھو رڳو سنڌ ۾ ڪونہ ٿيو آھي، 'ڪوريا' ۾ اھڙو حادثو پھريان ٿي چڪو آھي. انھن سڀني حالتن کي سامھون رکندي جيڪڏھن سنڌ 'عالمي وبا' کي منھن ڏيڻ جي بنيادي اصول کي سامھون رکندي حڪمت عملي جوڙي تہ بھتر رھندو.
"عالمي وبا" جي حالت ۾ سنڌ پھچندڙن (ڀلي ڪٿان بہ اچن، ڪنھن ٻئين ملڪ يا صوبي مان) کي سنڌ اندر گھٽ ۾ گھٽ 14 ڏينھن سڌي طبي نگرانيءَ ھيٺ رکڻ گھرجي. سنڌ ۾ ڪنھن ٻئين ملڪ يا صوبي مان آيلن ۽ سندن خاندان جون تجويز ڪيل ٽيسٽون وقت سر ڪرڻ گھرجن. جيڪڏھن ايئن نہ ڪنداسين تہ وڏو نقصان ٿيندو. انھن سڀني ماڻھن، سندن خاندان، دوستن، پاڙيوارن ۽ ڳوٺ وارن جي بہ ذميواري آھي تہ ويجھي ضلعي ھيلٿ آفيس يا سرڪاري اسپتال کي سندن آمد جو اطلاع ڏين جيئن انھن جي صحت جو جوڳو خيار رکيو وڃي.
ياد رکجو اڃا تائين ھن نئين وائرس جي نہ ڪا ويڪسين آھي نہ وري ڪو علاج. صرف، احتياط ئي اسان کي بچائي سگھندو.
صحت جي عالمي اداري طرفان عوام کي ھيٺين ستن ھدايتن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي جيئن ماڻھو ان وبائي صورتحال ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي پيارن جي مناسب پرگھور لھي سگھي ۽ جيترو ٿي سگھي بيماريءَ کان بچي سگھي. گھرجي.