سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

وبا کان عالمي وبا تائين

ڪورونا وائرس جو نئون قسم جنھن کي صحت جي عالمي اداري WHO طرفان ڪووڊ ـ ۱۹ جو نالو ڏنو ويو آھي چين جي شھر ھوان Wuhan کان 2019 جي آخري مھيني ۾ ملڪ اندر ھڪ وبا Epidemic جي شڪل ۾ شروع ٿيو جيڪو ھاڻي ھڪ عالمي وبا Pandemic جي شڪل اختيار ڪري چڪو آھي.
صحت جي عالمي اداري جي ماھرن جو خيال آھي تہ ھن وبا کان دنيا جا 85 سيڪڙو ماڻھو متاثر ٿيندا.پاڪستان بہ ان وبا کان متاثر ملڪن ۾ شامل آھي.
صحت جي عالمي اداري طرفان عوام کي ھيٺين ستن ھدايتن تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي جيئن ماڻھو ان وبائي صورتحال ۾ پنھنجي ۽ پنھنجي پيارن جي مناسب پرگھور لھي سگھي ۽ جيترو ٿي سگھي بيماريءَ کان بچي سگھي.
① پنھنجا ھٿ ڪنھن بہ صابڻ سان ويھن سيڪنڊن تائين مھٽي ڌوئي صاف ڪرڻ گھرجن.
② اکين، وات ۽ نڪ ۾ آڱريون وجھڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.
③ کنگھڻ يا نڇ ڏيڻ وقت، نڪ ۽ وات کي ٺونٺ، صاف ڪپڙي يا ٽشو پيپر سان ڍڪجي ۽ استعمال ٿيل ٽشو پيپر کي ڪنھن محفوظ جڳھ تي ضايع ڪرڻ گھرجي.
④ ميڙاڪن ۽ حجوم ۾ وڃڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.
⑤ ھلڪي بخار يا کنگھ ھجڻ جي صورت ۾ گھر کان ٻاھر نہ نڪرڻ گھرجي.
⑥ کنگھ، بخار يا ساھ ۾ تڪليف ھجڻ جي صورت ۾ ويجھي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گھرجي، ٿي سگھي تہ اھو مشورو فون تي ڪري اھو معلوم ڪجي تہ ڪووڊ ـ ۱۹ جي شڪي مريض کي ڪھڙي اسپتال ڏانھن وڃڻ گھرجي.
⑦ وقت بوقت صحت جي عالمي اداري جي ويب سائيٽ تان تازي صورتحال کان آگاھي حاصل ڪرڻ گھرجي.