سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

ڀورائيءَ جا ڀال

ڪنھن ڊاڪٽر دوست پنھنجي وال تي ھڪڙو سوال رکيو آھي. کيس ۽ پڙھندڙن جي خدمت ۾ جواب حاضر آھي. اميد تہ ڳالھ سمجھڻ ۾ مدد ٿيندي ۽ ڀوارائيءَ جا ڀال پرکڻ ۾ مددگار.
انھي طرز جا ڪافي سوال اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي موجود ھوندا آھن، ھر ڪنھن کي جواب ڏيڻ يا ويھي سمجھائڻ شايد مناسب ڪونھي، پر جڏھن سوال ڪندڙ پراڻو 'ساٿي' ھجي تہ سندس مدد ڪرڻ ۽ کيس معلومات ڏيڻ لاءِ جواب ڏيڻ فرض ٿيو پوي.
سوال: ''هن وقت تائين ڪرونا وبا ڪري 2 لک 45 ھزار ماڻهو مري چڪا آھن پر ڪو اهو ٻڌائيندو ته گذريل ڇهن مهينن دوران پوري دنيا ۾ بک وگهي ننڍن ٻارڙن سميت ٽوٽل گهڻا ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا آھن؟''
جواب:
جيڪڏھن توھان چاھيو تہ جيئن توھان وبا وگھي فوت ٿيلن جي معلومات گڏ ڪئي آھي، ساڳي ريت توھان پنھنجي سوال جو جواب بہ ڳولھي سگھو ٿا. ھن وقت انھن ٻن انساني المين جي ڀيٽ ڪرڻ مناسب ڪونھي. پھريان وڏي ۽ فوري نوعيت جي مسئلي کي حل ڪبو پر ڪنھن پراڻي مسئلي کي درگذر بہ ڪونہ ڪبو.
جيڪڏھن ڪنھن عورت کي ھڪ ئي وقت 'ڏاٺ' ۾ سور ھجي ۽ سندس 'ويم' بہ ٿيڻو ھجي تہ توھان ڊاڪٽر آھيو پھريان ڇا ڪندا؟
ظاھر آھي پھريان ويم ٿي ڌيان ڏينداسين جو ھتي ھڪ فرد نہ پر ٻن ساھن ۽ ھڪ کان وڌيڪ خاندانن جي ذھني صحت جو سوال بہ آھي يا جيڪڏھن ڪنھن غذائي ڪمي جي شڪار ٻار کي جي رستي تي ڌڪ لڳي وڃي ۽ سندس ٻانھن ڀڄي پوي تہ پھريان ڇا ڪندا؟
ظاھر آھي سندس ٻانھن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ھرممڪن ڪوشش ڪبي جو اھا جيڪڏھن صحيح نہ ٿي سگھي تہ سڄي عمر جو مسئلو رھندو. اھڙي ريت "وبا" اھا بہ 'عالمي'. ھن وقت سڄو ڌيان، ان مان جند ڇڏائڻ تي مرڪوز رکڻو آھي ۽ ان سان گڏ روزمرہ ۽ ڏھاڪن جا پاليل طبي ۽ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پڻ پاڻ پتوڙڻو آھي.
ايئن اٻھرا سوال پڇي مسئلي تان ڌيان ھٽائڻ مناسب ڪونھي. عالمي وبا جي ڪنھن بہ ٻئين صحت جي مسئلي سان ڀيٽ ڪرڻ مناسب ڪونھي.
ايئن سمجھو تہ ھيءَ جياپي جي جستجو آھي. زندہ رھياسين تہ باقي مسئلن کي بہ منھن ڏينداسين.
پھرين جان، پوءِ جھان