ڪوارنٽائين سينٽر
ھر سينٽر ۾ گھربل سھولتون موجود ڪري ڏيڻ پڻ انتظاميا جي ذميواري آھي.
سھولتن جو ھجڻ سينٽر ۾ داخل ڪيل فردن جو بنيادي انساني حق آھي.
موجودہ عالمي وبا کي سامھون رکندي ڪوارنٽائين مرڪز ڪنھن بہ اسپتال اندر قائم ڪرڻ ڪوتاھ عقلي ھوندي.
اسپتالون صرف آئسوليشن ۽ علاج لاءِ ھجڻ گھرجن.
ڪوارنٽائين دوران جيڪو ماڻھو اتي ترسايو ويو آھي ان کي عام صحتمند ماڻھو سمجھڻ گھرجي، شڪ جي بنياد تي ڪنھن کي اڇوت سمجھڻ مناسب ڪونھي.
ڪوارنٽائين ۾ ترسايل ماڻھو ڪمرن کان ٻاھر بہ نڪرندا، چھل قدمي ڪندا پر اھي سينٽر ۾ ھڪ ٻئي جي ويجھو نہ ايندا.
کين ڪنھن بہ ٻئين فرد سان گڏ ھڪ ڪمري ۾ رھائڻ پڻ غلط آھي.
انھن کي صحت ڪارڪن جيڪي حفاظتي پوشاڪ پھريل ھجن، انھن کانسواءِ ڪنھن ٻئين فرد سان گھٽ ۾ گھٽ 2 ميٽرن جو فاصلو رکڻو آھي.
اھي بہ انسان آھن، کين ڪا ڇوت جي بيماري لڳل ڪونھي. ھي اھي فرد آھن جن ۾ بيماري ھجڻ جو شق آھي. ڪي ڏوھي تہ ڪونھن.
اڃا تہ مريض بہ ثابت ڪونہ ٿيا آھن.
مان انساني حقن جي تنظيمن کي عرض ڪندم تہ مھرباني ڪري انھن ماڻھن جيڪي ڪنھن بہ سبب ڪري بيمار ماڻھن سان گڏيا آھن ۽ باقي سماج کي صحتمند رکڻ لاءِ انھن کي الڳ ٿلڳ ڪري ڪوارنٽائين ۾ رکيو ويو آھي، سندن خلاف ھلندڙ غير انساني مھم بند ڪرڻ جي اپيل ڪن.