سائنس، سياست ۽ ڪاروبار
جيڪو اڌوگابرو صحت جو نظام آھي، ان ۾ وري صحت سان لاڳاپيل عملي جي شديد کوٽ پڌري ٿي آھي.
جيڪي صحت ڪارڪن موجود آھن، انھن لاءِ ذاتي بچاءَ جو گھربل سامان (PPE) پورو ميسر ڪونھي.
نہ ئي وري ملڪ ۾ اھو سامان گھربل مقدار ۾ ٺاھڻ جي صلاحيت آھي. ڳالھ اتي وڃي پھتي آھي جو آمريڪا بھادر ڪئناڊا، جرمني، باربيڊوس ڏانھن ويندڙ سامان مختلف ملڪن مان روڪرائي پنھنجي ضرورت پوري پيو ڪري.
آمريڪا جي ڪووڊ ـ ۱۹ ٽاسڪ فورس ۾ موجود ملڪ جي مک پبلڪ ھيلٿ سائنسدان ڊاڪٽر انٿوني اسٽيفن فائوچي جو چوڻ آھي تہ ''ھائڊروآڪسي ڪلوروڪوئين'' نالي دوا جو ڪووڊ ـ ۱۹ تي ڪنھن بہ قسم جو اثر سائنسي طور ثابت ڪونھي، اسان کي سائنسي بنيادن تي ڪلينيڪل ٽرائل ڪري اھو طئي ڪرڻ گھرجي تہ مليريا لاءِ زيراستعمال انھي دوا جو ڪووڊ ـ ۱۹ تي ڪو اثر آھي يا نہ.
سندس چواڻي ھن وقت تائين دنيا ۾ موجود تحقيق ۽ ڄاڻ موجب ان دوا جو ڪو بہ اثر ڪونھي.
صدر ٽرمپ جو واپاري معاملن جو صلاحڪار پيٽر نوارو چوي ٿو اسان وٽ ''ھائڊروآڪسي ڪلوروڪوئين'' جو جوڳو مقدار موجود آھي جيڪو رياستن کي اماڻي، ان جو استعمال ڪرڻ گھرجي، فائدو نہ ٿيو تہ نقصان ڪھڙو ٿيندو، گدامن ۾ رکيل دوا استعمال تہ ٿيندي.
صدر ٽرمپ چوي ٿو تہ اسان کي ''ھائڊروآڪسي ڪلوروڪوئين'' جي شڪل ۾ اھڙي دوا ھٿ اچي وئي آھي جيڪا بس ڪلياڻ ڪري ڇڏيندي.
اھو حال آھي دنيا جي وڏي کان وڏي معيشيت، ترقي يافتہ ملڪ، جمھوري حڪومت ۽ ان جي ڪووڊ ـ ۱۹ ٽاسڪ فورس جو تہ گھڙي کن لاءِ پنھنجو سوچيو اسان ڪنھن جي حوالي آھيون.
ھڪ غريب ملڪ جو پوئتي پيل صوبو، وڏيرڪي جمھوريت، غير پيشاوراڻي صحت جي ٽيم ساڻ وري ڌنڌوڙي ڌريون. سون تي ٽِڪَ وري اسان جا ڀوتارڪي ذھنيت وارا ڊپٽي ڪمشنر جن کي خبر تہ ڪجھ ڪونھي پر پيش ايئن ايندا ڄڻ ھنن کانپوءِ اوندھ آھي.
پنھنجو ۽ پنھنجي پيارن جو خيال رکجو.
اڄ تائين موجود معلومات مطابق ڪووڊ ـ 19 وائرس تي موسم جو ڪنھن بہ قسم جو اثر ٿيڻ جي ڪابہ شاھدي ڪونھي.
مھرباني ڪري افواھن تي ڌيان نہ ڏيو.
* عام ماڻھو ـ گھر ۾ رھو
گھر کان ٻاھر ٻئي فرد کان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ميٽر يا 3 فوٽ وٿيرڪا رھو.
ھٿن کي صابڻ سان ڌوئندا رھو.
* ماسڪ(اھو بہ سرجيڪل) ان صورت ۾ پايو:
① جڏھن توھان ۾ وائرس ھجڻ جي پڪ ھجي.
② توھان صحت ڪارڪن آھيو ۽ ڪنھن شڪي يا مريض جي سھائتا تي مامور آھيو.
③ توھان دڪاندار آھيو ۽ گراھڪ فاصلو نٿا رکن.
* صحت ڪارڪن ـ ذميواري آھي ذاتي بچاءَ جو خيال ڪريو.
* جنھن فرد ۾ وائرس جو شڪ ھجي، ان کي ڪورنٽائين ۾ رکي، انھن جي ٽيسٽ ڪرايو.
* جن فردن ۾ ٽيسٽ ڪرڻ کانپوءِ وائرس جي موجودگيءَ جي پڪ ٿئي، انھن مريضن کي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪرايو.
گھرن ۾ آئسوليشن يا ڪورنٽائين جو مطلب آفت کي دعوت ڏيڻ ٿيندو. اسان وٽ گھڻي اڪثريت انھن ماڻھن جي آھي جيڪي ھڪ يا ٻن ڪمرن جي جھڳي ۾ رھن ٿا. ھتي سنڌ ۾ ھر گھر ۾ سراسري 5 کان وڌيڪ ماڻھو رھن ٿا، اتي گھر ۾ آئسوليشن يا ڪورنٽائين جو مطلب آفت کي دعوت ڏيڻ ٿيندو.