مشتري ھوشيار باش
منھنجي ناقص راءِ ۾ عام کي سوٽي ڪپڙي جو ماسڪ پائڻ گهرجي، جنھن کي گهر ۾ ڌوئي ٻيھر بہ استعمال ڪجي.
اسڪولن ۾ بہ ٻارن کي ميڊيڪل ماسڪ پارائي موڪليو ٿو وڃي، جن جي مجموعي پيداوار ملڪ، جي صحت ڪارڪنن لاءِ گهربل مقدار کان بہ گهٽ آھي. انھي صورت ۾ ڪٿي بيھنداسين ڪنھن کي ڪو اسو ئي ڪونھي. انھن ٻارن کي بہ گهر ۾ ٺاھيل سوٽي ڪپڙي جو ماسڪ پارائڻ گهرجي، جنھن کي گهر ۾ ڌوئي ٻيھر بہ استعمال ڪجي.
صحت جي عالمي اداري طرفان پاڪستان جي اڄوڪي 11 نومبر 2020 واري وبا جي روزنامچي ۾ جيڪا صورتحال ٻڌائي وئي آھي، اھا ڳنڀير آھي، ھتي سنڌ جي بگڙجندڙ منظرنامي خاص ڪري حيدرآباد ۾ %7.6 ۽ ڪراچيءَ ۾ %7.8 جي شرح سان شامل ٿيندڙ نون مريضن، انھن ٻنھي شھرن جي صورتحال انتھائي ڳڻتي جوڳي بڻائي ڇڏي آھي.
ھتي حيدرآباد، شھر ۾ جيڪڏھن بازر ۾ نڪرو يا ڪنھن آفيس ۾ وڃو تہ ايئن ٿو لڳي جھڙو ھتي تہ وبا جي ڀڻڪ بہ ڪونھي پھتي.
وڏن دڪانن ۽ بئنڪن تي وري سينيٽائيزر بدران ڊيٽول مليل پاڻيءَ جو ڦوھارو در تي جهليو بيٺا آھن. اڄ تہ ھڪ مشھور برانڊ جي دڪان وارن پاڻي مليل سينيٽائيزر جو منھنجي ھٿ تي اسپري ڪيو. مون تہ مينيجر کي سٺي ڇنڊ پٽي پر باقي گراھڪن انھي غيرمعياري محلول سان پئي ھٿ مليا. اھي پرڪار رھيا تہ ھن وبا جي عالم ۾ گهڻن گهرن کي ھٿ ملڻا پئجي ويندا.
ساڳو حال شھر جي اسپتالن جو آھي. عجيب ھجوم جن کي ڪا پرواھ ئي ڪونھي جھڙو شھر گهمڻ آيا ھجن. وارڊن ۾ داخل مريضن جا ملاقاتي جھڙو ڪنھن ھوٽل تي آيا ھجن، نہ ڪو انتظان، نہ ڪو طريقو.
تعليمي ادارن جو ڪھڙو حشر آھي، اھو بہ ڪنھن کان ڳجهو ڪونھي.
وبا جي ھن مشڪل گهڙيءَ ۾ ٻئي ڌريون سرڪار توڻي عوام بالڪل ڄڻ لاتعلق بڻيل آھن. جڏھن اسان سڀني کي اھو ڀلي ڀت معلوم آھي تہ بچاءَ جي ذميواري رڳو ڪنھن حڪومت يا وري فرد جي ڪونھي. سڀني کي پنھنجو پنھنجو فرض نڀائڻو پوندو.
ڪجهہ فيصلا ۽ سھولتون حڪومتن جي ذميواري آھي ۽ ڪجهہ فردن جي.
ٻنھي ڌرين کي ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي.
حڪومتي سطح تي:
① مرض جي تشخيص يا test جي سھولتن ۽ نظام کي بھتر بنائڻ جي اشد ضرورت آھي.
② جن ماڻھن ۾ مرض جي تشخيص ٿئي، انھن کي باقي صحتمند فردن بشمول سندن خاندان کان الڳ ٿلڳ يا isolate ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
③ بيمارن جي بھتر طبي سھائتا ڪرڻ گهرجي.
④ بيمار سان رابطي ۾ آيلن کي ڳولھڻ contact tracing ۽ حدو quarantine ڪرائڻ جو مناسب بندوبست ڪرڻ گهرجي.
⑤ عوام کي بدلجندڙ صورتحال متعلق بروقت آگاھي ڏيڻ گهرجي.
⑥ عوام کي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
⑦ رابطيڪاري کي سائنسي انداز، ۾ منظم ڪرڻ گهرجي.
⑧ عوام جي خدشن کي ڪن لائي ٻڌڻ گهرجي ۽ انھن کي حل ڪرڻ ڪاءِ جوڳا انتظام ڪرڻ گهرجن.
⑨ افواھن ۽ غلط معلومات کي منھن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي ڪرڻ گهرجي.
فردن طرفان:
❶ سماجي وٿيءَ جو رواج عام ڪرڻ گهرجي.
ھڪ ٻئي کان گهٽ ڻ گهٽ 3 فوٽن يا ھڪ ٻانهن جيتري وٿي سان سفر ڪرڻ، ھلڻ، گهمڻ، ويھڻ، بيھڻ يا خريداري وغيرہ ڪرڻ گهرجي.
❷ سوٽي ڪپڙي جو ماسڪ پھرڻ گهرجي.
❸ ھٿن جي صفائي رکڻ گهرجي.
❹ نڪ، وات ۽ اکين کي آڱريون يا ھٿ لائڻ جي عادت ختم ڪرڻ گهرجي.
❺ کنگهہ يا نڇ اچڻ جي وقت احتياط ڪرڻ. صاف ڪپڙو، ٽشو پيپر يا ٺونٺ جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
❻ ھر ھنڌ ٿڪون اڇلائڻ جي عادت ختم ڪرڻ گهرجي..ڪورونا-