سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

ڪووڊ ـ ۱۹جي وبا بابت افواھ

① سوال: گرمي اچڻ سان ڪووڊ ـ ۱۹جي وبا پنھنجو پاڻ ختم ٿي ويندي؟
جواب: بالڪل نہ،
ھن وقت تائين وائرس متعلق موجود ڄاڻ مطابق ماحول جي ٿڌ يا گرمي، خشڪي توڙي ھوا ۾ نميءَ جو ڪووڊ ـ ۱۹ تي ڪو بہ اثر ڪونہ ٿو ٿئي.
وائرس کان بچڻ لاءِ پنھنجو خيال ڪريو. ڌيان سان ھٿ ڌوئڻ، وائرس کان بچائي سگھي ٿو.
وائرس جڏھن ھٿن تي لڳي ٿو تہ شڪ آھي تہ نڪ ۽ اکين وسيلي بہ بيمار ڪري ٿو.
ان ڪري سڀ کان بھتر صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ آھي.
② سوال: گرم پاڻيءَ سان وھنجڻ جو ڪووڊ ـ ۱۹ کان بچاءَ ۾ ڪھڙو فائدو آھي؟
جواب: ڪو بہ نہ،
انسان جو جسم جو گرمي پد 36.5° کان 37° جي وچ۾ رھندو آھي. ان تي گرم يا ٿڌي پاڻيءَ سان وھنجڻ جو ڪوبہ اثر ناھي ٿيندو.
گھڻي گرم پاڻيءَ سان وھنجڻ نقصان جو سبب ٿي سگھي ٿو.
③ سوال: ڇا مڇر وسيلي ڪووڊ ـ ۱۹ جو وائرس ھڪ ماڻھوءَ کان ٻئين ڏانھن منتقل ٿئي ٿي؟
جواب: بالڪل نہ
ھي وائرس ساھ جي وسيلي ھڪ ماڻھوءَ کان ٻئين ڏانھن منتقل ٿئي ٿو ۽ ھن ۾ وسيلو انسان آھي.
ان لاءِ ميڙاڪن کان بچڻ، ھڪ ٻئي کان وٿيرڪو رھڻ، ھٿ نہ ملائڻ، ڀاڪر نہ پائڻ فائديمند رھندو.
کنگھ يا نڇ جي صورت ۾ ٽشو پيپر يا صاف ڪپڙي جو استعمال بھتر عمل آھي.
④ سوال: ھٿ خشڪ ڪرڻ جي مشين وائرس کي ختم ڪري ٿو؟
جواب: بالڪل نہ
ھٿن کي مشين وسيلي خشڪ ڪرڻ سان ھي وائرس ڪونہ ٿو ختم ٿئي، ان لاءِ صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ ڪارگر عمل آھي.
⑤ سوال: جسم تي ڪلورين يا الڪوحل جو اسپري ڪرڻ سان ڪووڊ ـ۱۹ جو وائرس مري ويندو؟
جواب: بالڪل نہ
اھڙي عمل سان صرف نقيان ئي ٿي سگھي ٿو، ڪوبہ فائدو ڪونھي.
⑥ سوال: ڇا نمونيا کان بچاءَ جون موجود ويڪسين ڪووڊ ـ۱۹ جي وائرس کان بچاءُ ڏينديون؟
جواب: نہ،
نمونيا کان بچاءَ جون موجود ويڪسين جھڙوڪ نيمو ڪوڪل ۽ ھيموفيلس انفلوئنزا ٽائيپ ب موجودہ ڪورو نا وائرس جي خلاف ڪابہ مدد ڪونہ ڏينديون.
مگر اھي ويڪسين ٻين ساھ جي بيمارين لاءِ تجويز ڪيل آھن، ان ڪري لڳرائڻ جو فائدو ٿيندو.
⑦ سوال: ڇا نڪ کي لوڻياٺي پاڻيءَ سان ڌوئڻ, ڪووڊ ـ۱۹ جي وائرس کان بچاءَ ۾ ڪارگر آھي؟
جواب: بالڪل نہ
اھڙي ڪابہ ثابتي موجود ڪونھي تہ لوڻياٺي پاڻيءَ سان بار بار نڪ ڌوئي وائرس جي ھن نئين قسم کان بچي سگھجي ٿو.
⑧ سوال: 'ٿوم' کائڻ جو ڪووڊ ـ۱۹ جي وائرس کان بچاءَ ۾ڪھڙو ڪردار آھي؟
جواب: بالڪل نہ
ٿوم جو مناسب استعمال صحتمند کاڌخوراڪ جو حصو تن آھي، پر وارس جي ھن قسم تي ڪو خاص فرق ڪونہ پوندو.
⑨ سوال: ڇا ڪووڊ ـ۱۹ جو وائرس صرف پوڙھن ماڻھن جي بيماري آھي يا نوجوان ۽ ٻار پڻ متاثر ٿين ٿا؟
جواب: ڪورونا وائرس جو ھي قسم ھر عمر جي ماڻھن لاءِ خطرو آھي.
وڏي ڄمار وارا ماڻھو ۽ جن کي اڳ ۾ ڪو روڳ مثال: سھڪو، ٽي بي، ھيپٽائيٽس، ايڊز، ڊائبٽيز وغيرہ لڳل آھي انھن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيو آھي.
ان ڪري ھر عمر جي انسان کي اھڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن جيئن ھو پاڻ بہ بچي سگھي، سندس گھرڀاتي، پاڙيوارا، سنگت ساٿ ۽ سماج بہ محفوظ رھي.
⑩ سوال: وائرس جي ھن قسم لاءِ ڪھڙي اينٽيبايوٽڪ موثر آھي؟
جواب: ڪا بہ 'نہ'
اينٽيبايوٽڪ جراثيمن کي ناس ڪرڻ واريون دوائون ڪنھن بہ وائرس لاءِ موثر ناھن ٿينديون.
ھا اھو ممڪن آھي تہ اسپتال ۾ داخل مريض کي ڪنھن ٻئي سبب ڪري اينٽيبايوٽڪ تجويز ڪئي وئي ھجي. اھو فيصلو معالج کي ڪرڻ گھرجي.
⑪ سوال: ڀلا ھن ڪووڊ ـ۱۹ جي وائرس جي علاج لاءِ ڪا خاص دوا آھي؟
جواب: اڄ ڏينھن تائين اھڙي ڪابہ دوا ڪونھي.
ان ڪري جن ماڻھن ۾ بيماري تشخيص ٿئي ٿي انھن کي نگرانيءَ اندر رکيو وڃي ٿڳ جيئن ڪنھن بہ قسم جي علامت ظاھر ٿيڻ وقت ان جي طبي سھائتا ڪري سگھجي.
⑫ سوال: رٻڙ جا دستانا پائڻ سان ڪورونا وائرس کان بچاءُ ممڪن آھي؟
جواب: بالڪل نہ،
رٻڙ جا دستانا پائڻ سان وائرس کان بچي نٿو سگھجي. ھٿن کي صابڻ سان ڌوئڻ وڌيڪ سگھارو عمل آھي.
⑬ سوال: ڇا ڪووڊ ـ۱۹ جو وائرس ڪاڪوس وسيلي ڦھلجي سگھي ٿو؟
جواب: بالڪل 'نہ'
ھر وائرس جيان ھي وائرس بہ جسم مان ڪاڪوس ذريعي خارج ٿئي ٿو، پر ھن جي ڦھلاءَ جو ذريعو ھاضمي جو سرشتو ناھي. ھي وائرس موجود معلومات مطابق رڳو 'ساھ' جي وسيلي ڦھلجي ٿو.
جڏھن مرض ڻ ورتل ماڻھو کنگھي ٿو يا نڇ ڏئي ٿو تہ ھوا ۾ پاڻيءَ جي ڦڙن سان ھي وائرس ٻئي صحتمند ماڻھوءَ جي ساھ کڻڻ سان سندس جسم ۾ داخل ٿئي ٿو.
ان ڪري پنھنجا ھٿ صابڻ سان ڌوئي صاف ڪريو.
• کاڌو کائڻ کان اڳ
• کاڌو کائڻ کانپوءِ
• حاجت ڪرڻ کانپوءِ.
• ٻار جي صفائي ڪرڻ کانپوءِ
• کنگھڻ کانپوءِ
• نڇ ڏيڻ کانپوءِ

نوٽ: ڪووڊ ـ۱۹ وائرس متعلق وڌيڪ تفصيلي ۽ وقتائتي معلومات لاءِ صحت جي عالمي اداري جي ويب سائيٽ وزٽ ڪريو.