بيماري يا عذاب
ھاڻي اھي جيڪي بيماري ٿا سمجھن سي تہ پاڻھي ان جو علاج ڪرائيندا. اسان حاضر، حال پريان نال. وري بہ ياد ڪرائيندو ھلان، ھڪ ٻئي کان وٿيرڪا ھجو، ھروڀرو گھر کان ٻاھر نہ نڪرو، ميل ميلاپ کي گھر ڀاتين تائين محدود ڪريو، شھرن ۾ آھيو تہ ھروڀرو ڳوٺ نہ وڃو، ڳوٺن ۾ آھيو تہ شھرن ڏانھن نہ وڃو. ھر ھر صابڻ سان ھٿ ڌوئيندا رھو، کنگھ يا نڇ اچي تہ نڪ يا وات تي ھٿن بدران ٺونٺ يا ڪو ڪپڙو يا ٽشو وغيرہ استعمال ڪريو. جيڪڏھن توھان کي صرف بخار، زڪام يا سڪي کنگھ جي شڪايت آھي تہ اسپتال اچڻ کانسواءِ فون تي بہ پنھنجي طبيب سان مشورو ڪري سگھو ٿا. جيڪڏھن ساھ ۾ ڇڪ يا تڪليف ڀانئيو تہ ويجھي ڪرونا ايمرجنسي سينٽر تي وڃي پنھنجي تپاس ۽ تشخيص ڪرايو.
باقي بچيا اھي جن جو خيال آھي تہ ڪن خراب لڇڻن جي ڪري اھو 'عذاب' سندن قوم تي نازل ٿيو آھي، انھن جو علاج بہ اسان ئي ڪنداسين پر انھن کي ٻين ڪنھن علامت جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت ڪونھي. اھا ھڪڙي علامت ئي علاج ۾ مددگار ٿيندي، بس دير نہ ڪجو سڌو 'گدوءَ' ۾. اتي "سر ڪوواسجي جھانگير انسٽيٽيوٽ" نالي واري اسپتال ۾ اچي رابطو ڪريو ڇو تہ اھو مرض ڪووڊ ـ ۱۹ کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھي ۽ ان مرض جي علاج لاءِ اسان وٽ وسيلا بالڪل محدود آھن. جيٿري دير ڪندئو اوترو وڌيڪ نقيان ٿيندو.