ڪووڊ ـ ۱۹ جي عالمي وبا ۽ علاجن جا افواھ
صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ سائنسدان ۽ کوجي مختلف بيمارين لاءِ استعمال ھيٺ دوائن کي ڪووڊ ـ ۱۹ جي مريضن خاص ڪري زندگيءَ لاءِ ھٿوراڙيون ھڻندڙ فردن جي سھائتا لاءِ استعمال ڪرڻ جا تجربا ڪن پيا.
مختلف ملڪن جي ريسرچ ريگيوليٽرن طرفان ڪجھ دوائن کي تجرباتي طور استعمال ڪرڻ جا اجازت ناما پڻ جاري ڪيا ويا آھن.
اھو ذھن ۾ رکڻو پوندو تہ ھي دوائون ايئن 'ھٽن' تي وڪامڻ لاءِ ڪونھن جيئن ادان وٽ رواج آھي. ڪوبہ ماڻھو بنا ڪنھن مستند ڊاڪٽر جي لکيل نسخي بنا ھٽ تي وڃي ڪا بہ دوا خريد ڪري سگھي ٿو. نہ وري اھي دوائون او پي ڊيءَ ۾ ھر ڪنھن ڊاڪٽر يا معالج طرفان تجويز ڪرڻ لاءِ آھن.
اھي دوائون صرف سائنسي بنيادن تي اڳواٽ رٿيل منصوبي تحت اسپتالن ۾ داخل ڪووڊ ـ ۱۹ ـ 19 پازيٽو مريضن کي ماھر ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ڪڙي نگرانيءَ ۾ تجويز ڪيون وينديون ۽ انھن جا فائدا توڻي نقصان قلمبند ڪيا ويندا. نقصان جي انديشي پيدا ٿيڻ واري حالت ۾ انھن جو استعمال بند ڪيو ويندو.
اسان وٽ سنڌ ۾ ڏسڻن وائسڻن طرفان بہ ماحول ايئن ٿو جوڙيو وڃي جو ھرڪو اھي دوائون ڪنھن مستند معالج جي صلاح مطابق استعمال ڪرڻ بدران سڌو سنئون ھٽن تان وٺي کائڻ شروع ٿو ڪري. ان عمل جا سماج ۽ صحت لاءِ ڪي مثبت نتيجا ڪونہ نڪرندا. مورڳو اھي دوائون پنھنجي اصلوڪي ڪم کان بہ وينديون.
کوجنا ڪرڻ، نوان رستا ڳولھڻ بھتر عمل آھي پر اھو ياد رکڻ گھرجي تہ کوجنائون شروع ڪرڻ لاءِ سائنسي سوال ڪرڻ جي صلاحيت، بيماريءَ ۽ دوائن جي بنيادي ڄاڻ، اسپتالن ۾ موجود تحقيقي ماحول، گھربل وسيلن جي موجودگي ۽ انھن سڀني عملن کي قلمبند ڪرڻ جي مڪمل نظام جي پڻ ضرورت ھوندي آھي.
پرائي ماڙي ڏسي، پنھنجو جھڳو ڊاھڻ ڪا عقلمندي ڪونھي.
نوٽ: پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ ڪجھ دوائن ۽ عالج جي طريقن تي تحقيق جاري آھي. صحت جي عالمي اداري WHO طرفان اڄ تائين ڪنھن بہ علاج جي طريقي يا دوا کي ڪووڊ ـ ۱۹ جو علاج تسليم نہ ڪيو ويو آھي.
بيماريءَ کان بچڻ لاءِ ھڪ ٻئي کان وٿيرڪو رھڻ ۽ صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ ئي معتبر وسيلا آھن.