وبا ۾ ٽيوشن
مٿان وري اسان جي ھڪ ٻئي دوست ڪمال اتاترڪ جو 'جھالت خلاف جنگ' وارو قول ونڊيندي ان جھاد ۾ شموليت جي دعوت ڏني. ھڪ تہ 'جنگ' لفظ مونکي زھر لڳندو آھي. ڇو جو اھو اھڙو عمل آھي جنھن ۾ شخص کان وٺي انسانن جي سماج سميت ھر شي ءِ صرف تباھ ٿيندي آھي. ڪڏھن بہ تعمير ناھي ٿيندي. انڪري مون کي 'جنگ' جو تصور خوف ڏياريندو آھي. سچ اھو آھي تہ اسان پنھنجي عمر ۾ جنگون رڳو ٻڌيون آھن. نہ ڪا ڏٺي آھي نہ وري لوڙي آھي. اميد تہ بچيل رھنداسين.
اسان ڳالھ پئي ڪئي وبا ۾ ٽيوشن جي تہ حڪم ٿيو 'جھالت' جي'وصف' بہ لکو. ھاڻي جڏھن توھان جي ھر راءِ انھن جيڪي پاڻ کي ساڃھ وند سمجھندا ھجن کي ايئن پڙھڻ يا چئجي سمجھ ۾ ئي نہ اچي جيئن اوھان لکيو آھي تہ 'جھالت ' خلاف ھرقدم کڻڻ کان پھريان اھو ضرور سوچڻو پوندو تہ نام نھاد پڙھيلن ڳڙھيلن سان ڪيئن مخاطب ٿجي.
ڪورونا خاندان جي ھن ستين ڀاتيءَ MARS Cov2 پاران برپا ڪيل ھن ڪووڊ ـ ۱۹ جي عالمي 'وبا' جي ڏينھن ۾ ٻارن کي اوپرن ماڻھن کان پري رکڻ جي پٺيان جيڪا حڪمت آھي، ان کي پبلڪ ھيلٿ يا عوامي صحت يا اجتماعي چڱڀلائي چئبو آھي.
اتفاق سان اھو ئي منھنجو ھاڻوڪو شعبو آھي.
ھون ءَ مان ٻارن جي بيمارين جو پڻ مستند ماھر آھيان.
مان پاڻ کي ھن عوامي صحت جي شعبي جو ھڪ شاگرد، استاد، ماھر ڪاريگر ۽ مزدور سمجھندو آھيان ۽ اھا ئي منھنجي مزدوري يا ڪرت آھي. اڄڪلھ 'وبا' کان بچڻ لا ءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪل وقتي ڪارڪنن لاءِ تربيتي نصاب ۽ فاصلاتي آگاھيءَ جي مزدوريءَ سان لڳل آھيان. منھنجي راءِ ۾ ٻارن کي ٽيوشن پڙھائڻ جو صرف ھڪ ئي مطلب آھي، اھو آھي کين ڪنھن اڻ ڪيل ڏوھ جي سزا ڏيڻ.
ڪڏھن ٿورو ٿڌي دماغ سان سوچيو، اھي ٻار جيڪي صبح جو ساجھر ننڊ مان اٿي ستين بجي گھران نڪري، جھڙي تھڙو حال وڃي اسڪول پھچن ٿا.
الاجي ڇو ھتي ھرڪو ماڻھو ايئن ٿوراءِ ڏئي ڄڻ ھر ٻار کي بھترين سواري، اسڪول ۾ پيئڻ جوپاڻي، ھاجت ھي لاءِ، اڌ موڪل ۾ کاڌخوراڪ ميسر آھي.
ڪڏھن ڇوڪرين جو بہ سوچيندا ڪريو ٻارھين سال کان انھن جون ضرورتون ئي بنھـ مختلف آھن ۽ جيڪڏھن ٻہ لفظ لکيم تہ نئون ممڻ مچي ويندو.
ھاڻي، اھي ٻار اھو سڀ ڪجھ لوڙي، ساڻا بيحال، ٿڪل ٽٽل جڏھن منجھند جو اڍائين کان ٽين وڳي گھر واپس اچن ٿا تہ سنگت کي لڳي ٿو ھر ٻار لاءِ گھر ۾ بس منجھند جي ماني تيار پئي ھوندي آھي.
ھجي، ايئن جو انھن ٻارن کي ڪو ڪلاڪ سوا ننڊ، آرام جي سھولت ھجي ۽ وري شام جو ڪا راند روند جي سھولت يا صحتمند ماحول ھجي جيئن اھي سڄي ڏينھن جو ٿڪ لاھي نوبنا ٿي وري ٻئي ڏينھن جي سختين لاءِ تيار ٿين. کين اھو سڀ ڪجھ مھيا ڪرڻ بدران ڪنھن بند، ٻوساٽيل ڪمري ۾ اسڪول جو مليل گھرو ڪم ڪرائڻ لا ءِ ٽيوشن جي نالي ۾ جند ڇڏائڻ لاءِ وري ٽن کان چار ڪلاڪ گھران ڪڍي ڇڏجي، جيڪي موٽي بالڪل ساڻا بي حال ڪجھ کاڌو نہ کاڌو وڃي بستري ڀيڙا ٿيندا، . سي بہ اھي جن وٽ بسترو ھوندو. ھون ءَ بہ باقين سان اسان جو ڇا؟
معاف ڪجو انھن ٻارن جو رويو ۽ مستقبل بہ اھڙو ئي ھوندو جو اھي ھر صحتمند صلاح کي 'تنقيد' ۽ بي جا مخالفت سمجھندا.
اھو نہ وسارجو تہ اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا اتي پنجن سالن کان ننڍي عمر جي ھڪ سئو ٻارن مان پنجيتاليھ ٻار اڳ ۾ ئي پنھنجي عمر جي لحاظ کان ڪوتاھ قد آھن ۽ اھو حشر ڪو نئون ڪونھي، ملڪ ۾ موجود سائنسي معلومات مطابق سٺ جي ڏھاڪي کان متواتر ٿيندڙ سروي لڳاتار اھا معلومات ڏيندا رھيا آھن. انھن ٻارن ۾ وڏو ٿي سکڻ، سمجھڻ، سوچڻ ۽ ڳالھ سمجھڻ جي صلاحيت صحتمند ٻارن جي نسبت چاليھ سيڪڙو گھٽ ھوندي آھي. انھن ئي ٻارن مان اڌواڌ کي تہ وري مستقبل ۾ ٻار ڄڻڻا بہ ھوندا آھن. مٿان وري سماج ۾ آيوڊين جي کوٽ جيڪا عقل کان وٺي بھتر نسل پيدا ڪرڻ لا ءِ ھر جاندار بشمول انسان کي گھربل ھوندي آھي.
ھاڻي پنھنجي ٻارن کي ڪيئن بھتر ماحول ڏجي. چڱو ڀلا اسان ھر ٻار کي تہ اھو ماحول نٿا ڏئي سگھئون پر پنھنجي ذاتي ٻارن کي تہ بھتر ماحول مھيا ڪري ڏئي سگھئون ٿا. ان سماجي صورتحال ۾ ٻارن کي زندگيءَ جا پھريان ھزار ڏينھن. ماءُ جي پيٽ ۾ سنڀرجڻ کان چوويھين مھيني جي عمر تائين تہ ڄڻ گھڙي گھڙي سھائتا ۽ ڌيان جي ضرورت آھي. مطلب، ماءُ ۽ سندس، ٻار، ٻنھي کي ڌيان، دوا ـ درمل، مناسب کاڌ ـ خوارڪ، پيارـ محبت ۽ بيمارين کان بچڻ جي ويڪسين گھرجي.
پنجن سالن جي عمر تائين ٻار کي ڪنھن بہ قسم جي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پرھيز ڪرڻ گھرجي.
پنجن کان ستن سالن تائين اھڙي اسڪول موڪلڻ گھرجي جتي اسڪول ۾ صرف ٽي عدد مضمون. مادري ٻولي، حساب ۽سائنس. اھي بہ صرف اسڪول ۾. ڪوبہ ھوم ورڪ جھڙو عمل ٻارن لاءِ فائديمند ڪونہ ٿيندو، ٽيوشن تہ بالڪل وساري ڇڏيو.
ستن سالن کانپوءِ جڏھن ٻار اسڪول ۾ ٽئين درجي ۾ پھچن تہ انھن کي پھرين ٽن مضمونن مادري ٻولي، حساب ۽ سائنس کان علاوہ ھر سال ھڪ ھڪ ڪري وڌيڪ مضمون شامل ڪيا وڃن ۽ ڏھن سالن جي عمر مطلب پنجين درجي تائين ڪنھن بہ قسم جو لکت ۾ ھوم ورڪ ڏيڻ ۽ ٽيوشن ڏيارڻ کان بالڪل پرھيز ڪرڻ گھرجي.
ڇھين ڪلاس کان ھوم ورڪ اھو بہ صرف ٽن مضمونن مادري، ٻولي، حساب ۽ سائنس. انکانپوءِ انھن مضمونن ۾ ھر سال وڌيڪ ھڪ ھڪ مضمون جو اضافو ڪجي پر اھو خيال رکجي تہ ھڪ وقت وڌ ۾ وڌ پنج مضمون ھجن، مطلبڪنھن بہ سال ۾ پنجن کان وڌيڪ مضمونن جو ھوم ورڪ نہ ڏجي ـ ٽيوشن کان پرھيز جاري رکجي، جيڪا ٻارن ۽ سماج جي مجموعي صحت لاءِ بھترين عمل رھندو.
ھاڻي جيڪڏھن چوڌاري نظر ڦيرائيندئو ۽ دنيا جي مختلف ملڪن اندر مروج تعليمي سرشتن ۽ ٻارن کي پاڙھڻ جي طريقن تي نگاھ وجھندئو تہ توھان کي اھو ڏسي حيرت ٿيندي تہ اسڪول کان وٺي يونيورسٽين تائين پنجن مضمونن ۽ بنيادي مضمونن جي بندش تي عمل ٿئي پيو. ايستائين جو يونيورسٽيون بہ پنھنجي گريجويٽ پروگرامن ۾ ھڪ سال ۾ وڌ کان وڌ پنج مضمون پاڙھن ۽ پڙھائن ٿيون.
اچو تہ پنھنجي ٻارن کي سندن ٻالڪپڻي سان روشناس ڪرايون.