سائنس، علم ۽ رسالا

وبا جا ڏينھن

ھي ڪتاب سنڌ جي نامياري پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمٰن پيرزادي جي ڪورونا وائرس جي وبا بابت لکيل بلاگن تي مُشتمل آھي.
ڪتاب”وبا جا ڏينھن“ ۾ شامل بلاگ انھي وبا جي نالي ۾ بَوا کان بچائڻ ۽ انجي ڄاڻ ڏيڻ ۾ انتھائي ڪارآمد ثابت ٿيا آھن.انھن بلاگن ۾ ٻُڌايل آھي تہ ڪورونا ڇا آھي، انھي جون لِڇون ڪيتريون آھن، انھيءَ مرض جون علامتون ڪھڙيون آھن اھو ڦھلجي ڪيئن ٿو، انھي جو علاج آھي يا نہ، انھي جو بچاءُ ڪيئن ممڪن آھن.انھي تي موسمن جو اثر ٿئي ٿو يا اھي ڳالھيون صرف ڌُڪا آھن. ڪورونا جي سلسلي ۾ سماجي دُوري ۽ لاڪ ڊائون ڪيترو موثر ذريعو آھي
Title Cover of book وبا جا ڏينھن

ڪووڊ ـ ۱۹ ۽ قوَتِ مدافعت

جاندارن ۾ جڏھن ڪا بہ بيماري ٿيندي آھي تہ انھن جي جسم ۾ موجود فطري بچاءَ جو نظام حرڪت ۾ ايندو آھي. ان حرڪت جي نتيجي ۾ جسم ۾ جيڪي تبديليون اينديون آھن ۽ نيون رتوبتون جڙنديون آھن، اھي ان جاندار کي ساڳيءَ بيماريءَ کان ٻيھرمتاثر ٿيڻ کان مڪمل تحفظ فرھم ڪنديون آھن جيڪڏھن مڪمل تحفظ نہ بہ فراھم ڪري سگھيون تہ ان جي شدت کي گھٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آھن. ان فطري نظام يا صلاحيت کي 'قوت مدافعت' يا بچاءَ جي سگھہ (اميونٽي) چئبو آھي. ان عمل ۾ جيڪي رتوبتون جڙنديون آھن انھن کي ' اينٽيباڊيز' چيو ويندو آھي.
عام طور ڪنھن وائرس جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيمارين جھڙوڪ پوليو، ماتا، ارڙي، مَليءَ ۾ انسان جو دفاعي نظام اھڙي سگھہ حاصل ڪري وٺندو آھي. ھي نئون سارس - ڪوو -2 وائرس جنھن ڪووڊ ـ ۱۹ نالي بيماريءَ جي وبا برپا ڪئي آھي، ان متعلق روزاني ڪي نہ ڪي نيون خصوصيتون يا نوان پرڪار ظاھر ٿين ٿا، انھن مان سڀ کان وڌيڪ ھيانءَ ڏاريندڙ انڪشاف اھو ٿيو آھي تہ تحقيق جي نتيجي ۾ اھو معلوم ٿيو آھي تہ ھن بيماريءَ مان چڱو ڀلو ٿي ويل فردن ۾ اھي اينٽيباڊيز ڪي چار يا پنج مھينا موثر رھن ٿيون. انکانپوءِ انھن اينٽيباڊيز جو مقدار يا تعداد انساني جسم ۾ ھن وائرس کان محفوظ رکڻ جيترو نٿو بچي. اھاصورتحال ھن وائرس کان بچاءَ لاءِ ٺھندڙ ويڪسين جي ڪوششن لاءِ ڪا سٺي خبر ڪونھي. ڇو تہ ويڪسين بہ گھڻي ڀاڱي جسم جي انھيءَ صفت، دفاعي نظام تي ڀاڙيندي آھي. ھونءَ تہ ڪجھہ دعوائون اھي بہ آھن تہ دفاعي نظام جي ھڪ ٻئي عنصر 'ٽي سيل' پيدا ڪرڻ لاءِ ويڪسين ٺاھيندڙ سائنسدان پاڻ پتوڙي رھيا آھن.
ان سڄي صورتحال ۽ سائنسي تحقيقي معلومات کي سامھون رکندي اھو فيصلو ڪرڻو پوندو تہ ھن وبا سان منھن ڏيڻ جيموجود معلومات جھڙوڪ ھڪٻئي کان ٽن فوٽن جي وٿي ڪرڻ، ماسڪ جو استعمال، کنگھڻ يا ڇڪ ڏيڻ جي تميز، صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ ۽ انبوھن کان پاسيرو رھڻ واري نسخي تي عمل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري، انھن سڀني کي نئين سماجي روئيي طور لاڳو ڪرڻ جا طور طريقا اختيار ڪجن يا وري ويڪسين جي انتظار ۾ ويھي دنيا ۾ ٿيندڙ اقتصادي اٿل پٿل کان اکيون پوري ڇڏجن.
ھتي اھو بہ ياد رکڻ گھرجي تہ سنڌ ۾ 1979 کان عوام جي ملڪيتي يا سرڪاري بيمارين کان بچاءَ جي EPI پروگرام تحت اسان جي سئو ٻارن مان صرف 46 کي ويڪسين پھچائي سگھيا آھيون يا ايئن چئجي تہ رڳو 46 سيڪڙو ماڻھن ان سھولت جو استعمال ڪيو آھي. جڏھن تہ ھن وبا واري بيماري ڪووڊ ـ 19 لاءِ ميسر سائنسي ڄاڻ مطابق گھٽ ۾ گھٽ اسي سيڪڙو فرد يا آبادي جڏھن ويڪسين ٿي ويندي تڏھن ھن بيماريءَ تي ضابطو ايندو.
انھي سڄي صورتحال ۽ سائنسي ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ شايد ويڪسين کان وڌيڪ فائديمند طريقو سماجي روئين ۾ بھتري آھي. اسان سڀني کي سماج جي اجتماعي چڱ ڀلائيءَ لاءِ ھٿ ۾ ھٿ ڏئي ھڪٻئي جو سا ٿ ڏيڻو پوندو جيئن ھن وبا مان جند ڇڏائي سگھجي.