ڪووڊ ـ۱۹ ۽ مشڪريون
دنيا ۾ انھن ذاتي بچاءَ جي آٿرن جنھن کي PPE ٿا چون. ان تي جھڙو جنگ لڳڻ وارو ماحول ٺھيو پيو آھي. ان حالت ۾ اسان وٽ ڪنھن کي جو سامان ملي ڪونہ ٿو تہ ڪي وري ويٺا مطالبا ڪن. جن کي PPE مليو آھي انھن کي استعمال ڪرڻ ڪونہ ٿو اچي. جن کي سيکارڻ موڪليو اٿن، انھن وري پنھنجي حياتيءَ ۾ اڳ ڪڏھن اھو سامان ڏٺو ڪونھي.
صبح شام چون ٿا صابڻ سان ھر ھر ھٿ ڌوئو، اسان جي اسپتالن ۾ وري پاڻي ڪونھي.
عام کي چون ٿا گھرن ۾ ويھو، اتي وري، انھن کي آرام ڪونھي.
سڀئي سرڪاري اسپتالون ھيپٽائيٽس، TB, ايڊز، شوگر، دل جي مريضن، ڳورھارين ۽ ويم وارن لاءِ ڪورونا جي ڪري بند پيون آھن.
جيڪي کليل آھن، انھن کي وري ڪورونا جي خبر ڪونہ ٿي پئي.
ٻارن ۽ عورتن کي جيڪي EPI جون ويڪسين لڳنديون ھيون اھي بہ بند آھن. ڇو تہ اھي مرڪز او پي، ڊي ۾ ھوندا آھن.
نماڻو عرض ڀلا جيڪي ويڪسين موجود آھن، اھي توھان مان ڪيترن پنھنجي ٻارن ۽ عورتن کي تاقيد سان ھڻائيون آھن.
عجيب حالت آ، موجود ويڪسين ڪو ھڻائي ئي نٿو، باقي ا تظار اٿن نئين ويڪسين جو، ڀلا جي ڪورونا جي ويڪسين ٺھي بہ پئي تہ الاجي ڇا ڪندا.
ھوڏانھن وري ڪمپيوٽر آپريٽر پيا سنگت کي پبلڪ ھيلٿ ريسرچ سيکارين. صحافي، ماستر، ڪيميادان يا وري انجنيئر پيا سمجھائين تہ اھا اپيڊميالاجي اصل ۾ حسابن جي ڪا برانچ آھي.
جيڪڏھن بلاگ لکندئو تہ وائرس بيماريءَ جو سبب آھي، تہ راءِ، ايندي وائرس بيجان ھوندا آھن. سائين اسان ڪٿي ٿا چئون تہ وائرس لٺيون ٿو ھڻي. بيمار ٿو ڪري، سڄي دنيا کي تاراج ڪيو اٿئين.
صفا جاڏي ڪاڏي ايئن ڌوڙ پئي وسي جھڙو ڌڻ ڳوٺ ڏي موٽيو آھي.
صفا وايون ئي بتال ٿا ڪري ڇڏن.
مٺل جسڪاڻيءَ جو اللہ ڀلو ڪري جنھن صفا سولي سنڌيءَ ۾ ٻڌايو تہ:
''وچڙندڙ بيماري ۾ ورتل ٻڪري، جنھن بہ واڙي ۾ ويندي، ان ۾ موجود سڀ ٻڪريون، سڀ ٻڪر ۽ سڀ ڦر، ان وچڙندڙ بيماري جي وڪڙ ۾ اچي ويندا.
ڪورونا وائرس بہ وچڙندڙ آھي، احتياط ضروري آھي.''