مهاڳ: تنقيدي وکــر جــون ڪَـڻـيـون
اسان وٽ هيل تائين ادبي تنقيد جي ڏس ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ۽ رسول بخش پليجي جي نالن ۽ ڪمن تي جزوي اتفاق ملي ٿو. ويجهي ماضيءَ ۾ تاج بلوچ جي تنقيدي ڏانءَ کي به ساڳي جزوي مڃتا ملي آهي. ادب جي بين الاقوامي منظرنامي ۾ به ساڳي جزوي پيروي جا نقشا ملن ٿا. تنقيد هڪ بد بلا آهي، ڇاڪاڻ ته انجي مقصدن ۾ تخليقن کي هميشه کوٽ ۾ ڏسڻ جون سنتون آهن. برصغير ۾ رس جي نظريئي کي سامهون رکي نقاد کي ڳولجي ٿو ته اهو خود تخليقن جيان اڻپورو ۽ اڌورو ڏسجي ٿو. اها اڻپورتا ۽ اڌورائپ ادب جي ازلي ميراث آهي، جنهن کي ماڻهن “جيها جي تيها” جي چادر ۾ ويڙهي رکڻ جا جتن ڪيا آهن. انگريز شيڪسپيئر جي گڻن جو ڪو ثاني نه ٿا ڏسن، روسي ٽالسٽاءِ جون نيڪيون ڳڻڻ ۾ پورا آهن ۽ اسين سنڌي شاه لطيف کي عالم۾ آباد ڪرڻ جا آرزومند آهيون. عوامي مڃتا جيڪا اڪيهين صديءَ تائين اچي اسمن جي وڪري تائين پهتي آهي، تنهن کي ڏسندي پاڻ وارن شاهڪارن جو مستقبل ڪلاسڪ نه پر جاگرافيائي ڪلاسڪ وڃي رهيو آهي. اديبن کي اجوري واري عالمي سنت پنهنجي ديس ۾ اڃا ڪافر جي حيثيت رکي ٿي. علم جي اٻوجهائپ جون ڳالهيون شروع ڪرڻ سان سڀ پڳون ماضيءَ کان حال تائين ڌڌڙ ڌوڙ ٿيو وڃن. اهڙي دلپذير وايو منڊل ۾ نقاد ڪهڙا آسمان فتح ڪري سگهي ٿو؟ خليق پنهنجي خيالن کي تنقيدي زاويا سڏي هڪ نيڪ ڪم ڪيو آهي. سڄي جهان ۾ تنقيد زاوين تي ئي مشتمل آهي. اڄ جي يعني همعصر ادب جي حقيقي ڇنڊڇاڻ اڄ ۾ ٿيندي ضرور پر انکي ڪو کنگهندو ڪونه، سڀاڻي جو نقاد گوڏا کوڙي کلون لاهيندو ۽ ساڳي ديس جا سڀاڻي جا پاٺڪ آمنا صدقنا چوندا. جيها جي تيها جو تعصب به رهڻو آهي. جئين اسانجا ڪجهه سڄڻ شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ طبعيات جي جديد خيالن جو اولڙو ڏسي وٺندا آهن، تيئنءَ سڀاڻي جا تعصب به اڄوڪي خيالن تي سياسي، سائنسي ۽ مذهبي چادرون چاڙهي ميڙا مچائيندا. منڊي هجي يا ماڳهين انڌي ۽ منڊي هجي، تنقيد به تخليقن سان گڏ جيئندي.
تنقيد خلاف هوڪرا رڳو سنڌ جو ڀاڳ ناهن. پوري دنيا اندر ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙن کي ڪَڪڙيون اکيون ڪري ڏسندا آهن. ادب جي چوٽي وسائيندڙ سرجڻهار انکي کنگهندا ئي ناهن، پاڻ وٽ شيخ اياز پهاڙ ۽ وڇون واري تشبيهه ڏيئي تنقيدنگارن جو مان وڌائيندو هو. تنقيد تي گهڻي خار انهن جوشيلن کي هوندي آهي، جن جي تخليقن کي مڃتا گهٽ ملندي آهي. ٻئي طرف جن کي وهوا جا سرس ڊوز ملندا آهن، سي وري پنهنجي مريدن کان مخالفن کي بڇڙو ڪرائيندا آهن. ڪڪڙ ويڙهه جا اهي نيشان ۽ کڙهيون ادبي منظرنامي جو لازمي حصو آهن. مخالفن کي دسڻ بغير چئمپين سڏجڻ ڪنهن به ادبي ملاکڙي جي رسم ناهي.
جتي علم جي وسعت ۽ گهرائي جو پد گهڻو اوچو ناهي، اتي ريتن، رسمن، رواجن جي آڌار تي جوڙيل دنيا جو تصور فروغ وٺي ٿو. ڀيٽ ڪرڻ جي فطري خواهش ۽ پنهنجي دلبرن کي مٿانهون مڃڻ ۽ مڃائڻ جي ديس پرست خواهش گڏجي هڪ اهڙي عقيدي پرستي کي جنمن ٿيون جنهن ۾ حقيقت پسندي هميشه گهايل رهي ٿي. مثال طور ان ڳالهه تي اسانجي ادبي ڏاهن ۾ تقريبن اتفاق ڏسجي ٿو ته شاه لطيف جو پنهنجو الڳ ۽ انوکو دڳ آهي. پوءِ به ليکڪ دنيا جهان جي ادبي نظرين جي ڊيگهه ويڪر کڻي شاهه کي هماليه ثابت ڪرڻ واري بيچينيءَ جا اڪثر شڪار ٿيندا رهن ٿا. جن سائنسي تصورن جو شاهه جي وقت ۾ خيال به ڪونه جنميو هو، تن کي شاهه جي نهار سان ڳنڍي وهوا ٻڌڻ گهرن ٿا. من پسنديءَ جو هي زاويو اسانجي اڪثر تنقيد ۽ تبصرن ۾ عام آهي. خليق ٻگهيي جا ابتدائي مضمون به ان ۾ ٻڏل آهن. جماليات ۽ رومانويت وارا پهريان مضمون انگريزي ادب ۾ آيل خيالن ۽ نظرين جي پس منظر ۾ شاهه جي عظمت واکاڻن ٿا. خليق ٻگهيي جي مطالعي جي وسعت انهن مضمونن کي عام پڙهندڙ لاءِ دلچسپ بڻائي ٿي. شاهه کي عظيم ثابت ڪرڻ وارو جنون ٿوري گهڻي فرق سان سڀني سنڌين جي فطري تمنا آهي. انڪري اهي سڄڻ جن جي علمي سگهه ۾ وسيع مطالعو ناهي، سي ان حوالاتي سانوڻيءَ مان سگهه وٺي وهوا جا ڌوڙيا اڏائيندا. جن جو مطالعو ڪجهه سرس آهي، سي ڪنهن نئين زاويئي جي تلاش شروع ڪندا. خيالن سان اتفاق هجڻ هڪ اضافي اتفاق آهي. موضوع جي چونڊ ۽ اسلوب جي چاشني بهرحال خليق ٻگهيي جي خوبي آهي، ان کان انڪار صرف ڪو تعصب يا ساڙ ئي ڪري سگهي ٿو.
خليق ٻگهيي جو تنقيد ۽ سنڌي ادب وارو مضمون هڪ جائز شڪايتي مضمون آهي. تنقيد ڏانهن ادبي وڏيرن جو رويو برابر غير ادبي رهيو آهي. تنقيد تخليق جو لازمي حصو آهي. انکي ٻئي نمبر جو جڳاڙي ادب سمجهڻ تخليقن کي رڻ ۾ رولڻ برابر آهي. سنڌي ادب جي غير تنقيدي روين سبب اسانجا ڪيترا سيبتا ليکڪ پنهنجي پورهئي جو لاڀ نه ڏسي ادب کي خيرباد چئي چڪا آهن. تنقيص هڪ تعميري زاويو آهي. انجي وڏي خامي فقط اهي معيار آهن، جن کي بنياد بڻائي تخليقن کي لويو ويندو آهي. اسان جي تعليمي درسگاهن ۽ ادبي اوطاقن ۾ صرف پٺتي ڏسڻ جون ريتون آهن. انڪري ئي شيخ اياز چوندو هو ته سندس نقاد سئوسال بعد پيدا ٿيندا. هو ان ڳالهه تي شايد سوچيندو ئي نه هو ته سندس ادبي قد ڪاٺ کي معتبر بڻائڻ ۾ موجوده تنقيد جو هڪ بنيادي ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. جن تنقيدي نظرين ۽ قسمن تي توجه ڏيڻ جي تجويز خليق ڏئي ٿو، سي سڀ انساني نهار جا زاويا آهن. هر زاويئي جو پنهنجو منطق ۽ سچائي آهي. ضروري ناهي ته انهن زاوين جو ڪلي اطلاق هر تخليق تي لازمي ٿيندڙ هجي. تخليقون سَگهيُـون ۽ ڪمزور ٿي سگهن ٿيون ته تنقيد به ساڳي حساب ۾ اثرائتي يا غير اثرائتي ٿي سگهي ٿي.
تنقيد جو آئندو هميشه ادبي ماحول جو ڳيجهو هوندو آهي. فيس بڪي سوشل ميڊيا جي اچڻ کان اڳ اخبارون ۽ رسالا ايڊيٽر جي چونڊ جا محتاج هوندا هئا. راءِ، تبصرا ۽ تنقيد ايڊيٽر جي پسند ۾ جاءِ وٺڻ بغير گمنام هوندا هئا. گهڻن لکندڙن کي پنهنجي تحريرن ۾ تبديلي جي اڪثر شڪايت هوندي هئي. مونکي ياد پوي ٿو ته هڪ هلڪي ڦلڪي تحرير ۾ مون “مزاجي خدا” لکيو ته ايڊ يٽر ان کي ٽائپ جي غلطي سمجهندي “مجازي خدا” بڻائي، منهجي مزاح واري حس کي لپاٽ وهائي ڪڍي. نون لکارين سان ته گهڻو ڪجهه ٿيندو هو. فيسبڪ جي اچڻ سان ايڊيٽنگ جا سڀ اختيار لکاري کي مليا. ۽ ان مطلق اختيار کي جنهن طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو، سو اسان سڀني سامهون آهي. تنقيد نگار جو اهڙي ڇڙواڳيءَ جي منڊل ۾ سسي سوڙهوٿيڻ ۽ مايوس اظهار کي هوا ڏيڻ هڪ منطقي نتيجو آهي. سنڌي ادب ۾ مُلي جي ڪردار تي منفي هلان جو هڪ اهم ڪارڻ مُلي جي ڪم علمي ۽ فتوائن جو ڇڙواڳ استعمال آهن. فيسبڪي تنقيد ۽ مُلي جي تاريخي ڪردار ۾ تقريبن هڪجهڙائي آهي. ادب پسندن کي ادب جي اوٽ کي ترڪ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي. تنقيد نگار کي به هن نئين آمهون سامهون ماحول جي تقاضائن کي سمجهندي پنهنجي تنقيدي فن ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. ادب پنهنجي اساسي سڃاڻ ۾ بهتر ٻولي ۽ بهتر اسلوب جو نالو آهي. مام ۾ مارئي ڳائڻ، رومال ۾ ويڙهي هڻڻ، هڻ ڌيءَ کي ته سکي نُنهن جهڙا ٻول به ته پنهنجي ٻوليءَ جي ميراث آهن. ٿورو توجهه ڏيڻ سان اسان گاريلي ۽ گوڙيلي ماحول کي ٽاري سگهون ٿا.
هن ڳٽڪي ۾خليق ٻگهيي جو هڪ انتهائي دلچسپ مضمون ’’پوسٽ ماڊرن ازم ڏانهن هڪ تنقيدي نگاهه‘‘ آهي. مضمون لاءِ وسيع مطالعي جي شاهدي مضمون اندر موجود آهي. ان ايتري وسيع ۽ گهري ڳولا جي باوجود هو هڪ سچي علم جي طالب جيان ان حقيقت کان پريشان آهي ته اهو لاڙو سندس سمجهه جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿو ناهي. مان به ڪيترن سالن تائين ان ئي ڪيفيت جو ذري گهٽ ساڳيو شڪار رهيو آهيان. حقيقت اها آهي ته اسان جا گهڻا نامور نقاد ۽ لکندڙ اسان جي ابتدائي سمجهه جا رهبر يا استاد هوندا آهن. جيڪڏهن اهي سمجهڻ ۾ ڍرا يا غلط هجن ٿا ته پوءِ اسان پڙهندڙن جي علم ۽ سمجهه جا ٻيڙا ٻڏي وڃن ٿا. اسان جي اردو نامورن ترجمو ڪيو ’’ما بعد جديديت‘‘، اسان ان کي ويس ڏنو ’’جدت پڄاڻان‘‘.. جديد کان بعد جي صورتحال. وڃي ٿيا خير! ان کانپوءِ جئين فيشن ٿيندو آهي ڪوئي به نالي چڙهيو پنهنجي مطالعاتي سگهه ۽ سمجهه تي آڱر رکڻ به پسند ناهي ڪندو. هر ٻئي اديب ان رجحان کي منفي ڪوٺي پنهنجي مڏي سمجهه کي ٽوڪ کان بچايو. ڏهاڪو سال اڳ ويهين صديءَ جا سوچ ڌوڏيندڙ مضمون پڙهندي فرانسيسي ليکڪ ليوٽارڊ جي هڪ مضمون ۾ هڪ فقرو مون واري مڏي سمجهه سان اٽڪي پيو. پوسٽ ماڊرن کي واضح ۽ مختصر سمجهائڻ لاءِ هن ان کي ’’nascent modern‘‘ ڪوٺيو. ان فقري جو رف ترجمو ٿيندو: ’’ٿڃ پياڪ جدت‘‘.مون کان رڙ نڪري وئي. اڙي! هي ته بعد جي ڳالهه ئي نه ٿو ڪري. هي ته اڳ جو داستان ٻڌائي ٿو. مون فورن فيصلو ڪيو ته ابتدائي ۽ بنيادي لٽريچر سان هٿ ڳنڍڻ گهرجن. نتيجي ۾ سال کن لڳي ويو. ڪوشش ڪيان ٿو ته مختصر ڪري ان کي پيش ڪيان.
ويهين صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ فرنچ فيلسوف ۽ پروفيسرليوٽارڊ کي ’’ڄاڻ جي حالت‘‘ تي هڪ ننڍي ڪتاب جيترو مقالو يا مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو. پروفيسر صاحب ان ڄاڻ جي حالت کي آرٽ جي دنيا مان اڌار ورتل لفظ post modernism سان تعبير ڪيو. هن مطالعي جي دلچسپ ڳالهه هيءَ هئي ته اهو مطالعو بنيادي طور سائنس فڪشن ۽ سائنس جي حالت کي پڌرو ڪرڻ لاءِ هو. (بعد ۾ ليوٽارڊ اهو مڃيو ته وٽس سائنس جي ڪا خاص ڄاڻ ڪونه هئي، سو هن لئي مان لٺ ڀڃي الهه توهار ڪئي هئي.)
پنهنجي مضمون جي شروعات ۾ ئي ليوٽارڊ چٽي وضاحت ڪئي ته مذڪوره مطالعو ’’اسريل ملڪن جي حالت‘‘ سامهون رکي ڪيو ويو هو. هتي اها اضافي ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته پوسٽ ماڊرن ازم کي سمجهڻ لاءِ انهن سياسي حقيقتن تي به نظر رکجي، جن مغربي فلسفين کي اهڙي تعبير ڏانهن ڌڪيو. مغرب جي سوچن ۾ اها ڳالهه پختي آهي ته سياست حقيقتن کي نوان رخ ڏيئي سگهي ٿي/ ڏنا آهن / ڏيندي رهندي آهي.
تخيل ۽ ان جي اظهار ۾ وٿي جو جهيڙو ازل کان آهي. نظرين ۽ روين جي ڌوڻ کان به گهڻو اڳ ڏات ڌڻي ان حالت تي ويچاريندا رهيا آهن. ڪوبه حقيقي ڏات ڌڻي پنهنجي حال تي شانت نه ڏٺو ويو آهي. نياري هجڻ واري خبيث خواهش هميشه کيس نون دڳن ڳولڻ لاءِ بي چين رکندي آهي. ٽيگور کان جڏهن ڪنهن اتاولي پڇيو ته سندس سڀ کان وڌيڪ سندر گيت ڪهڙو هو ته هن وراڻيو: ’’پيارا جنهن گيت کي مون ڳائڻ چاهيو آهي، اهو ته اڃان جنميو ئي ناهي. منهنجي سڄي ڄمار ته ساز جي تارن کي ٻڌڻ ۽ ڇوڙڻ ۾ گذري آهي.‘‘
پوسٽ ماڊرن ازم نظريو نه پر هڪ حالت آهي. ليوٽارڊ جي ويچار مطابق اها حالت جديد ۾ سمائجڻ کان اڳ جي آهي، بعد جي ناهي. سنڌي زبان ۾ لفظ اڳ مستقبل ۽ ماضي ٻنهي لاءِ مروج رهيو آهي، ان ڪري سنڌي پاٺڪن کي اها حالت سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي. ان کي مابعد جديديت چوڻ الٽو ڪرڻ برابر آهي، ڇاڪاڻ ته ان حالت جي جاءِ جديديت جي پڇاڙي نه پر مهڙ ۾ آهي. موجوده سنڌي ترجمو اردو ترجمي جو ترجمان آهي. ليوٽارڊ جي وصف مطابق اسان کي انجو سنڌي ويس جدت پُڄاڻان بجاءِ جدت مهڙان رکڻو پوندو. البته ان حالت کي نظريو سڏڻ منهنجي خيال ۾ ڪو ايترو غلط ناهي، ڇاڪاڻ ته ان حالت جا ڀرجهلو ۽ پوئلڳ هاڻي ايترا جهجها آهن جو ان کي نظريو چوڻ ۾ ڪو حرج نه هجڻ گهرجي.
مها بيانيه جو موت به ان پوسٽ ماڊرن حالتن جي پسمنظر سبب ڄاڻايو وڃي ٿو. مان نه ٿو سمجهان ته مها بيانيه جو موت ٿيو آهي. بيان جو ڇپر هميشه نئين حالتن لاءِ ڳوليل حل کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ هوندو آهي ۽ ان جو بنيادي ڪم هڪ معيار برقرار رکڻ هوندو آهي.
“ته پڻ لڄ مران جي هوونس پٺ ۾”
مهاڏي اٽڪائڻ جو هي معيار فقط ويڙهه جو ميدان ناهي، ڇاڪاڻ ته ويڙهه انساني زندگيءَ جي هڪ ميدان تائين محدود ناهي. مخالف حالتون هر عمل جو حصو هجن ٿيون، ان ڪري هي ڇپر گهڻن ئي ميدانن ۾ معيار لائق رهندو اچي ٿو. تبديلي اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي هجي، جتي پراڻو ڇپر يعني معيار بي اثر محسوس ٿئي يعني نئين حالت کي مڃتا ڏياري سگهڻ جو اهل نه هجي، اتي ان جو موت جائز آهي. ليوٽارڊ جي خيال ۾ سائنس جي دنيا پوسٽ ماڊرن حالتن ۾ بي يقينيءَ جي اصول ور چڙهيل آهي ۽ ڪو به مها بيانيه ان جي اهڙي حالت لاءِ ڪو به ڪارگردليل نه ٿو پيش ڪري، تنهنڪري مها بيانيه مرده حالت ۾ آهي.
جديديت هڪ نئين ۽ گهڻي ڀاڱي مڃيل مڃايل فڪري ۽ فني راهه هجي ٿي، جڏهن ته پوسٽ ماڊرن ازم ان مڃڻ مڃائڻ کان اڳ تبديل ٿيندڙ حالت جو نقشو آهي، جيڪا پراڻ کان پري ٿي نواڻ سان نينهن ڳنڍڻ گهري ٿي. ان موقعي تي پراڻ پنهنجي مڃيل معيارن ۽ مقبوليت جي زور تي نئين آوازن کي دٻائي هيسائيندي آهي. هن جو مرغوب سوال ’’ڪهڙي نواڻ‘‘ يا ’’ڇاجي نواڻ‘‘ هوندو آهي. ليوٽارڊ اهڙي حالت کي ڊفرنڊ differend جو نالو ڏنو ۽ وٽجين اسٽائين جي ان خيال جي تائيد ڪئي ته بيانيه ۽ مها بيانيه ٻوليءَ جون رانديون آهن، جن جا اصول ۽ ضابطا به ٻولي پاڻ طئي ڪندي آهي. سياسي ۽ رياستي قوتون سدائين انهن کي پنهنجي مفادن تحت لاڳو ڪن ٿيون ۽ مڃائن ٿيون. ليوٽارڊ ٻوليءَ جي ان راند ۾ ڪنهن به رانديگر جي مخالف آواز جي دٻائڻ کي ’’دهشتگردي‘‘ سان تعبير ڪري ٿو. سنڌي ادب جي موجوده منظر ۾ خاص طور شاعريءَ جي حوالي سان اها دهشتگردي عام ڏٺي وئي آهي.
شيخ اياز کان بعد جو دؤر هڪ ڳولائو دؤر آهي، جنهن کي پوسٽ ماڊرن دؤر چئي سگهجي ٿو. اياز کان پوءِ وقت جي نمائندگي ڪرڻ جو فرض ۽ قرض هر اديب ڄڻ ته پنهنجي ڪلهي تي کنيو آهي. نتيجي ۾ بي يقيني، بي صبري ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي راهروي به ڏسجي ٿي. تنقيد اڳ به نه هجڻ جهڙي هئي، هن نئين صورتحال ۾ ان جي ڪا خاص شڪل اڀري نه سگهجڻ جو هڪ وڏو سبب تخليقڪارن جي ٽولي پرستي پڻ آهي. ابلاغ جي اڄوڪي طاقتور دؤر ۾ جتي ڄاڻ جي سطح پار ڪرڻ سولي ٿي پئي آهي، اتي ڄاڻ جي اطلاق ۽ معتبريءَ جا دعويدار راءِ جي ان آزادي جا گهٽ قائل ڏسجن ٿا، جنهن اسان سڀني کي ڄاڻ جي دڳن سمجهڻ ۽ ڳولڻ جي آزادي ڏني آهي. ٻوليءَ جي تبديلي جي هن طوفاني دؤر ۾ سائبر ايج جي تخليقڪارن کان توقع ڪئي وڃي ٿي ته هو شاهه لطيف جي معيار جي ڪسوٽيءَ تي پورا هجن. هي هڪ احمقاڻي خواهش آهي. نه سماج ۾ اهي حالتون آهن ۽ نه ئي انهن قدرن جو ڪو چئوٻول آهي جن شاه جي عظمت کي مڃايو هو. ٻولي جي عمومي واهپي کان وٺي جمالياتي چوٽين تائين هڪ نئين حالت ۽ نئون فڪر مٿي جو سور بڻيل آهي. بيت، ڪافي ۽ وائيءَ کي تاريخ جي دز حوالي ڪري سنڌي سرجڻهارن غزل جون نيون زمينون آباد ڪيون ۽ خيالن ۽ اصولن جا ڌاريا ڇپر ڇانوَ بڻايا. مالڪي بجاءِ مجبوري جا فسانا گهڙي نون قالبن کي مڃائڻ جا جتن ڪيا. تعليمي پسماندگي ۽ ڄاڻ جي ڏڪر کي استحصالي قوتن جي کاتي ۾ ڄاڻائي پنهنجا ڪنڌ واريءَ ۾ هنيا. اڄ جڏهن ٻي دنيا ڄاڻ جي شاهراهن تي ڊوڙون پائي رهي آهي، تڏهن اسان جي ادب ۾ ساڳيا تقليدي نقشا کڻي ليکڪ پنهنجي توانائي صرف ٻين جي ڪيل ڪم جي ساراه جا ڍڪ ڀرڻ تائين محدود ڪيون ويٺا آهن. پنهنجي ڳولا جا سڀ پيچرا غزل، نثري نظم/ نئين ڪويتا جي پراڻن بي لاڀ بحثن تي مشتمل آهن.
اهڙي صورتحال ۾ جتي دنيا جي هڪ پُرشور لاڙي کي سمجهڻ به ڏکيو ٿي پوي، اتي اسان جا نقاد ڇا ڪري سگهن ٿا؟ عالمي منظرنامي ۾ پوسٽ ماڊرن صورتحال سڄي ڪلاسيڪل درجي بندي جا ڌوڙيا ڪڍي ڇڏيا آهن. اڳ گهوڙا گهوڙن سان ۽ گڏهه گڏهن سان ٻڌبا هئا. پوسٽ ماڊرن بي يقيني سڀ سنڌا اڏاري ڇڏيا. ڪو وقت هو ڪاري وڳي تي ڪنهن ناسي جوتو پاتو ته پوءِ بدذوق سڏبو هو. اڄ ائين ڪونهي. سڀ ٺيڪ آهي. ناسي جوتن جا ڪارا ترا مرغوب فيشن ٿي چڪا آهن. زائفاڻن وڳن ۾ اڳ، پٺ، پاسا ۽ ٻانهون مختلف ڊزائين ۾ اچن ٿا. جديديت ڪنهن هڪ معيار تي ڳنڍ ڏيڻ بدران سڀني کي جاءِ ڏيڻ تي پئي هلي. ريپ راڳ ٿي پيو آهي. اسان جا فڪري غازي مايوس نه ٿين ته ٻيو ڇا ڪن؟ فلسفا مونجهه ۾، فزڪس ميٽا فزڪس بڻيل ۽ سائنس اهو چوي ته ايٽم جي پرزن جا پرزا معروض ۽ موضوع کان آجا آهن، يعني سچ جي ڪا هڪ حتمي شڪل ڪونهي. علم به يقين کان پري فقط زاويا يعني پرسپيڪٽو آهي. پوسٽ ماڊرن صورتحال جو اهو ئي حال ڏسجي ٿو. منفي مثبت کان پري اسان جي ڄاڻ اسان کي ڪوهيڙ ۾ ڦٽي ڪيو آهي. ڪوهيڙ عبوري آهي، اهو ختم ٿيو ته خبر پوندي ته اڳتي رستو آهي يا کاهي؟
رهيو سوال جديديت جو ته ان کي به واضح ڪرڻ گهرجي. اها جديديت جيڪا هڪ تحريڪ هئي تنهن جي پڄاڻي منهنجي خيال ۾ ٿي چڪي آهي. پاڻ هن وقت پوسٽ ماڊرن واري واچوڙي ۾ آهيون. اسان جوادب ان جي نمائندگي ڪيتري ڪري ٿو، ان بحث جي شروعات ٿي چڪي آهي. خليق ٻگهيئي جي تحرير ۾ سوالن جي ڌوڻ ان بحث کي اڳتي وڌائڻ ۽ سمجهڻ جي سنجيده ڪوشش آهي. ان بحث ۾ اسان جي سڀني فڪري دلبرن کي پنهنجي پتي جا خيال پيش ڪرڻ گهرجن. جدت جي ٻي معنيٰ موجود وقت جو وهڪروآهي. جيستائين وقت جو وهڪرو هلندو جدت پئي هلندي. روايت جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ ان جي ڪٿ ڪرڻ ٿورو ڏکيو آهي.
پوسٽ ماڊرن واري مضمون کان پوءِ خليق ٻگهيي جون مختلف لکندڙن بابت پڙهڻيون ۽ تنقيدي زاويا آهن. خليق ٻگهيي جي نتيجن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر جنهن عرقريزي ۽ سنجيدگيءَ سان هن اهي ڪتاب پڙهيا آهن ۽ جنهن خلوص سان هن پنهنجي راءِ کي دل ڇهندڙ ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي، تنهن لاءِ هو شاباسن جو مستحق آهي.
اردو جي صورتحال اها آهي ته ان وٽ نه پنهنجي زمين آهي نه آسمان. آب حيات جي خالق محمد حسين آزاد جي زيپٽن کان وٺي ساختيات پس ساختيات جي جوڌي گوپي چند نارنگ جي ڪاپي پيسٽ تائين تاريخي ۽ فڪري غلطيون اڻ کٽ آهن. اهڙا استاد رفوگر اسان جي سوچن ۾ چتيون لڳائيندا ته پوءِ سمجهه جي وسعت ۽ گهرائيءَ ۾ وٿيون اڻٽر آهن. ان بد بلا جو حل موجود آهي. خيالن جا ڇپر وسيع ڪري، پنهنجي ۽ پنهنجن جي سمجهه کي توانو ڪرڻ لاءِ، دنيا جي جنهن ٻولي ۾ علم جا سڀ کان وڌيڪ قدرجي قابل ذخيرا آهن، ان کي سکڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن. انگريزيءَ کي انگريزن لاءِ نه پر سنڌين لاءِ سکو!اسان کي مرزا قليچ بيگ جهڙا گهڻ زبانا عالم گهرجن ۽ جهجهي تعداد ۾ گهرجن. خليق ٻگهيي کي به رڳو انگريزي ۽ اُردو ڪتابن تي نه ڀاڙڻ گهرجي، مرزا قليچ بيگ واري ٻولي سکڻ واري واٽ وٺڻ گهرجي.ادب ۾ شارٽ ڪٽ طريقا صرف پنهنجي سمجهه کي روليندا آهن. خيالن جي ارتقا ۾ چٽائي ڳولڻي پوندي آهي. اٺارهين صديءَ جي آخر تائين اڪثر تنقيد نگار انگريزي شاعريءَ ۾ رومانٽڪ تحريڪ کي فقط اسلوب جو فرق سمجهندا هئا. ٻن صدين بعد اسين ڏسون ٿا ته اهو اسلوب جو فرق هڪ سئومنهين بلا آهي جنهن جا پير انساني سوچ جي سوين زاوين ۾ کُپيل آهن.
تخليقن جو تجزيو ڪندڙ کي اها بنيادي ڳالهه ياد رکڻ کپي ته تخليق جي جنم لاءِ پراڻي روايت ۽ دوام لاءِ نئين روايت جو هجڻ لازمي آهي. بيشڪ نواڻ پراڻ جي ڪک مان نڪري ٿي، پر نئين تخليق جو وقت، ماحول ۽ پارکو پاٺڪ نوان ئي هجن ٿا. جيڪڏهن پارکو وٽ پراڻن قدرن جي مڃتا جا جهنڊا بلند هوندا ته پوءِ نئين جي قسمت رلي ويندي. پوسٽ ماڊرن صورتحال ۽ ان سان لاڳاپيل بي چيني سرجڻهار جي تخليقي چونڊ جو اڻٽر حصو هجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هر سيبتو فنڪار ورجاءَ جي ور چڙهڻ کان امڪاني حد تائين پاڻ بچائڻ جي منطقي عمل مان گذري ٿو. نئون خيال پراڻو اسلوب، پراڻو خيال نئون اسلوب، نئون خيال نئون اسلوب ۽ پراڻو خيال پراڻو اسلوب جي چوڪنڊي ۾ ڪهڙي ديوار ۾ دروازو هڻڻ گهرجي؟ هي چونڊ سرجڻهار جي کاتي ۾ آهي. تنقيد اهو ڏسندي ته ان دروازي کان ٻاهر اچي ڪهڙو نظارو پسبو؟ ادب جي دنيا ۾ اڪثر اديب پهريان ٻه دروازا کوليندا آهن. ٽيون دروازو ڪو ڪو کوليندو آهي. عيد جي چنڊ جيان وقت جو آسمان صاف هوندو ته چٽي نظر وارا ان کي ڏسي سگهندا. تنقيد نگار جي نظر ۽ نظريا چٽا نه هوندا يا سندس گهور ڪو ٻيو آسمان ڏسڻ گهرندي ته پوءِ نئون چنڊ پنهنجي قسمت پيو پٽيندو.
ڇاڪاڻ ته نئون پراڻي مان آيو هوندو آهي، تنهنڪري علم جي تحقيق واري ميدان جي اهميت وڌي وڃي ٿي. جنهن سماج ۾ اهو شعبو ڪمزور هوندو، اتي جڳاڙي جادوگر پيدا ٿيندا. تحقيق تنقيد جي اکين جو دارون آهي. ان دارون کي ڪارگر هجڻ گهرجي. ٻئي صورت ۾ لتاڙيل پيچرا ۽ معيار معتبري ماڻيندا، نواڻ ڪافر سڏبي ۽ نئين سوچ صرف نئين سوڄ بڻجندي.
ادب جا سورج مٿي ذڪر ڪيل مامرن کان مٿانهان هجن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو چئني ديوارن ۾ در دريون ٺاهن ٿا، چئن ئي طرفن کان مڃتا ماڻن ٿا ۽ پنهنجي وقت جو استعارو ٿي پون ٿا. تنقيد نگار اهڙي يگاني ڏات کان هميشه پوئتي ئي دڳ جي ڌوڙ ۾ رهجي ويندو آهي. اهڙن روشن روحن جا ثاني ڳولڻ به احمقپڻو آهي.
خيالن ۽ نظرين جو اطلاق هڪ ڇيدڪار لاءِ ايترو آزاد نه هجڻ گهرجي. هڪ پڙهندڙ جو مقصد عام طور هن جي ذاتي پسند، چونڊ ۽ معيار طئي ڪن ٿا. ان پسند، چونڊ ۽ معيار ۾هن جي ماحول جو هڪ بنيادي ڪردار آهي. ابتدائي ٻاروتڻ جي اثرن کان وٺي هن جي حاضر عمر تائين شعوري/ لاشعوري سکڻ جو عمل هڪ ڊگهو سلسلو آهي. فردي حاصلات جي هي ڪهاڻي هر فرد وٽ ساڳي نه ٿي هجي. فردي سمجهه کان پوءِ ٽولائي سمجهه اچي ٿي، جنهن ۾ ساڳي فردي سمجهه پنهنجي حساب سان فيصلو ڪري سمائجڻ يا سموئڻ جي چونڊ مان گذري ٿي. ٽولائي سمجهه به عملي طور فردي سمجهه جيان جزوي هجي ٿي. فرد ۽ ٽولا گڏجي سماجي سوچ جي اڻت ڪن ٿا. هن مرحلي تي ادارا پنهنجي منظم علمي ۽ عملي تجربن جي روشنيءَ ۾ سماجي آرزوئن ۽ حصول جي دڳن جو تجزيو ڪري، خيالن ۽ عملن جا لاڀائتا رخ ڳولڻ جون تجويزون اڳتي آڻڻ جو فرض نڀائيندا آهن. ياد رکڻ گهرجي ته ادارن اندر به فرد هجن ٿا، جن جي فردي يا ٽولائي سوچ سماجي تجزيئي جا رخ موڙي سگهي ٿي. مون لاءِ هڪ تنقيد نگار جو جنم سوچ جي هن پد بعد شروع ٿئي ٿو. تجزياتي سگهه جو هي اعلي پد هڪ عمر جي ڪمائي بعد ئي ڪنهن ڪنهن جو نصيب هجي ٿو. هڪ سٺو نقاد سماج جي خوشبختي جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته هن جي تجزياتي سگهه جو بنيادي رخ سماجي فائدو ڳولڻ آهي. هن لاءِ پراڻ هجي يا نواڻ ٻئي برابر آهن. هن جو سماج هر لحاظ کان هڪ بدلجندڙ سماج هوندو آهي. هن جو فرض ان بدلجندڙ سماج لاءِ ڪارائتيون شيون ڳولڻ يا نشانبر ڪرڻ آهي. اثرن جو ميزان کڻي هو پراڻ ۽ نواڻ جو وزن جانچڻ جو اوکو ڪم نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن لاءِ ڄاڻ، ڄاڻ جي سمجهه ۽ ڄاڻ جو اطلاق اهي اجگر آهن، جن کي مطيع ڪرڻ بغير ’او ڪو ٻيو فهم‘‘ وارو پد اچي ئي نه ٿو سگهي.
اعلي تخليق اعلي تنقيدي شعور جو ڪارنامو آهي. دنيا جا نيارا ۽ پيارا تخليقي شاهڪار جنمڻ وارا محبوب انسان اهڙي شعور سان ٽٻ هجن ٿا. ائين نه هئين هجڻ گهرجي هڪ تخليقي نه پر تنقيدي ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته صرف تجزياتي سگهه ائين ڪري سگهي ٿي. تخليق لاءِ هڪ واڌو صفت جو هجڻ لازمي آهي: فني ڏانءُ! تخليق انساني سوچ جي شعوري، لاشعوري ۽ تحت الشعوري سطحن تائين پهچ رکي سگهي ٿي، پر تنقيد نگار جو ڪم سڀني سطحن کي شعوري سمجهه ۾ بدلڻ آهي.
اهڙي اوکي ڪم لاءِ تنقيد نگار وٽ هڪ زبردست ذهني لاڙي جو هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو. تشڪيڪ: شڪ ڪرڻ / ڏيکارڻ جو لاڙو. هن لاڙي کي هڪ تجربيڪار نقاد هٿيار طور استعمال ڪندو آهي. تخليق جي تشريحي، توصيفي ۽ تنقيصي مرحلن ۾ اهو هٿيار هاڪاري يا ناڪاري مڃتا لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. هتي خاص طور ذڪر تنقيص جي مرحلي جو ڪبو، ڇاڪاڻ ته اڪثر ناقد شڪ کي منفي ڳالهه سمجهي پنهنجي راءِ کي تخليقن جي نقص طور پيش ڪندا رهيا آهن. ساڳي شڪ کي هاڪاري انداز ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. اطلاق جي وسعت تنقيد نگار جي آزادي محدود ڪندي آهي. تشڪيڪ ’’شايد غلط‘‘ سان گڏ ’’شايد درست‘‘ به هوندي آهي. ڳن وڍيندڙ هٿ ۾!
پيار جي پورهئي ۾ درد به ميراث هوندو آهي. خليق ٻگهيي جي ادب دوستي ۾ پيار آهي. هن جي تنقيص پٺيان تخليقن کي مانائتو ڏسڻ جي آرزو آهي. هن کي اها به خبر آهي ته تنقيد جي راهه ۾ گل گهٽ ۽ ڀتر گهڻا لڳندا. پوءِ به هو ان زخم زخم راهه جو پانڌي آهي. هن جو خلوص ۽ محنت مانُ لهڻا! پيارا خليق! سنڌي ادب ۾ تنقيدي چوٽيون اڃان خالي آهن. پنهنجي پنڌ کي ساڳئي پيار سان جاري رکو ۽ شيخ اياز جي هنن سِٽن کي ياد رکجو:
عشــــق تارا نــيارا ڏئي ٿو ڇڏي،
گهور۾ ٿو چئي ڳالهه جا اڻ چئي!
لطيف نوناري