پنهنجي پاران
عملي تنقيد ڪنهن به فن پاري جي خوبين ۽ خامين جي پرک ڪندي آهي ۽ اُنهيءَ پرک جي لاءِ ڪن معيارن جو تعين ڪندي آهي، اُهي معيار تنقيدي نظريا ۽ قسم ڏين ٿا ، جن تي عملي نقادن کي عمل ڪرڻو پوندو آهي ، عملي نقاد نه صرف تنقيدي نظرين/ قسمن/ اُصولن مان فائدو حاصل ڪندا آهن ، پر اُنهن نظرين کان اڳتي نوان تنقيدي زاويا به تخليق ڪندا آهن ، ۽ اُهي تنقيدي زاويا سندن تخليقي ۽ فڪري سگهه جو مظهر هوندا آهن، سنڌي ادب ۾ نه ڪو نقاد ڪو شاعريءَ جو نظريو ڏئي سگهيو آهي ۽ نه وري ڪو نقاد تنقيد جي ٿيوريءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڇا ڪاڻ ته اُهو ڪٺن ڪم آهي، خود نقاد سنڌي ادب جي هن روايتي ماحول ۾ عملي تنقيد کان گهٻرائين ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي ڄاڻن ٿا ته تنقيد جي لاءِ هت سهپ / برداشت آهي ئي ڪانه! پر ڇا اُهو سڀ سوچي چُپُ ڪري ويهي رهجي يا پاڻيءِ ۾ پٿر اُڇلائي ڪي لهرون پيدا ڪجن؟ تنقيد هڪ آرٽُ آهي، هنر مندي آهي، تنقيد فلسفو ڪانهي، ڪنهن به فلسفي جي مبلغ کي جهڙيءَ طرح باقائدي نقاد نٿو چئي سگهجي، تهڙيءَ طرح فڪري مبلغن جي زباني نقادن کي به باقائده نقاد نٿو چئي سگهجي، ترجمي نگاريءَ کي جهڙيءَ طرح تنقيد نٿو ڪوٺي سگهجي، تهڙيءَ طرح ادب جي فقط تواريخ نويس ۽ ادب جي عالم کي به نقاد نٿو ڪوٺي سگهجي ، ادب جا ڪيترا اهڙا به عالم آهن، جيڪي عملي تنقيد سان دشمني رکيو ويٺا آهن ، جيڪي هڪ ئي سِٽ ۾ جونيئرس ۽ سينئرس نقادن جي ڪم تي ضرب جو نشان لڳائي ويٺا آهن، جڏهن ته هُو پاڻ به هن وقت تائين ”ڪجهه نئون“ ڏئي نه سگهيا آهن!؟ اِئينءَ چئجي ته سندن جهول به خالي آهي، مون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته آئون اولهه جي تنقيدي نظرين تي مڪمل انحصار نه ڪريان، ڇاڪاڻ ته اُهي تنقيدي نظريا ، توڙي جو عالمي ادب ۾ پنهجي منفرد افاديت رکن ٿا، پر ڪِٿي ڪِٿي اسان جي ڪلچر، آرٽ ، ۽ سماجي معروضي حالتن سان ٽڪراءُ ۾ اچن ٿا ، اُنهيءَ ڪري اُنهن تنقيدي نظرين کي جيئنءَ جو تيئنءَ لاڳو نٿو ڪري سگهجي، پر اُنهن سڀني کي تخليقي ترميم وسيلي نون تنقيدي زاوين جي ايجاد جي لاءِ ’’خام مال‘‘ طور ڪم آڻي سگهجي ٿو ۽ اُنهيءَ تناظر ۾ مون ڪي تنقيدي آرٽ وسيلي تنقيدي زاويا تخليق ڪيا آهن ، جن سان هر ڪنهن جو متفق ٿيڻ لازمي ڪونهي ، پر مون پنهنجي حصي جي ڪم ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن مون پهرين به عرض ڪيو ته علمي تنقيد جو ڦهلاءُ آسان آهي، پر عملي تنقيد ڪرڻ لاءِ تنقيدي آرٽ جي ضرورت آهي ، تنقيدي آرٽ ڪنهن وٽ گهٽ هوندو آهي ۽ ڪنهن وٽ سرس هوندو آهي، تنقيدي آرٽ جي لاءِ وسيع مطالعي، مشاهدي/ تجربي ۽ تخليقي سگهه جي گُهرج هوندي آهي، تنقيد کي به ڊامينيٽ نه ڪجي ۽ نه وري اسان جي ادب کي ڊامينيٽ نقادن جي ضرورت آهي، سياست، فلسفو، دانشوري ۽ ترجمه نگاري الڳ شيون آهن، تنقيد جي عملي دنيا ۾ اُنهن مان فائدو ته ضرور وٺي سگهجي ٿو ، پر اُهي سڀ شيون خود عملي تنقيد نه آهن ، عملي تنقيد جي لاءِ نقاد کي فني عبوريت، فڪري ججمينٽ ۽ نيڪ نيتيءَ / ايمانداريءَ جي گهرج آهي، اسان جي وڏن نقادن جڏهن به جانبداريءَ وارو رويو اختيار ڪيو آهي، تڏهن سندن تنقيدي آرٽ متشڪي بنجي ويو آهي، سنڌي ادب جي عملي تنقيد به لابيز ۽ علائقائيت جي ور چڙهيل آهي، پوءِ هتي فني ۽ ادبي تحريڪون ادبي لاڙا ۽ تنقيدي رججان ڪيئنءَ وجود ۾ اچن؟ هوڏانهن تخليقڪارن جو هڪ چڱو تعداد سَستي شهرت جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي، محنت ۽ رياضت موڪلائينديون ٿيون وڃن. مون هن ڪتاب ۾ اولهه جي ڪِن ادبي ۽ فني تحريڪن/ لاڙن/ رجحانن جي روشنيءَ ۾ سنڌ ادب جي ڪلاسڪ ورثي توڙي جديد ادب کي ڏسڻ جو سعيو ضرور ساريو آهي، پوءِ اُها ڪلاسيڪيت هجي يا نـئين ڪلاسيڪيت ، سررئيلزم هجي يا جديديت ، روسي هيئت پسندي هجي يا جديدت پُڄاڻان هجي ، رُومانوي تحريڪ هجي يا جمالياتي تحريڪ هجي، منهنجي ادراڪ ۾ بيشڪ غلطيون سرزرد ٿي سگهن ٿيون، پر اُها ڪا ڪم علمي، ڪانهي ۽ نه وري اُنهيءَ عمل ۾ ڪا اربعه خطا آهي شاهه لطيف جي فڪري توڙي تخليقي سگهه کي مون اُنهن فني ، ادبي تحريڪن/ لاڙن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا خالص سائنسي تجربي جو سَتُ ساري ٿي ، پر اُن عمل ۾ منهنجي ڪنهن کي عقيدت نظر اچي ٿي ته پوءِ اِئين چوندس ته ڀٽائيءَ جهڙي سرتاج شاعر سان عقيدت رکڻ سٺي ڳالهه آهي ، باقي ڀٽائيءَ جي فڪر جي عظمت کان ڪو به انڪار نه ڪري سگهندو، سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب کي اڃا پنهنجي مڪمل زمين ئي ناهي ته پوءِ آئون به هن ڪتاب جي وسيلي ڪنهن به تنقيدي آسمان کي فتح ڪرڻ ڪو نه آيو آهيان ، جن وٽ مطالعو سرس آهي، تن جي فڪري ۽ تنقيدي ماٺار ته ڪنهن راڪاس جيان گهمي وئي آهي! سنڌ جي روايتي ۽ پٺتي پيل سماج ۾ نقادن کي ظاهر آهي ته ڪنهن عام ڪيسٽي/ سطحي / ڇَسي شاعري جيتري مڃتا به ناهي ملڻي ، جنهن جو ڪلام بار بار رڪشائن، بسن، ٽريڪٽرن ۽ ٽرڪن ۾ هلندو هجي، نقاد انٽليڪچوئل فردن ڏانهن مخاطب هوندا ته پوءِ انٽليڪچوئل فرد هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ کي خاموشي اختيار نه ڪرڻ گهرجي ۽ دل جي سخاوت سان تنقيد جي عدم موجودگيءَ ۾ موجود وجود وٺندڙ تنقيد کي اتساهه ڏيڻ گهرجي ، ڇو ته وقت جي عالمن ۽ فڪري نقادن جون پنهنجيون به ڪي زميواريون آهن، جن کان کين آگاهي يقينن هوندي؟ تنقيد کي ڪُڪڙن جي ويڙهه سمجهي اُن ۾ تماشائي بنجي نه ٿو سگهجي، پر سنڌ جي ادب جي معروضي حالتن موجب تنقيدي ادب ۾ هر ڪنهن ادبي عالم ۽ فڪري نقاد کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ، ٻُوليون سڀ انساني اظهار جو وسيلو آهن، ٻولي ڪا به گهٽ ڪانهي ۽ نه وري ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب توڙي تنقيد تي غير مدلل جرح ڪرڻ کپي ، تنقيد نگارن ۽ مترجمن جي فني، تخليقي ۽ ادبي ڪم ۾ فرق رکڻ جي ضرورت آهي ، نقادن کي نقاد رهڻو آهي مترجم ٿيڻو ڪونهي.
جيستائين پوسٽ ماڊرنزم جو تعلق آهي ته اُها بنيادي طرح هڪ صورتحال آهي، جيڪا اجتماعي سطح تي هڪ ذهني لاڙو بنجي نظريئه - سازيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، هي صورتحال جديدت کان قبل واري صورتحال جي وڪالت ضرور ڪري ٿي ، پر اُن جو بنيادي مقصد، جديدت جي تحريڪ تي تنقيد ڪرڻ آهي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته پوسٽ ماڊرن نقاد جديدت جي تحريڪ تي ڪجهه فڪري انتها ڏانهن وڌي ويا، جڏهن هنن جديدت جي هيئت تي به تنقيد شروع ڪري ورتي، پر پوسٽ ماڊرنزم حقيقت نگاريءَ کي نئين روپ ۾ جذب ڪري ان کي جادوئي حقيقت نگاري سڏي ورتو، پر خود پوسٽ ماڊرنزم جو سمورو تنقيدي مواد جديدت جي عمارت جي مخالفت ۾ تعمير ڪيل آهي ته پوءِ اُن کي جديدت کان اڳ/ مهڙ واري صورتحال ڪيئنءَ چَئجي؟ ۽ اُنهيءَ ڳالهه کي به ڇو وساريو وڃي ته جديدت کان اڳ ٻن هزارن سالن جي فلسفي وارن مهابيانن کي ته رد ڏيڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي هئي؟ پوسٽ ماڊرنزم جي هڪ هن دعويٰ جو نعم البدل ته آهي ئي ڪو نه ته هن وقت دنيا عدم مرڪزيت جو شڪار ٿي وئي آهي، جيستائين ڪا مرڪزيت قائم ٿئي، جيستائين ڪو عالمي سطح تي سگهارو نظريو جڙي سگهي، جيڪو استحصالي نظام جي مدِ مقابل بيهي سگهي، تيستائين نظريا جيڪي بچيا آهن، تن ۾ ڪيترو سَتُ آهي، اُهو ته وقت ثابت ڪري رهيو آهي ۽ آئندي جي صورتحال ڏسجي ته ڪِٿي ٿي بيهي؟ جديد يا نئون اهڙو لفظ آهي، جنهن کان پوسٽ ماڊرنسٽ نقادن جا روح به انڪاري ڪو نه ٿي سگهندا، ڇاڪاڻ ته نئون ڪڏهن به ڪنهن به روپ ۾ پاڻ اظهاري سگهي ٿو، ان ڪري نواڻ ته سمورن لاڙن جو دين آهي ان ڪري آئون اِئينءَ سمجهان ٿو ته پوسٽ ماڊرنزم به جديدت جي ڪک مان نڪتل آهي، پوسٽ ماڊرنزم کي به ڪي پنهنجا الڳ بونافائيڊس/ فڪري بنياد ڪونهن ، جنهن تي ان جي عمارت جي تعمير ٿي سگهي. مون هن ڪتاب ۾ اُها شعوري ڪوشش ڪئي آهي ته جديدت ۽ جديدت پُڄاڻان بابت ڪجهه نوان بحث جنم وٺن، انهيءَ ڪوشش ۾ مون کي اُميد آهي ته ڪجهه ڪاميابي ضرور حاصل ٿي ويندي، باقي ڪنهن جي تنقيد به آخري تنقيد نه هوندي آهي، مون وٽ تنقيد جو هڪ پنهنجو نظريو آهي، آئون سمجهان ٿو ته رڳو تنقيد ۾ جديدت پسنديءَ جي پيروي نٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان جو ادبي وايو منڊل اُنهيءَ جي مڪمل اجازت نٿو ڏئي، مون روايتي تنقيد/ مروج/ پُراڻي تنقيد ۽ جديد تنقيد نگاري سڀني جو استعمال ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اُها اڄ جي عهد جي گهرج آهي، نقاد جديد ۽ قديم ڪونه ٿيندا آهن، بس پنهنجي عهد جا آواز هوندا آهن، علمي تنقيد جو ڦهلاءُ به سُندر ۽ سڀاويڪ عمل آهي، پر عملي تنقيد ۾ اهڙو ڪامياب تجربو ڪرڻ، جيڪو اهل نظر ماڻهن کي به پسند اَچي اُها وڏي وٿ آهي، نثر ۾ ”دهل تي ڏونڪي هڻڻ“ کي مون ڪڏهن به پسند ناهي ڪيو، مون پنهنجي موضوعي سمجهه مطابق تجربا ضرور ڪيا آهن ، ۽ ڪجهه نتيجا ضرور ڏنا آهن، جن جي افاديت ۽ انڪاريت جو فيصلو تواريخ کي ئي ڪرڻو آهي، دنيا جهان ۾ علم ادب جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون پر آئون ذاتي طور تي به ڪجهه چون چاهيندس.
مونکي ننڍي هوندي کان پوپٽن گلن، وڻن، پکين، ڍنڍن سان محبت هوندي هئي، فطرت پسندي جي حسناڪي اڄ به منهنجي جوهر جو حصو آهي، بابا سائين اُستاد عزيزالله ٻگهيو جن جو خواب هو ته آئون ڊاڪٽر ٿيان ، پر منهنجي آرٽ پسنديءَ مون کي ڊاڪٽر ٿيڻ ڪو نه ڏنو، فلم، موسيقيءَ، آرٽ، اَدب سان منهنجو ڪالهه به عشق هو اڄ به آهي. آئون فطري طرح آرٽ مائينڊيڊ هوس، منهنجي ذهني، روحاني ۽ ادبي تربيت پنهنجي والد بابا سائين عزيزالله ٻگهيو جن ڪئي، بابا سائين جن مونکي ننڍي هوندي پنهنجي ٻانهن تي سمهاري ادب، تصوف ۽ تواريخ بابت علمي، فڪري ۽ روحاني ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، شاهه لطيف ، سچل سائين، بيدل سائينءَ ۽ ٻين صوفي بزرگن اوليائن جي مزارن تي وٺي ويندا هئا، کين صوفي شاعرن جي شاعري ياد هوندي هئي ، جيڪا ٻُڌائي پوءِ شاعريءَ جو پيغام سمجهائيندا هئا، بابا سائين جن ٻه ادبي ڪتاب به لکيا ۽ مهاڳن جي لاءِ ڪنهن کي ڏنائون، مهاڳَ لکندڙن اُهي ڪتاب اڄ تائين واپس نه ڪيا ، جنهن جي ڪري اُهي ڪتاب ڇپجي نه سگهيا، جيڪو افسوس دل ۾ ئي رهجي ويو. اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس ته شهيد نثار منگيءَ سان گڏجي پنهنجي ئي اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول پراڻي گچيري مان هڪ رسالو جاري ڪيوسين، شهيد نثار منگي به سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار هو، رسالي جاري ڪرڻ ۾ رهبري منهنجي مامي رسول بخش ٻگهيو گچيرائيءَ ڪئي، منهنجو مامو رسول بخش ٻگهيو گچيرائي اُنهيءَ زماني ۾ پنهنجي ذاتي لئبرري” مارئي لئبرري “ لاءِ مختلف اخبارون ۽ رسالا توڙي ڪتاب آڻيندو هو، سي ڏاڍا شوق سان پڙهندو هوس ، رسول بخش ٻگهيو جن اخبارن ۾ لکندا هئا ۽ مقامي تواريخ تي پاڻ بهترين تحقيق به ڪئي اٿن.
آئون محترم لطيف نوناريءَ جو نهايت شڪر گذار آهيان ، جنهن منهنجي هن ڪتاب لاءِ هڪ غير روايتي مهاڳ لکيو ، ساڳئي وقت آئون محترم تاج بلوچ جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن ٿوري وقت ۾ ڪتاب جي لاءِ بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو ، آئون سائين منير سولنگيءَ کي ڪيئنءَ ٿو وساري سگهان، جيڪو منهنجي لکڻ جي سفر ۾ مون لاءِ هميشه ڇپر ڇانوَ رهيو ۽ آخري وقت ۾ ڪتاب جي لاءِ تاثر به لکي موڪليائين. آئون نوجوان ڪهاڻيڪار۽ شاعر محمد دين راڄڙيءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان ، جنهن منهنجي ادبي ۽ ذاتي زندگيءَ تي سهڻو خاڪو لکيو. ساڳئي وقت آئون ضياءَ شاهه کي به ضرور ياد ڪندس ، جنهن تنقيد ادب ۾ مون لاءِ هميشه رهنمائي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.آئون محترم اڪبر لغاري جن جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي تنقيدي ۽ تخليقي ڪم کي مختلف وقتن تي پئي ساراهيو آهي.آئون پنهنجي ادبي ۽ ذاتي دوستن نوجوان شاعر خالد ”ساحل“ ڪيريو ۽ نوجوان شاعر هدايت ڏيپر جو دل جي گهرائين سان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. جن هن ڪتاب دوران ڪتاب جي پروف ريڊنگ کان وٺي ڪتاب جي ڇپائيءَ تائين منهنجو ساٿ ڏنو ۽ ڪتاب بابت مفيد مشورا ڏنا.
ادبي دنيا جي سفر۾ محترم فراق هاليپوٽو ، بلال تبسم، آغا جان آغا، مير حسن ٻگھيو، افتخار حسين ٻگھيو، سعيد ميمڻ، رزاق مستوئي، ڊاڪٽر شير مهراڻوي، مبارڪ علي لاشاري، مشتاق گبول، فياض ڏاهري، گلزار، ساٿي محبوب زنگيجو، امداد سولنگي، خادم بالادي، وقارسيال، فدا کوکر، الياس ڪنڀر، هاشم سولنگيءَ، فرزانه شاهين، شبانه عالماڻي، عاليه سالار منگي، روبينه ابڙو، رخسانه پريت چنڙ، ۽ ڄام صنم سنڌيءَ جو پڻ ساٿ رهيو آهي. جن منهنجي تحريرن تي هميشه پنهنجي خيالن جو اظهار پئي ڪيو آهي. تن سڀني جو ٿورائتو آهيان. آخر۾ آئون ڪنول پبليڪيشن قنبرجي روح روان ۽ شاعر دوست سعيد سومري جو پڻ شڪر گذار آهيان جنهن ٽائيٽل کان ويندي آخر تائين منهنجي هن ڪتاب کي سينگاري ۽ سنواري اوهان پڙهندڙ جي هٿن تائين پهچايوآهي.
دوستن جي تنقيدي راين جو اوسيئڙو رهندو!
خليق ٻگهيو
مورو
03337083523
03053383254