ڪاوا ڪاوا واٽ ۽ اسير امتياز
اسير امتياز هن سموري صورتحال ۾ هڪ اهڙي اُسرندڙ نوجوان نقاد جي حيثيت سان سامهون آيو آهي، جنهن مختلف شاعرن جي شاعري تي، مختلف وقتن ۾ تنقيدي اڀياس پئي لکيا آهن ۽ اُنهن کي گَڏي هڪ عِملي تنقيدي اڀياس جو ڪتاب ”ڪاوا ڪاوا واٽ“ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اسير امتياز جو هِي ڪتاب ”ڪاوا ڪاوا واٽ“ ٻه هزار پندرنهن ۾ ”ڪنول پبليڪيشن قمبر“ جي پاران ڇپيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ انعام شيخ لکيو آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل اسحاق سميجو لکيو آهي. . 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌي جي خوبصورت شاعر ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سربراهه سعيد سومري جا ادارتي ڪمينٽس به آهن. ڪتاب ۾ اياز گل، ايوب کوسي، سعيد سومري، ذوالفقار گاڏهي، مارو جمالي، مير حاجن مير، نماڻي صديق مهيسر، رضا لانگاهه، ۽ ٻين ڪيترن ئي ننڍن وڏن شاعرن جي شاعريءَ تي تنقيد ڪئي وئي آهي، اُنهيءَ سان گڏو گڏ تاجل بيوس جي لکيل مهاڳن توڙي عمر قاضي جي ڪالمن جي ڪتاب ”خالي بوتلون“ تي پڻ تنقيد ڪئي وئي آهي.
تازو هِن ڪتاب تي سنڌي جي نهايت اهم، سينيئر شاعر امداد حسينيءَ جو تنقيدي آرٽيڪل به ٽن قسطن ۾ ”ڪاوش دنيا“ ۾ ڇَپجي چُڪو آهي. جنهن جي جوابَ ۾ اسير امتياز جو به هڪ آرٽيڪل ’ڪاوش دنيا‘ ۾ ڇَپجي چُڪو آهي پر اسير امتياز جو اِهو آرٽيڪل گهڻو سَطحي آهي ۽ هڪ اعتراف نامون آهي، جنهن جي هيڊنگ / ٽاپڪ هيءَ آهي ”مونکي امداد حسينيءَ هڪ نئين واٽ ڏيکاري آهي.“
هِن تنقيدي ڪتاب تي وڌيڪ لکڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻيون به ڪيتريون ئي ڪمزوريون ۽ جُهولَ آهن، جن جي نشاندهي اڄ تائين ڪنهن به نقاد ناهي ڪئي. ٻيو ته هِن ڪتاب جو افادي پهلو جيتوڻيڪ جهولن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. پر اُن افادي پهلوءَ کي به واکاڻجي ته جيئن سنڌي ادب ۾ جڏي مُــڏي تنقيد جي حوصلا افزائي ٿئي، ايئن سڄي جو سڄي ڪتاب ردُ ڪرڻ به تنقيدي بي انصافي ليکبي. جيئن ته امداد حسيني جي تنقيدي آرٽيڪل جو موضوع گهڻو تڻو ”ٻوليءَ ۽ اُن جي استعمال“ سان وابسته آهي، جيئن اڪثر سندس لکڻيون ٻوليءَ تي بحث جي صورت ۾ موجود هونديون آهن پر فڪري سطح تي سندس لکڻيون گَهٽ هونديون آهن. جنهن جي ڪري سندس مهاڳن ۽ لکڻين ۾ رسُ چسُ گَهٽ هوندي آهي.
اسير امتياز جو هيءُ تنقيدي ڪتاب تنقيد جو عملي اڀياس وارو ڪم ضرور آهي پر عملي تنقيد ۾ اُهو اڃان اُسرندڙ نقاد آهي، جنهن جي ڪري کيس تجربو به ناهي ۽ کيس مؤثر رهنمائي به حاصل ناهي، هُن جيڪي مختلف آرٽيڪل مختلف وقتن تي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپايا آهن، اُنهن کي گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏيو ويو آهي، جنهن جي ڪري سندس موقف ۾ ڪافي تضاد جنم وٺي چُڪا آهن. سندس هڪ هڪ آرٽيڪل ۾ ڏسڻو پوندو ته هُن تخليقن سان ڪيترو انصاف ڪيو آهي يا غلط رايا ڏنا آهن؟ اُنهيءَ کان اڳ ڪتاب جي مهاڳ تي به ڳالهائڻ لازمي آهي. ڪتاب جو مهاڳ انعام شيخ نهايت ئي محتاط انداز ۾ لکيو آهي. انعام شيخ ڪتاب ۾ موجود تضادن کي وائکو ضرور ڪيو آهي، پر مواد ۾ موجود ڪيترائي تضاد کانئس اُڀارڻ کان محروم رهجي ويا آهن. مهاڳ نويس کيس ڪِٿي ڪِٿي تلخ راءِ کان روڪيو آهي ۽ تعميري تنقيد جي صلاح ڏني آهي. تنقيد جي بنيادي لوازمات جي خيال نه رکڻ واري شڪايت به هُن اسير امتياز کان ڪئي آهي، اِهي سڀ ڳالهيون انعام شيخ جون درست آهن پر اڃان به بهتر ٿئي ها ته هُو اسير امتياز جي وڌيڪ تضادن جي به نشاندهي ڪري ها، جڏهن ته ڪتاب ۾ موجود مواد جي مقابلي ۾ مهاڳ مختصر آهي، هڪ تنقيدي ڪتاب جو مهاڳ مختصر نه پر مفصل لکڻ کپي!
سعيد سومرو هڪ خوبصورت نوجوان شاعر آهي، هن پنهنجي اداري جي پاران جيڪو نوٽ لکيو آهي، اُنهيءَ ۾ هن جون ٽي ڳالهيون نهايت ئي اهم آهن. (1) سعيد سومرو اسير امتياز کي اُسرندڙ نقاد ڪوٺيندي ان سان اتفاق ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو. (2) سعيد سومرو شڪايت واري انداز ۾ چئي ٿو ته : ”تنقيد جي اڻاٺَ واري وقت ۾ هِن ليول جي تخليقي ڪمَ کي به غنيمت سمجهون ٿا.‘‘ (3) سعيد صاحب چَئي ٿو ته هِي ڪتاب عالمي تنقيدي ڪتابن جي عڪاسي ناهي، پر ڪاڇي جي گهٽ تعليم يافته طبقي وچ ۾ موجود ڪَچُ سهولتن جي طفيل هِي ڪتابُ ننڍڙو معجزو آهي.“ سعيد سومري جي اُنهن ٽن نقطن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪتاب مان هُو به مڪمل مطمئن ناهي ۽ هُو ڪتاب مان عالمي پئماني جي وڏي اميد رکڻ کان به رُوڪي ٿو ۽ اسير امتياز جي تنقيدي بصيرت کي ڪاڇي جي علمي اڻهوندَ جي مقابلي ۾ آڻي، هن جي ڪم تي رحم جي اَپيل ڪندي ڏسجي ٿو. اُنهيءَ لکڻيءَ سان سعيد سومرو پاڻ ته آزاد ٿي وڃي ٿو ، پر اسير امتياز جي تنقيد جي فڪري مغالطن توري افادي پهلوئن تي بحث هلندا رهندا. اُن کي روڪي نه ٿو سگهجي ۽ اِهڙن تنقيدي تجزين جي اميدَ خود اداري به ڏيکاري آهي.
ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل اسحاق سميجي لکيو آهي، جنهن ۾ ’’عملي تنقيد‘‘ تي هُن ڏاڍو خوبصورت لکيو آهي پر اسير امتياز تي صرف هڪ جملو آهي، جيڪو آخري ۾ ڏنل آهي، اُهو جملو جيئن جو تيئن هتي رکجي ٿو: ”مون کي خوشي آهي ته اسير امتياز وهڪري جي اُبتـڙ هلڻ جو جُوکم کنيو آهي“ اسحاق سميجي، خبر ناهي ڪيئنءَ ۽ ڪهڙيءَ طرح اسير امتياز جي ڪم کي ”وهڪري جو ابتڙ هلڻ“ ڪوٺيو آهي، ان جو ڪو به دليل اسحاق سميجي ناهي ڏنو، پر هڪ سوال هيءَ به آهي ته هِن لکت کي بئڪ ٽائيٽل چَئجي يا ....!!؟
پنهنجي پاران ۾ اسير امتياز جيڪا ’’گلابي سنڌي‘‘ لکي آهي، اُها اِيتري اَهم ناهي، جو ان تي ويهي ’’پنا ڪارا‘‘ ڪجن، ساڳي راءِ هُو اڳتي به مختلف آرٽيڪل ۾ دُهرائي ٿو.
اسير امتياز جي هن ڪتاب جو هڪ آرٽيڪل آهي ”تاجل بيوس جا لکيل مهاڳ ۽ انهن جو ادبي ڍانچو“. پهريون سوال ته مهاڳن کي ڍانچو به ٿيندو آهي ڇا؟ ڍانچي مان منهنجو خيال ساختيات جي تنقيدي ٿيوري ڏانهن هليو ويو، ڇو ته ساخت/ ڍانچو اُنهيءَ ٿيوري جو بحث آهي، پر هي آرٽيڪل ساختيات يا ساختيات پُڄاڻان تنقيدي نظرين سان پَري جو به واسطو نه ٿو رکي. اسير امتياز تاجل بيوس جي مهاڳن تي تنقيد ڪئي آهي ته هُن مهاڳن ۾ پنهنجين ساڳين ڳالهين جو سدائين ورجاءُ پئي ڪيو هو، يعني هُن وٽ ”ريڊي ميڊ“ مهاڳ موجود هئا، ۽ هُو رڳو شاعر/ تخليقڪار جو نالو/ شاعري تبديل ڪندو هو. توڙي جو اسير امتياز ان کي دليلن سان ثابت ڪيو آهي، جيڪا سُٺي ڳالهه آهي، ڇو ته تنقيد لاءِ دليلن جي ضرورت هوندي آهي، پر مهاڳ دراصل ’’ڪمرشل شئي‘‘ هوندي آهي، مهاڳن جو اَدبي هئڻ کان وڌيڪ ’’ڪمرشل‘‘ هئڻ لازمي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب جي مارڪيٽنگ، مهاڳ سان وابسته آهي، مهاڳ لکندڙ ڪيتري به تنقيد ڪري يا ان کي ادبي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري، پر پوءِ به کيس مارڪيٽنگ کي ڏسندي، تحرير کي ڪمرشل به ڪرڻو پوندو آهي، اهڙي لقاءُ ۾ مهاڳن تي تنقيد ڪرڻ ڇا عيب نه ٿو لڳي؟ يا مهاڳن تي ڦونڊجي وڃڻ ڇا عجيب نه ٿو لڳي!؟
تاجل بيوس تي اسير امتياز جو هيءَ ليکُ هڪ تحرير نه پر ڄڻ هڪ ڪچهري لڳي ٿو. اڪثر دوست سنڌي ادب ۾ ڪچهري لکڻ ۽ نثر لکڻ جي بنيادي فرق کي به سمجهي نه سگهيا آهن، هن ليک جي حالت هيءَ وڃي بيٺي آهي ته تاجل جي ورجاءُ تي لکندي، خود اسير امتياز به اَجائي پٽاڙَ ۽ ورجاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي، هي آرٽيڪل ڪتاب ۾ نه ڏجي ها ته بهتر يا وري گهٽ ۾ گهٽ اسير امتياز پنهنجي هن ليک ۾ تواريخ/ سال ته ڄاڻائي ها؟ جنهن مان خبر پئي ها ته اصل ۾ هيءُ آرٽيڪل ڪڏهن لکيو ويو ۽ پهرين ڪِٿي ڇَپيو هو؟
اسير امتياز جو هڪ ٻيو آرٽيڪل آهي”ميلي جي تنهائي توکي ڇا معلوم.“ عنوان مان ئي واضح ٿئي ٿو ته هُن هيءَ آرٽيڪل غزلَ جي خوبصورت شاعر اياز گل جي ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ تي ئي لکيو آهي، هن آرٽيڪل ۾ ليکڪ جديد سنڌي شاعريءَ جي ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي، اياز گل جي شاعريءَ کي واکاڻيو آهي، اُها به سُٺي ڳالهه آهي، ڇو ته اياز گل واقعي غزل جو بيحد خوبصورت شاعر آهي، پر ڪِٿي ڪِٿي اسير امتياز جي ساراهه اَساراهه بڻجي وئي آهي، ساراهه جيڪڏهن تنقيد جي اصولن جي اُبتـڙ هوندي ته پوءِ اَساراهه بڻجي ويندي آهي، اسير امتياز لکي ٿو ته:
”ميلي جي تنهائي“ نت نئون استعارو آهي، جيڪو تخليق ئي اياز گل ڪيو آهي... ۽ شيخ اياز جي سٽ ”ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو“ جو هن استعاري سان اُن ڪري به واسطو ناهي، جو هِن سموري غزل ۾ جيڪا به تنهائي بيان ڪئي وئي آهي، اُها تنهائي ڄڻ ته گهاڻو محسوس ٿئي ٿي.“
ڪاوا ڪاوا واٽ صفحو نمبر (22)
هن ٽُڪري کي جيڪڏهن نحوي بناوٽ جي لحاظ کان ئي ڏِسجي ته هتي ضمير موصول ۽ جواب جو ته جنازو نڪري ويو آهي، پر فڪري اعتبار کان ڏِسجي ته تنقيد ۾ اسير امتياز کي ساختيات پُڄاڻان تنقيد ٿيوريءَ جي به خبر ڪانهي، جنهن جي علامت ۾ Sign ۽ تصور Signified وسيلي تخليق کي پرکيو ويندو آهي. ساختيات پُڄاڻان جي نظرئي موجب ڏِسجي ته هجوم/ ميڙ ۾ ماڻهوءَ جي اڪيلي هجڻ وارو تصور پوسٽ ماڊرنزم ڏنو هو، جنهن کي شيخ اياز ”ميلي ۾ ڪو اڪيلو آ“ جي تخليقي امرت سان اڳ ئي اُوتيو هو، يعني اهو تصور اڳ ما بعد جديديت کان پوءِ شيخ اياز ڏئي چُڪو هو ۽ ان کان پوءِ اياز گل اُن کي پنهنجي انداز سان سميٽيو آهي. پوءِ انهي تصور کي توهان ڀلي استعارو ئي سَمجهو، پر ’’اُسرندڙ نقاد‘‘ کي تنقيدي نظرين/قسمن جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي ها!
اسير امتياز ساڳئي آرٽيڪل ۾ لکي ٿو ته: ”شاعر ڪندا ئي وفائون آهن“ صفحو نمبر (23) هاڻي اسير امتياز کي ڪيئن خبر پئي ته شاعر وفائون ڪندا آهن ۽ بيوفايون نه ڪندا آهن؟ ضروري ٿورئي آهي ته ’’شاعريءَ واريون وفائون‘‘ عملي زندگيءَ ۾ به ڪندا هجن؟ حالتن جي بدلجندڙ رُخن ۾ ڪيترائي شاعر بيوفايون به ڪندا آهن، جن کي مصلحتن جو نالو ڏيندا آهن. ڀلا شاعر انسان آهي، ملائڪ ته ڪونهن؟ جو ان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد نه هجي؟
اسير امتياز لکي ٿو ته: ”اياز گل ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ جيڪو به ادبي ڪم ڪيو آهي يا ڪندو رهي ٿو اهو سچ پچ ته وڻندڙ ئي محسوس ٿئي ٿو“ صفحو 23
اياز گل ڪهڙي ”ڊگهي خاموشي“ اختيار ڪئي آهي؟ ليکڪ اُن جي وضاحت به نه ڪئي آهي، جڏهن ته منهنجي خيال ۾ اياز گل ڪابه ”ڊگهي خاموشي“ اختيار ئي ناهي ڪئي، لڳي ٿو اُهو محترم اسيرامتياز جو ڪو ”تڪيو ڪلام“ ئي آهي، ڇو ته سعيد سومري لاءِ به هن لکيو آهي ته هُن به ڊگهي خاموشي کان پوءِ لکيو آهي ۽ شايد الاءِ ڪيترن لاءِ ايئنءَ لکيو هجيس؟ پر اياز گل ۽ سعيد سومري جي ادبي ڪمن ۽ ڪتابن کي ڏسي ڇا ڪير ائينءَ چئي سگهندو ته هُنن ’’ڊگهي خاموشي‘‘ به اختيار ڪئي؟ اسير امتياز جو هي آرٽيڪل لفاظي به آهي ۽ منطق کان به ڏُور آهي، هُن آرٽيڪل ۾ اياز گل جا ايوارڊ به ترتيب وار ڄاڻايا آهن، هتي اُن جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هِن آرٽيڪل ۾ پروف جون غلطيون جيئن جو تيئن رهڻ ڏنيون ويون آهن . اياز گل جي شاعريءَ ۾ جيئن رستا کي ”رستن“ ۽ ڌَپ کي “ڌپُ“ ڪيو ويو آهي.
هڪ ٻيو آرٽيڪل ايوب کوسي جي شاعريءَ تي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”ڪلا کيتر ۾ هُڳاءُ جهڙو شاعر؛ايوب کوسو!“
هن آرٽيڪل ۾ اسير امتياز جي ڪجهه تنقيد درست آهي، جيئن ايوب کوسي جو هڪ بند هن ڏنو آهي، جيڪو چار دفعا مفاعيلن تي آهي پر ان بند جي هيٺين سٽ ۾ واقعي لفظ ”سمنڊ“/ ”سنڌوءَ“ جا لفظ وزن ۾ غلط ڪتب آندل آهن. جنهن جي ليکڪ درست نشاندهي ڪئي آهي. وزن ۾ ’سمنڊُ‘‘ ته کڻي هلي وڃي، پر ’’سنڌوءَ‘‘ کي ڪيڏانهن ڪجي!؟ وزن اهڙو نه ڏجي جو لفظ جي اصل شڪل ئي بگڙي وڃي!
ٻنين ۾ رُوح هارين جو رڙي ٿو بانسرين وانگي،
سمنڊ جا شهر واسي سنڌوءَ جي سوڪ ڇا سمجهن. (ايوب کوسو)
اُنهيءَ کان سواءِ اسير امتياز، ايوب کوسي جي شاعريءَ تي ٻي تنقيد به درست ڪئي آهي، جيئن اسير امتياز لکيو آهي ته لفظ ’’خمار‘‘ مذڪر آهي ته ان کي ايوب کوسي مونث ڪري ڇڏيو آهي. ڪِٿي ڪِٿي اسير امتياز شاعريءَ ۾ لفظن ظاهري معنائن تي اٽڪي بيهي رهندو آهي، شاعريءَ ۾ لفظن جون باطني، ڪلچرل ۽ اصطلاحي معنائون به هونديون آهن، جن کي هر وقت نقاد کي سامهون رکڻ گهرجي، ايوب جي هڪ بند تي هُن اُهو اعتراض واريو آهي ته سنڌوءَ کي بيوفا نه ٿو چئي سگهجي، پر سنڌو بيوس آهي، ڇو ته سنڌوءَ تي بندَ ٻَــڌا ويا آهن. ايوب کوسي جو اُهو بند هيءُ آهي:
سنڌوءَ جي بيوفائي تي لَـڏي پيو ڳوٺ سهڻين جو،
نهاريو ڇا وڃي اوڏي رتو رت دلبريون آهن.
ايوب کوسي جي هن بند ۾ سنڌوءَ جي بيوفائي کي استعاراتي ۽ اصطلاحي معنى ۾ وٺجي ته اُهو درست آهي ۽ ان تي اعتراض لفظن جي اندروني ۽ اصطلاحي معنى کان انڪار آهي:
کِلي ٻه چار پل وٺون،
ڀلي پوءِ تون عذاب اچ. (ايوب کوسو)
هن بند تي به اسير امتياز اعتراض ڪيو آهي ته هن بند جو وزن جڏهن ته مفاعلن آهي ته پوءِ هيٺين سٽ ۾ ”ءِ“ جو استعمال ڪرڻ سان سٽ جي سُونهن بگڙي آهي، اسير امتياز جو اُهو اعتراض به عجيب آهي، هيٺين سِٽَ ۾ غنايت جي لحاظ کان ڏسجي يا وزن جي لحاظ کان ڏِسجي ته ”حمزو“ ۽ ”و“ حذف ڪري هيٺين سٽ مفاعلن تي پوري ٿيندي نظر اچي ٿي ۽ پوءِ عروض موجب ”ڀلي پ تون عذاب اچ“ ڪري پڙهبو، ان ڪري اُهو اعتراض درست نه ٿو لڳي. اسير امتياز لکي ٿو ته ايوب کوسي جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ هيو ئي ڪو نه ! جڏهن ته خود سندس تنقيدي آرٽيڪل ۾ ايوب کوسي جي شاعري جيڪا حوالن طور ڏني وئي آهي، تنهن ۾ ڪٿي ٻولي، ڪٿي ڪاڇي، ڪِٿي سنڌوءَ جي سيج، ڪٿي ٻنين ۽ هارين ۽ ڪٿي عوامي ڪلچر/ اجرڪ وغيره جي بابت ذڪر ۽ فڪر آهي. ساڳئي وقت ايوب کوسي جي شاعري عوامي لهجي يا عوامي ٻوليءَ ۾ آهي، اُن جو اظهار ڪو دقيق يا فلسفن ۾ مُنجهيل ته ڪونهي؟ باقي اسير امتياز جي نظر ۾ عوامي رنگ آخر ڇاکي ٿو ڪوٺيو وڃي؟ آرٽيڪل ۾ ڪٿي ايوب کوسي جي حد کان وڌيڪ ساراهه (اَ ساراهه) آهي، ڪٿي ساراهه جي نفي آهي.
هن ڪتاب ۾ اسير امتياز جو هڪ ٻيو آرٽيڪل آهي ”مغرور شاعريءَ جو خالق، سعيد سومرو“ هن آرٽيڪل ۾ اسير امتياز ’’مغرور شاعريِءَ‘‘ جي نه وصف ڏئي سگهيو آهي، نه اُن کي اصطلاحي طور سمجهي سگهيو آهي. پهريان ته واضح ڪري ها ته مغرور شاعريءَ مان سندس مراد ڇا آهي؟ شاعري ۾ مَستي ۽ سَرمستي ضرور هوندي آهي، جيڪا ڪلاسڪ شاعريءَ ۽ صوفيانه شاعريءَ جو بنيادي جُـوهـرُ لِــيکبو آهي، پر مغرور ڪيئن؟؟
اسير امتياز لکي ٿو ته : ”سعيد سومرو ڊگهي خاموشي کان پوءِ هڪ نئين اندازَ ۽ وڏي وقفي کان پوءِ آيو آهي.“ اهو ته اسير امتياز جو ڪو ’’تڪيو ڪلام‘‘ آهي، ورنه نوجوانيءَ ۾ ئي سعيد سومرو جي ڇَپيل ڪتابن جو تعداد پنج ٿي ويو آهي.
1. ”سرءُ جي اداس سانجهه“ (غزل)
2. ”درد جي باک“ (گڏيل شاعري)
3. ”دعا مان ڪريل لفظ“ (شاعراڻو نثر)
4. ”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ (6 طويل غزلَ)
5. ”اڌ خيال جي خاڪ“ (هڪ وزن ۾ 100 غزل)
هي سعيد سومري جا ڇپيل ڪتاب آهن، ۽ سندس ٻه سهيڙيل ڪتاب آهن:
1. ”کير ٿر تان اُڏار“ (قنبر ادبي سنگت جا ڪهاڻيڪار-1)
2. ”کيرٿر تي صبح“ (سنگت جا ڪهاڻيڪار-2)
۽ سندس ايندڙ ڪتابن جو پڻ اعلان ٿيل آهي، اُهي هي آهن:
1. ”ننڍي ڊائريءَ تي وڏا خيال“ (ڪوٽيشنز)
2. ”ڌوڙ جو رقص“ (غزل/نظم)
3. ”ليڙ ليڙ“ (ڪهاڻيون)
4. ”ڇَڻيل گُـلن تي صُبح“ (100 وزن 100 غزل)
5. ”ڪنولَ نه ٿيا ڪانڌي!“ (ڪُلياتِ)
ايتري ادبي تخليقي ڪم کان پوءِ به ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران سعيد سومري جي ڇپايل ڪتابن جو تعداد ڏِسي ڪهڙو باشعور ماڻهو يقين ڪندو ته سعيد سومري ڊگهي خاموشي اختيار ڪئي آهي!؟ سعيد سومري جي شاعريءَ جي تجريدي آرٽ، تجسيم ۽ سرئيلسٽڪ انداز تي به اسير امتياز ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيو آهي، سعيد جي ڪتاب ’’مينهن ڪَڻيءَ جي سَڏ‘‘ کي اسير امتياز ”تازو ڪتاب“ ڄاڻائي ٿو، جڏهن ته اُهو ڪتاب پنج سال اڳ ڇپيل آهي، سعيد سومري تي لکيل آرٽيڪل ۾ اسير امتياز هڪ طرف عام راءِ ڏيندي ”محبوب جي ڳل تي چُمي جي آلاڻ جو اهڃاڻ“ قرار ڏئي ٿو ته وري ساڳئي آرٽيڪل ۾ سنڌي شاعريءَ کي ”هڪ بيمار ٻڪري جيان ڳاٽو سٽيل“ قرار ڏئي ٿو، اُهو ڪيڏو نه فڪري تضاد آهي؟
اسير امتياز صاحب ماروءَ جماليءَ ۽ ذوالفقار گاڏهيءَ تي هڪ گڏيل آرٽيڪل لکيو آهي، جنهن جي تمهيد ٻه هزار ڏهه جي ٻُــوڏ جهڙي آهي، هن آرٽيڪل مان واضح ٿئي ٿو ته اُسرندڙ نقاد لفظ ”غير روايتي“ کي به اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهي، اُن جو دليل خود اسير امتياز جي تحرير آهي، جنهن کي جيئنءَ جو تيئنءَ بنا تبصري پيش ڪجي ٿو. هُو لکي ٿو ته:
”... ادب ۾ غير روايتي ماحول متعارف ڪرايو پئي ويو آهي، اُن ڪري ادب ۾ اُها معياري وسعت ۽ ڪماليت پيدا ٿي نه سگهي آهي“ سوال اُهو ٿو اُڀري ته ڇا رڳو ماڻهو روايت کي چهٽيو پيو هوندو؟يا غير روايتي تنقيدي ماحول ادب ۾ وڌيڪ جدت آڻيندو يا ادب جي رستا روڪَ ڪندو!؟‘‘
هن آرٽيڪل ۾ اسير امتياز ماروءَ جمالي جي نثري لکيل ڀوڳن تي اخلاقيات جو سوال اُڀاريو آهي، جنهن جو جواب خود ماروءَ جماليءَ کي ڏيڻ کپي، پر اسير امتياز خبر ناهي ڇو ماروءَ جماليءَ جي شاعريءَ جي ساراهه ڪندي ڪندي زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو آهي؟ جڏهن ته مارو جماليءَ جا بيت ڪجهه چڱيرا ته هوندا آهن، پر اُن جي شاعري آسمان سان ڪڏهن ڳالهيون ته ڪونه ڪيون آهن؟ باقي ذوالفقار گاڏهيءَ جي شاعريءَ تي اسير امتياز جي تنقيد درست آهي ته ذوالفقار گاڏهيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي استعمال ۾ هڪ بي راهه ــــ رَوي نظر اچي ٿي. خود منهنجي خيال ۾ ذولفقار گاڏهيءَ جي شاعريءَ ۾ معياري ٻوليءَ جي برعڪس غلط العوام يا مقامي لهجي جي سَطحي ٻُـولي هوندي آهي. جيئن ذوالفقار گاڏهيءَ جو هيءَ بند آهي، فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا:
رنگ هڪُ هڪ ٿي هوا ۾ ٿا جهلن،
واءَ ۾ سٿڻي ٿي ڦڙڪي سلڪ جي. (ذوالفقار گاڏهي)
اسير امتياز مير حاجن مير جي ڪتاب ”نيرا خواب“ جو به تنقيدي جائزو ورتو آهي. ڪِٿي مير حاجن جي دل کولي ساراهه ڪئي اٿس ۽ ڪٿي ”ليکي ۾ نه آڻڻ جهڙا“ خسيس اعتراض ڪيا اٿس!؟ مثال طور مير حاجن مير جي هن سِٽ تي اعتراض ڪيو اٿس”اوجاڳن جا رنگ هليا ويا سوچن ۾“ هن تي هُو اعتراض واري ٿو ته: ”اوجاڳن جا رنگ سوچن ۾ نه لهنداآهن، ڇو ته اوجاڳن جو واسطو نيڻن سان آهي سوچن سان ڪڏهن به نه“ اسير جي هِن اعتراض مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هُو تجريديت کي سمجهڻ جي شعوري ڪوشش ئي نه ٿو ڪري!
هڪ ٻيو خسيس اعتراض هُن مير حاجن مير جي هن بندَ تي اٿاريو آهي:
ياد ايندو رهيو ڪو وري شام جو،
ديپ ٻرندو رهيو ڪو وري شام جو.
(مير حاجن مير)
اسير امتياز لکي ٿو ته: ”ديپ شام جو ٻارڻ عجيب آهي، ديپ اوندهه ۾ ٻاريو ويندو آهي، سوجهري ۾ نه!“
عرض ته شام جو سوجهرو واقعي هوندو آهي، پر سوجهرو ٻاهر هوندو آهي لڙيءَ شام جو گهرن جي اندر ته اُوندهه ٿي ويندي آهي، گهر ۾ خصوصي طرح بورچي خاني ۾ به شام جو ديپ ٻاري عورتون ڪم ڪار لاهينديون آهن، ٻي ڳالهه ته هتي به محترم ليکڪ ظاهري معنائن تي ڇو اٽڪي بيهي رهي ٿو؟ استعاراتي/ علامتي يا اصطلاحي معنى ۾ ديپ مان مراد دل يا رُوح به ته وٺي سگهجي ٿو يا نه!!؟
باقي اسير امتياز، مير حاجن مير جي شاعريءَ جي وزن ۽ ٻوليءَ تي بلڪل درست تنقيد ڪئي آهي، مثال طور هِن بند ۾ هيٺينءَ ۽ مٿينءَ سِٽ جو وزن ساڳيو نه آهي! جي اگر وزن جي پورائيءَ لاءِ لفظ ’پٿر‘‘ کي بگاڙبو ته اُهو درست نه آهي!
”آئنن جي شهر ۾ ڪي،
پٿر ماڻهو به رهن ٿا. (مير حاجن مير)
اِهڙيءَ طرح اسير امتياز، مير حاجن مير جي هِن بند تي به درست تنقيد ڪَئي آهي ته هيٺين سِٽ فاعلاتن، فاعلاتن فاعلن تي آهي، پر مٿئينءَ سِٽ وزن تي پوري ناهي، بند هيءُ آهي:
رقص تنهنجو ٿو وڻي ناچڻي،
آءُ نچ تون مان چوان نغما کڻي.
(مير حاجن مير)
ساڳئي طرح اسير امتياز ”ٻوليءَ جي بگاڙ“ واري هيءَ تنقيد به مير حاجن مير جي غزل جي بند تي درست ڪَئي آهي ته ٿيان لفظ کي وزن جي ڪري ”ٿيئان“ ڪرڻ ٻوليءَ جو بگاڙ آهي.“ منهنجي خيال ۾ لفظ جي پهرين اصل صورت ’’ٿيئان‘‘ ضرور هئي ۽ قديم وقت ۾ ’’ٿيئان‘‘ رائج هو، پر هاڻي غير مروج آهي.
درد ڀي شڪليون مٽي ٿو مختلف،
روز ٽڪـرا ٿـو ڪـري ٿيئان پـيـو.
(مير حاجن مير)
اِيئنءَ اسير امتياز مير حاجن مير جي شاعريءَ مان صورتخطيءَ جي غلطين جي دُرست نشاندهي ڪئي آهي لفظ ’ڇيرون‘ کي ’ڇيرو‘، ’چپل‘ کي ’چمپل‘، ’سانوڻ‘ کي ’ساوڻ‘، ’سوڙون‘ کي ’سوڙيون‘، ’ائنءَ‘ کي ’اين‘ لکڻ واقعي غلط آهي، اُهي لفظ غلط العام آهن پر غلط العوام ناهن، شاعرن کي ٻنهي قسمن جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نقادن جو ڪم نشاندهي ڪرڻ آهي. مير حاجن وٽ اُهي پروفن جون غلطيون نه پر صورتخطيءَ جون غلطيون آهن!!
موري جي نوجوان شاعر رضا لانگاهه جي شعري مجموعي ”دعائون ننڊ مان جاڳيون“ مان هن بند تي اسير امتياز صاحب هيءُ اعتراض ڪري ٿو ته: ”ڳوڙها دل جي دامن ۾ نه پر اکين جي دامن ۾ هوندا آهن!!“
دل جي دامن ۾ رڳو ڳوڙها رهيا،
ها! اُهي تحفا مليا ها چاهه َ ۾.
(رضا لانگاهه)
دامن رڳو اکين جو هوندو آهي ڇا!؟ جهول يا جهولي به ته دامن آهي نه!؟
مان ستارن سان رهيو آهيان رضا،
مون تنين کان هي وتي آ روشني.
(رضا لانگاهه)
هن بند تي اسير اعتراض ڪيو آهي ته ستارن وٽ روشني ڪِٿي هوندي آ!؟ پيارا اسير امتياز! ستارا، علامتي طور دوست، ساٿي ۽ محبوب به ته ٿي سگهن ٿا نه!؟؟
اسير امتياز رضا لانگاهه جي ڪن بندن تي صحيح اعتراض به ڪيا آهن ته انهن جو سِٽون هم معنى ڪونهن يا رضا لانگاهه جي شآعريءَ ۾ ”ها“ لفظ جو واقعي ورجاءُ آهي، اُنهن غلطين جي نشاندهي ته مون مُهاڳ لکڻ کان اڳ ئي رضا لانگاهه جي اڳيان ڪئي هئي، پر هُن جو هڪڙو ئي دليل هو ته استعاراتي شاعري ايئنءَ هوندي آهي ۽ شاعريءَ جي پنهنجي الڳ لسانيات هوندي آهي. اسير امتياز وڌيڪ به رضا لانگاهه جي ڪيترن ئي بندن تي جائز ۽ ناجائز تنقيد ڪئي آهي، جنهن جو جواب خود تخليقڪار رضا لانگاهه ئي ڏئي سگهي ٿو، پر منهنجي هن ڪتاب ۾ موجود مهاڳ تي پڻ اسير امتياز گوهر افشاني ڪئي آهي، اسير امتياز لکي ٿو ته:
”خليق ٻگهيو مهاڳ ۾ شعر جيڪي کنيا آهن، سي وزن ۾ پورا ناهن ۽ خليق جهڙي نقاد اُنهن جو وزن درست ناهي ڪيو، مهاڳ لکندڙ ته خود مختيار هوندو آهي...!“
مون کي اسير صاحب جي هِن موقف تي حيرت ٿي آهي. آئون کانئس پُڇڻ چاهيان ٿو ته پيارا اُهو توهان ڪهڙي ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته مهاڳ نويس ڪنهن جي شاعريءَ ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو؟؟ ڪتاب جو حوالو ڏجو ۽ ساڳئي وقت اُهو پڻ واضح ڪندا ته توهان تنقيد جي ڪهڙي نظريي/ قسم تحت اُهو چَئو ٿا ته هڪ نقاد کي ڪنهن تخليقڪار جي تخليق ۾ ترميم ڪرڻ جو حق هوندو آهي؟؟ جي اگر خود نقاد تخليقڪار جي شاعريءَ ۾ پاڻ ترميم ڪندو ته پوءِ اُها شاعري اُنهيءَ نقادَ جي هوندي يا شاعر جي؟؟ جيڪا اوهان ٻين جي شعرن ۾ ترميم ڪئي آهي، اُن جو حق تنقيد جو ڪهڙو اُصول ڏئي ٿو؟ جي اگر مون کان اڳ ڪنهن مشهور شاعر ڪنهن ڪتاب جي مهاڳ ۾ تخليقڪارن جي تخليقن ۾ ترميم ڪئي هوندي ته اُهو شاعر ته هوندو، پر بنيادي طرح نقاد نه هوندو، جڏهن مون مذڪوره مهاڳ ۾ خود پاڻ وضاحت ڪئي آهي ته ’’ڪن جاين تي رضا لانگاهه جي شعرن جو وزن ٽُٽي ٿو‘‘، جنهن جي مثال لاءِ مون رضا لانگاهه جو هِي شعر ڏئي اهو چيو آهي ته ’’مفاعلين جي وزن تي هي بند لفظ ”ته“ تي اچي ٿو ته وزن ٽُٽي وڃي ٿو‘‘، منهنجي اُها هڪ زميواري هئي ته آئون شاعر جي وزن جو مثال ڏئي نشاندهي ڪريان ۽ مون سمجهيو ٿي ته هڪ نقاد جي بس اُها ئي جوابداري هئي ته نقاد نشاندهي ڪري ته پوءِ توهان اعتراض ڪهڙي سينس ۾ رکو ٿا؟ بند هي آهي، جنهن ۾ ٻنهي سٽن جو وزن برابر نه آهي:
اسان ته پيار آ پيتو،
نه خنجر آ نه ڀالــو آ. (رضا لانگاهه)
هڪ ٻيو بند به مون وزن جي ٽُٽڻ جي اعتبار کان مهاڳ ۾ ڪوٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ رضالانگاهه ’تنهنجو‘ لفظ کي وزن ۾ بگاڙي ’’تجو‘‘ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو عمل ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ اچي ٿو:
تنهنجو جوڀن جمالو آ،
ڀٽائيءَ جو رسـالــو آ. (رضا لانگاهه)
اڳتي اسير امتياز لکي ٿو ته : ”خليق صاحب جيڪي شعر پيش ڪيا آهن تن ۾ نواڻ ته ڪانهي، جنهن جي هُو دعوى ڪري ٿو.“ جيڪڏهن اسير امتياز رڳو منهنجي مُهاڳ ۾ تجريدت ۽ تجسيم جي وصف کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ها ته اُهو اعتراض نه ڪري ها!
عرض ته رضا لانگاهه جي شاعري تي مون پنهنجي لکيل مهاڳ ۾ جيڪي شعر ڪوٽ ڪيا آهن، تن جو خيال، استعارن، علامتن ۾ واقعي نواڻ آهي، رضا جي شاعريءَ ۾ چاندنيءَ جو اُوندهه بدن تي سمهڻ، سوچ جو رندن تي سمهڻ، بدن جي بستيءَ کي بدن جي گهرج، ديڳڙيءَ جا ليئا پائڻ، گناهه ۾ ثواب رکڻ، باهه جي سپنن جو روئڻ، وارن ڪوٽيڊ شعرن/ بندن، علامتن/ استعارن ۾ جيڪڏهن نواڻ نه آهي ته پوءِ نِــواڻ مان توهان ڇا مراد وٺو ٿا؟ تجريدت ۽ تجسيم جا اُهي مثال جي اگر نواڻ نه آهن ته ثابت ڪريو ها ته اڳ ڪنهن ڪنهن استعمال ڪيا آهن؟؟ نواڻ جدت آهي، جيڪا جديدت کان آئي آهي، توهان يورپ جي جدت ۽ جديدت کي پڙهي وٺو ها ته پوءِ اِهڙا ڪچا سوال ئي نه ڪيو ها!!؟
آئون اڳ ئي طوالت جو شڪار ٿي ويو آهيان ، هن ڪتاب ۾ ٻيا به آرٽيڪل آهن جن تي پاڻ ڪو نه ٿا ڳالهايون، اُتي اڪتفا ڪندي رُڳو اُهو چئبو ته اسير امتياز هڪ اُسرندڙ نقاد آهي، هن جيڪي تبصرا ڪيا آهن، يا تنقيدون ڪيون آهن، تن ۾ ڪَچاڻ ڦڪاڻ ضرور آهي، پر مجموعي طرح سندس هيءَ ڪتاب تنقيدي ادب ۾ هڪ اضافو ضرور آهي، هُن ڪيترين جاين تي درست تنقيد به ڪئي آهي ۽ هن شاعر حضرات کي ٻُــوليءَ، وزن ۽ تصورن جي غلطين کان بچڻ لاءِ سهڻي نموني خبردار به ڪيو آهي، ڪتاب ڇپرائڻ ۾ جلدي ڪرڻ جي ڪري جيڪي صورتخطيءَ ۽ پروفنگ جون غلطيون رهجي وڃن ٿيون، تن جي هُن درست نشاندهي ڪئي آهي، سُٺي ڳالهه آهي ته هُو تنقيد ڏانهن آيو آهي، کيس ويلڪم ڪريون ٿا، يقينن سندس ڪتاب جو افادي پهلو به آهي، جن مان اُڀرندڙ شاعرن کي فائدو وٺڻ گهرجي. بس، ايترو ضرور چَئبو، اسير امتياز هن ڪتاب ۾ انيڪ غلطيون به ڪيون آهن ۽ ايندڙ ڪتاب ۾ اُهي نه دُهرائجن ته بهتر آهي، اُنهي جذبي هيٺ ئي مون هيءَ آرٽيڪل لکيو آهي. اُميد ته هُو تنقيد جي شمع ٻاريندو رهندو!