لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

خليق ٻگهيو سنڌي نوجوان نقاد ٽهيءَ ۾ نشانبر ادبي نانءُ آهي. ’ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا‘‘ سندس پھريون تنقيدي ڪتاب آهي. خليق ٻگهيي هِن ڪتاب ۾ نہ رڳو شاعري ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن تي تنقيدي تجزيا ڪيا آهن بلڪہ هُن ادبي تحريڪن ۽ مروج نون زاوين بابت بہ کُليل روح سان لکيو آهي. جنهن سان هن ڪتاب ۾ تنقيدي ورائٽي بہ نمايان ٿي آهي. سندس لطيف شناسيءَ بابت لکيل ليک خليق ٻگهيي جي ڪلاسڪ ادب تي گرفت ڏانھن ڌيان ڇڪرائين ٿا تہ نئين ٽھيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن تي لکيل سندس ڪيئي مھاڳ/رايا سندس جديد ادبي ڪائنات تائين پُھچ جا پاڻ هـڙتو گواهه آهن.
  • 4.5/5.0
  • 313
  • 88
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليق ٻگهيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

هدايت ڏيپر : فَني ۽ جمالياتي ارتقا کان پوسٽ ماڊرنزم تائين

پاڻ هڪ اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جتي ڪنهن شيءِ کي ڪو تسلسل ڪونهي، ماڻهو جي اختيار پسندي رهزنيءَ جي وَر چڙهي وئي آهي، ماڻهو هڙان توڙي وَڙان ڪري مرڪزيت جو متلاشي بنجي ويو آهي، پر کيس مرڪزيت ڪٿي به نظر نه پئي اچي، ڇو ته دنيا ڏينهون ڏينهن نه چاهيندي به، عدم مرڪزيت جو شڪار ٿيندي پئي وڃي نه صرف رت جي رشتن جي مرڪزيت ٽُٽندي پئي وڃي، پر قبيلن ، قومن، سماجن، ثقافتن ۽ ٻولين جي به مرڪزيت ٽُٽي چُڪي آهي، هڪ ويڪيوم/ خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڪٿان به ڀرجي ئي نه ٿو، جديديت مرڪزيت ڏني هئي پر جديديت پُڄاڻان رُجحان انهي مرڪزيت جي ٽُٽڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، نتيجي ۾ ماڻهو پنهنجين سمورين فطري، ذهني سماجي ۽ رُوحاني ڪوشش جي باوجود، نه صرف اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، پر مرڪزيت کان به ڏُور هليو ويو آهي، ڊي سينٽرلائزيشن جي هِن عهد ۾ ماڻهو پنهنجو انفرادي تشخصُ وڃائي ويٺو آهي، سماج اندر فرد جي انفراديت گم ٿي وئي آهي ۽ هيءَ سموري صورتحال آهي، جنهن کي جديدت پُڄاڻان post modernism ڪوٺيو وڃي ٿو، جديديت پڄاڻان، دراصل جديديت کانپوءِ جي هڪ صورتحال آهي، جنهن کي پاڻ هڪ رجحان به چئي سگهون ٿا. پر اُهو نظريو قطعي نه آهي، خود جديدت پُڄاڻان رُجحان دنيا جي سمورن وڏن بيانيه اندازن Grand Narratives کي رَدُ ڏئي ٿو هن پوسٽ ماڊرن صورتحال جا ٻيا به ڪيترائي پاسا آهن، اُها صورتحال نه صرف اسان جي ادب جي عڪاس آهي، پر ان جو دائرو سياست، معاشيات، ٻُولي، ثقافت توڙي پوري عالمي سماج تائين ڦهليل آهي، جديدت پُڄاڻان صورتحال سنڌي ادب ۽ شاعري جي گوناگونيت ۾ اُنهي ڪري واضح ٿي نه سگهي آهي، جو اُنهيءَ صورتحال جو شڪار ته سڀئي ماڻهو آهن، پر اُنهي جي علم ۽ جاڳرتا کان ڪيترائي تخليقڪار اڻڄاڻ آهن، اُنهي ڪري کي چند تخليقڪار آهن، جن وٽ پوسٽ ماڊرن صورتحال وارو رُجحان چِـٽو آهي ۽ باقي ڪيتري ئي شاعري پوسٽ ماڊرن صورتحال جي عڪس بندي ڪرڻ وقت پيچيدگين ۽ مُونجهارن جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، هدايت ڏيپر به سنڌ جو هڪ اهڙو نوجوان تخليقڪار آهي، جنهن وٽ ڪيترن ئي تخليقي پاسن کان پوسٽ ماڊرن صورتحال جي موزون عڪس بندي آهي، هدايت ڏيپر جي شاعري ۾ نه صرف سماجي سطحن تي ’’غير تسلسل هئڻ‘‘ واري زندگي جي شڪايت چِٽي طرح موجود آهي، پر سندس شاعري ۾ ’’مرڪزيت کان ٽٽڻ‘‘ جي گِـلا به موجود آهي، پوسٽ ماڊرن رجحان جي دعويٰ آهي ته هاڻي هر شيءِ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ جديدت جيڪي به نام نهاد دعوائون ڪيون هيون، سي ناقص نڪتيون آهن، اُنهيءَ جو ثبوت هيءُ آهي ته جديدت جي نانوَ تي ماڻهو جو رڳو استحصال ڪيو ويو آهي، ۽ ماڻهو کي موٽ ۾ ڪجهه به ناهي مليو، جديدت پُڄاڻان رجحان اُنهي لاءِ skepticism جو اصطلاح پڻ ڪم آڻي ٿو، هدايت ڏيپر جي شاعري ۾ اِهڙي تشڪيڪ پرستي skepticism نظر اچي ٿي. هدايت ڏيپر هن پوسٽ ماڊرنزم صورتحال کي سمجهندي، پنهنجي ئي شين کي هڪ ’’منصوبا بندي جي تحت اجنبيت يا ڌارايائپ‘‘ جي نگاهه سان ڏِسي ٿو، اُنهي ڪري ئي هن کي پنهنجي توڙي محبوبن جي چپن جي اڱڻن تي موجود خوشيون ۽ ٽهڪ به لاشن جيان محسوس ٿين ٿا. هن وٽ ٽهڪن جي پٺيان به تشڪيڪ پرستي آهي، اُنهي جو هڪ مثال سندس هيءُ غزل به آهي جيڪو غزل فني طرح چار ڀيرا فعولن تي آهي ۽ پنهنجو فني رچاءُ بحر متقارب سالم مثمن ۾ اظهاري ٿو:
چپن جي اڱڻ تي هي ٽهڪن جا لاشا،
اکيـن جي وطن تي هُو سپنن جا لاشا.
پُوسٽ ماڊرن رجحان يا لاڙو تشڪيڪ پرستي کي انهي ڪري فضليت بخشي ٿو، ڇاڪاڻ ته جديديت جي مصنوعي مارڪيٽ ايڪانامي جي مقابلي واري دنيا ماڻهو جي داخليت کي زبردست نقصان پهچائي ورتو آهي، ماڻهو جو نيڪي، سچ ۽ آفاقيت تان به هاڻي اعتماد ٽُـٽندو پيو وڃي، خراب سماجي خارجيت ماڻهوءَ جي حواسن تي قابص ٿي وئي آهي، اندر اَڻ چِٽو ۽ دٻيل رهجي ويو آهي، ماڻهوءَ مثبت شين کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ شروع ڪري ورتو آهي، جيئن هدايت ڏيپر وٽ ساڳئي پوسٽ ماڊرنزم صورتحال تحت هڪ مثبت سچ، هڪ آفاقي سچ ’’صبح‘‘ کي به شڪَ جي نگاهه سان ڏسڻ وارو تصور آهي. صبح واري سج جي ڪرڻن کي اڳ ادب ۾ روشني، اُميد ۽ انقلاب جهڙين مثبت شين واري علامت ۾ ورتو ويندو هو، پر هدايت ڏيپر وٽ ’’سج جا ڪرڻا‘‘ به اميدن کي لاش ارپين ٿا، هي بلڪل هڪ غير روايتي اندازِ فڪر آهي، جيڪو تشڪيڪ پرستي جي پوسٽ ماڊرن تصور کي هَٿي ڏئي ٿو:
هڻي تـيـر سورج نـوان ٿـو روزانو،
اميدن کي ارپي ٿو ڪرڻن جا لاشا.
اڳ ادبَ ۾ گُلابي شامون، پيار، خوشي ۽ ميلاپ جون علامتون هونديون هيون، پر هدايت ڏيپر وٽ گُلابي شامون پاڻ جيان سُڏڪڻ جي علامت ۾ اظهاريل آهن ڇو ته جديديت پُڄاڻان جي دؤر محبت جي قدرن جو اهڙو ته زوال آندو آهي، جو محبتون خود محبتون نه رهيون آهن، ماڻهو وٽ رڳو لفظ وڃي بچيا آهن، ۽ لفظن جي جوهر ۾ احساس جو پري پري تائين وجود ئي ڪونهي:
گُلابي به شامون اسان جيان ٿيون سُڏڪن،
اکين ساڻ ڏسندي محبتن جا لاشا.

اڄ جي تخليقڪار جو به اندر ڪمزور آهي، ڇاڪاڻ ته سماج جي ٻين فردن جيان خارجيت هن جي حواسن تي جديديت بيٺڪي راڄ قائم ڪري بيٺي آهي ۽ خارجيت ۾ رڳو درد، بدامنيون، جنگيون، لاش، ڌماڪا، آلودگي، بُک، بدَحالي، بيروزگاري، ڪرپشن رڳو خراب تصور آهن، اُنهي ڪري تخليقڪار هڪ ئي شئ جا هاڻي صرف ٻه پاسا نٿو ڏسي پر ٽِــي پاسا ٿو ڏِسي، جديديت پُڄاڻان دؤر ۾ اڳ جا مقرر ڪلاسڪ قدر ڪارپوريٽ ڪلچر جي ڪري تباھ ٿي ويا آهن، مهانگائي، ماڻهو جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، رشتن جون ديوارون ڪِرنديون وڃن ٿيون، جتي محبتون لاشن جيان لڳنديون هجن، گلابي شامون سُڏڪنديون هجن، اهڙي دؤر ۾ هدايت ڏيپر جو هي غزل جيڪو فعلن فعولن، فعلن فعل (بحر تقارب مثمن ثلم محذوف) جي فني رچاءَ ۾ اُڻيل آهي، سو ڪيترو نه حالتن تي ٺهڪندڙ لڳي ٿو، جنهن ۾ دوستي جي رشتن ۾ آيل پوسٽ ماڊرن زلزلي جي ساک پت وائکي ڪئي وئي آهي.
وشواس جي لت هيٺيان مُئـو
هُو دوستي ڏي سُـريو گهڻو
هُو ڪونه ڪاٿي منظور ٿيو،
احساس پُــڙ ۾ تُـريو گهڻو. (هدايت ڏيپر)
هِن جديديت پُڄاڻان جي دؤر ۾ ماڻهو کان محنت ڇڏائي وئي آهي، هر ڪو شارٽ ڪٽ چاهي ٿو، دولت کي منزل بڻايو ويو آهي ۽ دولت جي ڪابه منزل ڪانهي، ماڻهو اڻڄاڻ منزل ڏانهن اَنڌ ۾ ڪاهي پيو آهي، پوسٽ سرمايادارانه سماجن پنهنجي مارڪيٽ ايڪاناميءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ماڻهو جي جذبن احساسن جو نه صرف وڪرو شروع ڪري ورتو آهي، پر اشتهار بازي جي جنگ ۾ خود ماڻهو انساني قدرن کي به پُٺي ڏيڻ شروع ڪئي آهي، اُهو سمورو ڄار اشتهاري نيٽ ورڪ جو آهي، جن جي اڳيان پهرين ترجيح انسانيت نه پر نيلاميءَ وارا معاشي مفاد آهن. هدايت ڏيپر جي فن ۽ فڪر ۾ به هڪ اهڙي وٿ جي عڪس بندي سمايل نظر اچي ٿي:
هڪ نظر کان جو ڪِــريو ماڻهو،
مُـفـت ۾ نـيـلام ڪـيـــڏو ٿـيـو.
پوسٽ ماڊرن صورتحال گهرائي جي بر عڪس سطحيت کڻي آئي آهي، زندگي ذهني تضادم جو اَڻ وڻندڙ رُوپ بنجي اُڀري آئي آهي، زندگي مڃيل اصولن جي برعڪس تضادن جو مجموعو بڻجي وئي آهي، رشتن جي ڊي سينٽر لائزيشن ۽ واسطن يا لاڳاپن جي اندر عدم اعتماد جو هڪ ٻيو مظهر هدايت ڏيپر جي شاعري ۾ هيءُ به ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ ’’روين جي ريگستان‘‘ جي سُهڻي عڪس بندي ڪيل آهي. روين جي ريگستان ۾ شاعر کي ڪوبه ڇانوروُ نظر نٿو اچي، کيس دوستن جي شهرَ مان به ٽانڊن جي ڄَر اچي ٿي پئي:
دوسـتـن جـي شهـر مان اچي ٿو پيو،
ڄڻ ته ٽانڊن جي ڄر مان اچي ٿو پيو.
ٽُڪرن ۾ جيئڻ وارو انداز ۽ اختيار پسنديءِ کان ڏُور هجڻ وارو احساس، پوسٽ ماڊرن صورتحال جو هڪ روپ آهي، جيڪو هن بند ۾ به واضح ٿي بيهي رهيو آهي:
رهـزني آ ڀــلي رهـبــري ڏوهه آ،
موت جي ديس ۾ زندگي ڏوهه آ.
جماليات آرٽ جو هڪ اهم پاسو هوندو آهي، جمالياتي سحر سان رنجيدهه دلين کي به آنند نصيب ٿيندو آهي، پوسٽ ماڊرن صورتحال کانسواءِ هُن جي شاعري جو هڪ ٻيو پاسو جمالياتي شاعري آهي، هُو پنهنجي آرٽ ۾ پنهنجي اندر جي موضوعي ڇهاءَ کي خارجي فطري لقائن سان خوبصورت تشبيهن ڏيڻ جو فن پڻ ڄاڻي ٿو، جيئن سندس هيءُ بند آهي:
منهنجي نيڻن جي نيري ندي تي،
تـنهنجي خـوابن جا نيرڳ لهن ٿا. ڇ
پوسٽ ماڊرن صورتحال ۾ جيئن مقامي ۽ علائقائي ننڍڙن بيانن کي وڌيڪ اوليت حاصل آهي تيئنءَ هدايت ڏيپر جي شاعري ۾ به جماليات تحت مقامي ورثن ۽ زميني حقيقتن کي عڪس بند ڪرڻ ۽ اُنهن مان خوشي ۽ سڪون حاصل ڪرڻ واريون عڪس بنديون آهن:
تون نـــنگــر پـارڪـر جـي هٺــــيلي،
سُونهن تنهنجي اڳيان سڀ جُـهڪن ٿا.
هدايت ڏيپر وٽ جماليات ڪِٿي ڪِٿي موضوعيت ۽ معروضيت جو سهڻو سنگم لڳي ٿي، هُو استعارا خارجي فطرت مان کڻي ٿو، پر ان جي احساس جو اطلاق داخليت تي ڪري ٿو، اهو به هڪ خوبصورت فن آهي:
مون اکين ۾ ستارن جي گهر ٺاهيا،
تنهنڪري ساڙ ۾ چنڊ گلا ٿو ڪري.
ساز سڀ هار کائي ويا هن اڳيان،
بانسري اڄ بدن دلربا ٿو ڪري.
جمالياتAesthetics جو پهريون اصطلاح Alexander Baumgarten استعمال ڪيو هو، اليگزينڊربام گارٽن وٽ جماليات جو تصور هيءُ هو ته سُونهن جي احساسن کي رڳو هڪ احساساتي ادراڪ سان ئي سمجهي سگهجي ٿو، سُونهن بابت جيڪي به موضوعي معروضي، وجودي ۽ نفسياتي احساس ادب يا آرٽ ۾ موجود هجن ٿا، تن کي جماليات Aesthetics ڪوٺيو وڃي ٿو، ڪي آرٽسٽ/فنڪار جماليات ۾ خارجيت جا وڌيڪ قائل هوندا آهن ۽ پنهنجي آرٽ ۾ فطرتي خوبصورتيءِ کي شعوري طرح سمائن ٿا، جنهن کي اسان خارجي جماليات چَئي سگهون ٿا. هدايت ڏيپر وٽ به خارجي جماليات Objective aesthetics نظر اچي ٿي:
پــاڻيءَ گهڙا ڪڇ ٿي،
ٽـــولا ڪــيــو هـلــن،
سُندر ناريون واھ تي.
هدايت ڏيپر وٽ موضوعي جماليات Subjective Aesthetics به رَسُ چَس پيدا ڪري ٿي هن بند کي مفعولات مفعولن ۾ ڏسجي يا مفعولن مفاعيلن تي پر ڪيترو نه گَهرو آهي؟
مرڪڻ تنهنجي اوندھ کـي،
مُـــنهن ۾ ٺـوڪيــو ڀـالو آ.
جماليات کي ڪي نقاد نيڪي سمجهن ٿا، جيئن سقراط ۽ افلاطون، جماليات کي اهڙي نيڪي سمجهن ٿا، جيڪا انسانيات کي فائدو رسائي ٿي، پرارسطو جماليات ۾ ماڻهوءَ جي خيالن جي پاڪيزگيءَ خاطر سُونهن جي تصور ۾ ڏک جي شدت واري نظرئي Doctorine of Tragedy کي ضروري قرار ڏنو آهي، هدايت ڏيپر وٽ به ارسطوءَ جي Doctorine of Tragedy وارو تصور پڻ موجود آهن:
پرين پائي ڇڏيا لاهي،
اُهي سينگار تڙپن پيا.
پکي موٽيا نه واهيري،
وڻن جا ڏار تڙپن پيا.
هدايت ڏيپر وٽ ثقافتي سُونهن Cultural Aesthetics جا تصور موجود ڪونهن ۽ نه ئي وٽس تصوف واري ازلي جماليات Mystic Aesthetics اڃا تائين ظهور پذير ٿي سگهي آهي، اُن جي برعڪس هدايت ڏيپر وٽ Philosophical Aesthetics فلسفياڻي جماليات ضرور نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ازلي سُونهن جو تصور موجود ڪونهي، ڪو به ازلي/ دائمي قدر پوسٽ ماڊرنزم جو رجحان به قبول نه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته پوسٽ ماڊرنسٽ نقادن جو خيال آهي ته سُونهن يا جماليات جا جڏهن ڪي مقرر يا طئِه ٿيل معيار ئي ڪونهن ته پوءِ ازلي/ابدي/ دائمي جماليات ڪٿان آئي؟ پوسٽ ماڊرنسٽ نقادن سان متفق ٿيڻ لازمي به ڪونهي، پر هدايت ڏيپر وٽ جيڪا به جماليات آهي سا اڃا تائين پوسٽ ماڊرنسٽ جماليات آهي ۽ هُو جماليات ۾ گهڻو تڻو هو اهڙي گڏيل جماليات Collective Aesthetics جو قائل نظر اچي ٿو، فاعلن فاعلن فاعلن فعه (بحر متدارڪ مسدس محذوف) جي رچاءَ ۾ هيءُ بند اهڙي ئي اندروني ۽ خارجي جماليات جي عڪس بندي ڪري ٿو:
تو ستارن ڏي مرڪي نهاريو،
هــو سـتارا حياءَ ۾ لِـڪن ٿا.
هدايت ڏيپر وٽ اهڙيءَ گڏيل جماليات Collective Aesthetic جو هڪ ٻيو مثال هيءَ بند به آهي بند جو وزن فعلن فعولن فعولن فعولن جي رچاءَ ۾ نظر اچي ٿو:
هُـن جي اکين ۾ محبت مـڇـي هئي،
مـاڻهو ســمورا مــهاڻا ڪـري وئي.
هدايت ڏيپر جي فن ۽ فڪر جي ٽين اهم خاصيت يا حاصلات خوبصورت تشبيهن، علامتن، اِستعارن ۽ ترڪيبن واري آهي، هُو تشبيهن ۾ مقاميت پسند گهڻو نظر اچي ٿو، فني طرح مفعولن مفاعيلن تي هيءُ رچاءُ ڏسو:
گورک هل اوهـان جي دل،
مـنـهنـجـو رُوح ڪاڇو آ.
هدايت ڏيپر وٽ تجريديت به آهي ۽ تجسيم Personification به آهي، جيئن سندس هيءُ بند بحر مثمن سالم، فعلن جي چار ڀيرا ورجاءِ واري وزن تي رچيل آهي، جنهن ۾ ٻُوليءَ جي خوبصورت ترڪيب “ڳڻتين جي آوي” هڪ نئون استعارو بنجي ويو آهي ۽ اُنهيءَ ڳڻتين جي آوين ۾ خواب جا ڪچڙا ٿانوَ پَچن ٿا، جيڪا خوبصورت تجسيم Personification آهي، تشبيهاتي هيءُ خيال متاثر ڪرڻ کانسواءِ انهيءِ ڪري به رهڻ نٿو ڏئي، جو اُنهيءَ ۾ سنڌ جي مقامي رنگ جو سُڀاءُ آهي:
ڳـڻـتـيـن جي آوي ۾ ويٺل،
خواب ٿو ڪچـڙا ٿانـوَ پچائي.
هدايت ڏيپر جي تشبيهن ۽ علامتن ۾ لوڪ ادب جو سحر ۽ڪلاسڪ دؤر جي ياداشت به سمايل آهي، فڪري اعتبار کان هو سنڌ جي سماجي غربت کي به ڪناين ۾ پڌرائي ٿو. بحر رمل مربع ۾ فاعلاتن جي ٻه ڀيرا استعمال سان سندس هي بندَ اُن جا شاهد آهن:
درد داڻــا پـيـســبا اڄ،
دل مون پنهنجي آهڙي آ.
ڪيئن بـابـا ٿئي جـياپو،
مِينهِن هڪڙي باکِــڙي آ.
هدايت ڏيپر جون تشبيهون ديسي / مقامي آهن جن ۾ سنڌي سماج جي صدين جو دردُ سمايل آهي غربت جو آئينه دار آهن ۽ پوسٽ ماڊرنسٽ لاڙي يا رُجحان موجب حياتيءَ جي تشخصَ جون ڳولائو آهن، ڄڻ ته ادب ۾ وڃايل انفراديت جي جستجو جون آئينه دار آهن، جيئن هيءُ بند آهي:
جنهن ڪوٽ تي دل جي ڪام هئي،
سو ڪوٽ پاڙئون ڀُريو گــهڻو.
شاعريءَ ۾ ڪلاسڪ ٻوليءَ جو تحفظ به هن وٽ گَهڻو تڻو علامتن، استعارن ۽ ڪناين ۾ اظهارجي ٿو، هُن وٽ ٻوليءَ جي سادگيءَ واري حُسن ۾ سماجي لسانيات Linguistic Socio جيئن جو تيئن موجود آهي، جيئن هنن ٻن بندن ۾ ’’طعنن جي مرچن‘‘ جو هُن جيڪو استعاروکنيو آهي، سو سماجي لسانيات جي هُوبهو تصوير آهي ۽ ٻئي بند ۾ محبوب جي يادن کي خوبصورتيءَ سان ’’اک جي سَرٽَ‘‘ جي نئين تشبيهه ۾ چِـٽيو ويو آهي.
تو مرچ طعنن جا ٻُرڪيا،
ڦٽ پيار جو آ ڪُريو گهڻو.
ڄڻ سَرٽُ اک جون يادون سندس،
هر وقت هانءَ ۾ هُريو گهڻو.
هدايت ڏيپر جي اڌ ڪتاب جيتري شاعري پڙهي اُن جو فني تجزيو ڪجي ته هُن، هِن وقت تائين بحر متقارب سالم ۽ مثمن مڪسور بحر رمل مربع، بحر هزج مُربح سالم، بحر هزج مثمن اخرب، بحرمتدارڪ وغيره جو ئي استعمال ڪيو آهي ۽ اڃا ٻين کوڙ سارن بحرن تي کيس طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي، ڪي وزن هُن غير مستعمل/غير مروج وزن پڻ کنيا آهن، جن کي مخصوص بحرن ۾ نٿو ڳڻي سگهجي پر اُنهن غير مستعمل بحرن جا ڪي نوان نالا تجويز ڪري ها ته بهتر هو، يا اُنهن جا ڪي بحر به آهن!؟ غير مستعمل وزنن ۾ فاعلاتن فعلاتن فعو ان کانسواءِ فعلن فعولن فعولن فعولن يا وري مفعول مفعولن مفاعلن کي ڳاڻيٽي ۾ آڻي سگهجي ٿو، کوڙ سارن پراڻن ۽ نون شاعرن اهڙا غير مستعمل وزن يا ٽُٽل وزن به سدائين پئي کنيا آهن، هدايت ڏيپر به اهڙي پيشَ رفت ڪندو نظر اچي ٿو.
هدايت ڏيپر فني طرح تُز قافين جي برعڪس آوازي قافين تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ڪِٿي ڪِٿي تُز قافين جو پڻ استعمال پئي ڪيو آهي. سندس اڪثر قافيه خوبصورت آهن پر ڪٿي ڪٿي هن قافين جا نقص واضح ڇڏي ڏنا آهن. مثال سڀن، پنن، وطن، ڏکن، دڳن، وڻن جا قافيه حرف رويءَ جا قافيه آهن، جن سان قافيو ’’ڪفن‘‘ نٿو ٺهي، ڇو ته ٻين سڀني قافين جي آخري حرف تي زير آهي ۽ ’’ڪفن‘‘ قافيي تي ’’ن‘‘ جي مٿان زبر اچي وڃي ٿي.
جـي پـنهنجن جي هـٿان ماريا ويا بـي ڏوھ هـئا جيڪي،
ٻُڌي ڳالهيون شهيدن جون ڪفن کان دانهن نڪري وئي.
لفظ ’’الوداع‘‘ کي رڳو الودا نه ٿو لکي سگهجي جيڪڏهن پويان ’ع‘ نه ڏبي ته ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي اثر پوندو، ائينءَ تجربا، التجا، ابتدا، انتها، زلزلا ۽ دلربا جي قافين سان ’الوداع‘جو قافيو ناقص آهي:
پـيــر لـيڪي ڇڏيو يادگيرين سندا،
شخص هڪ ڳوٺ کي الوداع ٿو ڪري.
جيڪڏهن هڪ ئي وائيءَ ۾ موزون قافيا ڏيڻا آهن ته پوءِ چيٽ سان ميٽ جون قافيو فونيٽِڪ phonetic رڌم جي هم آهنگيءَ نه هئڻ جي ڪري نٿو ٺهڪي، ڇو ته چيٽ لفظ جي ’ٽ‘ اصل ۾ ’’ٽر‘‘ جو صوتي/آواز ڏيندڙ حرف/اکر آهي يا چيٽ سان ليٽ جو قافيو به اَڻ ٺهڪندڙ آهي، وائيءَ ۾ ’’من تي ميٽ مَلڻ‘‘ هڪ غير منطقي ڳالهه آهي:
يادن جو چيٽ،
چڪ پائي چانڊوڪي.
اوسيئڙي ڄَرَ مان گذران،
لعـلـڻ ايـڏي لـيــٽ،
يادن جو چيٽ،
چڪ پائي چانڊوڪي.
سانوڻ ۾ به نه آئين،
من تي مليـم ميٽ .
يادن جو چيٽ،
چڪ پائي چانڊوڪي.

جديد شاعرن کي زير اضافت کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هدايت ڏيپر وٽ زير اضافت وزن جي اعتبار کان نه پر ٻولي جي مرڪب لفظن جي جڙاوت تحت ضرور آئي آهي:
عشق اسان جو مقـتل پهتو،
شــوقِ وفــا جو چولو پائي.
ساهتي پُـرڳڻي جي لهجي موجب ’’تندور‘‘ لفظ مذڪر نه پر مونث آهي، کيس اُن کي مذڪر طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هدايت ڏيپر خود ساهتي پُرڳڻي جو آهي:
دل کي گرمائيندو آهيان،
يادن جــو تـندور تـپائي.
ڀرتيءَ جا لفظ به شعر جي حسنڪاريءَ کي نقصان پهچائن ٿا، هتي ٻي سِٽ ۾ ’’عشق‘‘ لفظ آيو آهي ته پوءِ لفظ ’’هُو‘‘ ڀرتيءَ جو لفظ لڳي ٿو:
حُسن اڄ يار جهڪي ٿو ڏئي،
عـشـق آڏو هُـو غلامي گهڻي.

هدايت ڏيپر غزل تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي، هُن وايون گهٽ لکيون آهن، پر ڪي سٺيون وايون لکيون آهن، هُن وٽ غزل نما وايون ڪونهن، پر هن وٽ شاھ لطيف جي واين وارو گهاڙيٽو آهي ڪي وايون مزاحمتي رنگارنگيءَ ۾ رڱيل آهن:
ڌرتي رتو ڇاڻ ڏسي
ويهون ڪيسين ماٺ ڪري.
هڪ ٻئي وائيءَ جو هي بند ڪيڏو نه خوبصورت آهي!
جي تون مئين ماڳ کان پوئتي،
سورج چنڊ به تنهنجا ڪانڌي
آس اٽل ارادا رک .
هيءَ به هڪ ڪلاسڪ گهاڙيٽي واري وائي آهي، جنهن ۾ خوبصورت منظر نگاري آهي:
دردن سندي ميراڻ،
لڙڪـن ساڻ لاهـــن،
سندرِ ناريون واھ تي.
مجموعي طرح هدايت ڏيپر سنڌ جو هڪ جديد غزل گو نوجوان شاعر آهي جنهن وٽ ٻُــوليءَ جي ترڪيبن، استعارن، ڪناين، علامتن جي نَواڻ نظر اَچي ٿي، تشبيهن ۾ هُو پنهنجو مَٽ پاڻ آهي، فڪري طرح هُن وٽ پوسٽ ماڊرنزم وارو رجحان موجود آهي، جيڪو رجحان کيس اڄ جي ڪافي شاعرن کان بهتر مقام بخشي ٿو، هُو نيو سينسبلٽيءَ کي بهتر انداز ۾ سمجهندڙ شاعر آهي:
مريض مرڪيو دوا ٿي روئي،
خدا جي در تي شفا ٿي روئي.
صدين پُڄاڻان به سُور ساڳيا،
ڪريم آڏو دعا ٿي روئي.
(هدايت ڏيپر)