جديد سنڌي ادب ۽ تنقيد
تنقيد بابت اڪثر ڪري اهڙا اديب منفي ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪي ڪنهن به تنقيدي ٿيوريءَ جو اڀياس ئي نٿا ڪن، جڏهن ته سندن ڳالهيون ڪو به تخليقي جوهر پيدا ڪري نه سگهنديون آهن، اُلٽو تنقيد جي ترويج/ ڦهلاءُ کي روڪڻ جو سامان مُهيا ڪنديون آهن. اُها ڪيڏي نه فڪري غربت آهي، جو تنقيد ۽ تخليق جي اَڻـٽٽ رشتي کي ڌار ڪيو وڃي ٿو ۽ اُهو چيو وڃي ٿو ته ؛ ’’نقاد دراصل منهنجي تخليق کي سمجهي نه سگهيو، ڇو ته هُو پاڻ تخليقڪار ڪونهي.‘‘ اُها هڪ ڪامن ڳالهه آهي ته ڪو به غير تخليقي ماڻهو نقاد بنجي ئي نه سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته نقاد ٿيڻ جي لاءِ هُو پهريان ئي اڳواٽ تخليقڪار هوندو آهي، پوءِ ضروري ڪونهي ته هُو شاعري به ڪري ۽ ڪهاڻيون به لکي، اُها شڪايت ڪرڻ غير منطقي ۽ غير عِقلي ڳالهه آهي.
ايڪهين صدي تائين اَنيڪ نقادن جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن نه شاعري ڪئي، نه ڪهاڻي ۽ نه ڪو ناول لکيو، پر تواريخ جي ورقن ۾ اَڄ به اُهي دنيا جا وڏا نقاد آهن، نالن واري ڳڻپ ڪونه ٿا ڪريون، رڳو اُهو ٻڌايو وڃي ته دنيا جي پهرين ادبي نقاد ارسطو ڪهڙيون ڪهاڻيون لکيون؟ ۽ ڪهڙي شاعري ڪئي ؟ افلاطون لاءِ توهان ڇا چوندؤ؟ اُهو فطري اُصول آهي ته تخليق کي جڏهن نقاد پڙهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن هُو پاڻ به فطري طرح تخليقڪار ئي بنجي ويندو آهي، پوءِ تخليق جي گَهرائي ۾ لَهندو آهي، پوءِ ئي تخليق جي سمنڊ جي تري مان سچا موتي ڳولي سگهندو آهي ۽ پوءِ ئي هُو پاڻ ٻڌائيندو آهي ته هن تخليق جي سمنڊ ۾ ڪي ڪوڙا موتي به آهن ۽ اُنهيءَ ذهني ۽ تخليقي ارتقا ۾ جڏهن نقاد اُنهيءَ تخليق تي لکندو آهي ته پوءَ هُو پاڻ هڪ ٻي تخليق جنم ڏيندو آهي، جنهن جي هيئت ته مضمون جي هوندي آهي، پر اُهو مضمون به تخليق جو هڪ روپ هوندو آهي ۽ ائين هڪ تخليق جي مٿان بي تخليق مضمون جي هيئت ۾ پيدا ٿيندي آهي، جنهن ۾ اُنهيءَ تخليق جي ميرٽس ۽ ڊي ميرٽس جي نشاندهي ٿيل هوندي آهي.
تنهنڪري اُها ڳالهه وڏي واڪي چئي سگهجي ٿي ته تنقيد دراصل تخليق آهي ۽ جيڪو اُنهيءَ ڳالهه جي منطق کان انڪاري آهي، اُنهيءَ کي يورپ جي تنقيدي نظرين جو نئين سِر مطالعو ڪرڻ گهرجي. هِن ڏس ۾ هڪ ٻي الجهن به پيدا ڪئي وئي آهي، اُها اُلجهن هيءَ ته هاڻي اُها پرچار ڪئي پئي وڃي ته موجوده دؤر ۾ تنقيد جو منصب تبديل ٿي ويو آهي، ڇو ته هاڻي ’’نقصن جي نشاندهيءَ ڪرڻ واري منصب‘‘ تان تنقيد کي هيٺ لاٿو ويو آهي ۽ تنقيد جو نئون اُصول طئه ڪيو ويو آهي ته هاڻي تنقيد رڳو تشريح هوندي ۽ بس!
هنن دوستن تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، هنن کي شايد اُها به علمي ڄاڻ نه آهي ته تنقيد جا هڪڙا آفاقي ۽ ڪائناتي اصول هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به تبديل نه ٿيندا آهن، تخليق جي نقصانن يا ڊيميرٽس واري نشاندهي ڪرڻ به تنقيد جو هڪ آفاقي ۽ ڪائناتي اُصول آهي، گهٽ ۾ گهٽ اُنهيءَ سان هَٿَ چراند ته نه ڪريو!؟ هيءُ ويچارا تنقيد جي قَدَ ڪاٺ گهٽائڻ جي غير منطقي چڪر ۾ آهن، اُنهيءَ ڪري يقيناََ تشريح، تنقيد جي هڪ حصي جو ڪم آهي، پر تشريح ڪرڻ مڪمل تنقيد نه آهي. جنهن شيءَ کي اسين ’’تنقيد‘‘ چَئون ٿا، سو انتهائي وسيع لفظ آهي، تنقيد جي رُوح نه سمجهڻ جو نتيجو آهي، جو تنقيد بابت ڪي غلط مفروضا قائم ڪيا وڃن ٿا پر تنقيد خود تخليق آهي، نقاد خود پاڻ تخليقڪار آهي، تخليق کي تنقيد کان ڌار ڪرڻ واري ڪار جاهليت جي زماني جي ياد تازي ڪري ٿي ۽ اِئينءَ تنقيد جو قد ڪاٺ ڪڏهن به نٿو گهٽائي سگهجي، اُها علم دشمني آهي، علم دوستي ناهي. ايڪهين صديءَ تائين جيڪي ماڻهو تنقيدي ٿيوريز جو وسيع اڀياس پئي ڪندا آيا آهن، تن کي چڱي ريت پروڙ آهي ته تنقيد جو قد ڪاٺ گَهٽيو نه پر اڃا به وَڌيو آهي، جڏهن ته تخليق جي تصور جي پراڻي حيثيت به بحال نه رهي آهي، جديد نقادن تخليق کي ’’نج تخليق‘‘ چَوڻ کان انڪار ڪيو آهي. پس ساختياتي نقادن جي نظر ۾ تخليق جيئن ته نئين شيءَ ايجاد ڪرڻ کي ڪوٺيو وڃي ٿو، پراديب ڪابه نئين شيءَ ناهي ڏيندو، پر رڳو مَــتن جوڙيندو آهي، ماضيءَ ۾ ليکڪ جو پنهنجي لکڻيءَ سان اَڻٽُٽ رشتو مڃيو ويو هو، پر جديد نقادن تحرير ۽ ليکڪ جي سگهاري رشتي کي هڪ اهڙو تصور قرار ڏنو، جيڪو سرمايادارانه آئيڊيالاجيءَ کي هٿي وَٺرائيندڙ آهي، هِــنن چَيو ته ’’توهان کي خود فيصلو ڪرڻو آهي ته ادب کي عوامي ڪلچر سان ڳنڍي رکجي يا ليکڪ جي پنهنجي ذات تائين محدود ڪجي؟‘‘ هنن اُنهن سمورين ڪوششن جي مخالفت ڪئي، جنهن تحت ميڊيا جي اندر تخليقڪار جي ذات مرڪزي حيثيت حاصل ڪري ٿي. ساسِيُـوئر چيو ته تخليق ٽيڪسٽ آهي ۽ ٽيڪسٽ ۾ جيڪي ڪجهه ڏنو وڃي ٿو، سو ٻولي ۾ اڳواٽَ موجود هوندو آهي، ليکڪ ورجاءُ ڪندو آهي، رڳو لفظن کي ميڙي ترتيب ڏيندو آهي ۽ اُن ترتيب ۾ رڳو ادبي لوازمات جو خيال ڪندو آهي. جديد ادبي تنقيد ۾ جتي لفظ تخليق کي ’’تخليق‘‘ قرارنه ڏنو ويو آهي، اُتي تخليقڪار کي ٽيڪسٽ جو سبجيڪٽ قرار ڏنو ويو آهي ۽ پهرين اهميت ليکڪ کي نه پر پڙهندڙ يا نقاد کي ڏني وئي آهي.
سنڌ جي اندر جڏهن به ڪنهن تخليقڪار جي شعرن جي فڪري ۽ منطقي نقصن جي نشاندهي ڪبي هُئي ته نقاد کي اُهو چئي رد ڏنو ويندو هو ته منهنجي شعر جو مون وٽ اُهو مقصد ڪونه هو، جيڪو محترم نقاد بيان ڪري رهيو آهي! هاڻي پس ساختيات جي ارتقا کانپوءِ اُها اُلجهن به ختم ٿي وئي آهي. هاڻي تخليقڪار جي معنيٰ سان نقاد جو هم معنيٰ ٿيڻ لازم ڪونهي. تخليقڪار ڀلي ڪهڙي به معنيٰ وٺي، پر نقاد کي پنهنجي ٿيوريءَ موجب معنيٰ بيان ڪرڻي آهي، هونئن به اُهو ضروري ناهي ته تخليقڪار ۽ نقاد جا تجربا هڪجهڙا هُجن، ڪنهن ٽيڪسٽ ۾ هاڻي ٻوليءَ جي لفظن جي اندروني رشتن جي اوک ڊوک ڪئي وڃي ٿي، لفظن جي وچ ۾ مٽي مائٽي ڳولي وڃي ٿي، متضاد لفظن کي نه صرف ڇيدڪاريءَ جي هيٺ آندو ٿو وڃي، پر لفظياتي ٻٽي نظام جي به پرکَ ڪئي وڃي ٿي، جنهن کي بين المتن به چَئي سگهجي ٿو.
ساختيات، ادب ۾ ٻوليءَ کان به وڌيڪ اڳتي وٺي آئي ۽ ادب کي انساني ثقافت جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو، ساختيات چَيو ته ڪنهن به شيءَ کي آئسوليٽ نٿو قرار ڏئي سگهجي، هر حصي جي اهميت اُنهيءَ ڪري آهي، جو اُهو حصو اڳتي هلي هڪ ئي مرڪز ۾ پُـوئجي وڃي ٿو، جيئن غزل يا وائي شاعريءَ جي ساخت جو حصو آهي ۽ شاعري وري ساهت جو حصو آهي، ادب ڪلچر جو حصو آهي، ڪلچر وري انساني حياتي جي ڳانڍاپي جو حصو آهي ايئنءَ شيون ۽ لفظ هڪ ٻئي سان جُڙي هڪ وڏي مرڪز جا مؤجد بنجي وڃن ٿا ۽ مرڪز ڪائناتي بنجي وڃي ٿو، ساختيات رشين فارملزم جو ردعمل هئي، رشين فارملزم فڪر جي بجاءِ هيئت تي زور ڏنو، جڏهن ته ساختيات وارن به ٽيڪسٽ / مسودي ۾ لساني معنيٰ جانچڻ جي ڳالهه ڪئي، ائينءَ اسٽرڪچلرلسٽ نقادن ٻوليءَ جي مرڪزيت اندر ساخت کي ڳوليو، جهڙي طرح جدليات چَيو ته شيون پنهنجي تضادن مان سڃاتيون وينديون آهن، تهڙي طرح ساختيات وارن به ٻن متضاد لفظنBinary Opposite Words جي وسيلي حقيقي معنائن تي پهچڻ جو خواب ڏٺو، مارڪسٽ نقاد جيڪي ساختيات جي نظريي ۾ جنم جنم جا ساٿاري هئا، تن ڏٺو ته تضادن مان سڃاڻپ واري اُها ڪَسوٽِــي ته وري سماج کي طبقاتي متــڀــيد ۾ ورهائي ڇڏيندي ۽ ڏاڍي ۽ ڪمزور هئڻ / ورهائجڻ جي ڪري وري ادب وسيلي هڪ هٿي يا مونو پولي کي طاقت ملندي. اُنهيءَ ڪري هنن چَيو ته ’’ نه ائينءَ ناهي، اسين ٻوليءَ وسيلي ڪڏهن به حقيقي معنائن تائين رسائي حاصل ڪري نٿا سگهون. رولان بارٿسس، جيڪو هڪ ئي وقت ساختياتي ۽ مارڪسٽ نقاد هو، هن چيو ته ٻولي وسيلي پيغام پهچي ئي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻُوليءَ جي لفظن جي ڪا مقرر معنيٰ طئَه ئي نٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته هر نقاد يا پڙهندڙ ڪنهن به تخليق جي اُها معنيٰ ڪڍي ٿو، جيڪا ان جي اندر جي موسم سان هم آهنگ هجي يا سندس ذاتي تجربي يا ثقافتي ڪانسيپٽ سان وابسته هجي، پسِ ساختيات وارن دعويٰ ڪئي ته سنگنيفر ۽ سنگنيفائيڊ به آخري معنائن جون ڪسوٽيون نه آهن، هنن معنائن جي عدم مرڪزيت جي دعويٰ ڪئي، هائيڊيگر گهڻو وقت اڳ چئي چُڪو هو ته اديب لفظن جو قيدي آهي، هُو ڪا به نئين معنيٰ تراشي ئي نٿو سگهي، اهڙي طرح تخليق جي بنيادي حيثيت جي اڳيان جديد علمي تنقيد ايترا ته سوالَ اُڀاريا آهن، جو خود تخليق جي پنهنجي بنيادي حيثيت سُسندي، سڪڙجندي وئي آهي، ۽ دنيا جي ادب ۾ جهڙيءَ طرح شاعريءَ جي مقابلي ۾ نثر وڏي ماهيتي پهلوءَ جو حامل بنجي ويو آهي، تهڙيءَ طرح تخليق جي مقابلي ۾ جديد علمي تنقيدي نظرين تي وڌيڪ تحقيق به ٿي آهي ۽ وري اُنهن جي افاديت به روز بروز وڌندي وڃي ٿي.
سنڌي ادب جي حوالي سان ڪيتريون ئي ٽرئجڊيز آهن، هتي تنقيد کي تخليق به سمجهيو نٿو وڃِي ۽ تنقيد کي اُسرڻ به نٿو ڏنو وڃي، هتي تنقيد کي تخليق دشمني سمجهيو وڃي ٿو، هتي نوجوان نقادن کي خود نوجوان شاعر نٿا سَهن يا برداشت ڪن، هتي جن کي تنقيد جا گُر سيکاريا وڃن ٿا، سي انهيءَ ’’استاد نقاد‘‘ جا پير ڪڍن ٿا، جن انهن کي ٻه اکر پڙهايا، سيکاريا ۽ سمجهايا هئا، اهڙا نوجوان سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي اُستاد نقاد تي به غيرعقلي، غيرمنطقي، ڇَسي ۽ خام خيالي واري تنقيد ڪرڻ کان به نٿا مُــڙن، جڏهن ته انهن جي لکتن/ تحريرن جي حالت اُها هوندي آهي، جو اُهي پڙهڻ کان پوءِ سمجهڻ واري زحمت به گوارا نه ڪندا آهن، اِهڙي حالت ۾ هُو ’’هوائن ۾ لٺيون هڻي‘‘ گذر سفر ڪن ٿا ۽ ’’لئي مان لٺ ڀڃي‘‘ نقاد بنجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
سنڌي ادب جو هيءَ هڪ اهڙو عبوري دؤر آهي، جنهن ۾ دنيا جي عالمي ادب جي ابتڙ (يعني نثر جي اُبتڙ شاعريءَ تي زور آهي) سنڌي ادب جو اُبتو وهڪرو وهڻ لڳو آهي، جيتوڻيڪ جاگيرداري سماج پنهنجي طبعي عمر کائي چڪو آهي، پر جاگيرداري سماج جي نفسياتي عمر گهڻي وڏي ٿي وئي آهي، هتي تنقيد سان رويا به جاگيرداري نظام جي ڪُک مان ڦُٽي ايندڙ رويا آهن، هتي نقاد جو تصور ئي تبديل ڪرڻ جون تياريون آهن. هاڻي نقاد جو تصور ڪن ماڻهن لاءِ هيءُ وڃي رهيو آهي ته جيڪو ماڻهو توهان جي شاعريءَ جي سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪري بس اهوئي نقاد آهي، عجيب صورتحال آهي ايمانداريءَ کي پُٺي ڏيو ته ڀلا نقاد آهيو؟ جنهن شاعر سان اسان جي عقيدت جُڙيل آهي، ان جي ساراهه ڪيو ته توهان ڀلا نقاد سڏجندو؟ نه ته نقاد نه آهيو، اُها بلڪل مايوس ڪُن صورتحال آهي، هن صورتحال ۾ نوجوان نقاد ڪئين ڪم ڪن؟ خودشاعريءَ جي حالت هيءُ وڃي رهي آهي ته سواءِ چند شاعرن جي، باقي سڃ پئي واڪا ڪري! نه شاعريءَ ۾ ورلڊ ويوز آهن نه ئي ڪا تازگي آهي، نه جدت آهي، نه نواڻ آهي! جي اگر ڪجهه آهي ته رڳو ورجاءُ آهي، لفظن کي اڳتي پوئتي ڪري جدت خلقي وڃي ٿي، پر پر اُها جدت به فڪري وسعت سان همڪنار ٿي، عالمگيريت وارن لاڙن جي ڀَــر مان به نٿي گذري، اسان جي ادب جو هڪ وڏو حصو شاعريءَ جي رحم ڪرم تي آهي، سو به اِهڙيءَ شاعريءَ جي رحم ڪرم تي آهي، جنهن شاعريءَ کي تُڪ بندي يا سُگهڙائپ چئي سگهجي ٿو، پر اُها شاعري نه جاذب نظر آهي، نه همه گير نياپي جي داعي آهي، بس شاعريءَ جي رڳو مقدار ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو، معيار ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڪونهي، جڏهن ته فڪشن ادب جيڪي ڪجهه لکيو وڃي ٿو، سو شاعريءَ جي روز بروز ڇپجندڙ ڪتابن ۽ اُنهن جي مهورتن جي هيٺيان ڄڻ ته دٻجندو پيو وڃي. ڪهاڻين تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو به نٿا لکن ۽ جي اگر ڪجهه لکيو وڃي ٿو ته پڙهيو نٿو وڃي، جي اگر پڙهيو وڃي ٿو ته نقاد کي اُتساهه نٿو ڏنو وڃي ۽ نه وري ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين تي ڳالهائڻ لاءِ ڪو تيار آهي. نقادن جي جاءِ اهڙن ماڻهن اچي والاري آهي، جيڪي تنقيد جي هڪ ٿيوري به نٿا پڙهن، ڇو ته سندن تنقيد ۾ ’’جي‘‘ جاءِ تي ’کي‘‘ ۽ ’’کي‘‘ جي جاءِ تي ’’جي‘‘ صلاح ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي ۽ ڪي وري نقاد ٿيڻ جي شوق ۾ انتهائي غير معياري شاعري کڻي، پوءِ انهيءَ تي دنيا جي فلسفن جون ٻُــوريون لاهيندا ۽ ڇَٽيندا ٿا وڃن، جيڪي حقيقي تنقيدي پورهيو ڪن ٿا، تن جا به تختا ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهن، ڇا اِهي دوستَ ادب ۽ تنقيد جا خيرخواه سڏجن!؟
اڄڪلهه نقاد هئڻ جي شوق ۾ ڪيترائي سٺا شاعر به فيس بوڪ تي جيڪا تنقيد ڪري رهيا آهن، تنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هنن سنڌي شاعريءَ جو ته اڀياس ڪيو آهي، پر دنيا جي عالمي، ادبي، فني تحريڪن ۽ لاڙن جو ذرو اڀياس نه ڪيو آهي. سنڌ ۾ الائي ڪيتري شاعري نقادن جي خلاف ٿئي ٿي، شيخ اياز نقادن کي وڇون، نانگ، ڪُتو يا گڏهه سڏيو ته سندس اهو تنقيد ڏانهن رويو علمي رويو نه هو، پر غير علمي رويو هو. بيشڪ هُو ويهين صديءَ جو وڏو شاعر هو پر سندس شاعريءَ جي وڏي اهميت جو سبب به نقاد هئا، پر هن کي سڀني نقادن کي هڪ ئي سانچي ۾ رکي، غيرانساني لقب نه ڏيڻ گهرجن ها. ائينءَ ڪرڻ سان نقادن جي نظر ۾ سندس شاعري جي اهميت وڌي ته نه سگهي؟ وري ساڳي تقليد ته هزار ڀيرا خراب ۽ غير علمي سڏجي، ڇو ته سڌريل سماجن ۾ نقادن کي وڏي عزت بخشي ويندي آهي ۽ غير سڌريل سماجن ۾ نقادن سان اُها ويڌن هوندي آهي، جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. تنقيد ئي ادب جي سَرواڻ آهي، تنقيد سان جيستائين غير علمي ۽ غيرمنطقي رَويا ختم نه ٿيندا، تيستائين نه صحتمند تنقيد پروان چڙهي سگهندي ۽ نه وري صحتمند تخليق جُڙي سگهندي، اُنهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ادب کي هٿ ٺوڪين ادبي لابين ۽ لاڙن کان بچائجي ۽ ايمانداريءَ ۽ سچائي وارن جذبن کي جلا بخشجي، جيئن سنڌي تخليقي ۽ تنقيدي ادب جون راهون روشن ٿي سگهن. اُنهيءَ لاءِ تنقيد جي اوسر لاءِ سازگار ماحول جي ضرورت آهي، جيڪو اسان وٽ بدقسمتيءَ سان پيدا نه ٿي سگهيو آهي!