روسي هيئت پسندي، جديديت ۽ سنڌي ادب
دراصل اسان جڏهن به ڪنهن تخليق جو تنقيدي اڀياس ڪريون ٿا ته اسان جي سامهون ٻه شيون بنيادي حيثيت رکن ٿيون، هڪ فن، ٻيو فڪر. فن يا آرٽ جون جهتون ۽ سمتون لاحد هُجن ٿيون، جڏهن ته فڪر به عام سطحن کان مٿي چڙهندو، جيئن پوءِ تيئن گَهرو ٿيندو وڃي ٿو. فڪر پنهنجيءَ ذات کان شروع ٿئي ٿو ۽ عالمگير ٿي وڃي ٿو. تنقيدي مطالعي ۾ فن کي وڌيڪ اهميت ڏجي يا فڪر کي؟ اُهو به نهايت اهم سوال آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به تخليق جي تجزيي وقت نقاد جو پنهنجو نڪتهءِ نظر حاوي هوندو آهي. جيڪڏهن نقاد خالص فن جو ئي تجزيو ڪري ٿو ته پوءِ فڪر ثانوي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪوبه نقاد خالص فڪر جو تجزيو ڪري ٿو ته پوءِ تخليق جو فن نظر انداز ٿي وڃي ٿو. هنن ٻنهي روين ۾ جتي امتياز ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي، اُتي ڪنهن قابل اعتبار تنقيدي قاعدي جي پڌرائيءَ ۽ تنقيدي نظرئي جي به ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اُهي تنقيدي اُصول ئي رهنمائي ڪندا ته تخليق جي تجزيي وقت ڪهڙي تخليقي سائنس سهڪاري بڻجي سگهي ٿي!؟
اُنهيءَ ۾ ڪونه شڪ ڪونهي ته روسي هيئت پسنديءَ جو اثر نه صرف روسي ادب تي پيو، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ ان جو اثر آمريڪا ۽ يورپ تي به پيو. روسي هيئت پسنديءَ جي تنقيدي اُصولن ۽ نتيجن جا اثر سنڌي ادب تي گهٽ پيا آهن، جهڙي طرح سنڌي ادب جي تخليق تي ترقي پسند نڪتهءِ نظر جو اثر وڌيڪ آهي، تهڙيءَ طرح وجودي فلسفي واري جديديت به سنڌي ادب تي پنهنجو اثر ته قائم ڪيو، پر اُهو گهرو بڻجي نه سگهيو، جنهن جا ڪافي سبب هئا، پر سڀ کان وڏو ڪارڻ هيءُ هو ته محڪوم ۽ پَسمانده سماجن اندر ادب محض تفريح ۽ وجودي احساساتي سوالن واري عياشي نٿو ڪري سگهي. دنيا ۾ جتي به محڪوم، مظلوم، پسمانده ۽ غلام سماج هجن ٿا، اُتي ادب پنهنجي ترقي پسند ڪردار سان ئي سماج جي رهنمائي ڪري ٿو. ادب پنهنجي سماج کان ڌار هُجي ۽ محض وجودي سوالن جي تلاش ۾ ۾ هُجي ته پوءِ مزاحمت ٿيندي. هونئن به ادب بيشڪ انسان جي دريافت آهي، پر لاشڪ خود ادب به اڃا انسان کي ئي دريافت ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. البته اُنهيءَ حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪري سگهندو ته ادب محض ”وجود“ جو ئي عڪاس ڪونهي ۽ وقت جي ارتقا جي سفر ۾ ’’ادب جو ڪارج‘‘ پنهنجي پنهنجي سماج کان وڌي عالمگير/ ڪائناتي ٿيندو پيو وڃي.
اُنهيءَ کان سواءِ ڪابه ادبي تحريڪ يا ڪوبه ادبي لاڙو ”ارتقا جي گهرج“ هُوندو آهي. هونئن به ضرورت ايجاد جي ماءُ هوندي آهي. ارتقا جي مرحليوار سفر ۾ تخليقي ادب پنهنجا جدا رخ طــﺋ ڪري ٿو ۽ تنقيدي اُصولن جي رُوشنيءَ ۾ ئي ڪنهن تخليق يا فن پاري جي مختلف جهتن ۽ رخن جو تعين ڪري سگهجي ٿو. ڪلاسيڪيت هُجي يا نيوڪلاسيڪيت، رومانيت هُجي يا مارڪسزم، اميجزم هجي، سمبالزم، نئچرلزم هُجي، فئنٽسي، اسٽرڪچرلزم هُجي يا سريئلزم، جديديت هجي، مابعد جديديت يا ٻي ڪا ادبي تحريڪ يا لاڙو، اُهي سڀ رويا ڪنهن نه ڪنهن دؤر جي پيداوار آهن ۽ ڪن سماجن ۾ گهڻي وقت کان پوءِ نروار ٿيا آهن. تنقيد جا اُصول به سماجي تغير/ تبديليءَ ۽ تخليقي تبديليءَ سان تبديل ٿين ٿا ۽ مختلف ادبي نظرين/ تنقيدي اُصولن جي به ارتقا ٿئي ٿي. تبديلي اُنهن ۾ به اڻٽر هوندي آهي. جهڙيءَ طرح تخليق جي دنيا به پنهنجي دؤر جي پيداواري تخليقي نظرين کان متاثر ٿئي ٿي، تهڙيءَ طرح تنقيد جي دنيا به مختلف تنقيدي مڪتبهءِ فڪرن کان متاثر ٿئي ٿي. هڪ صدي اڳ 1916ع ڌاري رُوسي نقادن هيئتFormalism تي زور ڏنو، پر اسٽالن جي دؤر تائين ڪافي شيون تبديل ٿي چُڪيون هيون. منهنجي خيال ۾ سنڌي تنقيدي ادب ۾ هيئت Formتي ايترو ڌيان ناهي ڏنو ويو، جيترو ڌيان فڪر تي ڏنو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته تنقيد جي ماڻن ۽ ماپن ۾ اسان هيئت (Formalism) جي ڀيٽ ۾ ٻين ماپن Content (مواد) ۽ Context (سياق و سباق) ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڌريو آهي ۽ تخليق ٿيڻ کان پوءِ ادب کي هڪ معروضي وجود (Objective Entity ) واري حيثيت نه ڏَئي سگهيا آهيون. نتيجي ۾ هڪ طرف ادب اندر سياست جو عمل دخل وڌيڪ ٿو ملي ته ٻئي طرف فن جو خالص تجزيو ۽ ”فني انصاف واري تقاضا“ ٻين ترجيح بڻجي ويئي آهي. پهرين ترجيح ڄڻ ته فڪر ئي رهندو آيو آهي. اُن صورتحال جي پٺيان سنڌ جي پنهنجي اقتصادي بدحالي به آهي ته سماجي پسماندگي به آهي. اُنهيءَ ڪري سنڌي ادب جي تنقيدي اڀياس ۾ به تخليقڪار کي پرکڻ لاءِ ڇو ۽ ڪڏهن؟ وارا سوال نمايان طور سامهون ايندا رهيا آهن. تنقيدي بحث ڦري ڦري ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگيءَ“ جي مڪتبهءِ فڪرن ۾ ئي ورهائجي ٿو وڃي.
اسان وٽ اَدب براءِ اَدب ايتري پذيرائي حاصل ناهي ڪري سگهيو. البته ادب براءِ زندگيءَ وارو ادبي نظريو وڏي اهميت ۽ افاديت رکي ٿو. جنهن مڪتبهءِ نظر کي ادب براءِ ادب چئون ٿا، تنهن نڪتهءِ نظر کي مڪمل طرح رد ڪيو وڃي ٿو. آرٽ براءِ آرٽ جي تصور/ نظريي کي مختلف سماجن جي، مختلف فلسفين ڪافي هَٿي پئي ڏني آهي. جيئن هڪ صدي اڳ 1916ع واري روسي هيئت پسنديءَ وارا تنقيدي مفڪر آهن، جن جي نظرين تحت جذبي ۽ فڪر جو اظهار ثانوي بڻجي وڃي ٿو ۽ ادبي شين جي امتياز جي ڪسوٽي فني لوازمات ئي وڃي بيهارين ٿا يا هنن وٽ ادبي تحرير جي ’’سچائي‘‘ ، نفسِ مضمون ۽ فڪر و نظر جي برعڪس، ٻوليءَ، اسلوب ۽ ٻين فني صنعتن تي بيٺل آهي. البته نين عالمي حالتن ۾ اهي سمورا رُوسي هيئت پسنديءَ وارا اُصول ڇا هِن گلوبل وليج ڏانهن وڌندڙ دنيا جي ادب تي به جيئن جو تيئن لاڳو ڪري سگهبا!؟ اهو سوال ضرور اهميت رکي ٿو.
جديديت جي لاڙي جي تواريخ تي نظر وجهون ٿا ته اُن به نون اسلوبن ۽ ادبي هيئتن جي امڪانن جي نشاندهي ڪئي. جديديت جي حامين ته حقيقت کي به وجود جي اندر ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ادب جي ڪارج تي بحث ڪندي اهو به چَيو ته ’’ادب ڪو سياسي پمفليٽ ڪونهي.‘‘ جيتوڻيڪ وجودي فلسفي کي هڪ مڪمل فلسفو به نٿو چَئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته خود وجودي فلسفو ٽُڪرن جي صورت ۾ تواريخي طرح رُونما ٿيو ۽ وجودي فلسفو هڪ دؤر جي پيدائش هئي. هڪ ’’مڪمل فلسفي وارو نظام‘‘ به هِن فلسفي ۾ ڪونه هو، پر اُنهيءَ کان ڪير انڪار ڪندو ته جديديت جي لاڙي جو بنياد به ان ئي اڳتي وڌايو. خود جديديت کي به جمالياتي تحريڪ ۽ روماني روايتن جي توسيع ڪوٺيو ويو. توڙي جو جديديت جي لاڙي جي پٺيان هڪ وڌو تهذيبي پس منظر هو، پر اُنهيءَ ۾ سگمنڊ فرائيڊ ۽ يونگ جي نفسياتي ڇيد جو به وڏو ڪردار هو.
اسان وٽ جيڪي نقاد جديديت جي هن ڪردار کان انڪار ڪن ٿا ته ”جديديت جي لاڙي، ادب کي سياسي پمفليٽ بڻائڻ کان نه روڪيو هيو“ سي اڄ به سررئيلزم تي ڳالهائڻ کان نٿا ٿڪجن!؟ اُهي 1910ع کان 1930ع واري دؤر جي وچ ۾ سرجندڙ ادب بابت ڪهڙي راءِ ڏيڻ چاهيندا؟ جن ۾ وڏا وڏا ادبي تجربا ڪيا ويا. اُهي رلڪي، البرٽي ۽ ٿامس مور، ڪافڪا، مايا ڪوفسڪي، پاسٽرناڪ جي تجربن کي هيئت پسنديءَ جو ڪهڙو رجحان سمجهن ٿا؟ ٽي ايس ايليٽ جي The west Land، ايذرا پائونڊ جي Huge selwyn mauberly ، جيمس جوائس جيUlysses ڊي ايڇ لارنس جيWomen in love ييٽس جي The Tower ۽ ورجينا وولف جي To The Light house جهڙين فني تخليقن جي تجزيي ڪرڻ وقت هڪ نقاد کي ڪهڙو پاسو وٺڻ گهرجي؟ جيتوڻيڪ اُنهيءَ کان به انڪار ڪونهي ته جديديت جي تحريڪ ۾ ڪي اهڙا اديب به هئا، جيڪي محض وجودي ڳولا تحت تخليق نه سرجيندا هئا. سڀني شين کي سَميٽي اُهو چَئي سگهجي ٿو ته جديديت پنهنجن انيڪ خوبين جي باوجود هڪ اهڙي تحريڪ هئي، جنهن تخليق جي سماجي ۽ سياسي فڪر جي اهميت (خارجي اثرن) کان انڪار ضرور ڪيو هو، اُن ڪري ادبي تخليقن اندر موضوعي معاملن کي هَــٿي ملي.
ُروسي نقادن وڪٽر شڪلووسڪي ۽ رومن جيڪبسن جي سرڪل سان تنقيد جي فن ترقي به ڪئي، پر پوءِ به اڪبر لغاري صاحب جي مضمون ۾ سندن تنقيدي اُصولن جي وڌيڪ وضاحت ٿيڻ کپندي هئي ته وٽن مواد (Content) جو تصور ڇا هو؟ ٻئي طرف تنقيدي اڀياس جي نئين اُصول سياق و سباق (Context) جو مسئلو آهي، جنهن ۾ هڪ نقاد اُهو ڏسندو آهي ته خود تخليقڪار جي ذاتي زندگي ڇا آهي؟ ۽ ان جو هن جي تخليق سان ڪهڙو سُٻنڌ آهي؟ يا هڪ نقاد ويٺو اُهو سوچي ته ادب ڪنهن تخليق ڪيو؟ ڪڏهن تخليق ڪيو؟ ۽ ڇو تخليق ڪيو؟ اهي سوال ذاتيات ڏانهن وٺي وڃن ٿا. اسان کي به اُهو ڏسڻو پوندو ته ڪنهن به تخليق جو ڪارج ڇا آهي؟ يا ڪابه تخليق ڇو وجود ۾ آئي؟ باقي ڪنهن تخليق ڪيو؟ هيءُ سوال وري تنقيدي اڀياس ۾ ذّاتيات جي دائري ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. اُنهيءَ تي فوڪس ڪرڻ ڪنهن به طرح درست نه آهي. باقي تنقيد وقت ”ڪڏهن“ ۽ ”ڪنهن“ جهڙن سوالن جو سڌو تعلق تاريخ سان هُجي ٿو.
ادب انقلاب جو به داعي هوندو آهي، ته ادب تفريح جو به سامان مهيا ڪري ٿو. ادب فن به آهي ته فڪر به ادب قومي ۽ سامراجي استحصال خلاف هڪ زبردست آواز به بڻجي ٿو، ته ادب سُرور، خوشيءَ ۽ لطافت جو به وسيلو آهي. اهڙو ادب جنهن ۾ آرٽ ناهي، سو به ڪنهن اهڙي وڻ جيان آهي جيڪو نه ڇانوَ نه ئي ميوو عطا ڪندو هجي ۽ اهڙو ادب جنهن ۾ صرف فڪر سمائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ فني تقاضائن تي ڌيان نه ڌريو وڃي، اُهو ادب به عملي طرح پُرڪشش، ديرپا ۽ اثرائتو نٿو رهي. پوءِ نيٺ ڇا ڪجي!!؟ هتي اها وضاحت ڪرڻ به لازم آهي ته تخليق ۽ تنقيد جا ڪي اڻ اعلانيل رشتا هجن ٿا يا ڪي سٻنڌ هجن ٿا ۽ ڪي مشترڪ اُصول هجن ٿا، جيڪي پنهنجي دؤر جي مطابقت سان گڏ گڏ هلن ٿا. اُنهيءَ ڪري ڳالهه تنقيد جي اُصولن جي هوندي ته پوءِ اُنهيءَ سان گڏوگڏ تخليق جي ڪارج تي به بحث ٿيندو ۽ اُهو به ڏسڻو پوندو ته ڪنهن به فن پاري جي تخليق کان اڳ هڪ تخليقڪار جو تخليقي پورهيو ڪيترو شعوري آهي ۽ ڪيترو لاشعوري؟ ائين به آهي ته هڪ تخليقڪار جي به ڪن نظرين سان ڪمٽمينٽ هوندي آهي. جيتوڻيڪ اُنهيءَ ڪمٽمينٽ جو تعين به خود ترقي يافته ادب جو مسئلو آهي ته مقامي ادب جو به مسئلو آهي. هڪ اديب جي ڪمٽمينٽ ڪيستائين هجي؟ ادب واقعي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن جو ڪو ٺيڪيدار ڪونهي، پر ادب محض وجودي وارتائن جو عڪس هجي، اهڙي نڪتهءِ نظر کي قبول ڪرڻ صحيح روش نه آهي. هڪ اهڙي تنقيدي صورتحال جي وچ ۾ هڪ تخليقڪار جي آڏو پهرين ترجيح فن هجڻ کپي؟ يا فڪر؟ اهي سوال به بار بار ڪَر کڻندا رهن ٿا.
تنقيد بابت اهي سڀ نظريا ڪنهن منطقي پهچ (Logical Approach) تائين رسي سگهن ٿا، جيڪڏهن سمورن تنقيدي نظرين تي بحث ڪري نتيجا اَخذ ڪيا وڃن. تنهن کان پوءِ اجتماعي سطح تي ڪن تنقيدي اُصولن/ نظرين کي تخليقي ادب تي لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جيئن محترم اڪبر لغاريءَ روسي هيئت پسندي واري ٿيوري تنقيد سوليءَ سنڌيءَ ۾ سمجهائي آهي، تيئن اُنهيءَ آڌار سنڌي تنقيدي ادب جو تقابلي جائزو به وٺي سگهجي ٿو. ۽ رُوسي تنقيد کي سمجهي پوءِ تخليقي ادب تي لاڳو ته ڪري سگهجي ٿي پر اُهو فڪري مغالطو موجود آهي ته بهرحال فن وڌيڪ آهي يا فڪر؟ اهو سوال وري ان سان سلهاڙيل آهي ته اديب جي ڪمٽمينٽ ڪنهن سان ۽ ڪيستائين هجي؟ ڇا به هُجي ۽ ڀلي ته هڪ تخليقڪار جي پهرين ڪمٽمينٽ پنهنجي آرٽ سان ئي هُجي ۽ فڪر ٻين ترجيح هجي، پر هڪ فنڪار پنهنجي زماني کان بي خبر رهي نٿو سگهي. ان ڪري فڪر به تمام گهڻو اهم ۽ بنيادي اهميت جو حامل ٿئي ٿو. ڇو ته فڪر ئي انقلاب جو پيش خيمو هوندو آهي ۽ فڪر ئي ڪنهن به آرٽ کي وڌيڪ پائيدار ۽ حسين بڻائي ٿو. جڏهن ته اُن ۾ فن ۽ فڪر جو توازن ئي ان کي جاوداني بخشي ٿو. رُوسي هيئت پسنديءَ تي وڌيڪ بحث ايندڙ ڪتاب ۾ ڪبو!!