جديديت پُڄاڻان ۽ بيٺڪيت پُڄاڻان
اهڙي موجوده منظر نامي ۾ هڪ نئون ڪتاب مبارڪ لاشاريءَ به لکيو آهي، پر هيءُ ڪتاب ڪو شاعريءَ جو مجموعو ڪونهي، پر هڪ تنقيدي ادب جو ڪتاب آهي، هڪ نئين تنقيدي ادب جي ڪتاب تي يقيناََ سرهائي ٿي اٿم، سڀ کان اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هي ڪتاب ڪِن گـٺل پــيــٺل، ورجايل عنوانن تي مٿا ڪُٽ ڪونه ٿو ڪري پر هيءُ ڪتاب نوَن عالمي ادب جي لاڙن رجحانن ۽ ادبي تحريڪن سان هم ڪلام ٿئي ٿو.
نوجوان نثر نويس/ نقاد مبارڪ لاشاريءَ جي هن ڪتاب جو عنوان آهي ”جديديت پُڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان.“ آئون کيس عالمي عنوانن تي هڪ ڪتاب پيش ڪرڻ تي دلي ۽ ذهني طور مان واڌايون ڏيان ٿو ۽ اها پڻ اميد ڪريان ٿو ته هُـو اڃا به انهن عنوانن تي وڌيڪ تفصيلي ڪتاب لکندو. هن نئين نثري ۽ تنقيدي ڪتاب تي مان پنهنجا تنقيدي ۽ ادبي ويچار لکڻ هڪ فرض سمجهان ٿو، اُنهيءَ لاءِ هيءَ هڪ تنقيدي جائزو پيش ڪَجي ٿو، جنهن ۾ پهرئين ليکڪ جي اهم پيش رفتن واري ڪاميابي ڏانهن نظر ڪبي ۽ ٻين حصن ۾ هن ڪتاب جي تنقيدي ڪمزور پاسن ڏانهن به ڏسبو!
مبارڪ لاشاريءَ جي ڪتاب ”جديديت پُڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان“ جو مهاڳ نامور ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. مهاڳ ۾ عبدالقادر جوڻيجي هن ڪتاب جي ساراهه ڪئي آهي، پر هُن هِن اهم موضوع واري ڪتاب تي فڪر جي ٻين درين مان جهاتي ناهي پاتي ته اُنهن موضوعن کي ٻين ڪهڙن زاوين کان ڏِسي سگهجي ٿو؟
هِـن ڪتاب جي پهرئين مضمون جو عنوان ”جديديت پُڄاڻان“ آهي، جڏهن ته پهرئين مضمون جو عنوان جديديت هئڻ کپي، ڇوته جديديت کي مڪمل طرح سمجهڻ کانسواءِ جديديت پُڄاڻان کي ڪڏهن به نٿو سمجهي سگهجي، خود جديديت پڄاڻان لاڙو، جديديت جي ئي ڪُک مان ڦُــٽي ٿو ۽ وري اُنهيءَ کي رد به ڪري ٿو، پر عنوان جي ترتيب نه هئڻ جي باوجود ليکڪ مبارڪ لاشاريءَ جديديت تي روشني وجهڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اُها انتهائي مختصر ۽ ناقص آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تائين جديدت جي بنيادي ڄاڻ به نه پهتي آهي.
هُــو جديديت جي عرصي (1880 کان 1910) کي هڪ دؤر قرار ڏئي ٿو، پر هُن موجب ’’جديديت جي زور شور وارو زماني 1890 کان وٺي1930 تائين ڳڻائي سگهجي ٿو.‘‘ ڪتاب جي ليکڪ اُنهيءَ زماني جي اهم ليکڪن تي ايس ايليٽ، جيمس جوائس، ازرا پائونڊ ۽ ورجينا وولف وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جديديت ۽ جديديت پُڄاڻان وارن ٻنهي لاڙن/تحريڪن کي هڪ ٽيبل وسيلي پڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن جديديت ۽ جديديت پُڄاڻان جي فرق کي واضح ڪري سمجهائي سگهي پر اُنهيءَ ٽيبل ۾ جديدت ۽ جديدت پُڄاڻان جي ادبي فرق ۽ لوازمات کي گهٽ ۽ سياست ۽ سماج جي زواين کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي، جنهن مان واضح ٿو ٿئي ته ليکڪ وٽ ’’نج ادب‘‘ جو ڪو تصور ڪونهي.
هِن ٽيبل جي مفهوم موجب جديديت ۾ وڏا بيانيه انداز هئا ۽ جديديت پُڄاڻان ۾ تشڪيڪ پرستي ۽ وڏن بياني اندازن کي رد ڪيو وڃي ٿو. ٽيبل موجب جديديت اعليٰ نظرين ۾ هر شيءَ ٺيڪ طرح ٻڌائي ٿي جڏهن ته جديديت پُڄاڻان موجب نظرين Totalization کي رَد ڪري، مقامي يا ننڍڙن بيانن کي اوليت ڏني وڃي ٿي. جديديت ۾ سماجي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي يا درجا بنديءَ لاءِ واضح ايڪي جا بنياد هئا ۽ جديديت پُڄاڻان موجب سماجي ۽ ثقافتي اِجتماعيت واري اِيڪي جا بنياد غير واضح ۽ مشڪوڪ آهن، جديديت جي تحريڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيندڙ ترقيءَ ۾ عقيدو رکندي هئي ۽ جديديت پُڄاڻان لاڙو ساڳي ئي ٽيڪنالوجيءَ واري ترقيءَ ۾ شڪُ ڪري ٿو، ٽيبل موجب جديديت پُڄاڻان موجب غير ۽ مرڪزي اختيار پسندي آهي، جڏهن ته جديديت پُڄاڻان موجب غير تسلسل مرڪزيت ۽ اختيارات پسندي کان ڏور ٽُڪرن ٽُڪرن جو تصور آهي. اُنهيءَ کانسواءِ ڪتاب ۾ جديديت پُڄاڻان کي استوار ڪندڙ ڪجهه تصورن تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. هن حصي ۾ ڪتاب جي ليکڪ اُهوئي موقف ورجايو آهي ته جديديت پُڄاڻان کي بيان به ڪري سگهجي ٿو ۽ بيان نٿو به ڪري سگهجي، اُنهيءَ ڪري ان جي ڪابه حتمي وصف ڪانهي ڇو ته جديديت پُڄاڻان لاڙي موجب ڪابه شيءِ آخري يا قطعي ڪانهي. ليکڪ موجب جديديت پُڄاڻان خود ئي جديديت جو ابتڙ به آهي، تسلسل به آهي ته جديديت جو رد عمل به آهي. ليکڪ موجب جديديت مان مراد جديد Modern ادب نه سمجهڻ گهرجي، منهنجي خيال موجب خود جديديت ڇاکي ٿو چئجي؟ مبارڪ لاشاري ان جي وضاحت جيتوڻيڪ نه ڪري سگهيو آهي پر جديديت پُڄاڻان جي لاڙي جي وڌيڪ تشريح ڪندي هُــو ٻڌائي ٿو ته جديديت ۾ خود وڃائڻ Lose of self واري خيال تي جديديت پُڄاڻان جو رويو ٺٺول ڪري ٿو ، جشن ملهائي ٿو ۽ جديديت پُڄاڻان موجب جديديت جي سائنسي ٽيڪنالاجي انساني تاريخ انساني وجود ۽ مرڪز وارا منصب وڃائي ڇڏيا آهن يا گُهٽي ڇڏيا آهن. ليکڪ ’’سرشتي وار تشڪيڪ پرستيءَ‘‘ ۾ اُنهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو، ته جديديت پُڄاڻان موجب جديديت جو علم، ادب، ترقي، خوشحالي اُهي سڀ شيون انسان جو نقصان ڪن ٿيون ڇاڪاڻ ته اُهي شيون انسان کي ڪجهه ڏيڻ ڪونه ٿيون اُنهن سڀني شين کي جديديت پُڄاڻان شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڌاريائپ جو الزام هڻي ٿو ۽ جديديت پُڄاڻان شڪ موجب انهن شين ماڻهن کي داخليت کان پري ڪري ڇڏيو آهي اُنهيءَ کانسواءِ اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته پوسٽ ماڊرنزم موجب روشن خياليءَ جو موت The death of Enlightenment ٿي چُڪو آهي، ۽ اُنهيءَ روشن خيال تحريڪ، عقل ۽ دليل سان انسان جي سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي، سا ڪوشش ناڪام ۽ غير منطقي هئي، ليکڪ مبارڪ لاشاريءَ جديديت پُڄاڻان جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته ان موجب ترقيءَ ۽ حقيقت جون جيڪي به دعوائون ڪيون ويون، سي هن وقت ختم ٿي چڪيون آهن. علحدگي جو احساس ۽ ’’وجود جو مرڪز کان دوري جو احساس‘‘ جنم وٺي چڪو آهي، زندگي رڳو نفي آهي ۽ زندگي هاڻي صرف مختلف تضادن جي سڃاڻپ آهي. هر شيءَ چڱائي برائي، جنس، ٻُولي جو تصور مصنوعي آهي سچ، حقيقت ۾ مداخلت آهن ۽ قدرَ تبديل ٿيندڙ حاڪميت جي تصورن سان سلهاڙيل آهن ۽ پوسٽ ماڊنزم انهن سڀني اعلانن کانسواءِ اهو پئي چئي ٿو ته عقيدن جو زوال اچي چُڪو آهي، عالمي ثقافت Global Culture پيدا ٿي چڪو آهي، اُنهيءَ کانسواءِ ليکڪ اُهو پڻ واضح ڪيو آهي ته جديديت پُڄاڻان موجب سڀ وڏا علم فنا ٿي چڪا آهن، ڇو ته اُهي ٻن عالمي جنگين کي روڪي نه سگهيا ۽ هيءَ عڪس جو دؤر آهي جو سمورو ڪمال ميڊيا جو آهي، عڪس ۾ ڪوڙ به آهي ته دلفريب ڳالهيون به آهن.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ مبارڪ لاشاري جديديت پُڄاڻان ۽ جادوئي حقيقت نگاري تي پڻ روشني وڌي آهي ۽ پوءِ پوسٽ ماڊنزم واري حصي ۾ گلوبلائيزيشن جي ڪري پيدا ٿيندڙ مونجهارن تي پڻ ڪجهه روشني وڌي آهي تنهن کان پوءِ هندستاني فلم سلم ڊاگ ملينيئر جي ڪهاڻيءَ ۾ ٽين دنيا جي قسمت واريون ڳالهيون ثابت ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي ۽ مائيڪل جيڪسن کي جديديت پُڄاڻان جي هڪ علامت ڪوٺيو آهي، پوسٽ ماڊنزم واري بحث ۾ فلم جو ذڪر ليکڪ جو غير ضروري اضافي بحث به لڳي ٿو ۽ ڪجهه عجيب به محسوس ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ کان اڳ شروع ڪيل جديديت پُڄاڻان جا وڏا فڪري بحث اڃا ليکڪ کان گهڻو ڪجهه گُهري رهيا هئا، سائنسي ٽيڪنالاجي، روشن خيالي، عقل پرستي ۽ علمن توڙي تاريخ جي زوال واري هيڏي وڏي دعويٰ جڏهن جديديت پُڄاڻان لاڙو ڪري ٿو ته پوءِ انهيءَ کي رد ڪرڻ يا اُنهيءَ جي حمايت لاءِ ليکڪ خود پنهنجو تخليقي ۽ تنقيدي رايو نه ڏئي سگهيو آهي، بلڪه اُن جي جاءِ تي فلم يا مائيڪل جيڪسن جو ذڪر اچڻ هڪ بي ترتيبي به آهي ۽ وڏن فڪري بحثن کان لنوائڻ جي به نشاندهي آهي، جيتوڻيڪ اُنهيءَ حقيقتن کان انڪار ڪونهي ته مبارڪ لاشاريءَ جي ڪتاب جو هڪ حصو، جيڪو جديديت پُڄاڻان تي منحصر آهي سو ڪجهه ڄاڻ ڀريو آهي. هِن طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳ ايتري ڄاڻ هڪ جاءِ تي ڪٺي ڪري ناهي ڏني وئي. جنهن جي لاءِ نوجوان ليکڪ مبارڪ لاشاريءَ کي وڏي جس هجي. ۽ هر طبقي جو ماڻهو اُنهيءَ مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪا ليکڪ جي ڪاميابي ليکجي، پر خود جديديت جي ايتري ڄاڻ ڇو ڪانهي؟ ليکڪ پنهنجي ڪتاب جي هن اڌ حصي ۾ جديديت پُڄاڻان جي ڄاڻ ڏيندي آخر ۾ شايد اُن کي منهنجي خيال ۾ سامراج جو پيدا ڪيل هڪ سمجهي ٿو. پر پوسٽ ماڊرنزم کي سامراجي نظرئي سازيءَ قرار ڏيڻ سان ڪيترا نقاد متفق هوندا؟ ڇاڪاڻ ته پوسٽ ماڊرنزم جا ڪي حصا ته استحصالي سامراجيت جي به خلاف بيٺا آهن؟
منهنجي خيال ۾ ته خود ليکڪ به اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته جديديت پُڄاڻان هڪ تحريڪ آهي يا هڪ لاڙو؟ اهو هڪ سوچ جو ٽرينڊ ميڪر رويو آهي يا نظريو؟ ڪٿي اهو اُنهيءَ کي نظريو ڪوٺي ٿو ۽ ڪٿي ان کي هڪ تحريڪ سمجهي ٿو. ٻي ڳالهه ليکڪ پنهنجن مضمونن ۾ ڄاڻ ته ڏئي ٿو پر اُنهن مضمونن ۾ سندس ’’تجزياتي رُوح ‘‘ نظر نٿو اچي. تجزياتي قوت جي لاءِ سندس قلم ۾ اڃا وڌيڪ نکارَ جي گُهرج آهي. اُنهيءَ کانسواءِ ليکڪ جي ٻوليءَ ۽ مواد ۾ ادبيت گهٽ نظر ٿي اچي. ڏسڻو اهو هوندو آهي ته پيش ٿيندڙ شيءِ جي پيشڪش صحافتي آهي يا ادبي؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب جي ليکڪ نج خالص ادب کي نهايت ئي گهٽ ڇُهيو آهي.
منهنجي خيال ۾ نوجوان ليکڪ مبارڪ لاشاري جديديت جي ڪافي ڄاڻ ڏيندي به جهڙي طرح جديديت تي تفصيل وار سمجهاڻي ناهي ڏني، تهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ جديديت پُڄاڻان جي رويي جو بنياد به نه سمجهايو آهي. اصل ۾ ليکڪ کي جونٿن رابن جي ڪتاب Softy City جي حوالي سان جديديت پُڄاڻان جي ذڪر جو آغاز ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته 1970ع ۾ لنڊن ۾ ئي اُنهيءَ ڪتاب کان پوءِ جديديت پُڄاڻان جي سوچ واري رويي جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ جديديت جي خلاف جيڪي به ردِ عملن جا سگهارا تصور هئا، سي دريدا جي رد تشڪيل Deconstruction ۾ هئا، مبارڪ لاشاري جديديت پُڄاڻان جي رويي جو بنياد دريدا جي ٿيوريءَ مان هتي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش به نٿو ڪري ۽ نه وري ڪٿي به اُنهيءَ جي دفاع ۾ جدلياتي ماديت جي شعور جو سهارو ٿو وٺي، جنهن جي ڪري هُــو جديديت پُڄاڻان کي مڪمل طرح جدلياتي شعور جي روشنيءَ ۾ ڏسي نه سگهيو آهي. ڇو ته عالمي لاڙن فني ادبي تحريڪن پٺيان ڪونه ڪو فلسفو ئي حقيقت ۾ بنيادي جوهر بنجندو آهي ۽ لاڙن ۽ تحريڪن پٺيان بنيادي فلسفي کي سمجهڻ کانسواءِ اِهڙن عالمي رجحانن روين، لاڙن يا تحريڪن کي سمجهي نٿو سگهجي. منهنجي خيال ۾ ته دريدا جي ٿيوري اُهوئي بانوَر ڪرائي ٿي ته ڪا شيءِ آهي جيڪا عقل جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، ڪڏهن اها شيءِ Differences جو ويسُ پائي ٿي ۽ ماڻهوءَ جو عقل پريشان ٿي وڃي ٿو، ۽ اُها ئي شيءِ ماڻهوءَ جي سوچ کان مَٿي هوندي آهي. عقل اُن کي سوچڻ جي طاقت نٿو رکي پر اُن جي تعمير تشڪيل ئي عقل جي گهٽتائيءَ سان شروع ٿيندي آهي. دريدا جي ڊي ڪنسٽرڪشن ٿيوري کي آخري شڪل ته 1907ع ۾ ڏني وئي، پر طاقت ۽ علم جي نظرئي جي آميزش 1969ع ۾ ٿي. دريدا جي ٿيوري ڪنهن نئين علم جو بنياد ڪونه ٿي رکي پر قديم تشڪيڪ پرستيءَ جا دروازا کُولي ٿي. جديديت پُڄاڻان وٽ جيڪا تشڪيڪ پرستي آهي، تنهن جو ماخذ دريدا جي ڊي ڪنسٽرڪشن ٿيوري ئي آهي، ڇو ته دريدا هن سان وابسته علم کي شڪ جي نگاهه سان ڏِسي ٿو، دريدا ئي اخلاقي قدرن جو به ڄڻ جنازو ڪڍيو هو، نوجوان مبارڪ لاشاري دريدا جي ٿيوري ڊي ڪنسٽرڪشن تي روشني وجهي ها ته جديديت پُڄاڻان کي سمجهڻ جو بنياد ميسر ٿئي ها، ۽ پوءِ مارڪسي جدليات جو سهارو وٺي ها ۽ هائيڊيگر جوبه ذڪر ڪري ها! دريدا کانسواءِ نٽشي جي فلسفي جي به جديديت پُڄاڻان مدد حاصل ڪئي آهي اڄ جديديت پڄاڻان جو لاڙو، جديديت تي ٺٺول ڪري ٿو ته جديديت جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري ترقيءَ فرد کان داخليت ڦري ورتي آهي. ساڳئي نموني نٽشي چيو هو ته ”جديد حياتيءَ تي سائنس ۽ علم جو ڪنٽرول ضرور آهي، پر اُنهيءَ علم جي سطح جي پٺيان هڪ وحشي ۽ بي رحم توانائي آهي، اُنهيءَ ڪري اُن نام نهاد تهذيب وٽ مناسب عقليت ۽ آفاقيت/ ابديت جي ڪابه معنيٰ ڪانهي. ۽ رُوسو به چيو هو ته ”تهذيب انساني سڪون جي دشمن آهي ڇو ته اُنهيءَ فطرت ڦري ورتي آهي.“ هن ڪتاب جو ليکڪ اِهڙن فلسفن جي اُپٽارَ ڪتاب ۾ ڪري نه سگهيو آهي.
مبارڪ لاشاري هن ڪتاب جي 17 صفحي تي لکيو آهي ته:
1980, Post Modernismع جي عرصي کان پوءِ واري ترقي يا ثقافتي اُؤسر کي چئجي ٿو، توڻي جو ڪجهه مفڪر اُنهيءَ ڳالهه کي مڃين ٿا ته جديديت پُڄاڻان جو عرصو اصل ۾ ٻي عالمي جنگ کان پوءِ شروع ٿي وڃي ٿو. مبارڪ لاشاريءَ اُنهيءَ ڏس ۾ ڪي خاص حوالا پيش ڪري نه سگهيو آهي. جن ۾ پوسٽ ماڊرنزم جي آغاز جو درست اندازو ڪري سگهجي.
منهنجي خيال ۾ هن ڏس ۾ Charles Jenks جي چَوڻ کي اهميت ڏيڻ کپي، چارلس جيڪنس چيو هو 1972ع ۾ جديديت پُڄاڻان جو آغاز ٿي چُڪو هو، هن کان اڳ مون جونٿن رابن جي ڪتاب Softy City جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ڪتاب ۾ شهري زندگي جي حالت ڏيکاري وئي آهي، هن ڏس ۾ مان Terry Eagleton جي خيال کي ورجائيندس، جنهن چيو هو ته ’’جديديت دنيا کي جنهن نگاهه سان ڏسي ٿي، ان جي يڪسانيت مان بيزاريءَ جو عمل جديديت پُڄاڻان کي جنم ڏئي ٿو.‘‘، ساڳي ڳالهه 1984ع ۾ Huyssens به چَئي هئي ته ”آمريڪا ۽ يورپ جي سرمايادارانه سماجن ۾ جديديت جي خلاف ردعمل شروع ٿي چُڪو آهي، جيڪو جديديت کي ختم ڪري ڇڏيندو.“
هاڻي ڏِسڻو هيءُ آهي ته جديديت جي خلاف اهو جديديت پُڄاڻان جو ردعمل درست هو يا نه؟ ڇا جديد سرمايادارانه سماج اُتي يڪسانيت پيدا نه ڪئي آهي؟ ڇا جديديت واقعي داخليت ڦُــري نه ورتي آهي؟ ڇا مشيني حياتيءَ ماڻهن جو ذهني سُڪون ختم نه ڪيو آهي؟ ڇا ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سمورا مسئلا حل ڪري ورتا آهن؟ ڇا هاڻي جديديت پُڄاڻان صورتحال احساس جي اسٽرڪچر/ بيهڪ ۾ تبديليءَ جو اعلان نٿي ڪري؟ ائين وڏن ڊگهن فڪري سياسي، سماجي ۽ ادبي بحثن جو نئون آغاز ڪري سگهجي ٿو، پر مبارڪ صاحب جديديت پُڄاڻان تي ادب ۽ فلسفن جي مٿين بحثن جي شڪل ڏئي نه سگهيو آهي، ٻئي پاسي مبارڪ لاشاريءَ کي جَس هجي، جو هُن جديديت پُڄاڻان جي رَويي کي پهريون ڀيرو سڀ کان اڳ سياسي، سماجي، صحافتي ۽ خاص طرح سان ثقافتي آئيني ۾ ڏٺو آهي. مبارڪ علي لاشاريءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ جديديت پُڄاڻان تي ڪا خاص تنقيد ناهي ڪئي بس جديديت پُڄاڻان جي رويي لاڙي جي سامراجيت کي ننديو آهي، پوءِ ڪٿي هُن اُن کي فلمن راڳ ۽ ٽين دنيا جي قسمت ڏانهن جوابدار بنائي پيش ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ليکڪ گهڻو تڻو جديديت پُڄاڻان کي ڊفائين ڪرڻ لاءِ لکيو آهي. ۽ شيون ”جيئن جو تيئن“ پيش ڪيون آهن جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ اُهي مذڪوره فڪري بحث نه ڪيا ويا آهن پر مُوضوعاتي حوالي سان از خود هيءَ ڪتاب سنڌ جي سمورن نقادن کي دعوت ضرور ڏئي ٿو ته اُهي نقاد صاحبان اُن بابت ڪي نوان ڪتاب/ آرٽيڪلس لکن. مثال طور ”جديديت پُڄاڻان فلسفن جي مزيدار بحثن سان گڏوگڏ ”ليکڪ“ جي تاريخ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جي موت جو اعلان ڪري ٿو، ساڳيءَ طرح جديديت پُڄاڻان لاڙو ماضيءَ سان رشتي ٽٽڻ جو اعلان ڪري ٿو، پر ماضيءَ سان قومن جي تاريخ وابسته آهي، اها تاريخ نه صرف قومن جي ثقافتن ادبن، ٻولين ۽ تهذيبن جي عڪاسي ۽ امين آهي پر ساڳئي وقت اها قومن جي انفراديت جو تعين به هن گلوبلائيزيڊ ڪلچر ۾ ڪري سگهڻ جو سَتُ ساري ٿي ۽ اها ئي تاريخ مستقبل جي راهن ۽ دڳن يا رستن جي گائيڊ لائين ڏيندڙ آهي ۽ اهڙيءَ طرح سماجي قدرن ۾ تبديلي جيتوڻيڪ فطري قدرتي يا جدلياتي طرح ٿيندي رهندي آهي پر هر سماج پنهنجي پنهنجي ڪلچر ۽ تهذيبي نفسيات جي ارتقائي روشنيءَ ۾ سماجي/ ثقافتي قدرن جي پالنا ڪري ٿو ۽ تبديل ٿيندڙ لمحن ۾ به هر سماج گهربل قدر رد نٿو ڪري پر مُدي خارج قدرن کي خود ڪار جدلياتي انداز ۾ ڄڻ ته هڪ ’’فطري نظام تحت‘‘ قبول به ڪري ٿو، سو جديديت پُڄاڻان جي رويي يا رُجحان موجب گهٽ ۾ گهٽ پسمانده سماجن ۾ ڪا وڏي تبديلي هن قسم جي ايندي، سا به جلدي نتيجه خيز هوندي. اها دعويٰ نٿي ڪري سگجهي، ها البته ادب سماج جي اڳيان هلندو رهندو آهي پر جڏهن پوسٽ ماڊرنزم لاڙو تاريخ جي موت جو اعلان ٿو ڪري ته پوءِ اُنهيءَ جو مقصد اُهو ڪونهي ته تاريخ جي هر عمل جو خاتمو اچي ويو آهي، پر اُن جو مقصد آهي ته سابق روس ٽٽڻ کان پوءِ تاريخ جا وڏا واقعا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن ۽ هاڻي تاريخ ۾ ڪو وڏو واقعو نه ٿيندو، جديديت پُڄاڻان جي مطالعي مان ڪڏهن ته ائين لڳي ٿو ته جديديت پُڄاڻان خود جديدت کان ڪو بغاوت جو نالو آهي ۽ ڪڏهن ائين ٿو لڳي ته جديديت پُڄاڻان خود جديديت جو ئي هڪ رجحان آهي!؟
مبارڪ علي لاشاريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ بيٺيڪيت ۽ بيٺيڪيت پُڄاڻان جو به مطالعو ڏنو آهي، جيڪو مطالعو سياسي سطح تي واکاڻ جوڳو آهي پر هن مطالعاتي تناظر ۾ اهم ۽ وڻندڙ سندس تحرير ”بيٺيڪيت پُڄاڻان تنقيد نگاري“ آهي، جنهن ۾ هُن ٻُڌايو آهي ته بيٺيڪيت پُڄاڻان تنقيد نگاري ادب ۾ آفاقيت کي رد ڪري ٿي ڇوته تنقيد جي هن قسم موجب اگر ادب کي ڪلاسيڪيت مڃي وٺجي ته پوءِ ان جي ٽُوڙ ڦُـوڙ Deconstruction ڪونه ٿي سگهندي، جڏهن ته جديديت پُڄاڻان ۾ به ساڳي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، تخليق کي توڙي ڦوڙي ان جي اندروني بناوت Structuralism جانچي ويندي آهي، جيئن ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي. ليکڪ ڪتاب ۾ اُهو پڻ ٻڌائي ٿو ته بيٺڪيت پُڄاڻان تنقيد نگاري نظريو يورپ جي ادب ۾ پيش ڪيل اهڙي سوچ ۽ ڪردار نگاري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ ڏِسي ٿو ته حاڪم قوم جي ڪري ڪردارن ۽ محڪوم قوم جي ڪردارن کي ڪيئن پيش ڪيو ويو آهي؟ هن ڏس ۾ ليکڪ هن تنقيد نگاري جي قسم جي اهم نقادن ايڊورڊ، سعيد، گرامچي، مائيڪل فوڪو، فرانز، هومي ڀاڀا وغيره جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ مبارڪ علي لاشاري هڪڙي نظم جو بيٺڪيت پُڄاڻان مطالعو به ڪيو آهي، جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي ڇو ته اُنهيءَ ۾ هڪ تجربو ڪيو ويو آهي، ڪهڙيءَ به طرح نظم جو مطالعو عملي تنقيد ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو!
مجموعي طور مبارڪ علي لاشاريءَ جو هي نثري ادب ۽ تنقيدي ادب وارو ڪتاب واکاڻ جوڳو آهي ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ ۾ نون مُوضوعن کي ڀليڪار ڪيو ويو آهي ۽ اُهي نوان موضوع تخليقي ذهن رکندڙ ماڻهن لاءِ ضرور ڪي نوان تخليقي رستا ٺاهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.