لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

خليق ٻگهيو سنڌي نوجوان نقاد ٽهيءَ ۾ نشانبر ادبي نانءُ آهي. ’ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا‘‘ سندس پھريون تنقيدي ڪتاب آهي. خليق ٻگهيي هِن ڪتاب ۾ نہ رڳو شاعري ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن تي تنقيدي تجزيا ڪيا آهن بلڪہ هُن ادبي تحريڪن ۽ مروج نون زاوين بابت بہ کُليل روح سان لکيو آهي. جنهن سان هن ڪتاب ۾ تنقيدي ورائٽي بہ نمايان ٿي آهي. سندس لطيف شناسيءَ بابت لکيل ليک خليق ٻگهيي جي ڪلاسڪ ادب تي گرفت ڏانھن ڌيان ڇڪرائين ٿا تہ نئين ٽھيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن تي لکيل سندس ڪيئي مھاڳ/رايا سندس جديد ادبي ڪائنات تائين پُھچ جا پاڻ هـڙتو گواهه آهن.
  • 4.5/5.0
  • 313
  • 88
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليق ٻگهيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

خيال جي تازگي جو مؤجد شاعر - سعيد سومرو

سعيد سومري جي ڪتاب ”اڌ خيال جي خاڪ“ جو تنقيدي جائزو

خيال جي تازگي جو مؤجد شاعر - سعيد سومرو

شاعريءَ جي سگهه خيال ۾ هوندي آهي ۽ فن اُنهيءَ خيال جو قالب هوندو آهي يا ائين چَئجي ته خيال هڪ ٻُوٽو آهي ۽ فن اُنهيءَ ٻُوٽي جو گُلدان هوندو آهي، هاڻي ٻُوٽو جيترو توانا ۽ خوشبوءَ وارو هوندو اُوترو ئي اثر انداز ٿيندو، پر جيڪڏهن ٻُوٽو غير توانا يا سُڪل هوندو ته پوءِ سُهڻو گلدان به ٻُسو يا بي اثر پيو نظر ايندو. اُنهيءَ ڪري بنيادي اهميت ٻُوٽي يعني خيال جي آهي.
انساني خيال به هڪ ارتقا رکن ٿا، خيال ٻالڪپڻيءَ ۾ بي سمت چشمن جيان هوندا آهن، جيڪي جوانيءَ جي زماني ۾ تربيت پائين ٿا ۽ ڪنهن نه ڪنهن سمت يا طرف جو تعين ڪن ٿا ۽ پوءِ خيال ڪِٿي ته پوڙهائپ ۾ به نوجوان رهن ٿا ۽ وري ڪِٿي جوڀن ۾ به پوڙهائپ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. آرٽ جو بنيادي ڪم انساني خيال کي اهڙي سگهه بخشڻ آهي، جيڪا سگهه خيال جي پوڙهائپ کان نجات جو ڪارڻ بنجي سگهي- اُهو ئي سبب آهي، جو دنيا جو شاهوڪار آرٽ هڪ ماڻهوءَ نه پر سڀني ماڻهن ۾ هڪ ڪائناتي ارادي جي سگهه will power پيدا ڪندو آهي- اُهاارادي جي سگهه ئي اُداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ڪُنَنَ مان ڪَڍي انساني فڪري آجپي جو سبب بنجندي آهي، جڏهن ته اُنهيءَ سموري سگهه جو نظام خيال جي پٺيان ئي پنهان هوندو آهي - ڪي خيال وري دُهرايا ويندا آهن، جنهن جي ڪري اُهي خيال پنهنجي اثرپذيري وڃائي ويهندا آهن، پر ڪِي خيال جدت ڀريا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي نوع ۾ منفرد ۽ غير معمولي اثر قائم ڪندا آهن- شاعريءَ جي آرٽ ۾ به خيال جي جدت، خيال جي انفراديت، خيال جي اسلوبيت ۽ خيال جي تازگي سڀ کان وڌيڪ اثر پذير جهتون هونديون آهن، جيڪي شاعريءَ جي معيارَ جي ڪَٿَ ڪنديون آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ موجوده عهد جي شاعريءَ جي غير معياري هئڻ جو هڪ بنيادي محرڪ خيالن جو ورجاءُRepeation آهي، اُهو خيالن جو ورجاءُ پنهنجي همعصر عهد جي شاعريءَ جي خيالن جو به هوندو آهي ته وري پنهنجي ئي تخليق جي فڪري ٿاٽ جو به هوندو آهي، هڪ شاعر پنهنجي عهد توڙي ماضيءَ جي شاعرن جي اثرن کي ڀلي قبول ڪري، اُنهيءَ جو تسلسل بنجي وڃي ته اُها ڪا فڪري ڪمزوري ناهي هوندي پر پنهنجي عَهد يا ماضيءَ جي شاعريءَ جي خيالن کي ورجائڻ هڪ اهڙي روايت پسندي آهي، جيڪا جدت جا سمورا دڳ روڪي ٿي - خيال جي روايت پسندي سطحيت پسنديءَ کي جنمي ٿي، اهڙي شاعري ڪڏهن به معياري نٿي ڪوٺي سگهجي، جيڪا پنهنجي خيال ۾ نواڻ پسند نه هجي، ڇاڪاڻ ته خيال ئي خاڪا (ايندڙ وقت جا ماپا) vision تخليق ڪن ٿا، خيال ئي تخيل Imaginations جوڙين ٿا ۽ خيال ئي نوان عڪس خلقين ٿا- اُها سنڌي ادب جي عصري تقاضا به آهي ته تخليق جا تخيل/ تصور غير روايتي هُجن. ڇاڪاڻ ته موجوده عهد ۾ روايتي، سطحي شاعري فن جي رُوح جي ڪشش ختم ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف سنڌي شاعريءَ جي موجوده ادبي منظر نامي ۾ ڪي چند اهڙا به شاعر آهن، جن وٽ مختلف خيال جا خاڪا visionsمختلف تخيل Imaginations ۽ نوان عڪس Reflections New آهن، جنهن جي ڪري سندن شاعري غير روايتي، پُرڪشش ۽ اَثرپذير آهي- نوجوان شاعر سعيد سومري کي اِهڙي معياري شاعريءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کانپوءِ بِنا هَٻڪ جي اُهو چئي سگهجي ٿو ته سعيد سومرو سنڌ جي موجوده عهد جي شاعريءَ ۾ خيال جي تازگيءَ جو مؤجد شاعر آهي. اُنهيءَ جو سڀ کان وڏو ثبوت/ دليل سندس ئي نئون شعري مجموعو ”اڌ خيال جي خاڪ“ آهي، سعيد سومري جي هن شعري مجموعي جي شاعريءَ ۾ نه صرف خيال جا نوان خاڪا/ تصور موجود آهن، پر خيال جي جدت يا تازگي ايتري ته پُراثر ۽ گَهري آهي، جو اُها سندس سموريءَ شاعريءَ جي هڪ وڏي ’’فڪري خاصيت‘‘ بنجي شروع کان ئي اُڀري ٿي ۽ پُڄاڻيءَ تائين پنهنجي غالب حيثيت کي برقرار رکندي اچي ٿي:
ايئـن لَـکڻهار ِسِٽ لِـکي آهي،
شهــرَ ۾ شــام ڄڻ لــٿي آهي.
آرٽ پنهنجي فطري جُوهر ۾ امير ۽ ڪشادو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن آرٽ ۾ دائمي فڪر براجمان ٿيندو آهي، تڏهن دائمي فڪرُ آرٽ کي صدين جي قوت بخشيندو آهي ۽ زمان ۽ مڪان واري سحر کان نجات وٺي حياتين لاءِ صدين جو سَنيهو بنجي ويندو آهي - سعيد سومري جي هن شعري مجموعي واري آرٽ ۾ به دائمي فڪر واري آرٽ جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي، پر اُنهيءَ ’دائمي فڪر‘ جي بيهڪ ۾سعيد سومرو پنهنجي تخليقي اڳڀرائيءَ جي بنياد تي دائمي فڪر جي اسلوب يا پيشڪش ۾ تبديلي آڻي ٿو ۽ پنهنجي خيال جي غير روايتي آرٽ جي ساک ڀَري ٿو، اڪثر سماج اندر حياتيءَ جي ننڍڙين خوشين لاءِ دعا گُهري ويندي آهي يا ڄاڻي واڻي سماج جا ڪيترائي فرد ڪنهن رُومانس ۾ پاڻ کي درد ڏيندا آهن يا خوشيءَ ۽ غم جي روايتي تصورن کي ئي حياتيءَ جو مقدر سمجهيو ويندو آهي، پر سعيد سومري وٽ مقدر جو به غير روايتي ۽ جديد تصور موجود آهي ۽ سندس اُنهيءَ خيال جي انفراديت سُرور بخشي ٿي:
غم خوشيءَ جو اچڻ وڃڻ نه کپي،
مون کي ڪو دائــمي مـقـدّر ڏي.
ڪڏهن ته صُبح ڪنهن جو پنهنجي پرينءَ جي زُلفن کُولڻ سان ٿئي ٿو ته وري ڪڏهن ڪنهن جي رُخسار تي به ’’حُسن جو صُبح‘‘ ٿي وڃي ٿو، پر ڪائنات جو اَبدي صُبح بنا ڪنهن فرق جي باغيچي جي گلن ۾ به مهڪار آڻي ٿو ۽ ريگستان جي تپندڙ واريءَ تي به ماڪَ بنجي جلوه اَفروز ٿئي ٿو - زلفن جي پيچرن ۾ رات هئڻ ۽ چپڙن جي اَمرتا ڀَـــري مسڪراهٽ ۾ صبح جو ڦُٽڻ به هاڻي روايتي خيالَ بنجي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي بار بار دُهرايا ويا آهن، ۽ اُنهيءَ ورجاءَ ۾ منفرد اسلوبيت به وَرلي نظر اچي ٿي، پر سعيد سومري جي غزل جو رُومانس فقط پرينءَ جي دائري اندر ڦري نٿو، پر ڪائناتي سچ Universal Truth کي پاڻ سان ڪَٺي کڻي هلي ٿو، جيئن هن شعر ۾ محبت جي اُنهيءَ روايتي خيال جي نفي ڪئي وئي آهي، جنهن خيال موجب پرينءَ جي موت کي محبت جو اختتام سمجهيو ويندو آهي، غير روايتي خيال هيءُ آهي ته “محبت ڪڏهن به نٿي مَري” اُنهيءَ خيال جي تصديق سعيد سومري جي هن شعر مان ٿئي ٿي ۽ خيال جي ٻي انفراديت ۾ ڪائناتي سچ هيءُ آهي ته صُبح رڳو ڪنهن جي نيرن اکين ۾ نه ٿيندو آهي، پر ڪنهن آلي قبر جي مٿان به ٿڌرو صبح پنهنجا پرڙا وڇائيندو آهي، خيال جي اِهڙي بيهڪ به پنهنجي رُوح ۾ دائمي فڪر جو مظهر آهي:
تنهنجي آلي قبـر تي اڄ به وٺي،
ڪــو ٿــڌيــرو صـبــوح آيو آ.
سعيد سومري وٽ خيال جي ترتيبlogic of language ۾ هڪ ئي شعر ۾ ’’فڪر جي دائميت‘‘ به خيال جي پيشڪش جي مُنفرد هجڻ پٺيان لڪل آهي ۽ اُها خيال جي انفراديت پنهنجي نوعَ ۾ منفرد هجڻ ڪارڻ جدت کڻي اچي ٿي. آلي قبر تي شاعر کي ڪو صُبوح ئي وٺي اچي ٿو، صُبح کي اُها سگهه ڏيڻ هڪ سِررئيلٽسڪ خيال آهي- ساڳئيءَ طرح هڪ ٻي شعر ۾ “حياتيءَ جي هوندي بدن جو ڪٿي وڃائجڻ” به هڪ سررئيلٽسڪ خيال به آهي ته خيال جي غير روايت پرستي ۽ جدت به آهي ۽ اُنهيءَ سان گڏوگڏ عارضي قدرن جي به پٺڀرائي ناهي:
رُوح جي آرسي ٽُـٽـل ته هئي،
اڄ بـدن ڀـي ڪِـٿي وڃايـو آ.
سعيد سومرو نفيس جذبن ۽ پُرڪشش ڌيمي لهجي جو شاعر آهي، هن جي غزل ۾ سياسي، سماجي نعريبازي Loudness نه آهي، پر هُو نرم جذبن سان پيارُ وَنڊي ٿو ۽ لفظن جي خوشبوئن جو هيراڪُ به آهي- احساس جي نرملتا هيءَ آهي ته محترم جذبن جي وڃائجڻ جو ڏک به آهي ته وري خيال جي تازگي هيءَ آهي ته هن وٽ لفظن جي ڇَڻيل واسَ جو به پڇتاءُ آهي. اُنهيءَ ڪيفياتي منظرنامي ۾ سندس خيال جي تازگي تخليقي سفر ڪري ٿي ۽ اهڙيءَ طرح سندس آرٽ سطحيت مان پنهنجا پلئَه آزاد ڪري ٿو!
محتـرم ڪـو رهيـو نه آ جـذبـو،
واسُ لفظن مان ڀي ڇڻي ويو آ.
حياتي ڏکن ــ غمن جي سيج آهي، هاڻي اُها چَوڻي بار باربار دُهرائڻ جي ڪري روايتي ۽ سطحي بنجي وئي آهي، پر جيڪڏهن ان جي اُبتڙ ائين چَئجي ته موت کي ڇو ڀلا ڪو غم يا ڏک ڪونهي؟ ته اُهو سوال پنهنجو منطق به پاڻ تخليق ڪري وٺي ٿو ۽ ساڳئيءَ طرح پنهنجي فطري جوهر ۾ به غير روايتي بنجي وڃي ٿو - سعيد سومري جي آرٽ جي جدتَ جو بنياد اُهو ئي آهي ته هُو خيال جي روايت پرستيءَ سان فڪري تضاد اُڀاري نه صرف خَيال ۾ نئون شاعراڻو مزاج ڀَري ٿو، پر گَهرائيءَ کي به دعوت بَخشي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سندس فني مهارت خيال جي تازگي تخليق ڪري وٺي ٿي، جيئن سندس هيءُ شعر آهي:
ڇو نه هوندو آ موت کي ڪو غم؟
ڇو حياتيءَ کي روڄ راڙا هـن!؟
جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سنڌ اندر ٿيندڙ جبر جي خلاف مزاحمت جي نوعيت به هن طرح روايتي ۽ سَطحيت جو شڪار بنجي وئي آهي، جو اُنهيءَ ۾ پنهنجي ’’خودڪار عمل‘‘ جي برعڪس سدائين بزرگ شاعرن جي اُوٽَ ورتي ويندي آهي يا ٻن ٽن صدين جي ڪلاسيڪل شاعرن کي سَڏيو ويندو آهي، اهڙي مزاحمتي شاعري ماضيءَ جي عهد تائين کڻي گهرج به هجي، پر هاڻ اُنهيءَ خيال ۾ جدت تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن خود ”پاڻ عمل ڪرڻ“ واري فڪري ٿاٽ کي اَپنايو وڃي - سعيد سومري جي غزلن ۾ مزاحمتي نوعيت جي ادب جي عڪاسي ڪري جدت/ نواڻ ترتيب ڏني وڃي ٿي:
سنڌ! مان ئي ٿيان نئون جـوڌو،
ڇو سڏيندو وتـان ٿـو ڏاهر کي.
سعيد سومري جي هن ڪتاب ”اڌ خيال جي خاڪ“ جي غالب خاصيت فڪر جي تازگي ۽ جدت آهي، پر بحيثيت تخليقڪار هُن پنهنجي تخليقي رياضت سان اُها خيال جي تازگي مختلف تخليقي ارتقائي درجن ۾ طئَه ڪئي آهي، ڏِسڻو هيءُ آهي ته هُن پنهنجي تخليقي ۽ فني قابليت سان خيال جي جدت ڪيئن ترتيب ڏني آهي؟ ۽ پنهنجي دؤرجي عصري تقاضائن جي آجيان ڪِيئنءَ ڪَئي آهي؟
جيئن ته شاعريءَ جي زينت خوبصورت منظر ڪشي به هوندي آهي، پر سعيد سومري جي منظرڪشيءَ ۾ نواڻ ۽ انوکائپ اُنهيءَ ڪري آهي، جو هُو فقط خوبصورت فطري لقائن جي عڪس بندي نٿو ڪري، پر اُنهيءَ ۾ انساني جذبي جي اُڇلَ به هُجي ٿي ۽ ڪنهن ڪردار جي سوچ ويچار ڏانهن به اشارو موجود آهي، اُهو ئي انداز نئين منظرڪشيءَ جي ترتيب ۽ تربيت ڪري ٿو:
مينهُن نيـري ڪنولَ تي برسي ٿو،
ٿي نهاري ڪـڻـي ڪـڻي، مالهڻ .
سعيد سومري وٽ منظر نگاري جي خوبصورتيءَ جو راز هيءُ آهي ته هُو فقط فطرت جون منظرڪشيون نٿو کڻي، پر خيال جي رُوح ۾ نه صرف رُومانوي اظهاريت پرکي ٿو، پر اُنهيءَ رُومانوي اظهاريت ۾ جمالياتي رنگ به رَچائي ٿو، تخليقي قابليت هيءَ آهي، جو هڪ ئي منظرڪشيءَ ۾ اِيترن ڪَسوٽين سان گڏوگڏ محاڪات جو عنصر به جذب ڪري وٺي ٿو، جيئن هن شعر ۾ هڪ ئي وقت خوبصورت منظرڪشيءَ ۾ ”روپاماڙي“ ۽ ”ٻاگهيءَ“ جا ڪردار محاڪات جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ شام جي فطرتي ڳاڙهائڻ کي ڪنهن ٻاگهيءَ جهڙي ڪردار جي ڳاڙهن وارن سان تشبيهاتي روپ ۾ جمالياتي عڪس بندي ۾ رکيو ويو آهي - اُهو سررئيلزم جي’’ مُصوري واري آرٽ‘‘ جو نمونو آهي:
”روپـا مـاڙي“ تـي شــام آهه لـٿي،
ڄڻ ته ”ٻاگهيءَ“ جا وار ڳاڙها هن!
ڪِي اِهڙا منظر هجن ٿا، جن منظرن لاءِ رُوح سدائين اُساٽ ۾ رهي ٿو ۽ اِهڙا ئي منظر خوابن جي حسناڪيءَ ۾ رنگ وکيرين ٿا ۽ رُوح جي امرتا ۾ نئين جاڳرتا ۽ جمالياتي تسڪين جو باعث بنجن ٿا، هڪ اهڙي منظرڪشي هيءَ به آهي:
هلڪي هلڪي سرءُ جي بارش ۾،
رنـگَ ديــوار تــان لـٿــا آهـــن.
ڪي مَنظرڪشيون خيال جي نوع ۾ هڪجهڙيون هجن ٿيون، جن تي سڀئي تخليقڪار طبع آزمائي ڪن ٿا، سعيد سومري وٽ به ڪي اهڙيون منظرڪشيون ضرور آهن، پر سعيد سومرو پنهنجي منفرد اسلوب يا پيشڪش سان خيال ۾ ڪشش ضَرور پيدا ڪري وٺي ٿو:
چاندنيءَ ۾ سپـيـون ۽ ڪُوڏ کڻي،
ڪيـرُ ڳـائي رهيو هـو ساحـل تي.
سعيد سومري جي غزل ۾ ڪِي منظرڪشيون جماليات ۽ فطرت جون مرڪب آهن ته ڪِي منظرڪشيون فطرت ۽ اُتهاس جون مرڪب آهن، جيئن هن شعر ۾ پکين جي پرن کي دُعا سان تشبيهه ته خوبصورت انداز سان ڏني وئي آهي، پر فِطرت جي اِهڙي خوبصورت لقاءَ سان اتهاس/ تاريخ جو سنگم وري شاهه بندر آهي، هتي شاهه بندر تي پکين جي حسناڪيءَ کي دُعا سان ڀيٽي منظر کي آفاقي رنگُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پکين جي پرَن کي دُعا جهڙو سمجهڻ سررئيلٽسڪ خيال به آهي:
پَــرَ پکين جا هئا دُعا جهـڙا،
شـاهَه بـنـدرَ جا ڏيکَ آفاقي.
ڪِن شَعرن جي منظر نگاريءَ ۾ خيال سان ڪَٺي محاڪات جي ترڪيب به تخليق ڪئي وئي آهي، پر اُهي محاڪات به خود خيال جا استعارا بنجي ويا آهن، جنهن ڪري اِهڙي منظرڪشيءَ ۾ خيال ۽ استعاري يا محاڪات جو سنگم تخليقڪار جي رياضت جو حصو آهي:
ابــنِ مـريم سان گفتـگو آهي،
چپ آ ويٺو صليبَ هيٺان ڪُو.
سعيد سومري جي غزل ۾ خيال جو نئون ڇُهاءُ جهڙي طرح مَنظرڪشين جي اهڙيءَ ترڪيب سان جنم وٺي ٿو، تهڙيءَ طرح خيال جي جدتَ ئي هُن جا ڪي تخيل Imaginations جَوڙي ٿي، هُو نَون تصورن جو مُتلاشي شاعر آهي، جيڪا خاصيت هُن کي صفِ اَول جي مَعياري شاعريءَ جي سَرجڻهارن ۾ شامل ڪري ٿي. هن جا جمالياتي تصور پڙهندڙ ۾ به اُتساهه جاڳائين ٿا ۽ خيال جي جدت کي به برقرار رکن ٿا:
هوءَ ڏسندي وري به شوق منجهان،
هُـن تان تـڏهيـن نـٿا نگاههَ کڻون.
اَڻ ڇُهيلَ تصور تخليق ڪرڻ، جهڙي تهڙي شاعر جي وسَ جي ڳالهه ناهي سعيد سومري وٽ اَڻ ڇُهيل تصورن کي عڪس بند ڪرڻ واري وٿ موجود آهي- مون خيال جي اِهڙيءَ تازگيءَ کي اڳ ڪڏهن به نه پڙهيو آهي، جيئن هن شعر ۾ ’’راهبا جي پاڪائيءَ واريءَ حياتيءَ‘‘ جي پٺيان لڪل درد جو تصور پنهنجي پيشڪش ۾ نئون ۽ منفرد آهي ۽ تازگي بخشي ٿو:
راهـبا جي اکيـن ۾ دردُ لـٿو،
زندگيءَ تي ڪراسُ ٺاهي اڄُ.
تَصور ۾ گهرائي پيدا ڪرڻ فني توڙي فڪري ڪاوش هوندي آهي، هڪ ئي وقت ڪنهن تجريدي خيال ۾ گهرائي به هُجي ۽ اِنفراديت به هُجي ته پوءِ اهڙو شعر غير معمولي شعر بنجي ويندو آهي- سعيد سومري جي سمورن غزلن تي تجريدي رنگ ڇانيل آهي، تجريدي خيال واري شعر جي معنيٰ مختلف ماڻهو مختلف ڪَڍن ٿا، جڏهن ته سعيد سومري وٽ جيڪي به تجريدي خيال آهن، تن خيالن جي سِٽاءَ ۾ آرٽ جي هڪ اهڙي ڪرافٽمئنشپ آهي، جيڪا نج، نَئين ۽ منفرد آهي، اُها تخليقي رياضت به کيس همعصرن جي تجريدي ادب کان هڪ جدا حيثيت بخشي ٿي يا ائين ڪَري سگهجي ٿو ته هُن وٽ تجريدي خيالن جي هڪ جدا تصوريت آهي، جنهن ۾ نواڻ به آهي ته گهرائي به آهي ۽ اُها ئي سندس تخليقي رياضت واري ’’تجريدي اسلوبيت‘‘ آهي، جيڪا ٻين کان کيس منفرد سڃاڻپ عطا ڪري ٿي - جيئن سعيد سومري جو هيءُ تجريدي خيال آهي، جنهن ۾ ’’گراهڪيءَ ۾ ڏکن سکن جي مَٽا سَٽا‘‘ واري تجريدي اسلوبيت آهي، گراهڪيءَ ۾ خود پيار جو تصور نواڻ آهي، ڇاڪاڻ ته گراهڪي ته بس واپارئي آهي، اُنهيءَ ۾ پيار واري تصور جي جڙاءُ کي جدت پسنديءَ کان ٻاهر ته نٿو ڏسي سگهجي!؟
شال اهـــڙا وري گِـراهڪَ اچـن،
سُک ڏئي ڏکُ وَٺي وڃن جيڪي.
سعيد سومري جي غزل ۾ خيال جي تازگيءَ جو مرڪز ٻُــوليءَ جون ترڪيبون آهن، ٻوليءَ جي نَين نَين ترڪيبن جي جڙاءَ سان ئي سندس خيال جي جدت تعمير ٿئي ٿي، ٻُـوليءَ جي ترڪيبن ۾ ئي اڪثر سندس تخليق جو جوهر پَروان چَڙهي ٿو ۽ اُهي ٻُــوليءَ جون ترڪيبون ئي سندس غزل ۾ ڪِٿي ڪِٿي استعارا بنجي گهرائيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون - جيئن هن شعر ۾ ’’معنائن جي پاڙَن‘‘ کي دريافت ڪرڻ واري جُستجو گهرائيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي ۽ ”ٻار لفظن جا“ هڪ نئين ترڪيب آهي، جيڪا استعاري طور به آيل آهي ۽ اُها ئي ترڪيب خيال جي تعمير به ڪري ٿي:
جن جي معنا ۾ کُوڙ پَــاڙا هــن،
ٻارَ، لفظن جا سي اگـهاڙا هـن.
نوان مرڪب لفظ جُــوڙڻ توڙي ترڪيبن مان نئين معنا ڳولڻ تخليقي حاصلاتون آهن، پر اُنهيءَ لاءِ لفظن جي رُوح ۾ پاڻ سموهڻو پوي ٿو - سعيد وٽ لفظن جي جڙاوت جي اُها ڪاريگري ئي خيال جا آستانا جوڙي ٿي، هن شعر ۾ به اُها ڪاريگري نمايان آهي، هِتي لفظن جي اُنهيءَ فَنَ ۽ ٻوليءَ جي نئين ۽ منفرد ترڪيب ”بدنصيبيءَ جي ڀائپي“ کي جنميو آهي ”بدنصيبيءَ جي ڀائپي“ ترڪيب ته هونئنءَ ئي آهي، پر اُنهيءَ ۾ خيال جي وسعت سنڌ جي سمورن دردن جي منظرڪشي ڪري ٿي:
سنڌ جهڙي اڱـڻ تي مايوسي،
بـدنصيـبيءَ جي ڀائپي آهي.
سعيد سومري وٽ ٻُــوليءَ جي ترڪيبن ۾ ڪٿي تجسيم جو خوبصورت استعمال به نظر اچي ٿو، ٻوليءَ جي هڪ ئي ترڪيب ۾ استعاري جي معنيٰ تخليق ڪرڻ هڪ فني خاصيت آهي، پر ساڳئيءَ ترڪيب کي شعوري طرح تجسيم ۾ آڻڻ هڪ اضافي فن آهي - سعيد سومري جي هن شعر ۾ ”ڳوڙهن جو ڪاڄ“ هڪ تجسيم آهي، ترڪيب به آهي ته استعارو به آهي. تجسيم خيال جو اُهو فن هوندو آهي، جنهن فن وسيلي بي جان شيءِ کي جسمي صورت ڏئي خيال ۾ پُـوئيو ويندو آهي، جيئن هن شعر ۾ ڳوڙهن کي جسمي صُورت بخشي، ”ڳوڙهن جي شاديءَ هئڻ“ سان خيال جو تصور چِٽيو ويو آهي:
پنهنجي ڳوڙهن جو ڪاڄُ ڀيچڻ لئه،
ڇــو پـراوا مــون دُک ــ دڙا آنـدا.
ٻوليءَ جي جڙاوت لفظن جي امتزاج مان ئي جنم وٺي ٿي، لفظن جي اِهڙيءَ خوبصورت امتزاج يا سنگم سان هيءَ ترڪيب به خوبصورت آهي، جنهن ۾ خيال جي حسناڪي ئي خود ترڪيب جوڙي ٿي، اچو ته شعر جي خوبصورت ترڪيب ”خوشيءَ جو خاڪو“ مان سَوادُ حاصل ڪريون:
تون خـدا جي خوشيءَ جو خاڪو آن،
تنهنجو تعارف ڪـرايان ٻيو ڪـهـڙو.
آرٽ شين کي ڪيئن vision ڏيندو آهي ۽ آرٽ شين جا ڪهڙا پاسا کڻي پنهنجي مقصد جو اظهار ڪندو آهي؟ اُها شعوري سگهه سعيد سومري وٽ ضرور آهي. هُو آرٽ جو ٽرينڊ ميڪر شاعر آهي ۽ اُهي ٽرينڊس هُــو ٻُــوليءَ جي ترڪيبن مان ئي دريافت ڪري ٿو، جيئن هن شعر ۾ هڪ شاعراڻي مزاج جو ماحول به آهي ته خوبصورت ترڪيب ”چنڊ جا نيڻ“ ئي خيال جي حسناڪي به خَلقي ٿي، جڏهن ته خود شعر آرٽسٽڪ مزاج به جوڙي ٿو:
چـنـڊ جـا نيـڻ، رول يــارن جان،
ٿا پـون سُونهن سُونهـن تي ترسي.
ڪِٿي ”چنڊ جي نيڻن“ جي ترڪيب تشبيهه بنجي خيال جي خوبصورتيءَ جي تربيت ڪري ٿي ته وَري ڪِٿي خود رُوح ئي چنڊُ بنجي وڃي ٿو ۽ اُها تشبيهه به ٻوليءَ جي ترڪيب ۽ استعاري ۾ نروار ٿئي ٿي، ائين سعيد سومري جي شاعراڻي مزاج جي تسڪين ٿئي ٿي ”رُوح جي چنڊ“ واري ٻوليءَ جي ترڪيب هڪ ئي وقت استعاري کانسواءِ تشبيهاتي خيال به آهي، اهڙن خيال جا منفرد تجربا سنڌي جديد شاعريءَ ۾ ورلي نظر ايندا:
رُوح جــي چـنـڊَ جـي اڪـيـلائي،
هيڏي نگريءَ ۾ ڪنهن ڏٺي آهي!
زندگي ته زندگي ئي آهي، پر دل جي هڪ جدا زندگي به هوندي آهي، اُهو خيال تخليقي آهي، ساڳئي طرح حَسرتون ته حسرتون ئي هُجن ٿيون، پر ”حسرتن جو هجوم“ هڪ ترڪيب آهي، سعيد سومري وٽ خيال کي بنيادي نوعيت جي سگهه بخشڻ واري قوت ترڪيب ئي هُجي ٿي، جيئن هيءُ شعر آ:
حسـرتـن جي هُـجـوم ۾ بـيـوس،
پنهنجي دل جي ئي زندگي آهي.
خيال کي جيترو خوبصورت ڪجي، اُوترو ڪري سگهجي ٿو، سعيد سومرو ائينءَ لفظن جي پاتال ۾ لهي ٿو ۽ خيال وسيلي تصور جوڙي ٿو، پر تصورن جي خوبصورتي جي ڪَٿَ وري به سندس ترڪيبون ۽ استعارائي ڪن ٿا، جيئن هن شعر ۾ ”آرزوءَ جي وهي“ هڪ خوبصورت ترڪيب آهي، جيڪا فڪر جا رستا طــئـه ڪري ٿي:
آرزوءَ جـي وهـي اڃـا تائين،
المين کان بچي سگهي ناهي.
سعيد سومرو پنهنجي غزلن جي تخليقي ارتقا ۾ صرف ٻُوليءَ جي ترڪيبن مان معنيٰ خيز استعارا نٿو جوڙي، پر ترڪيبن کانسواءِ به استعارا جُوڙي ٿو، جنهن ۾ ٻُوليءَ جي ترڪيبن جي مدد حاصل ناهي ڪئي وئي ـــ شعورُ ۽ آگهيءَ جا نيڻ ته اذيتن جي ڪري سُڪي ويندا آهن، پر تُهمتن لکڻ سان وري آگهيءَ جا نيڻ ڀڄي پون ٿا، اُهو خيال جو نڪور ـــــ پڻو آهي سعيد سومرو ائينءَ خيالن جي تضادن مان سُونهن پيدا ڪري ٿو ۽ آگهيءَ جا نيڻ اهڙيءَ طرح خالص استعارو بنجي وڃي ٿو - آگهيءَ جون ڀنل اکيون سررئيلٽسڪ خيال به آهي:
آگهيءَ جي ڀـنـل اکيـن هيـٺـان،
ڪـيـرُ تـهـمت نئين لـکي ٿو پيو!
وقت جي به ڪا جنت يا دوزخ هوندي آهي!؟ يا حالتون جنت يا دوزخ جهڙا تصور ٺاهين ٿيون؟ اُهو خيال هڪ ئي سِڪِي جا ٻه پاسا آهن، پر ڪهڙيءَ به طرح ’’وقت جو جهنم‘‘ يا ’’وقت جي جنت‘‘ جهڙا استعارا خوشبوءِ ضرور آڻين ٿا، جيئن هتي ”وقت جو جهنم“ استعارو آهي:
ڪيـرُ آ، وقــت جـي جـهـنم مان،
جنهن اسان کي وري سَڏيو آهي؟
ساڳيءَ طرح اُميد ڪا نيري يا سائي نه هوندي آهي، پر اُميد کي جڏهن ”گلابي اميد“ ڪوٺيو وڃي ته اُهو خوبصورت استعارو بنجي وڃي ٿو:
هُـــوءَ گُــلابـي اُمـيدَ لـيـئو آ،
هاڻ ليئي کي ڪيئن ترسايون؟
سعيدَ وٽ ڪي استعارا معنائن ۾ انتهائي ڳُــوڙها آهن، جيئن ”سانجهيءَ جا ڪڙول“ هڪ اهڙو استعارو آهي، جيڪو ڳُوڙهي تصور ۽ ڳُوڙهي معنائن جو استعارو آهي ”سانجهيءَ جا ڪڙول“ هڪ خوبصورت سررئيلٽسڪ استعارو آهي:
تنهنجا منظر، ڪڙول سانجهيءَ جا،
پـنڌَ نبـري سگهيا نه راهــــيءَ جا.
ٻُوليءَ جون ترڪيبون جُوڙي، اُنهن مان خوبصورت استعارا جوڙڻ سعيد سومرو جو اُهو فني ڪم آهي، جنهن کي ڀَلي ڪير روايت ئي قرار ڏئي، پر اُنهن ترڪيبن ۽ استعارن جي بنياد، تعمير ۽ تربيت ۾ انوکائپ ۽ جدت قائم ڪرڻ واري الڳ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ واري ڪسوٽي سعيد سومري جي هڪ منفرد تخليقي قابليت آهي- جڏهن ته اُنهيءَ کان به وڌيڪ ڳالهه هيءَ آهي ته سعيدَ جي تخليقي ڪاوشن ۾ ڪي اهڙا استعارا آهن، جيڪي محاڪات سڏجن ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته اُهي استعارا پنهنجي بنيادي جڙاوت ۾ ته ڀلي استعارا هجن، پر پنهنجي مَعنوي رُوح ۾ اُهي استعارا محاڪات آهن، اِستعاري مان محاڪات جوڙڻ يا محاڪاتي استعارو تخليق ڪرڻ سعيد سومري جو هڪ جدا تخليقي فن آهي، استعارا محاڪات جو درجو تڏهن حاصل ڪن ٿا، جڏهن اُهي تاريخيت ۾ بدلجن ٿا، سعيد سومري جا محاڪاتي استعارا سندس غزل جي سُونهن واڌائين ٿا، جيئن سندس غزل جو هيءُ شعر آهي، جنهن ۾ دودي ۽ ٻاگهيءَ جا تاريخي ڪردار محاڪاتي استعارا آهن:
شـام ’ٻاگـهي‘ رُنـي هئي، ’دودا‘!
ڏيوڍيءَ تان ڏسي توهان جان ڪُو.
شاعر سرمد ۽ اڀيچند جي ڪردارن کي به اهڙيءَ طرح خوبصورتي بخشي ٿو:
تون ئي کڻندين جُهڪي، چُمي، سرمـد!
ڇــا اڀـيـچـنـد جـي جُـتـي، ســرمــد!
محاڪات ۾ موجوده سماج جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ نه صرف تخليقي پختگيءَ جي ضرورت هُجي ٿي، پر ٽيڪنڪ جو هجڻ به لازم آهي، سعيد سومرو وٽ اُن قسم جي تخليقي قوت ۽ ٽيڪنڪ ضرور آهي، هُو تاريخي ڪردار کڻي محاڪات ترتيب ڏئي ٿو، جڏهن ته سندس اُن قسم جي شعرن جو معنوي رُوح عصري تقاضائن جو آئينه دار آهي:
هاءِ ! مريم جي آلـڙي پـنبڻي،
يادگيري لـڳي ٿي عيسا جي.
هر شاعر سماج کي پنهنجيvision سان ڏسي ٿو، پر ڏِسڻو هيءُ آهي ته اُها ’’شاعراڻي اِک‘‘ ڪيتري منفرد ۽ ڪيتري خوبصورت، سگهاري ۽ اثرائتي آهي!؟ يا اُهو وين ئي روايتي، ڪمزور ۽ غير اثرائتو آهي!؟ سعيد سومري جي هن ڪتاب ’’اڌُ خيالَ جي خاڪ‘‘ ۾ جيڪي غزلَ آهن، سي اڪثر ڪري رُومانوي آهن، پر تخيل جي سَمت ۾ اُهي اندر جا رزميه داستان آهن ۽ اُهي سندس اندر جا رزميه داستان پنهنجي جوهر ۾ سماجي بيگانگي، درد، نراسائيءَ، محرومي يا ناسٽيلجا جا مجموعا آهن. سعيد سومري وٽ سماج کي پنهنجي مختلف vision سان ڏِسڻ جو شوق موجود آهي، هُو سماجي ڪَرب، اضطراب، بي چيني ۽ ناهمواري کي به نفيس لفظن ۽ نرم ادائيگيءَ سان پيش ڪري ٿو، ۽ رُوح ۾ لهي ويندڙ سچائيءَ جهڙو پُــراثر به بنائي ٿو، جيئن هِن شعر ۾ تلخ سماجي حقيقت کي نفيس لفظن ۾ پيش ڪري ٿو:
پُــٺِ اُگهــاڙا ٻه ٻارَ ڪچـري ۾،
ڇا ٿــا ڳـولين صُبوح سردي ۾.
هلڪي، سطحي يا روايتي سماجي خيالن جي وِردَ ڪرڻ جي برعڪس، سعيد سومري وٽ سماجي بيحسي منفرد اسٽائل ۾ پڌري ٿئي ٿي، جيئن هن بند ۾ ورسين ۾ ماڻهن جي گهڻائيءَ واري خوش فهميءَ ۾ رهندڙن جي برعڪس هُو زنده سماجي حقيقتن جا ڀيدَ کُوليندي انتهائي غير روايتي ۽ گهرو خيال پيش ڪندي سوال ڪري ٿو ته جيئري اُنهيءَ ماڻهوءَ کي ايتري محبت عزت ڇو نه ڏني وئي!؟
جنهن ڏي جيئري نه ڪيـرُ ويندو هــو،
مـيـڙُ ڪـيـڏو هو تنهن جي ورسيءَ ۾ !
سماجي انارڪي ۽ بيگانگي جي دانهن به سندس شاعريءَ ۾ نئين روپ ۾ نظر اچي ٿي:
گهاوَ ڏيکارجـن ڀــلا ڪنهن کي،
ڪُو مسيحا ئي نـاهه بسـتيءَ ۾ !
سعيدَ وٽ مسيحائن ۽ ڪاپڙين جي ڳولا دراصل مُفڪرن، نظرئي دانن انقلابين ۽ سماجي حقيقي سرواڻن جي ڳولا آهي، جن جي اَڻهوندَ کي هُو پنهنجي انٽليڪچوئل شعور سان محسوس ڪري ٿو:
اڄ ڀـري شهـر ۾ چـڱائيءَ جو،
دادُ ڏيندڙُ ڪُو ڪاپـڙي ناهي،
هڪ ذميوار شاعر جي حيثيت ۾ سعيد سومري جي غزلن ۾ نه صرف سنڌي سماج جي بي چيني/ پَستي کي نروار ڪيو ويو آهي، پر سنڌي سماج جي سماجي قدرن ۽ ثقافتي روين جي به تبليغ ڪئي وئي آهي:
شهرُ پردو ڪري، ڪري نه ڪري،
تون مَــٿي تي رئـــو وَرائي رک.
فَنَ سان روايتي سلوڪ ته هونئن به سعيد سومري وٽ نه آهي، پر ذاتي توري سماجي منظر نامي ۾ به هُو پنهنجي مختلف شعرن ۾ سطحيت جي خلاف ’’شعري احتجاج‘‘ ڪندي نظر اچي ٿو:
پيارَ هڪَ ۾، نه هَـڙ جلائي رک،
جا بچي آ، سا دل بچائـي رک !
سعيدَ! خالي سجودَ ۾ ڇاهي !
ڪوئي ڳوڙهو به مسڪرائي رک .
ڪِٿي وري سماجي ڏاهپ جي ڏڪار ڏانهن به خوبصورت اظهار آهي، اهڙي رُوپ بَندي ۽ سماجي عڪس بندي سعيد سومري جي شاعريءَ جو هڪ اَهم پهلو آهي:
ديش جو روپُ، بدلبـو نه ڏٺـو،
انـقــلابي مون چهچٽو نه ڏٺو.
انفرادي خيال کي اجتماعي رُوپ بخشڻ وارو فن سعيد سومري وٽ جابجا نظر ايندو، جيئن هيءُ شعر آهي، عشق جي اجتماعي خيال ۾ سموري سنڌ جي درد کي وسيع سماجي معنائن ۾ هُو هن طرح استعمال ڪري ٿو:
عـشق خوشبـوءِ ۽ روشني آ پر،
سنڌ تنهن مان وتو مزو ڪهڙو !؟
سعيد سومري وٽ سماج جي بدصورتيءَ، اذيت پسنديءَ جي هُوبَهو تصوير ته پيش ڪئي وڃي ٿي، پر سماجي درد کي intellectual دانشورانه ائپروچ سان پيش ڪرڻ جو فن به آهي:
ڏک ڏسي ماڻهپي جي قسمت ۾
آهه ڏاهــپ ازل کـان حـيـرت ۾.
سعيد سومري جي شاعري ’’عقل جي سختيءَ‘‘ جي برعڪس وجداني سطحن کي ڇُهاءَ بخشي ٿي:
مون ۾ ڪنهن پل خدا لٿو هو ۽
هوش تائين اسان هُياسي گڏ.
سعيد سومرو اُهو پڙهيل لکيل/ باشعور شاعر آهي، جنهن وٽ شين جي ڪِنِ علمي پاسن جي ڄاڻ ضرور آهي، اُهو ئي ڪارڻ آهي، جو هُن جي لفظن جي سليڪشن مان جيڪي معنائون ۽ مفهوم نڪرن ٿا، سي وجداني هئڻ جي باوجود هِڪُ علمي پاسو به رکن ٿا، جيئن هن شعر ۾ ’’گهٽائن جو لُڙ ٻُڌڻ‘‘ هڪ مابعدالطبيعات MetaPhysics تصور آهي، اُها ميٽا فزڪس آهي، جيڪا علمي رُخ رکي ٿي، جڏهن ته رقص اُنهيءَ سطح جو هجي، جو هوائُن، گهٽائن جا لُـــــڙُ يا آواز ڦهلجي وڃن ته اُها خيال جي وجداني سطح آهي:
رقص آيو ڪرڻ جڏهن مون کي،
تون به ٻڌجانءِ لُــڙَ گهٽائن جا.
نازڪُ خيالي غزلَ جي سُونهن هوندي آهي، خيالَ جي نزاڪتَ جهڙي تهڙي شاعرَ جي نڀاءَ کان پري جي ڳالهه هوندي آهي، سعيدَ سومري جي غزلن ۾ خيال جي نزاڪت ڏاڍي پُراثر نظر اچي ٿي
هـڪ تـمـنـا رڳــو تـيـاڳـــڻ لــئـه،
مان وڙهيس روز رُوح پنهنجي سان.
سعيد سومري جي هن ڪتاب ”اَڌ خيال جي خاڪ“ جي غزلن ۾ ڪِٿي خوبصورت رومانيت ۽ جماليات آهي ته ڪِٿي خوبصورت انداز ۾ تجسيم Personification آهي، ڪِٿي ميٽا فزڪس (ما بعدالطبيعات) آهي ته ڪِٿي سِررئيلزم آهي، ڪِٿي تجريديت آهي ته وَري ڪٿي درد ۾ ٻُڏلَ وجدانيت آهي، اُهي سڀ شيون سندس مطالعي جو به ثمرُ آهن ته تخليقي قابليت جو به مظهر آهن - تجريدي خيالن توڙي ميٽافزيڪل خيالن ۽ سررئيلٽسڪ خيالن توڙي تجسيمي خيالن Thoughts Personification کي انتهائي مهارت سان استعمال ڪرڻ جو فن سعيد سومري وٽ ضرور آهي، جنهن کي Appreciate ڪجي ٿو، پر ڪِٿي ڪٿي اهڙن خيالن وارن شعرن کي چِٽو نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ڪجهه شعرن ۾ اَبهامُ رهجي ويو آهي- اَڻ چٽائي جيئن هن شعرَ ۾ آهي، خيال کي نتيجي جو رستو نٿو ملي، ڇاڪاڻ ته شعر ۾ گهڻي تجريديت آندي وئي آهي، جنهن جي ڪري پيغام ڪنورٽ نٿو ٿئي ۽ خود جيڪا ترتيب تخليق ڪئي وئي آهي، سا معنيٰ ڏيڻ کان معذور آهي:
رنـگُ، خانه بـــدوش رستن جـو،
عُمر جي ڳَـلَ مٿان رهيو هوندءِ !
خيال جي اَڻ ــ پُورائي شعر جو عيب آهي، هِن شعرَ ۾ خبر نٿي پوي ته شام ٿيڻ سان هُو جڳ ڇو ڇڏيو وڃي ٿو؟ ۽ هُن (ڪنهن ڪردار) وٽ ڇا هيڪلا رهجي وڃن ٿا!؟ اُها ئي خيال جي اَڻ ـــ پُورائي آهي، هيءَ خيال جي اڻ پُورائي Incompletion به تجريديت جي اَڻَ ڄاڻائيءَ جي ڪري ئي پيدا ٿي آهي:
شامَ ٿيندي ته جـڳُ ڇڏي ويندس،
رهجي وينداسي هيڪلا، هُـن وٽ.
جڏهن خيال ۾ تضاد Contradiction اَچي وڃي ٿو ته پوءِ شعر ۾ اندران ئي اندران خيال جو اَبهام پيدا ٿي ويندو آهي، هڪ شعر ۾ نه صرف Logic of Language جو خيال رکڻ ضرور هوندو آهي، پر لفظن جو پاڻ ۾ Inter - related هئڻ به لازم آهي، جيئن غزل جي شعر ۾ خيال جو پيغام صاف شفاف بنجي سگهي، هن شعر ۾ به اُهو تضاد آهي، اَڻ پُورائي آهي پوئينءَ سِٽ مٿينءَ سِٽَ سان هم آهنگي نٿي رکي:
هُو، جـو ڪنهن جو نٿي سگهيو آهي،
مـان اُهــو ئـي سعيدَ ــ سَنُ آهـيـان.
ڀَڃَ ڊاهه انقلاب کان اڳ ٿيندي آهي، ڀڃ ڊاهه حرڪت آهي، جيڪا حرڪت سماجي جمودَ کي ٽوڙيندي آهي ۽ ڀڃ ڊاهه تاريخ جو ئي هڪ عمل هوندو آهي، پر هر واقعو ڪنهن نه ڪنهن سماجي محرڪ يا حالت جي پيداوار هوندو آهي، ڪو به انٽليڪچوئل شاعر، اديب ، تاريخ جي سفر کان ٻاهر ناهي هوندو، جڏهن ته سعيد سومرو جي هن شعر ۾ پاڻ کي تاريخ کي ٻاهر سمجهڻ وارو خيال ڪوبه منطق نٿو جوڙي !
مــان ته تاريخ جـو حصو ناهيان،
مان سَهان ڪيئن ڀَڃ ڊاهه وري؟!
ڪا تجريديت معنائن جو رُوح وڃائي ويهندي آهي، هن شعر ۾ خيال جي گهڻي تجريدت معنيٰ ۽ مفهوم کي Resultless بنائي ورتو آهي، شعر ۾ ٻوليءَ جي ترڪيب ”روشنيءَ جو اداس خواب“ آهي، جيڪا ترڪيب استعارو به آهي، پر فڪر ۽ منطق جي حوالي سان چَئي سگهجي ٿو ته خيال جي ٽريٽمينٽ اُنهيءَ ڪري درست ناهي، جو خود ”روشني“ انقلاب جي علامت آهي ۽ روشنيءَ جي خواب کي اُداس چوڻ غير منطقي خيال آهي:
روشنيءَ جو اداس خوابُ کـڻي،
اِئــن نه اونــدهه ۾ ويـهـبـو آهي !
تجريديت جي گهڻائيءَ جي رياضت سبب لفظن جي ٽريٽمينٽ واري پريڪٽس اڪثر متاثر ٿيندي آهي، جيئن هن شعر ۾ ”احساس لهڻ“ واري معنيٰ نڪري ٿي، جڏهن ته احساس مٿان نه لهندو آهي، پر ماڻهوءَ جي اندر ۾ پيدا ٿيندو آهي:
تنهنجو احساسُ ڪُو لـٿــو آهي،
دل جــو هڪُ پَـلُ وري ڀـنو آهي.
جسم کان پاڇا ته هونئن به ڌار هوندا آهن، روشني جڏهن جسم مان گُذري نه سگهندي آهي ته پاڇو ٿيندو آهي، پر هِن شعر ۾ سعيد سومري شعر جي پوئين سِٽ ته ”جسم پاڇن کان ڌار بيٺا هن! “ مان ڪا معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا معنيٰ نڪري نه سگهي آهي:
انـتـظاريءَ جـي شام ڀاري آ،
جسم پاڇن کان ڌار بيٺا هـن !
محبت نه ملي ته ماڻهو ڊَهي پوندو آهي يا جدائي ڊاهيندي آهي، پر جدائيءَ ۾ ”پاڻ ٺهڻ“ واري ڳالهه به غير منطقي آهي، هِن شعر ۾ به جدائيءَ کانپوءِ ڊهڻ جي ڳالهه ڪري ”وري ٺهڻ“ واري ڳالهه ڪئي وئي آهي، جيڪا لفظن جي Miss management آهي، لفظن جيMisplace هئڻ ڪري شعرجو Vision ڊَهي پيو آهي:
توکي ڪهڙي خبر ته عمر سڄي
تـو بنا ڪئن ڊهي ٺهيو آهيـان.
’چَهچٽو‘ هڪ اهڙو لفظ آهي، جيڪو خوشيءَ جي منظر لاءِ ڪتب ايندو آهي باغ ۾ گُلن ۽ پکين جا چَهچٽا هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن کِل ڀُوڳ واري محفل لاءِ به لفظ ”چهچٽو“ استعمال ٿيندو آهي، پر ”قيامت جو چهچٽو“ نٿو ٺهي. قيامت نيٺ قيامت ئي آهي. هن شعر ۾ ”قيامت جو چهچٽو“ استعارو آهي، پر تجريدي مونجهارو خلقي ٿو ۽ معنيٰ کي پڙهندڙ تائين پهچڻ نٿو ڏئي:
تنهنجي آليءَ چنيءَ جي رنـگـن ۾،
ڪئن قـيامت جـو چهچٽـو پـهتو !
ساڳئي طرح هيءُ شعر به ڪنهن معنيٰ ڏيڻ کان محروم آهي:
هُن جي ناتي کي شام سمجهون ها،
اِيـتـرو ڀـي ’’سعيد‘ ! ڏاههُ نه هــو !
لفظن جي ترڪيب يا ٻوليءَ جي بيهڪ ۾ هيءُ شعر به مُبهم بنجي ويو آهي، هن شعر ۾ لفظ ”سنواريو“ تي اچي ٻوليءَ جو سٽاءُ غلط ٿيو وڃي، ’’سنواريو‘‘ جي جاءِ تي ’’سنوارجو‘‘ هجي ها:
ڏِسُ ته ڪيڏا سعيدَ هٿَ ڇڏي،
تــو هــٿــان هُو سنواريو آهي.
سادڙو ٿيڻ يا نه ٿيڻ وسَ جي ڳالهه به آهي يا نه ؟ فڪري منطقيت ڏسجي؟
اِيڏا دوکا ڏئـي نه هـــان دنيا،
پاڻ ٿيون ها نه سادڙا جيڪر !
خيال جو دقيق يا مشڪل هئڻ شعر جو نُـقص آهي، هڪ هيءَ شعر به خيال جي نسبت سان دقيق نظر اچي ٿو، اُڀ وسيع آهي، اُهو پيرن جي وٿين ۾ ڪِيئن ٿو اچي!؟ ۽ چنڊُ ته چانڊوڪي ۽ حسن ڏيندڙ آهي !!؟؟ چنڊ ازل جو خيال ڪيئن ٿيندو؟ ازل ته چنڊ کان به اڳ جو تصور آهي.
تنهنجي پيرن ــ وَٿين ۾ اُڀ آهي،
چنڊُ آ ڄــڻ ازل جي خال جيـان
باقي سعيد سومري جي غزلن ۾ تجريديت گهڻيءَ حد تائين سمجهه ۾ ايندڙ ۽ درست آهي، ساڳئيءَ طرح هُو مابعد الطبيعات Meta Physicsوارن خيالن کي به نهايت خبرداري سان خوبصورت انداز ۾ سموهي ٿو، جڏهن ته تجسيم personification جي استعمال ۾ هُنَ ڪمال ڪيو آهي، سعيد سومري جي تجسيم personification ڀٽائيءَ جي ڪلام واري تجسيم جو هڪ تسلسل آهي، جيئنءَ هن شعر ۾ سعيد سومرو ’’پهاڙن کي شخصيت‘‘ بخشي ’’زنده انسان واري صورت‘‘ ڏَئي پهاڙن سان مخاطب آهي:
اي پـهـاڙو ! پـکي مري ويا سڀ،
مان اڪيلو لنوَي نه لاتَ سگهـان !
هن شعر ۾ وري جُهونو ماڻهو خود دُعا بنجي وڃي ٿو، يعني جُهوني جي شخصيت ”دعا“ جي خيالي بيهڪ ۾ جذب ٿي وڃي ٿو، اُها به ماورائيت آهي، جنهن کي خوبصورتيءَ سان تخليق ڪيو ويو آهي:
کيـر ٿـر تـي اُداس شام ڏسي،
ڪوئي جهونو دُعا بڻي ٿو پيو.
سررئيلزم دراصل حقيقت نگاري Realismجو ئي ضد آهي، جيڪي شيون يا حقيقتون جيئن هجن، تن کي تيئن ئي پيش ڪرڻ دراصل حقيقت نگاري Realism آهي ۽ ان جي اُبتڙ ادب ۾ اهڙا تخيل تصور/ خيال پيش ڪيا وڃن، جيڪي حقيقت جي ابتڙ ٿيندا هجن، پر اڃا به سادي ۽ واضع نموني اِئين چئجي ته اُهي تصور/ تخيل ادب ۾ ڏيڻ جيڪي حقيقي دنيا ۾ ظهور پذير نه ٿيندا هجن ته اُها سررئيلزم Surrealism آهي، جيئن ستارن تي آس جو جَرڪڻ، ستاري جو گُل ٿي پوڻ، لفافي ۾ ٽپهريءَ يا سانجهيءَ جون ساعتون موڪلڻ، اُهي شيون ادب ۾ جڏهن براجمان ٿيون ته ان کي سررئيلزم ڪوٺيو ويو - ساڳيءَ طرح سعيد سومري جي هن شعري مجموعي ۾ به سررئيلزم تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي وئي آهي، جيئن سعيد سومري جو هيءُ شعر آهي، جنهن ۾ سررئيلسٽڪ خيال هيءَ آهي ته هڪ نابين ڪاڳر تي روشنيءَ جو خيال پيو ٺاهي، جڏهن ته حقيقت جي دنيا ۾ هڪ نابين سو به روشني جو وري ’’خيال‘‘ ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي!؟ پر شاعر جو هي تجربو سررئيلزم ڏيڻ جو ڪامياب تجربو آهي، هونئن به سررئيلزم ۾ حقيقت کان اڳتي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
هڪڙو نابين رنگَ ڪاڳر ٿـٖـي،
روشـنيءَ جــو خيال پيو ٺاهي.
رُوح هميشه زنده رهي ٿو ۽ بدن فنا آهي. رُوح جي ڊهڻ وارو تصور حقيقت جي خلاف آهي، ساڳيءَ طرح بدن جو نه هئڻ معنيٰ موت يا فنا آهي، پر بدن جو ڪٿي وڃائجي وڃڻ سررئيلزم آهي، اُها سررئيلزم سعيد سومري جي هن شعر ۾ انتهائي خوبصورتيءَ سان آئي آهي:
شام سان ويو هو رُوح ڊاهي ڪُو،
هــاڻ مون وٽ بـدن به ناهي ڪُو.
چَپن جي درويشي هڪ استعارو آهي، چپن جي درويشيءَ جي خيال واري تجريديت مان اُها مراد وٺي سگهجي ٿه جتي ڳالهائڻ جي ضرورت هئي، اُتي زبان ۽ چَپَ خاموش آهن، پر اُنهيءَ جي درويشيءَ کي ڀورڻ وارو تصور حقيقت جي ابتڙ آهي ۽ سررئيلزم Surrealism آهي، سعيد سومري وٽ سررئيلزم اُنهيءَ مهارت سان جلوه افروز آهي:
ڀُــورهـاڻي چپـن جي درويـشي،
اچ شڪايت ڪيون ڪا دنيا جي.
سررئيلزم جو باني آندري بريٽن هو، ائين چئجي ته سررئيلزم جو آغاز ئي آنڊري بريٽن ڪيو، هي تحريڪ جيڪا 1924ع ۾ شروع ٿي سا دراصل ’ڊاڊا ازم‘ جي ختم ٿيڻ جي ڪري ئي پيدا ٿي. 1916ع ۾ Dadaism جو بنياد وري Tristan tzara وڌو هو. ان کان اڳ ’ڊاڊا ازم‘ کي سازگار ماحول مليو هو، ڇاڪاڻ ته اُنهيءَ وقت جي اديبن ۾ باغيانه خيال هئا ۽ آرٽسٽ به بُرشن وسيلي رنگن ۽ تصويرن ۾ باغيانه اظهار ڪري رهيا هئا، ’ڊاڊا ازم‘ ۾ بغاوت هئي ۽ ’ڊاڊا ازم‘ جي ختم ٿيڻ جو سڀ کان وڏو فائدو سررئيلزم جي تحريڪ جي صورت ۾ مليو- پئرس جي نوجوانن پنهنجي آرٽ/ شاعريءَ ۾ حقيقتن جي ابتڙ تخيل جوڙيا ۽ سررئيلزم جي تحريڪ باقاعده هلي پئي، سررئيلزم جي تحت ڪڏهن ٽانگي کي ڪمري ۾ ڊوڙندي ڏيکاريو ويندو هو ۽ ڪڏهن وري شاعريءَ ۾ پنن کي پکي قرار ڏئي، ادب جي هن تحريڪ کي هٿي وٺرائي ويندي هئي- سعيد سومري به پنهنجي غزلن ۾ اهڙي ئي سررئيلٽسڪ ائپروچ ڏني آهي، جيئن رُوح کي ڪو پُرعڪس ملڻ يا اڌ خيال جي خاڪ اڏامڻ به سررئيلٽسڪ خيال آهن. حقيقت ۾ خيال ته خيال ئي آهي، پر خيال جي اَڌ هئڻ جي ڪَٿَ سررئيلزم آهي، وري خيال مڪمل نٿو ٿئي ته ان جي خاڪ ته ڪانه اُڏامندي آهي، پر اُنهيءَ اڌ خيال جي خاڪ اُڏامي ٿي، اُهو خيال سڌو سنئون سررئيلزم آهي، اُهو ئي سندس ڪتاب جو عنوان به آهي:
رُوح کي عڪسُ پُـر مليـو ناهي،
خاڪ ڄـــڻ اڌ خـيال جي آهي.
حقيقت جي دنيا ۾ انسان دڳ ڳولين ٿا، پر سررئيلزم ۾ خواب دڳ ڳولين ٿا، خواب ڇڻن ٿا، خواب سڃاڻپ جا متلاشي آهن ۽ گلن جي پاڇن جيان اُها خوبصورتي خيال ۾ شاعراڻو مزاج ڀَري ٿي ۽ خيال جي سررئيلٽسڪ هُجڻ جي تصديق به ڪري ٿي:
خواب ڇڻندڙ گُلن جي پاڇي جا،
دڳُ تـلاشــن ٿـا ٻي سڃاڻپ جو.
سعيد سومري جو هيءُ ڪتاب ’’اڌ خيال جي خاڪ‘‘ در حقيقت رُوح جي اُساٽ آهي، جنهن ۾ رُوح جي ڪهاڻي بنا ڪلائيمڪس آهي - وچ ۾ رهجي ويل اُڃايل رُوح جي هڪ دانهن يا پُڪار آهي ۽ خيال به تجريدي رنگَ اُوڙهي اُوڙهي خاڪ بنجي رهجي وڃي ٿو.
هِن ڪتاب جو مهاڳ ڪيترن ئي پهلوئن کان خوبصورت آهي، جيڪو نوجوان شاعرَ، علي صفدر لکيو آهي، پر مهاڳ ۾ ڪِٿي ڪِٿي فڪري ابهام نظر اچي ٿو – جڏهن شعرن جي حيثيت جي قدرشناسيءَ ڪرڻ وقت حد کان وڌيڪ ساراهه ڪئي وڃي ٿي، تڏهن مهاڳ ۾ فڪري جهولَ پون ٿا ۽ دوست علي صفدر جي اُنهيءَ خيال سان به متفق ٿيڻ ضروري ناهي ته ’’هڪڙي وزن ۾ سوَ غزلن جو سرجڻ ڪو ڪمال کان گهٽ ناهي‘‘ - ان جي برعڪس آئون ته اُهو چَوَندس ته اُهو ڪو ڪمال ناهي، پر ڪمال سعيد سومري جو هيءُ آهي ته هُو ٻُـوليءَ جي ترڪيبن، استعارن ۾ خيال جي نئين دريافت ڳولي وٺي ٿو ۽ هُو ان طريقي سان خيال جي تازگيءَ جو مؤجد شاعر بڻجي وڃي ٿو - هُن جو ڪمال هيءُ آهي ته هُو غزل جي صنف ۾ نه صرف جدت جا نوان لاڙا متعارف ڪرائي ٿو، پر سررئيلزم جي پنهنجي نئين تخليقي جڙاوت جنمي ٿو ۽ اُنهيءَ سان گڏوگڏ نه صرف تجسيم Personification پر ماورائيت ۽ ميٽافزڪس کي به نئين انداز سان پنهنجي غزل جو حُسن بنائي ٿو- هاڻي سعيد سومري جهڙي باشعور ۽ صِف اَول جي شاعرن مان اُها به اُميد ڪري سگهجي ٿي ته هُو پنهنجي ايندڙ شاعريءَ جي ڪتاب ۾ جديدت پُڄاڻان Postmodernism ۽ وجوديت Existentialism کي به سُهڻي انداز ۾ آڻيندو – سندس هن ڪتاب ’اڌ خيال جي خاڪ‘ کي آئون سنڌ جي معياري شاعريءَ جي دائري ۾ سمجهندي کيس دلي مبارڪباد ڏيان ٿو:
نينهُن رهـبـر جتي بڻيو آهي،
سو نه ڀٽڪي ذرو سگهيو آهي .