لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

خليق ٻگهيو سنڌي نوجوان نقاد ٽهيءَ ۾ نشانبر ادبي نانءُ آهي. ’ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا‘‘ سندس پھريون تنقيدي ڪتاب آهي. خليق ٻگهيي هِن ڪتاب ۾ نہ رڳو شاعري ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن تي تنقيدي تجزيا ڪيا آهن بلڪہ هُن ادبي تحريڪن ۽ مروج نون زاوين بابت بہ کُليل روح سان لکيو آهي. جنهن سان هن ڪتاب ۾ تنقيدي ورائٽي بہ نمايان ٿي آهي. سندس لطيف شناسيءَ بابت لکيل ليک خليق ٻگهيي جي ڪلاسڪ ادب تي گرفت ڏانھن ڌيان ڇڪرائين ٿا تہ نئين ٽھيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن تي لکيل سندس ڪيئي مھاڳ/رايا سندس جديد ادبي ڪائنات تائين پُھچ جا پاڻ هـڙتو گواهه آهن.
  • 4.5/5.0
  • 313
  • 88
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليق ٻگهيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

غير روايتي نثر....

جهڙيءَ طرح ڪا شاعري وجداني سَطحن کي ڇُهاءُ بخشيندي آهي، تهڙيءَ طرح ڪو نثر به وجداني سَطحن کي ڇُهندڙ هوندو آهي، جهڙيءَ طرح ڪا شاعري بي سَاخته احساسن جي ڪَٿائن جهڙي هوندي آهي، تهڙيءَ طرح ڪو نثر به بي ساخته اظهارن جو عڪس پَسائيندو آهي. چندر ڪيسواڻيءَ جو نئون نثري ڪِتاب ”نئون ادب نيون ڳالهيون“ پڙهڻ کان پوءِ اها راءِ بنا هٻڪ جي ڏئي سگهجي ٿي ته چندر ڪيسواڻيءَ جو نثري ادب بي ساخته اظهارن جو مجموعو آهي جنهن ۾ ڪِٿي ڪِٿي وجداني سطحن کي ڇُهاءُ پڻ بخشيو ويو آهي، روايتي نثر اڳواٽ جُڙيل رستن جو هيراڪُ هوندو آهي، پر چندر ڪيسواڻيءَ جو نثر غير روايتي آهي مفروضن تي ٻَــڌل سنڌي نثر هاڻي غير مؤثر ٿيندو ٿو وڃي، چندر ڪيسواڻيءَ جو نثر نه مفروضن تي ٻڌل آهي ۽ نه وري غير مؤثر آهي، پر اهو نثر پنهنجي جوهر ۾ جمالياتي سواد بخشيندڙ آهي. هڪڙي ئي فارم/ هيئت ۾ ڪيترائي سنڌي ادب جا نثري آرٽيڪل اسان جي نظرن مان گذرن ٿا، جيڪي ڄڻ ته ڪنهن هڪ ئي فارمولا تي لکيل هُجن ٿا، يا ڄڻ ته ڪو مضمون جو فارم اڳواٽ ئي جڙيل هجي، پوءِ رڳو اُن ۾ ليکڪن ۽ ڪتابن جا نالا تبديل ڪيا ويا هجن. پر اُنهيءَ سموري روايت پڻي کان هَٽي چندر ڪيسواڻي جو نثر پنهنجي نوع، پنهنجي بيهڪ ۽ پنهنجي اثر پذيريءَ ۾ مروج فارمولا ٽائيپ نثر جي اُبتـڙ نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته چندر ڪيسواڻي پنهنجي نثر ۾ لفظيات ۽ جملن جي سِٽاءُ جا اهڙا غير امڪاني تصور تخليق ڪري ٿو، جيڪي پڙهندڙن جي سوچن جا زاويا تبديل ڪري ٿا وٺن، اهڙيءَ طرح هُــو غير مفروضاتي، غير روايتي ۽ غير امڪاني نثر لکڻ جا ڪامياب تجربا ڪندڙ ليکڪ آهي. سندس هيءُ ڪتاب مٿين سمورين ڳالهين جي ساکَ ڀريندڙ/ ڏيندڙ ڪِتابُ آهي.
هن ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، پهرين ڀاڱي کي ”نئين سوچَ“ جو عنوان ڏنو ويو آهي، هن ڀاڱي ۾ ليکڪ جا اهڙا مضمون آهن، جيڪي عام موضوعن کي ڇُهندي به خاص بنجي وڃن ٿا، ٻيو ڀاڱو ”ڏيهي ادب“ جي عنوان سان ڏنل آهي ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ ”پرڏيهي ادب“ تي ڪجهه مقالن جي نوعيت جهڙا ڄاڻ ڀريا مضمون آهن. هي هڪ اهڙو معياري نثر وارو ڪِتابُ آهي، جنهن کي ’’پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور‘‘ پاران تازو ئي شايع ڪيو ويو آهي. ”پوپٽ“ پبليڪيشن ويجهڙائيءَ ۾ نثر جا ڪافي سهڻا ڪِتاب شايع ڪيا آهن، هيءُ ڪِتابُ به سهڻي ٽائيٽل ۽ خوبصورت پَـني سان سنواريل آهي، روايتي سنڌي شاعريءَ جا ڪِتابَ روز بروز ڇَپجن ٿا ۽ اُنهن تي ڪافي روايتي تبصرا به ڇپجن ٿا، جيڪي تبصرا ’’اشتهاري روپَ‘‘ واري تحرير مان ترقي ڪري ’’پروفارما ٽائيپ‘‘ بنجي وڃن ٿا، جن ۾ نه گَــهرائي هوندي آهي ۽ نه وري تنقيد هوندي آهي، پر اُن جي برعڪس معياري نثر جي ڪِتابن تي گهٽ لکيو وڃي ٿو. معياري نثري ڪِتابن جي قدر شناسي جيسيتائين نٿي ڪئي وڃي، تيستائين معياري نثر جي اُؤسر وارو خواب پايه تڪميل تائين نٿو پهچي سگهي!
چندر ڪيسواڻيءَ جي هن ڪِتابَ ۾ مختلف سنڌي ادب جي ڪِتابن تي تجزيا موجود آهن، جيڪي ڪِتابَ شاعريءَ جا به آهن ۽ ڪهاڻين جا پڻ آهن، جڏهن ته مختلف ادبي شخصيتن تي ’’ادبي ڪالمن‘‘ جي نوعيت جهڙا مضمون پڻ آهن، هن ڪِتابَ جي ٻين ڪيترين ئي خُوبــين کان سواءِ هڪ اهم خوبي هيءَ آهي ته هِنَ ڪتابَ ۾ پرڏيهي ادب بابت جيڪا ڄاڻ ڏني وئي آهي، سا اڳ سنڌي ادب ۾ ڪنهن به ليکڪ نه ڏني آهي. چندر ڪيسواڻيءَ جي هيءَ پرڏيهي ادب واري ڄاڻ ’’ساههَ ۾ سانڍڻ‘‘ جهڙي آهي، اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته سنڌي ادب جي روايتي ورجاءَ وارين تخليقن جو سحر هاڻي ٽُٽي رهيو آهي، هن وقت ضرورت اُنهيءَ امر جي آهي ته نئين ٽهيءَ جا نوجوان ليکڪ پرڏيهي ادبَ جو غورَ سان مطالعو ڪن ۽ پرڏيهي ادب جو نه صرف ترجمو اڳيان آندو وڃي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ پرڏيهي ادبَ جي مختلف فڪري زاوين کان به آشنائي حاصل ڪئي وڃي، جيئن سنڌي ادب جي تخليقن جي زاوين ۾ پڻ ڪا نواڻ اچي سگهي. چندر ڪسيواڻي سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ئي نثر نويس آهي، جيڪو انگريزي ادب جو نه صرف اڀياس ڪري ٿو، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ پرڏيهي ادب تي عالمگير نوعيت جا تجزيا پڻ ڪري ٿو، جيڪي تجزيا پنهنجي ’’عبارتي سرحدن‘‘ ۾ نه صرف علم ڏين ٿا، پر ادبي خوشبوءَ سان پڻ معطر ڪن ٿا. پرڏيهي ادب ۾ چندر جا موضوع جديد پارسي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نِگار دينا مهتا جي ڪهاڻين جي مجموعي ”The other woman and other stories“ کان شروع ٿين ٿا ۽ چونڊ برطانوي ناول نِگار جي ادبي خدمتن تي روشني وجهندي، صديءَ جي پڇاڙڪي بوڪر ليکڪا مارگريٽ ايٽ ووڊ جي ناول ”The Blind Assassin“ تائين ڦهلجي وڃن ٿا، اُنهيءَ سان گڏوگڏ پرڏيهي ادب جي مُوضوعن جي دائري ۾ چندر ڪيسواڻيءَ بوڪر پرائز هم عصر اَدبي چٽا ڀيٽي کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ تحرير ڪيو آهي، جنهن جي شروعات ليکڪ 1980ع جي زماني کان ڪري ٿو ۽ اُهو دلچسپ احوال بيان ڪري ٿو ته وليم گولڊنگ (William Golding) پنهنجي ڪِتاب ”Rates of Passage“ تي ڪيئن بُوڪر پرائيز حاصل ڪيو؟ ۽ ڪِهڙيءَ طرح انٿوني برجيس، انيتا ڊيسائي جو ناول ”Clear Light of the day“ ۽ بيري انسورٿ جو ناول ”Pascal Island“ پوئتي رهجي ويا؟ پرڏيهي ادب واري ڀاڱي ۾ نڪاراگوا جي ليکڪ سرگيو رامريز جو ڄڻ ڪافي ذڪر ڪيو ويو آهي، چَندرُ، ڪِتاب ۾ ٻُڌائي ٿو ته نڪاراگوا ۾ اقتدار جي ڪشمڪش ڪيئن پئي رهي آهي؟ ۽ اُنهيءَ کانسواءِ ليکڪ سرگيو رامريز جي ڪتاب ”You are in Nicaragua“ تي پڻ روشني وڌي آهي، هِن حصي ۾ چندر انيڪ پرڏيهي ليکڪن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ جوليو ڪار ٽازار، گارشيا ماڪيز ۽ رابن دار ريي کان وٺي انريسٽو ڪارڊنل ۽ ڪارلوس هارٽنز رواس جا نالا اهم آهن.
ڪِتاب جي پهرين ڀاڱي ۾، رکيل مضمون 1992ع کان 2004- 2005ع تائين جي عرصي تائين لکيل آهن. ”سنڌي ادب جو اَٻوجهائپِ ڪلچر“ هڪ اِهڙو مضمون آهي، جنهن ۾ ليکڪ نه صرف تخليقي ادب جي ابلاغ تي زور ڏنو آهي، پر تخليقي ادب جي اَثر پذيرائيءَ جي اڳيان پوندڙ رُڪاوٽن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، هن مضمون ۾ ليکڪ سنڌي سماجَ جو ’’سياسي اتهاس‘‘ چِـٽــيـو آهي ۽ مضمون جو مرڪزي خيال ادب جي سياستَ سان ويجهڙائيءَ واري فنامنا آهي، ٻين لفظن ۾ معياري سياست جي ابلاغ کي تخليقي ادب جو رُوح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هيءَ هڪ بي ساخته اظهار واري تحرير آهي، جيڪا ڄڻ ته ليکڪ جي اندر مان ڦُٽي نڪري ٿي. ”شيخ اياز، پڇاڙڪو عڪس“ شاعراڻي نوعيت جو نثر آهي، جيڪو شيخ اياز جي عظمت تي ’’اقراري مضمون‘‘ آهي، احساسن ۾ ٻڏل هيءَ تحرير منفرد نوعيت جي آهي، هن تحرير ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ تي پوندڙ سياسي اَثرن ۽ ڪارڻن کي توڙي جو ڳولڻ جي هڪ بهترين ڪوشش ٿيل آهي، پر پوءِ به هيءَ تحرير ’’والهانه محبت‘‘ جي اظهارَ جو ئي عڪس پَسائي ٿي. ڇو ته شيخ اياز تي تنقيد نه ڪئي وئي آهي. ”موهن ڪلپنا: فن ۽ شخصيت“ انتهائي ڄاڻ ڀَريو مضمون آهي، هي تاريخي نوعيت جو آرٽيڪل آهي، جيڪو نهايت دل جي گهراين سان لکيل آهي، موهن ڪلپنا جي جيون ۽ ادبي ڪارنامن جي پيرائتي ڄاڻ گهٽ ۾ گهٽ مون ته ڪٿي به نه پڙهي هئي، هن مضمون ۾ موهن جي باري ۾ اُهو ٻڌايو ويو آهي ته هن پنهنجي حياتي ڪيتري نه تڪليف، دردن ۽ مايوسين ۾ گذاري آهي؟ ۽ سياسي ڀونچالن ۽ هُل هنگامن ۾ موهن ڪلپنا جي زندگي سنڌ توڙي هند ۾ ڪيئن رهي؟ ”پوئٽڪ ويئرنيس“ اُهو مضمون آهي، جيڪو چندر جي ٻئي شعري مجموعي ”روپوش محبت“ مان کنيل آهي، هن مضمون ۾ ليکڪ تخليقي جاڳرتا جي فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي، هيءَ تحرير ادب جي سماجي ڪارجن جو تعين ڪرڻ لاءِ شاعراڻي نوعيت جي انداز جي ڪري نتيجا نه ڏئي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته تخليقي ادب جي سماجي ڪارجن واري بحث وارو موضوع هڪ سخت يا خشڪ موضوع آهي ، جنهن کي شاعراڻي نوع ۾ اڪلائي نٿو سگهجي!
”شيخ اياز؛ رُوح عصر جو پرچارڪ“ هي مضمون وجوديت جي فلسفي جي اُپٽار ڪري ٿو، هن آرٽيڪل ۾ جرمن فيلسوف ايمانوعيل ڪانٽ جي ”Theory of knowledge“ تي روشني وِڌي وئي آهي، جنهن ۾ ٻُڌايو وڃي ٿو ته ظاهر ۽ باطن ۾ وڏو فرق آهي. شيءِ بذات خود ۽ ان جو مظهر (Phenomenon) ٻه مختلف شيون آهن. ڪانٽ پنهنجي اُنهيءَ نظريي ۾ انساني تصورن کي محدود قرار ڏنو هو، ڇو ته انسان جا حواس محدود آهن ۽ انسان وٽ خالص عقل (Pure Reason) جي اَڻاٺ آهي، سارتر کان وٺي نيطشي تائين ڪيترن ئي فلسفن جي اُپٽار هن مضمون ۾ ڪئي وئي آهي، هنن فلسفن جي روشنيءَ ۾ شيخ اياز جي تخليقن جي اڀياسَ لاءِ ’’ابتدائي بيهڪ‘‘ ڏني وئي آهي، جنهن جي ڪري هي هڪ فلسفيانه مضمون آهي، پر ذڪر ڪيل فلسفن ۾ شيخ اياز جي شاعري جاءِ والاري نه سگهي آهي، ڇو ته هڪ ته وجوديت کي ٻُـوليءَ جي مقامي لهجي ۾ سمجهائڻ آسان ڪونهي، ٻيو ته ڪيترن ئي فلسفن کي رڳو شاعريءَ وسيلي مڪمل طرح سمجهائي نٿو سگهجي، سنڌي ادب ۾ فلسفي واري ادب جو ڏُڪار رهيو آهي، جيڪا به فلاسافي آئي آهي، تنهن جي پڌرائي فقط شاعريءَ وسيلي ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري اُڌورو مطالعو بگاڙ به پيدا پئي ڪندو آيو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جا سياسي ۽ سماجي پهلو وڌيڪ مضبوط آهن. شيخ اياز کي وجوديت (Existentialism) جي پئراميٽرس تي نٿو پرکي سگهجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان خود شيخ اياز جو تخليقي جوهر محدود ٿي ويندو. بهرحال هيءُ مضمون پنهنجي نوع يا بيهڪ ۾ منفرد آهي ۽ شيخ اياز جي مختلف فلسفن جي روشني وارن زاوين ڏانهن سَڏُ ڏيندڙ مضمون آهي.
”ڏيهي ادب“ واري ڀاڱي ۾ پهريون مضمون ”سارتر، سنڌ ۽ اندر جي گُهٽَ“ آهي، هن مضمون ۾ ليکڪ سارتر جي پهرين ناول ”Nausea“ يعني ”بُڇان“ جو ذڪر خوبصورتيءَ سان ڪيو آهي، جنهن جو ترجمو ڊاڪٽر بدر اُڄڻ ”اندر جي اُڇل“ جي نالي سان پڻ ڪيو آهي. هي هڪ بهترين مضمون آهي، ڇاڪاڻ ته مضمون ۾ نه صرف سارتر جي ناول تي ڪافي ڄاڻ مهيا ڪئي وئي آهي، پر هلڪي تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي، منهنجو خيال هيءُ آهي ته وجوديت کي تواريخ جي هڪ ضرورت سمجهڻ گهرجي، ڇو ته اڄ پوسٽ ماڊرنزم جو لاڙو به ڪيترن ئي فلسفن ۽ نظرين کي رَدُ ڏئي ٿو، پر پوءِ به پوسٽ ماڊرنزم يعني جديديت پُڄاڻان جو لاڙو ڦري گهري وجوديت جي جوهر کان انڪار نٿو ڪري، هاڻي وجوديت کي حالتن پٽاندر ڪيئن بيان ڪجي؟ اُهو سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي پنهنجي تخليقي صلاحيتن تي دارومدار رکي ٿو.
”جي گهاريا مون بند ۾“ چندر ڪيسواڻيءَ جو هڪ اهڙو مضمون آهي، جنهن کي سياسي تاريخ جو مضمون چَئي سگهجي ٿو، هن مضمون ۾ اُستاد نظاماڻيءَ جي حرن متعلق لکيل ڪِتاب ”جي گهاريا مون بند ۾“ تي سٺي روشني وڌي وئي آهي.
”تون ۽ مان جا گنڊڙيل ميڙاڪا“ هيءُ مضمون خوبصورت شاعره ماهين هيسباڻيءَ جي شعري مجموعي ”تون“ تي لکيل آهي، هن مضمون ۾ ماهين هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جي بهترين قدر شناسي ڪئي وئي آهي، هيءُ مضمون شاعريءَ جي احساسن ۾ اُوتجي ويل لکڻي آهي، جنهن ۾ شاعراڻي گَهرائي آهي، هيءُ مضمون تنقيدي نوعيت جو جيتوڻيڪ ڪونهي، پر مضمون ۾ چندر ڪيسواڻيءَ جيڪو نثر ڏنو آهي، سو غير روايتي ۽ بي ساخته آهي. ”اکيون ڏيئا ياد جا“ هڪ اهڙو مضمون آهي، جنهن ۾ چندر پنهنجي دوست ادريس جتوئيءَ جي ساروڻين جو ذڪر نهايت خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي، اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو مضمون ”ثقافتي لهجي ۽ شعري سُڀاءَ جو شاعر“ هڪ اهم مضمون آهي، هيءُ مضمون نوجوان شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي ڪِتاب ”ماٺ جي موسم“ تي لکيو ويو آهي، هن ڪِتابَ ۾ چندر ڪيسواڻيءَ نه صرف امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي لهجن تي روشني وڌي آهي، پر اُنهيءَ سان گڏوگڏ امداد سولنگيءَ جي محبتن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ شخصي خاڪو پڻ پيش ڪيو آهي. ”ڪِٿي ته ڀڃبو ٿڪُ مسافر“ هي مضمون شيخ اياز جي ئي ڪِتاب تي لکيل آهي، جنهن ۾ ليکڪ اُهو ٻُڌايو آهي ته شيخ اياز جي هن ڪِتاب ۾ ڇا ڇا آهي!؟ هن مضمون سميت ٻين ڪيترن ئي مضمونن مان واضح ٿئي ٿو ته چندر ڪيسواڻيءَ جي نثر تي شيخ اياز جي شاعريءَ جا اَثر نهايت گَهرا آهن!
امير ابڙي جي ڪِتاب ”هڪ ڪانئر جو موت“ تي چندر ڪيسواڻيءَ جو ليک بعنوان ”داخلي خود ڪلامي جا رويا“ هڪ سٺو تنقيدي مضمون آهي، هن ليک ۾ ليکڪ امير ابڙي جي ڪهاڻين تي عملي تنقيد ڪئي آهي، تنقيد جزوي آهي، پر هر حال ۾ فني تنقيد آهي. ”وستي وستي وحشتون“، هيءَ مضمون عزيز جان بلوچ جي ڪتاب تي لکيل آهي، هن مضمون ۾ چندر، عزيز جان بلوچ جي ڪتاب جو سُهڻو تجزيو به ڪيو آهي ۽ سنڌ جي معروضي حالتن جو به جائزو ورتو آهي. ”گم ٿيل ماڻهوءَ جو سفرنامو“ جي عنوان سان چندر ڪيسواڻيءَ جو مضمون خود ساڳئي عنوان سان سرجيل جان خاصخيلي جي ڪهاڻي ڪِتابَ تي لکيل آهي. هن ۾ ليکڪ جان خاصخيليءَ جي ڪهاڻين تي انتهائي خوبصورتيءَ سان جيڪو تجزيو ڪيو آهي، سو وجودي فلسفي جي روشنيءَ ۾ آهي، وجوديت جي فلسفي تي جهڙي طرح چندر ڪيسواڻي لکي ٿو، سو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪهاڻين تي وجودي تنقيد جو هيءَ ابتدائي تجربو آهي، پر اڃا به تنقيدي گرفت ڪجهه ڍلي نظر اچي ٿي، تنقيد جو مقصد فقط غلطين جي نشاندهي ڪرڻ ناهي، پر تنقيد جو مقصد تخليق جي ان جي رُوح موجب تشريح ڪرڻ به آهي ۽ اُنهيءَ سان گڏوگڏ تنقيد پنهنجي همعصر ادب جي نه صرف رُوح رَوان هوندي آهي، پر اها تنقيد ئي هوندي آهي، جيڪا تخليق جي نه صرف راهن جو تعين ڪندي آهي، پر وڌيڪ تخليقي رستا به متعين ڪندي آهي. چندر ڪيسواڻي جان خاصخيليءَ جي ڪهاڻين تي توڙي هلڪي تنقيد به ڪئي آهي يعني هلڪي سطح تي غلطين جي نشاندهي به ڪندو ويو آهي، پر اُهي نُقصَ به سماجي نفسيات ۾ ڪردار نگاريءَ جو عڪس پسائين ٿا. منظور ڪوهيار جي ڪهاڻي ڪِتاب تي لکيل مضمون، ”ڪلچرل ڪهاڻيءَ جو تجزيو“ به هڪ سُٺو مضمون آهي. ڪهاڻين تي جزوي تنقيد به آهي جڏهن ته هيءَ تحرير به چندر جي ٻين سڀني تحريرن جيان محنت، رياضت ۽ مطالعي جي ساکَ ڀَري ٿي. چندر ڌيرج وارو ۽ منفرد ليکڪ آهي، جنهن جي تحريرن ۾ ڪِٿي به چِـڙ، غصو يا جانبداري ڪانهي، پر هُو هڪ باشعور مطالعاتي ۽ غير روايتي ليکڪ آهي، هن جا ٻيا به ڪيترائي مضمون هن ڪِتابَ ۾ شامل آهن، مثال طور انور ابڙي جي ڪهاڻي ڪِتاب ”خودڪشيءَ جو رومانس“ تي لکيل مضمون پڻ هڪ ڄاڻ ڏيندڙ مضمون آهي.
ڪتاب ۾ عبدالغفار تبسم توڙي منصور ملڪ جي شاعريءَ تي پڻ مضمون موجود آهن. هيءُ ڪِتابَ چندر ڪيسواڻيءَ جي پندرنهن سورنهن سالن جي ادبي محنت جو ثمر آهي، هن هڪڙي ئي ڪتاب مان ٽي الڳ ڪِتابَ به ڇپجي پئي سگهيا، جيڪڏهن شاعريءَ ۽ ڪهاڻين تي لکيل articles کي ڌار ڌار ڇَپايو وڃي ها، پر جيڪڏهن ٽي نه تڏهن به ٻن ڪِتابن جي ورهاست ڪئي وڃي ها؟ هڪ ڪِتابَ ۾ ڏيهي ادب ۽ ٻئي ڪِتاب ۾ پرڏيهي ادب ڏنو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته پهرين حصي ۽ ٻئي حصي ۾ فقط ڏيهي ادب ئي آهي ته پوءِ پهرين حصي ۾ ”نئين سوچَ“ جي عنوان سان رکيل ڀاڱو ٿورو غير منطقي لڳي ٿو، ٻي حصي ۾ يا ته ”ڏيهي ادب“ جو عنوان نه ڏجي ها، ڇو ته پهرين حصي ۾ اڳ ئي ”ڏيهي ادب“ هو.
هِن ڪِتاب ۾ گهڻائي اِهڙا مضمون آهن، جيڪي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ لکيا ويا آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ مختلف ادبي شامن ۽ ورڪشاپس توڙي مهورتن جي موقعي تي پڙهيا ويا هئا. جيئن ته ڪِتاب جو عنوان آهي ”نئون ادب نيون ڳالهيون“ ته هن ڪِتاب جي عنوان مان ائينءَ محسوس ٿئي ٿو ته شايد هيءُ ڪِتاب ”پوسٽ اسٽرڪچرلزم“ يعني ”پَسِ ساختيات“ کان وٺي ”پوسٽ ماڊنزم“ يعني ”جديديت پڄاڻان“ تي مُحيط هوندو، پر ائينءَ نه آهي. بهرحال ايترو ضرور آهي ته چندر ڪيسواڻيءَ مختلف تخليقن کي جدت ۽ جديديت جي نِگاهه سان ضرور ڏٺو آهي، اُنهيءَ ڪري عنوان جي نسبت سان ڪِتاب جديديت جي دائري ۾ اچي ٿو ۽ جديديت جون ڪيتريون ئي شيون عصري تقاضائن جون اڄ به گُهرجائو آهن. پر مضمونن کي اپ ڊيٽ نه ڪيو ويو آهي ۽ نوَن کان نوَن موضوعن کي جڳهه نه ڏني وئي آهي.
چندر ڪيسواڻيءَ جو هي پورهيو بيشڪ هڪ اهم ادبي پورهيو آهي، جنهن کي ڀَلي وقت جا نقاد هڪ تنقيدي ڪِتاب نه سمجهن، پر اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته هيءَ هڪ معياري نثر جو سهڻو ڪِتابُ آهي، جنهن ۾ جيڪا هلڪي يا جزوي تنقيد آهي، سا به ڏاڍي پختي ۽ رس چَس واري آهي، پر اُن تنقيد جي دائري کي وڌايو نه ويو آهي.
منهنجي خيال ۾ چندر ڪيسواڻيءَ سماجي تنقيد نِگاريءَ جي زاوين کي هن ڪِتابَ ۾ خوبصورتيءَ سان سمايو آهي، هُن جا تجزيا مروج سماج جي اندر معياري سياست کي ادب جو خام مال قرار ڏين ٿا، هن وٽ معروضي حالتن پٽاندر ادب جو سماجي ڪارج بلڪل واضح آهي، سندس تجزين ۾ سنڌي شاعريءَ جي مقامي مزاج جا پاسا جيتوڻيڪ اَڻ لَڀ آهن، يا ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، پر جديديت جا بهترين زاويا سندس تحريرن جي سُونهن ضرور بنجن ٿا، هونئن به اساسي شاعريءَ جا ڪيئي لهجا سنڌي ادبَ جي نثر ۾ واضح ناهن ٿي سگهيا.
چندر ڪيسواڻي جا هي سڀ مضمون تخليقون آهن، مجموعي طرح هُو سماجَ جو سائنسي تجزيو ڪندڙ ليکڪ آهي، هُو سماجي نفسيات جي ادب ۾ پرک ڪندڙ ليکڪ آهي، پر اڃا به کيس تشريحي ادب ۾ نِکار پيدا ڪرڻو پوندو، ادب جي تخلقين جي اندر نقصن کي واضح ڪرڻو پوندو ۽ اُهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن متوازن تنقيدون لکجن، جن ۾ ليکڪ جا پنهنجا تنقيدي نظريا چِٽا ٿي بيهن. کيس عملي تنقيد ڏانهن باقاعدي وک وڌائڻ گهرجي!