نثري نظم جو فن ۽ انور ڪاڪا...
انور ڪاڪا جا جيڪي رومانٽڪ نثري نظم آهن سي سندس ذاتي ڀوڳنائن جي ضرور ترجماني ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته منطقي اعتبار کان اُهي رومانٽڪ نظم ايترا ڪومل، نفيس، نازڪ ۽ گَھرا آهن، ڄڻ ته اُهي تخليقڪار جي ذاتي ڀوڳنائن جا مظهر هُجن، جڏهن ته ڪي نظم موضوعاتي حوالي سان سنڌي سماج سان گڏوگڏ پوري دنيا جي تڙپندڙ انسانيت جا آئينه دار آهن، جيڪي درد ڪنهن به تخليقڪار جا ذاتي آهن انهن مان به سنڌي سماج جي زوال جو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو. انور ڪاڪا سان ڪڏهن منهنجي ذاتي ملاقات ناهي ٿي، البته فون تي سلام دعا ضرور آهي اُنهيءَ ڪري آئون سندس شخصيت جي برعڪس سندس ’’تخليقي ائپروچ‘‘ تي ضرور ’’تنقيدي ڪمينٽس‘‘ عرض رکڻ چاهيندس.
انور جو ادبي تعارف منهنجي ذهن ۾ هڪ ڪهاڻيڪار وارو رهيو آهي، ڇو ته سالن پُڄاڻان آئون سندس ڪهاڻيون سنڌي رسالي ’سوجھرو‘‘ ۾ پڙهندو پئي آيو آهيان، پر ’’هڪ شاعر وارو تعارف‘‘ مون سان سندس ڪتاب ’’وصيت نامو‘‘ ڪرائي ٿو. هن ڪتاب ۾ موجود انور ڪاڪا جا ڪي نظم ايترا ته دلڪش ۽ شاهڪار آهن، جو پڙهندي پڙهندي دل سان ’’واهه واه‘‘ نڪري وڃي ٿي ۽ ڪي نظم وري اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي جڙاوت ۽ تاثر down fall ۾ باقائدي ’’ادبي ٽيسٽ‘‘ مهيا ڪن ٿا يا ادبي اُڃ اجھائين ٿا، ڪِي نظم اهڙا آهن جن کي پڙهندي پڙهندي چپن تي مُرڪ تري اچي ٿي ۽ ڪِي نظمَ پڙهندي نظمن جي ’’طوالت‘‘ بُـــور ۽ مايوس ڪندڙ لڳي ٿي. انور ڪاڪا جا ڪِي نظم لفظيات جا نوَان نوان ويس پائي دل جي دنيا کي رنگيني بخشين ٿا ته وري ڪي نظم مايوسيءَ جي ڪُن ۾ اُڇلي ڇڏين ٿا، جيتوڻيڪ مايوسي فطرت جو حصو آهي ۽ مايوسي وڏن وڏن تخليقڪارن وٽ به آهي، پر ادبي لوازمات ، اُتساههُ ، اُميد ، روشني جي به تقاضا ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُتساهه، اميدَ، روشني، زندگيءَ ڏانهن موٽائيندڙ شيون آهن ۽ ادب رڳو ذاتي ڀوڳنائن جو عڪاس نه هوندو آهي پر ادب قومن جي حياتيءَ کي زوال مان ڪڍي عروج بخشڻ وارو عظمت ڀريو ڪم به ڪندو آهي. ادب رڳو ’’ذاتي آٽوگراف‘‘ نه پر سموري انسان ذات جو پڻ ورثو آهي.
مون کي انور ڪاڪا جا اڪثر اُهي نظم من موهيندڙ لڳن ٿا، جيڪي پنهنجي ’’تخيلاتي هيئت‘‘ ۾ مختصر آهن، پر اُنهن جي پُڄاڻي اَڻ کٽ دردن جي ڪَٿائن جو سفر ڪرائي ٿي. انور ڪاڪا جو جيئن هيءُ نظم بعنوان ’’فرق‘‘ پڙهڻ وٽان آهي، ڪيترو نه مختصر نظم آهي!؟ پر اُن ۾ ڪيتري نه سماجيات آهي، ڪيتري نه زبردست عڪس بندي آهي۽ ڪردارن جي نفسيات کي ڪيترو نه خوبصورت نموني مختصر انداز ۾ چِٽيو ويو آهي!!؟؟
مک ۽ کڙ کٻيتي جو،
فرق توکي سمجهه ۾ اچي ويندو
رڳو رات ٿيڻ ڏي... (انور ڪاڪا)
هڪ ٻئي نظم بعنوان ’’گل، خوشبو ۽ لڪيرون‘‘ ۾ ڪومل، نفيس، نرمل جذبن جو ايترو ته گهرو اثر آهي، ڄڻ ته اهي احساس تخليقڪار جي ذاتي ڀوڳنا جو مظهر هجن!
تازو گل منهنجي هٿن ۾ آهي
گل ۾ تنهنجي بدن جي خوشبو آهي
خوشبوءِ ۾ محبت جون لڪيرون مهڪن ٿيون
پر لڪيرن ۾ آئون ڪٿي ناهيان
گل ڪومائجي رهيو آهي
مون ان کي پنهنجي ڊائريءَ ۾ رکي ڇڏيو آهي
باقي خوشبوءِ کي منهنجا وهندڙ ڳوڙها
پناهه ڏئي نٿا سگهن
مٺي!
مون کي معاف ڪري ڇڏجان... (انور ڪاڪا)
Flying kiss انور ڪاڪا جو هڪ اهڙو مختصر حسين رُومانوي تخيل بخشيندڙ نظم آهي، جنهن ۾ موجود رومانس پڙهندڙ جي احساسن ۾ سمائجي وڃي ٿو پر فڪر جي جدت انور ڪاڪا جي فڪري قابليت جو ثبوت بڻجي وڃي ٿي، فڪر ۽ presentation جي جدت وارو هيءَ ڪِرافٽ انور جي تخليقيت کي ضرور سڦلتا بخشيندو!
Flying kiss
مان جيڏيءَ مهل چاهيان،
هڪ Flying kiss وسيلي
سمنڊ جي ٻئي ڪناري وڃي سگھان ٿو
ها جانان!
تنهنجا گلابي ڳَلَ
سمنڊ جو ٻيو ڪنارو آهن... (انور ڪاڪا)
نثري نظمن ۾ لفظيات جي ادبي چونڊ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، انور ڪاڪا جي نثري نظمن ۾ ’’لفظياتي ادبي سليڪشن‘‘ جتي ساراهه جوڳي آهي اُتي استعارن جي نواڻ پڻ آهي،جيئنءَ ’’پرين جي ڀاڪرن کي روشنيءَ جو شهر ڪوٺڻ‘‘ ۽ اُنهن ڀاڪرن ۾ ڪڏهن به ’’لوڊِشيڊنگ نه ٿيڻ‘‘ واري التجا وارا استعارا آهن، جيڪي پنهنجي اظهار، ڪرافٽ، ڊڪشن توڙي احساسن ۾ جدت جا مظهر آهن:
سانئڻ ! تنهنجا ڀاڪر روشنين جو شهر آهن
سانئڻ!
تنهنجي پگھر جي خوشبوءِ
مون کي سدائين تنهنجي قريب هجڻ جو
احساس ڏياريندي آهي
اُن ڪري تون
ٻيو ڪوبه پرفيوم نه هڻندي ڪر
۽ تنهنجا ڀاڪر جيڪي مون لاءِ سدائين
ڪو روشنين جو شهر رهيا آهن
پليز!
اُنهن ۾ ڪڏهن به لوڊشيڊنگ ٿيڻ نه ڏجان! (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جي نظمن جي جدت کان سواءِ هڪ ٻي هيءَ فني خاصيت آهي ته هُـــو لفظياتي چونڊ کي جتي بهتر بڻائي ٿو، اُتي جملن ۾ لفظن کي غير روايتي دڳن تي وٺي هلي ٿو، يعني جيڪي مُروج ۽ روايت ۾ٽنبيل لفظيات ۽ جملا اسپوڪن لهجن ۾ رائج آهن، تن کي ٻوليءَ جي طاقت سان نوان رُخ ڏئي غير روايتي بڻائي، سوچ جي مُروج ۽ مدي خارج زاوين کي رد ڪري سوچ جا نوان پئمانا تخليق ڪري ٿو، اُها سڀ ٻوليءَ جي طاقت آهي، جنهن کي تخليقڪار فني قابليت سان حسناڪي بخشي ٿو ، ان جو منطقي دليل هيءَ نظم به آهي:
اوجاڳي کان پوءِ
هُنَ کي ننڊ ڪرڻي آهي
۽ هن کي روئڻو آهي
الاهي ڏينهن ٿيا آهن
هُن ڪونه رنو آهي
هوڏانهن ٽشو پيپر به
سندس ڳوڙهن جو اوسيئڙو ڪندا هوندا... ( انور ڪاڪا)
لفظياتي چونڊ ۾ غير روايتي ـــ پڻو ڏئي سوچ جي زاوين جي نون دردن کي دستڪ ڏيڻ واري شعوري ڪوشش جو وڌيڪ واضح منطقي دليل هيءُ به آهي:
اوجاڳو
منهنجي ننڊ
برف ۾ ڳري رهي آهي
سڀاڻي پاڻي ٿي ويندي
۽ پوءِ منهنجي ڪهاڻي ٿي ويندي
جنهن جو عنوان هوندو ’’اوجاڳو‘‘
ڇا تو ڪڏهن اوجاڳو پڙهيو آهي؟ (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جي نظمن ۾ تجريديت آهي، جيئن مٿيون نظم آهي ۽ ڪِن نظمن ۾ اهڙو ’’ذاتي فلسفو‘‘ آهي، جيڪو فلسفو مبهم آهي، ڇو ته بُکَ، داڻي مان ڪيئن جنم وٺندي؟ هيءُ نظم فڪري تضاد جو شڪار آهي.
هن کي بک
بيحد ستايو
هن ٻي ڪا واهه نه ڏسي
بک کي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پُوکي ڇڏيو ته
سوين اَن جا داڻا ڦٽي نڪتا
پر هو پوءِ به پاڻ ئي بضد آهي ته
بک اَن جي داڻي مان ئي جنم وٺندي آهي... (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جي سڀني نظمن کي آئون نثري نظم نٿو سمجھان، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪي نظم جي نالي سان ’’فردي احساس‘‘ ۽ جذبا آهن، جيڪي جيئن جو تيئن چِٽيا ويا آهن، جيئن هي احساسُ آهي، جيڪو تخليق جي ٿڪاوٽ وارو احساس آهي، پر نظم ته ڪونهي!؟ ان ۾ نثري نظم جا لوازمات ڪِٿي آهن؟
ڏيئي اجھامي چيو:
مون کي هاڻ ننڊ ٿي اچي... (انور ڪاڪا)
محض هڪ احساس کي نثري نظم نٿو چَـئي سگھجي ۽ ساڳئي وقت هڪ خيال کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ کي به ’’نثري نظم‘‘ نٿو چئي سگھجي، ڇاڪاڻ ته نثري نظم ۾ هڪ مڪمل خيال هوندو آهي، ۽ خيال کي ’’ٿاٽ جي تشڪيل‘‘ ڏيڻي پوندي آهي ۽ نثري نظم لاءِ ضروري آهي ته ان جو خيال ٿاٽ ۾ هجي ۽ ٿاٽ جي پُڄاڻي يقينن هئڻ کپي. خيال جي تڪميل/ پُڄاڻيءَ تي ٿيندي آهي ۽ نثري نظم جي پُڄاڻي ڇرڪائيندڙ/ حيرت ۾ وجھندڙ / واهه واهه ڪرائيندڙ يا ڀرپور تاثر ڏيندي نظر نه اچي ته پوءِ نثري نظم خيال جي تڪميل نه ڪندو ۽ پوءِ اُن کي نثري نظم نه پر ’نثري ٽُـڪرو‘‘ ڪوٺبو. نثري ٽڪرا هڪ خيال تي مشتمل هجن ٿا ۽ نثري نظم پنهنجي تاثر ۾ ڀرپور خيال جي تڪميل رکندڙ هجن ٿا. انور ڪاڪا جي اڌ کان گھڻن نثري نظمن ۾ خيال جي تڪميل / پُڄاڻي آهي، پر ڪِن ڪِن نظمن کي فني طرح نظم نه پر ڪي احساس يا نثري ٽُڪرا چئجي ته بهتر ٿيندو!
ويجھڙاءَ ۾ سنڌي ادب ۾ ڪافي اهڙا نثري نظم لکيا پيا وڃن، جن کي نثري نظم نه پر نثري ٽُڪرا چَئي سگھجي ٿو، انور ڪاڪا جي نظمن مان ٻه اهڙا نظم پيش ڪرڻ چاهيندس,جيڪي نظم نه پر نثري ٽُڪرا آهن!
خوشبوءِ جو وصيت نامو
مان محبت جي
نظمن ۾ زندهه رهندس
انهن کي سنڀالجو... (انور ڪاڪا)
نظمن جي خوشبوءِ
خدا توکي نظمن جي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي
مون کي تنهنجي بدن مان هميشه
نظمن جي خوشبوءِ ايندي آهي... (انور ڪاڪا)
انور جا ڪي نظم محض feelings آهن، اُنهن کي فني طرح نثري نظم نه چَئي سگھبو، جيئن هي نظم، نثري نظم جي لوازمات تي پورو نٿو لهي، هتي خيالن ۽ سِٽن جي تڪبندي آهي ۽ خيال مڪملتا کان محروم آهي.
هو پاڳل ٿي ويندو
تنهنجي انتظار جون
گھڙيون ختم ٿيڻ واريون آهن
هو جلد اونداهيءَ ۾
خدا جي رنگين تصوير ٺاهي
پاڳل ٿي ويندو... (انور ڪاڪا)
نثري نظم ۾ هڪ خيال سان نڀاءُ ڪبو آهي. ٻه خيال هڪ نظم جي لاءِ فني نقص آهن ، جيئن هن نظم ۾ هڪُ خيال نه پر ٻه خيال آهن. ٿڪجڻ کان پوءِ فرد جي سليڪشن، محبوبا جي گوڏي سمهڻ واري نيچرلي آهي، پر ٿڪجي وڃڻ کان پوءِ تپندڙ سج جي گولي هيٺان قميص لاهي نظم لکڻ غير فطري عمل آهي۽ نظم ۾ ’’ڊبل اسٽينڊرڊ‘‘ وارا خيال نظم جي زينت وڃائي ڇڏين ٿا! هتي ٻه خيال آهن. محبوبا جي زلفن جي ڇانوَ ۾ سمهڻ کان پوءِ ٿڪجڻ ۽ پوءِ تپندڙ سج هيٺان نظم لکڻ غير فطري مصنوعي خيال به آهي ۽ خيال کي غير جمالياتي بنائڻ به آهي. رُومانس مان ماڻهو نه ٿڪجندو آهي، جي اگر ٿڪجي به پوي ته پوءِ کيس ننڊ سڪون جي اچي سگھي ٿي ۽ پوءِ ان کي تپندڙ سج جي هيٺان بيهڻ جي ضرورت غير منطقي ڀاسجي ٿي!!
ٻنپهرن جو.....
ٻنپهرن جو
هو جڏهن ٿڪجي پيو ته
وڃي پنهنجي محبوبا جي گوڏي تي
ذلفن جي ڇانوَ هيٺان سمهي رهيو
۽ جڏهن هو ٿڪجي پيو ته
تپندڙ سج جي گولي هيٺان
قميص لاهي نظم لکڻ لڳو... (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جا هن ڪتاب وارا اُهي نظم جيڪي طويل آهن، سي اڌ ۾ خيال جي پڄاڻي جي ڪري اظهارجي وڃن ٿا، جڏهن به نثري نظم ۾ خيال جي تڪميل اڌ ۾ اظهارجي ويندي آهي ته پوءِ نظم اتي ئي ختم ٿي ويندو آهي. پوءِ اڳتي لکڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. طويل نظم ويتر ڏکيا اُنهيءَ ڪري هوندا آهن ڇاڪاڻ ته اُهو خوف موجود هوندو آهي ته اُهي اَڌ ۾ پُڄاڻي/تڪميل کي جيڪڏهن اظهاري ويا ته پوءِ انهن جو اُهو فني نقص هوندو. انور جا ’’طويل نظم‘‘ بوريت جو شڪار آهن، اَڌ ۾ اظهاريل به آهن، تن نظمن ۾ شخصيتن تي لکيل نظم عدم دلچسپيءَ ، بوريت ۽ اڌ ۾ اظهاريل پُڄاڻيءَ وارا نظم آهن، انور جا اُهي نظم اُنهن طويل نظمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهڻا آهن، جيڪي مختصر آهن ۽ زندگيءَ جي ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کي پنهنجي جوهر ۾ خوبصورتي يا حُسناڪي ارپي رهيا آهن! جيئن هي ننڍڙو نظم غربت جي ڪهاڻي سمائي بيٺو آهي:
منهنجو وڏو ڀاءُ
مون تي صرف
ان ڪري کِلندو آهي جو
آئون
هن جا ڪپڙا پائيندو آهيان... (انور ڪاڪا)
بودليئير طويل نثري نظم لکيا آهن. رامبو به نوجوانيءَ ۾ زبردست نثري نظم لکيا آهن. فرانسيسي شاعرن نثري نظمن جي سرزمين آباد ڪئي. سنڌي نثري نظمن ۾ اُنهن فرانسيسي شاعرن جي نثري نظمن جي ’’پوئلڳي‘‘ نه ڪئي وئي، سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي شاعرن گَھٽ وَڌ سٽن ۽ اُبتن سُبتن خيالن کي ’’نثري نظم‘‘ جو نالو ڏنو آهي، جڏهن ته نثري نظم جي فني هيئت تي غور ئي نه ڪيو آهي، فرانس جي شاعرن پنهنجن پنهنجي نثري نظمن جي هيئت، ٻوليءَ جي طاقت تي رکي هئي. فرانسيسي ٻوليءَ ۾ اُها ظاهر يا لڪل صلاحيت اڳواٽ ئي موجود هئي جو اُها ٻولي نثري نظمن جي ’’وجود جي ضامن‘‘ بڻجي وئي. فرانس جي شاعرن نثري نظمن ۾ پنڪچوئيشن punctuation جي وسيلي رڌم پيدا ڪيو، فرنچ پوئيٽس لفظن جي اهڙي ادبي چونڊ ڪندا هئا، جو لفظن جي آوازن جي موسيقي هم آهنگ بنجي ويندي هئي. فرينچ شاعرن نثري نظمن ۾ موسيقيت پيدا ڪرڻ جو هڪ هي وسيلو رکيو ته اُهي لفظن کي رٻڙ جيان ڇڪي رڌم پيدا ڪري وٺندا هئا. منهنجو ذاتي خيال هيءُ آهي ته (جيڪو غلط به ٿي سگھي ٿو) جنهن ٻوليءَ ۾ لفظن جي پويان متحرڪ آواز هجن، اُها ٻولي نثري نظمن جي لاءِ وڌيڪ موزون ٻُـولي آهي. انگريزي ٻوليءَ جون اڪثر پڇاڙيون غير متحرڪ هونديون آهن، جنهن جي ڪري انگريزيءَ ۾ لکيل نثري نظم ۾ رڌم جي کوٽ هوندي آهي. انگريزيءَ جيان اُڙدو ٻوليءَ ۾ لفظن جي پويان وارا حرف اڪثر ساڪن آهن، اُنهيءَ ڪري اُڙدو ٻوليءَ جي نثري نظمن ۾ موسيقيت گھٽ آهي ۽ اُڙدوءَ جي وڏن وڏن شاعرن نثري نظمن کي ’’شاعري چوڻ‘‘ نه قبوليو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪي سينيئر نقاد نثري نظمن کي پڻ شاعري نٿا ڪوٺين! پر منهنجي خيال ۾ جديد نثري نظم هاڻي پنهنجو پاڻ مڃائڻ جي ابتدا ڪري چڪو آهي. ڪهڙيءَ به طرح سنڌي ٻُــولي نثري نظمن کي موسيقيت ڏيڻ لاءِ وڌيڪ موزون آهي، ڇو ته سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جون پڇاڙيون اڪثر متحرڪ آهن پر سنڌيءَ ۾ نثري نظمن جو چڱو خاصو تعداد دراصل ’’نثري ٽُڪرن‘‘ جي دائري ۾ اَچي ٿو ۽ هتي شاعرن کي ’’نثري نظم‘‘ جي لاءِ اڳواٽ فني لوازمات کي ڏسڻو پوندو. نثري نظم جي لاءِ فني طرح اُهو لازمي آهي ته نثري نظم جو خيال نظماڻو/ شاعراڻو هجي ۽ ان جو اظهار expression نثراڻو هُجي جيڪي به نثري نظم ان فني ڪسوٽيءَ تي پورا نٿا لهن، سي فني نقصن جو شڪار آهن، جيئن شيخ اياز جا نثري نظم آهن، اُن ڪسوٽيءَ تي شيخ اياز جا نثري نظم سگھارا نه آهن، آئون شيخ اياز جي نثري نظمن کي ’’شاعراڻو نثر‘‘ سمجھان ٿو، توڙي جو شيخ اياز نثري نظمن جي وچ ۾ ڪي ڪي سٽون وزن ۾ آڻيندي رڌم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شيخ اياز جا نثري نظم سنڌي ادب ۾ ڪا مناسب جاءِ پيدا نه ڪري سگھيا آهن. شيخ اياز کي بُــودليئر، رامبو ۽ ٻين ڪيترن ئي فرانسيسي شاعرن وارا انداز اختيار ڪرڻا هئا، جيئن لفظن کي رَٻــڙ جيان ڇڪي پنڪچوئيشن punctuation مان رڌم پيدا ڪجي، پر هُن ايئنءَ نه ڪيو آهي! فرانسيسي فن تي سنڌي ادب مان آئون تجرباتي مثال پيش ڪري سگهان ٿو. هيءُ سنڌي نظم ضياءُ شاهه جو آهي جنهن جو عنوان ’’پرينءَ جي ڇڪ‘‘ آهي. هن کي آزاد نظم نه چئبو ، پر هن جي نثراڻي اظهار يا چَوتِ کي نثراڻي تناظر ڪري نثري نظم ڪُوٺبو، پنڪچوئيشن مان رڌم ڏِسبو:
گھاٽو ٻيلو،
ڪاري رات،
اُتر واءُ.
اُڀَ ۾ جُھڙُ،
مينهَن جي ڦُــڙ ڦُـڙ،
وڃايل پيچرو،
گپ چَڪ،
پوءِ به پرينءَ جي ڇڪَ. (ضياءُ شاهه)
ضياءُ شاهه جو هڪ ٻيو نثري نظم پيش ڪجي ٿو، جنهن جي چَوتِ يا اظهار نثراڻو آهي. اظهار يا چَوتِ نظماڻي ناهي. هن ۾ به بيهڪ هي نشانين سان ردم ڏنل آهي، بيهڪ جي نشانين موجب سِٽَ پڙهبي ته موسيقي پيدا ٿيندي.
اُماس سان ويڙهاند
سِر ڪرن ٿا يا سِڪا ڪرن ٿا
ڇن ڇنان ڇن!
سردين ۽ گرمين ۾ جاڳي
پاليل ٻچڙن جا
سِر ڪرن ٿا يا سِڪا ڪرن ٿا
ڇن ڇنان ڇن!
(ضياءُ شاهه)
هيءُ وڏو نثري نظم آهي، پر مون ان جوڇهون حصو ڏنو آهي.
مٿيون نظم پنڪچوئيشن punctuation مان رڌم پيدا ڪندڙ آهي، پر فرانسيسي انداز م لکيل ڪيترا نثري نظم لکيا ويا آهن!؟ سنڌي ادب ۾ ڪيترائي شاعر نثري نظمن تي طبع آزمائي ڪندا رهندا آهن اڳ ڪيلاش جا نثري نظم ڇپجندا هئا،جيڪي فني طرح سگھارا هوندا هئا، ضياءُ شاهه، فراق هاليپوٽو، اقبال هاليپوٽو، رُوحل ڪالرو ڪنهن حد تائين نثري نظم جي فن ۽ فڪر کي سمجهي ورتو آهي پر ڪِي اهڙا دوست به لکي رهيا آهن، جن کي اُها فني ڄاڻ به ناهي ته هُو هڪ ئي نثري نظم ۾ ’’چار نظم‘‘ ڪيئن ۽ ڇو لکي رهيا آهن؟ سندن تجريدت ۽ ٻُــوليءَ جو اسلوب به اهڙو آهي جو لکن به پاڻ ته سمجھن به پاڻ !؟ هنن ويچارن کي اهو به ڪڏهن احساس نه رهيو آهي ته سندن ٻوليءَ جي ڊڪشن ’’مخصوص لفظن جي هيراڦيري‘‘ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ۽ سندن ٻوليءَ جو دقيق انداز پڙهندڙن تائين ڪميونيڪيٽ ئي نه ٿي رهيو آهي. منهنجو خيال هيءُ آهي ته نثري نظم اُهو لکي، جيڪو پابند/ عروض جي معياري شاعريءَ ۾ به ’’پاڻ مڃائي‘‘ چُڪو هجي!
انور ڪاڪا جا نثري نظم توڙي جو پنڪچوئيشن جي مدد سان رڌم پيدا نٿا ڪن پر فڪري حوالي سان اهي نظم ڏاڍا جديد آهن. اُنهيءَ جو ثبوت هيءُ ته هن جي نثري نظمن ۾ جتي تجريديت آهي، اتي جديد حسيت new sensibility به آهي. جديد حسيت دراصل صنعتي ۽ سائنسي ائپروچ واري سماج جي اُها نئين فيلنگ آهي، جيڪا جديد صنعتي / مصنوعي سماج مان بيزاريءَ جي عالم مان ڦُٽي نڪتي آهي، انور ڪاڪا جو نظم ’’هڪ چميءَ جي صدا‘‘ new sensibility جي بهترين عڪاسي ڪندڙ آهي، جنهن ۾ ننڍڙي ڇوڪري ممتا لاءِ سڪندي رهي ٿي، ڇوڪريءَ جي ماءُ سياسي، سماجي، ادبي وغيره پروگرامن ۾ مصروف آهي؛ آخر ڇوڪري ماءُ کي التجا ڪري ٿي ته مون کي هڪ چمي ڏئي وڃجان، صبح جو آئيني ۾ مون کي پنهنجو چهرو ٻڌائيندو!! طوالت جي ڪري اُهو نثري نظم هِتي نٿو ڏِئي سگهان.
انور ڪاڪا جي نظمن جي انٽليڪچوئل سطحن تي ڳالهائجي ته ان ڏس ۾ سندس نظم ’’انٽليڪچوئل سطحن‘‘ کي ڇُهندي نظر ايندا جن ۾ ڪٿي وجوديت جو فلسفو آهي ته ڪٿي وري علمي تضادن واري ٽڪراءُ واري صورتحال به آهي:
ائٽمي جنگ...
هُنَ چيو ائٽمي جنگ لڳي ته
سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو
هِنَ به چيو واقعي سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو
پوءِ به هڪ شيءِ رهجي ويندي
امن ۽ خوشيءَ لاءِ سانڍيل ڳوڙها (انور ڪاڪا)
يورپ ۾ سائنس فلسفي سان ٽڪر کاڌو ۽ اُنهيءَ کان پوءِ هن وقت سائنس آرٽ سان ٽڪراءُ ۾ اچي رهي آهي. انور ڪاڪا جي هڪ نظم ۾ اُها سَطح نظر اچي ٿي، هن نظم جو عنوان آهي ’’ساهن جي خوشبوءِ‘‘. هن نظم ۾ آرٽ جو سائنس سان ٽڪراءُ طنز طور سامهون اچي ٿو، ايئن چَئجي ته آرٽ جو سائنس تي هڪ حملو آهي، هن نظم جي ٿاٽ ۾ پڻ new sensibility موجود آهي:
فون رسيور مان جي
تنهنجي آواز سان گڏ
تنهنجي ساهن جي به
خوشبو اچي ته
مان هوند
ڪڏهن به ڪال نه ڪٽيان! (انور ڪاڪا)
’’وڻ ڪپڙا ڇو ناهن پائيندا؟‘‘ انور ڪاڪا جو هيءُ نظم ماورائيت جي عڪس بندي ڪندڙ نثري نظم آهي يا اِيئنءَ چئجي ته ماورائيت ۽ حقيقت جو سنگم نظم آهي! وڻن جي ڪپڙن وارو سوال ماورائيت آهي ڇو ته وڻن جا پن اُنهن جا ڪپڙا هونداآهن ۽ يتيم ٻار جو درد حقيقت نگاري آهي.
وڻ ڪپڙا ڇو ناهن پائيندا؟
هڪ ننڍڙو ٻار سوچي رهيو آهي
وڻ ايڏي سيءَ ۾ سوئيٽر ته ٺهيو
پر ڪپڙا به نٿا پائين!
ڇا کين سيءُ نٿو لڳي؟
۽ هُو پنهنجي پنهنجي گھر ڇو نٿا وڃن؟
ڇا سڀني جا پيئر مري ويا آهن؟
۽ سندن مائرن به
امان وانگر ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي
۽ سندن نڳا پيئر به منهنجي نڳي پيءُ وانگر
کين پنهنجي گھر نٿا اچڻ ڏين... (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جي نظمن ۾ سماجي ڪمٽمينٽ وارو پاسو سگھارو آهي، ڪنهن نظم ۾ جاگيردارنه رسمن جي خلاف احتجاج آهي ته وري ڪنهن نظم ۾ عورت سان ٿيندڙ جبر ۽ نا انصافي خلاف مزاحمت آهي، ڪنهن نظم ۾ بک ، بدحالي، بيروزگاري ۽ ٻين معروضي بيمارين خلاف آوازَ آهن ۽ امن ۽ سلامتيءَ جا پڙاڏا آهن ته ڪن نظمن ۾ ’’مصنوعيت جي ماحول کان‘‘ نفرت ۽ فطرت پسنديءَ ڏانهن سِڪَ جا سنيها آهن، هڪ نظم ۾ ته سماج ۽ آرٽ جي رشتي کي پائيدار ۽ سگھارو ڪرڻ جي شعوري ڪوشش نظر اچي ٿي. آرٽ ۽ سماج جي ڪمٽمينٽ جو حسين سنگم هيءُ نظم آهي:
تون اڃان به چئين ٿو
هي انصاف وارو شهر آهي
ڏس ڪيئن نه هوءَ سانوري معصوم ڇوڪري
هڪ واهيات ڪوي جي نظم ۾
پنهنجي لُٽجي ويل عزت ڳولي رهي آهي... (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جيتوڻيڪ نثري نظم جي ڪائنات جو نئون ماڻهو آهي، جنهن ڪري نثري نظمن جي فني نزاڪتن جي کيس پوري پوري ڄاڻ نه آهي، اُنهيءَ ڪري سندس ڪِن نظمن ۾ فني جھول آهن. سندس ڊڪشن دلڪش / من موهيندڙ آهي پر کيس طوالت، مايوسيءَ، پنڪچوئيشن واري عدم رڌم ۽ پڄاڻيءَ کان اڳ اظهاريل نظمن کان پاڻ بچائڻو پوندو. انور ڪاڪا جي ’’انٽليڪچوئل سطحن‘‘ واري ڏسا ۾ آئون سندس ٻن نظمن کي آخر ۾ ضرور پڙهندس. اُنهيءَ مان هڪ نظم آهي ’’تصوير ۽ مصور‘‘. هِن نظم ۾ آرٽ جي پاران آرٽسٽ تي تنقيد آهي، اهو انٽليڪچوئل سطح جو نظم آهي ۽ هڪ سررئيلسٽڪ نثري نظم آهي:
گھڙيال ۾
ڏينهن جا ٻارنهن وڳا
مصور اکيون مهٽي ننڊ مان جاڳيو
سامهون ڪئنواس تي
سندس ئي ٺاهيل اڌ اگھاڙي تصوير
کيس گھروڙي ڀونڊو ڏنو... (انور ڪاڪا)
انور ڪاڪا جي هڪ ٻئي سررئيلٽسڪ نظم سان موڪلايون ٿا:
پاڻ ڏي لکيل هڪ خط
ڊيئر خط!
توکي پاڻ ڏي پوسٽ ڪندي،
الائي ڪيترو عرصو گذري ويو آهي
پر الائي ڇو
تون مون تائين اڃا نه پهتو آهين
ڪٿي ايڊريس ته غلط لکيل ڪانه هئي
پر ايئنءَ ڪيئن ٿو ٿي سگھي
لفافي جي مٿان منهنجا ڳوڙها
ٻئي جي ائڊريس ڪيئن ٿا ٿي سگھن
ڪٿي ٽپاليءَ کان ته نه گم ٿي ويوآهين
يا وري ايئنءَ ته ڪونهي
تو ٽپاليءَ کي گم ڪري ڇڏيو آهي؟
(انور ڪاڪا)