لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

خليق ٻگهيو سنڌي نوجوان نقاد ٽهيءَ ۾ نشانبر ادبي نانءُ آهي. ’ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا‘‘ سندس پھريون تنقيدي ڪتاب آهي. خليق ٻگهيي هِن ڪتاب ۾ نہ رڳو شاعري ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن تي تنقيدي تجزيا ڪيا آهن بلڪہ هُن ادبي تحريڪن ۽ مروج نون زاوين بابت بہ کُليل روح سان لکيو آهي. جنهن سان هن ڪتاب ۾ تنقيدي ورائٽي بہ نمايان ٿي آهي. سندس لطيف شناسيءَ بابت لکيل ليک خليق ٻگهيي جي ڪلاسڪ ادب تي گرفت ڏانھن ڌيان ڇڪرائين ٿا تہ نئين ٽھيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن تي لکيل سندس ڪيئي مھاڳ/رايا سندس جديد ادبي ڪائنات تائين پُھچ جا پاڻ هـڙتو گواهه آهن.
  • 4.5/5.0
  • 313
  • 88
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليق ٻگهيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

رُومانوي تحريڪ ۽ ڀٽائي

اُنهيءَ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته سنڌي ادب ۾ رُومانوي تحريڪ جو باني شاهه لطيف آهي، ڇاڪاڻ ته رُومانوي تحريڪ جون جيڪي به گُهرجون آهن، سي سڀ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نظر اچن ٿيون.
انگريزي ادب جي قديم ڪلاسيڪي نظرئي تي تنقيدي ادب سورهين صديءَ ۾ ئي اچڻ شروع ٿي ويو هو. اُنهيءَ ڏس ۾ پهريون جيڪو تنقيدي ڪتاب آيو هو اُنهيءَ جو نالو هو The defence of poetry، جيڪو سر فلپ سڊني سورهينءَ صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ لکيو هو، اُنهيءَ کانپوءِ جان ڊرائيڊرن ۽ ڊاڪٽر سيموئل جانسن جا تنقيدي ڪتاب آيا ۽ ارڙهين صديءَ تائين پنهنجو سحر قائم رکندا آيا، اهڙو ڪلاسيڪي ادب قديم ڪلاسيڪيت جي سختيءَ سان پوئواري ڪرڻ سبب پنهنجو فطري انداز وڃائي ويٺو ته پوءِ نؤ ڪلاسيڪي به ڪوٺجڻ لڳو ۽ اُها شاعري اڪثر هيئت ۾ مثنويءَ جي شڪل جهڙي هوندي هئي. پنهنجين خوبين ۽ خامين سان اهڙي نؤ ڪلاسيڪيت جلوه افروز هئي ته ارڙهين صديءَ ۾ اُنهيءَ جي خلاف بغاوت شروع ٿي ۽ هڪ نئون شاعريءَ جو ڪتاب وليم ورڊس ورٿ لکيو، جنهن جو عنوان هو Lyrical Ballads جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”سريلا گيت“ چئي سگهجي ٿو. اُن جو مهاڳ رُومانوي تحريڪ جو منشور چئي سگهجي ٿو. هن ڪتاب جي اندر سموري ڪلاسيڪيت يا ڪلاسيڪي نظرئي کان بغاوت ڪئي وئي ۽ اهڙي طريقي سان هڪ نئين ادبي تحريڪ جو بنياد پيو. جنهن کي رومانويت Romanticism يا روماني تحريڪ ڪوٺيو ويو.
جڏهن ادب جي اندر رُومانوي تحريڪ اُڀري ته اُنهيءَ ۾ سموري دنيا جي سُڌريل ادب جو حصو هو. اُها ملڪيت ڪنهن هڪ ٻن ملڪن جي ڪانه هئي. درحقيقت اُها رُومانوي تحريڪ قديم ڪلاسيڪي ۽ قديم نؤ ڪلاسيڪي تحريڪ خلاف احتجاج هئي. هن تحريڪ ادب کي عالمگير جديد رُخ ڏنا. جرمني جي فلسفين به هن تحريڪ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. خصوصيءَ طرح برڪ، ڪانٽ ۽ ليسنگ پنهنجي فلسفي جي اندر جماليات جي جيڪا نئين تشريح ڪئي، تنهنجو اثر اَڻــٽــر هو. هُنن فلسفين نه صرف ادب جي اندر جماليات جي نئين باب جي واڌ آندي، پر فطرت ۽ آرٽ کي به جمالياتي نظرين جي تحت پرکيو. نيٺ اهڙين ڪوششن رنگ لاتو ۽ رُومانوي تحريڪ ۾ فطرت پسنديءَ جو عمل ’’تاڪيدي طرح‘‘ شروع ٿيو. اُنهيءَ جو اثر جتي ناولن ۽ ناٽڪن ۾ زور وٺڻ لڳو، اُتي شاعرن پنهنجو پاڻ ملهايو. رچرڊسن، ڪوپر فطرت پسنديءَ کي مرڪزي نقطو قرار ڏنو. شيلي جي شاعريءَ ۾ قديم روايتن جي برعڪس، جذباتيت کي هَـٿي ڏني وئي. ورڊس ورٿ ڳوٺاڻي حياتيءَ جي مسئلن ۽ قدرتي نظارن جي اُپٽار ڪئي. گولڊ سمٿ جي شاعريءَ جو سمورو رُوح فطرت هئي ۽ والٽر اسڪاٽ ته ڄڻ ڪارنامو ڪيو، جو سموري تاريخ کي افسانوي طريقي ۾ پيش ڪيائين. وليم بليڪ جي شاعريءَ ۾ رُوحانيت جهڙا احساس اُڀري آيا. رچرڊسن جي ناول نويسيءَ ۾ رُومانيت اُنهيءَ ڪري وڌي آهي جو هن جي ناولن ۾ وڏي ۾ وڏي اهميت شين کي رُومانوي انداز سان ڏسڻ بڻي. بائرن، شيلي ۽ برنز صرف احساس ۽ جذبن کي اهميت ڪونه ڏني، پر رُومانوي تحريڪ جي اثر هيٺ انساني حقن جي جدوجهد کي به ادب ۽ شاعريءَ جو حصو بنائڻ لڳا. جان ڪيٽس ته مشهور ئي رُومانوي حوالي سان ٿيو. ڪيٽس وٽ جيڪا رومانيت هئي اُها هڪ طرف ٽرئجڊي جي وڪالت ڪندي هئي ته ٻئي طرف اُنهيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ اثر جذبن جو هو. اهڙيءَ طرح هيءَ رُومانوي تحريڪ سگهاري بنجندي وئي. اچو ته چند انگريزي رُومانوي شاعرن جي شاعريءَ جو اڀياس ڪريون.
Love’s Secret
Never seek to tell thy Love,
Love that never told can be,
For the gentle wind doth move,
Silently Invisible.

I told my love, I told my love,
I told her all my heart,
Trembling cold in ghastly fears,
Ah! She did depart.

Soon after she was gone from me,
A traveler came by,
Silently Invisible,
He took her with a sigh.
(Poet: William Black- 1757- 1827)
وليم بليڪ رُومانوي تحريڪ جي لحاظ کان پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻُڌايو ته پيار پاڪ جذبو آهي ۽ سيڪس ماڻهوءَ کي تباهه ڪري ٿو، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن گلُ مُرجهائي وڃي يا سُڪي وڃي، هن نظم ۾ خوف ۾ شاعر پنهنجي پيار کي سڀ راز ٻُڌائي ٿو ۽ محبوبه کانئس مسافر جيان جدا ٿي وڃي ٿي.
مٿئين شاعريءَ جي اڀياس کانپوءِ توهان محسوس ڪندؤ ته وليم بليڪ نهايت ئي خوبصورتيءَ سان رُومانوي تصور پيش ڪيو آهي. هن جيڪو تخيل پيش ڪيو آهي، اُهو بلڪل ڪلاسيڪيت کان منفرد نظر اچي ٿو. هُن جو انداز به مختلف آهي جڏهن ته قديم ڪلاسيڪي تحريڪ کان بغاوت اُها نظر اچي ٿي ته شاعر ڪنهن به ڪلاسيڪي تنقيدي ادب جي به پرواهه ڪندي نظر نٿو اچي. فني سطح تي هيئتي لحاظ کان مثنوي انداز بيان کان پري رهڻ به رُومانوي تحريڪ جي هڪ خُوبي هئي. هن ڏس ۾ هڪ ٻئي شاعر شيلي کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته هن جو انداز ڪيترو نه رومانٽسزم وارو آهي؟ شيلي جي شاعريءَ ۾ فطرت پسنديءَ ۽ داخليت جو ڏسو ڪيترو نه عمل ۽ دخل آهي.
A widow bird sat mourning for her love,
Upon a wintry bough,
The frozen wind crept on obove,
The freezing streams below.
(Poet: Shelley- 1792- 1822)
شيلي بيوهه پکيءَ کي پنهنجي پيار لاءِ ماتم ڪندي ڏيکاري ٿو، جيڪو آکيري ۾ ويٺو آهي، مٿان ڄميل ڍنڍ آهستي ريڙهيون پائي ٿي هيٺان گرم وهڪرا هلن ٿا.
شيلي کانسواءِ وليم ورڊس ورٿ پڙهون ٿا ته اِئينءَ محسوس ٿئي ٿو ته هُو فطرت جي جيتري حسين عڪاسي ڪري ٿو، تيئن شايد ڪنهن وٽ به فنڪارانه نظر نه هجي. اُنهيءَ فطرت جي روشنيءَ سان ڄڻ ته کيس نئون جنم ملندي نظر اچي ٿو ۽ ’’نئين ڄاول ڏينهن‘‘ جي معصوم معصوميت کان ڏسو ڪيئن متاثر ٿئي ٿو:
I live beneath your more habitual sway,
I love the brooks which down their channels frey,
Even more than when tripped lightly as they,
The innocent Brightness of a new born day.
اهڙيءَ طرح جان ڪيٽس، بائرن، ڪوپر ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ جو اڀياسُ ڪجي ٿو ته رومانيت جا سڀ انداز سامهون اچن ٿا ۽ هنن جي نؤڪلاسيڪيت واري ادب جي قدرن کان بغاوت جا نوان نوان مظهر عيان ٿين ٿا، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته رُومانوي تحريڪ ڪيتري نه سگهاري ادبي تحريڪ هئي.
جهڙيءَ طرح قديم ڪلاسيڪيت مان ادب جون ٻيون ڪيتريون تحريڪيون اُڀريون، تيئن رُومانوي تحريڪ به ايتري سگهاري هئي، جو اُنهيءَ جي روشنيءَ ۾ ٻيون ڪيتريون ئي نيون تحريڪون اُڀريون. ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگي، ترقي پسندي ۽ جديديت جي تحريڪ سڀ انهن ٻن بنيادي تحريڪن جي رُوح مان ڦٽي نڪرن ٿيون يا ردِ عمل ۾ جنم وٺن ٿيون.
ڀٽائيءَ وٽ خارجيت پهرين ترجيح ناهي، هن وٽ پهرين ترجيح داخليت آهي يا سندس شاعريءَ جو رُوح موضوعيت آهي معروضيت ناهي. اُنهيءَ ڪري به ڀٽائيءَ صاحب جو ڪلام رُومانويت جو اعليٰ شاهڪار آهي. سندس عظمتن جو انڪشاف به اُتان ئي شروع ٿئي ٿو. رُومانوي فڪر جي نڪتهءَ نظر کان ڀٽائيءَ جي شاعري هڪ عظيم ادبي ورثو نظر اچي ٿي. ڀٽائيءَ جو هي بيت ڏسو ته رُومانوي احساسن جي گهرائيءَ تائين ڪيئن رسي ٿو ۽ قاريءَ کي پنهنجي رُومانوي سحر ۾ ڪيئن سميٽي ٿو: ــ
منجهان منهنجي رُوحَ، جي وڃي ساڄن وسري،
ته مَــرُ لِـڳي لُــوهَ، ٿَــرُ ٻَـاٻـيهُـو ٿِي مَران.

اسان جو عظيم شاعر ڪيترو نه خوبصورت خيال پيش ڪري ٿو ته جيڪڏهن منهنجي رُوح مان محبوب نڪري وڃي ته آءٌ پوءِ اُنهيءَ ٻاٻيهي پکي جيان مري وڃان. ٿر ۾ جڏهن لُوه لڳندي آهي يا گرم هوا يا لُڪ لڳندي آهي ته پوءِ فطرت جي هر شيءِ متاثر ٿيندي آهي ۽ شاهه سائينءَ ڪلچرل تصور به رومانيت سان گڏي پيش ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جو خيال آهي ته پيار ختم ٿي ويو ته پوءِ لُــوه ڀلي لڳي ۽ پوءِ وجود جو ڪهڙو مقصد وڃي باقي رهندو!؟
جيتوڻيڪ عالمي ادب ۾ رومانٽسزم جو مقصد صرف رومانس يا پيار محبت جون ڳالهيون ڪرڻ نه آهي، پر پيار کي فڪر جو بنيادي ايڪو قرار ڏيڻ ضروري هوندو آهي. انگريزي ادب ۾ جيڪا به رُومانوي تحريڪ هئي اُنهيءَ رُومانوي تحريڪ جو اعليٰ کان اعليٰ مقصد ڪائنات جي شين ڏانهن فطري ڪشش ۽ جُهڪاءُ قائم ڪرڻ هو، ٻين لفظن ۾ رومانٽسزم جو مقصد هو ته ادب ۾ سخت گيري پيدا نه ڪئي وڃي ۽ هر فطرتي توڙي غير فطري شيءِ ڏانهن تخليقڪار جو رويو لُطافت وارو هجي. ڇاڪاڻ ته حياتيءَ ڏانهن رومانس پيدا ڪرڻ ئي ادب جي پهرين ترجيح آهي. حياتيءَ جي بي سوادگيءَ کي ختم ڪرڻ جي واسطي ئي رُومانويت جي تحريڪ اُڀري هئي. جان ڪيٽس رُومانوي شاعر هو سندس شاعريءَ ۾ به اهڙي ادبي ڪاوش نظر اچي ٿي.
عالمي ادب ۾ رُومانويت جي تحريڪ جي اندر ورڊس ورٿ ۽ گولڊ سمت ادب ۽ شاعريءَ ۾ فطرت جي عڪاسي وڌ ۾ وڌ ڪئي. ڀٽائيءَ پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو فطرت جي مشاهدي ۾ ئي بسر ڪيو هو. سندس شاعري ئي اُنهيءَ جو جواب آهي.
سَـرَ نِـسـريا پاندَ، اُتـر لـڳا آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سَهسين سُکائون ڪيون.

سَــرَ لُــوهيـڙا ڳَـڀـيا ڪَسـر نِـسـريا،
تُو ڪئين وسريا، ڍُوليا! ڏينهَن اَچڻَ جا؟

ڀٽائيءَ وٽ مٿئين بيتن ۾ جتي اُٿاهه گهرائي آهي، اُتي مند اچڻ جو به ذڪر آهي. جتي مجازُ آهي، اُتي خلوت جي به حسين عڪاسي نظر اچي ٿي. جٿي وڻجارن جو ورد آهي، اُتي سنڌ جي جاگرافيت ۽ سکائَن يعني ثقافتي روايتن جو به عڪس آهي. اُنهيءَ ڪري ڀٽائيءَ جي ڪلام جون ڪيتريون ئي فڪري شاخون اُڀري پون ٿيون. ڀٽائي دنيا جي ٻين رُومانوي شاعرن ۽ شاعرائن جيان فطرت جي عڪاسي تي اُڪتفا نٿو ڪري، نه ئي فطرت نگاري کان صرف جمالياتي قدر وٺي ٿو، پر هو پنهنجي وطن سنڌ جي فطرت جي به مقصدن جي تشريح ڪري ٿو، جيڪي فطرتي مقصد انفرادي سطح تي محبوب جي اچڻ جي سُڌ بخشين ٿا ۽ اجتماعي سطح تي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ترقي سان وابسته آهي. مٿئين بيتن ۾ اُنهن وڻجارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي لنڪا ۾ واپار ڪن ٿا ۽ اُنهن جون ونيون اُنهن جي اچڻ جو ذڪر ڪن ٿيون، جيڪي سڪ ۽ درد ۾ آهن.
ڀٽائي وٽ فطرت پسندي بنا مقصد ڪانهي، پر اُنهيءَ فطرت پسنديءَ پويان حياتيءَ جي جدوجهد جو ذڪر آهي، پورهيت طبقي جي نمائندگي آهي ۽ سُست ماڻهن لاءِ عظيم سبق آهي، سندس هيٺيان بيت ڏسو ته انهن ۾ اُهو سڀ مواد نظر اچي ٿو:
پرهَه ڦُـٽي، رات گَـئي، جهيڻا ٿيا نـَکٽَ،
هارِي! وَيءَ وٽَ، گهڻا هَـڻـندين هٿڙا.

نَڪو سُک نِـکـٽـين، نه ويساندِ نَئين،
جيڪا اَچئي سامُهين، ڀائين سا سَئين،
مُوڙي ڪُوهَ مَئين؟ جئن سَڄيون راتيون سُمهين؟

ڀٽائي رومانويت جي تحريڪ جو وڏو مقصد هن طرح بيان ڪري ٿو ته پنهنجي شاعريءَ جي اندر فطرت جي حيثيت جو تعين ڪري ٿو. فطرت جي عڪاسي به ڪنهن نه ڪنهن مقصد هيٺ ڪري ٿو، هُو ڪيترن ئي عالمي رُومانوي شاعرن کان اُنهيءَ ڪري به بهتر آهي، جو فطرت جي عڪاسي ڪرڻ وقت هُو پهرين ترجيح انساني حُسن کي قرار ڏئي ٿو. اُهو انساني حُسن سندس تخيل جون اعليٰ صورتون ٺاهي ٿو ۽ ڪردار جي عظمتن سان پڻ اُهو حُسن وابسته نظر اچي ٿو. ڀٽائيءَ وٽ جماليات جا اهڙا قدر آهن، جيڪي ڪائنات جي فطرت جي روح مان ڦُٽن ٿا. اُنهيءَ ڪري به ڀٽائي دنيا جي عالمي رُومانوي تحرڪ جو خود مهندار بنجي وڃي ٿو. ڀٽائيءَ جي هيٺ ڏنل شاعريءَ ۾ اهڙو ئي ذڪر نظر اچي ٿو جو ڄڻ ته فطرت جي تنظيم ڪاري سمجهائي ويندي هجي:
چوڏهينءَ چَنڊَ! تون اُڀرين، سَهسين ڪَرئين سينگارَ
پَلڪَ پريان جي نه پَـڙين، جي حيلن ڪَرئين هزارَ،
جهڙو تون سڀُ ڄَمارَ، تهڙو دَمُ دوست جو.

سَهسين سجن اُڀري، چُوراسي چَندنِ،
بالله ريءَ پرين، سڀُ اُونداهِي ڀانئيان،

چنڊَ! چَوانءِ سَچَ، جي مَٺي مُور نه ڀانئين،
ڪڏهن اُڀرين سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳچَ،
مُنهن ۾ ٻريئي مَچُ، تو ۾ ناهه پِيشاني پِرين جي.


ڀٽائيءَ وٽ جيڪا فطرت نگاري آهي، اُها ڇڙواڳيءَ کان پاڪ آهي. سندس تخيل جي عظمت اُها آهي ته سندس فطرت نگاريءَ جي وقت ڪيفيتون يا احساس هڪ حد جو تعين ڪن ٿا ۽ سماجي اخلاقيات جي پڻ ساک ڀرين ٿا، ٻئي طرف دنيا جي ادب ۾ جڏهن رومانيت، جماليات ۽ فطرت جو ذڪر اچي ٿو ته دنيا جا ڪيترائي شاعر پنهنجي فن جون به حدون اورانگهي وڃن ٿا. جڏهن احساسن جي شدت مان گذرن ٿا ته ڪابه پابندي قبول نٿا ڪن، جنهن جي ڪري سندن شاعري جنسيت ڏانهن لُـڙهي وڃي ٿي، پر ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ رومانيت وارا فني قدر اهڙا آهن، جيڪي باوجود فطرت پسنديءَ جي عقل جي قبضي ۾ آهن. اُهو به ڀٽائيءَ جو فني معراج آهي. ڪُوپر جي شاعريءَ ۾ فطرت نگاري ته آهي، پر سندس تخيل ۾ ڇڙواڳ خيال نظر اچن ٿا. ڪُوپر تخيل ۾ مڪمل آزادي چاهي ٿو. جنهن جي ڪري ڪوپر جي شاعريءَ ۾ نه صرف عجيب و غريب شيون آهن، پر وحشي عناصر پڻ نظر اچن ٿا. ٻئي طرف ڀٽائيءَ جو تخيل پابند نظر اچي ٿو ۽ هو سماج لاءِ قابل قبول بڻجي وڃي ٿو.
تارا تيليءَ رُوءِ، لُـڌا لالَــنَ اُڀــرين،
جهڙي تو صُبوح، تِهڙي صافِي سَڄَڻين.

تو ڏانهن گهڻو نهاريان، تارا! تِيلاهين،
سَڄڻ جِيڏاهين، تون تِيڏاهين اُڀرين.
[
رُومانويت جي عالمي ادبي تحريڪ جي هڪ انفراديت هيءَ هئي ته ان تحريڪ جي اثر هيٺ ادب ۾ ڳوٺاڻي حياتيءَ ۽ محڪوم طبقي جي ڳالهه شروع ٿي. شهري حياتي ۽ امير طبقي جي وڌ ۾ وڌ نمائندگي ڪلاسيڪي ادب ۾ نظر ايندي هئي. ڀٽائيءَ جو ته ڪلام ئي غريب طبقي يا پيڙهيل طبقي واسطي آهي. ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ اهڙن ماروئڙن ۽ پنهوارن جو ذڪر نظر اچي ٿو:
آڻِـين ڪِي چَاڙهين ڏُٿُ ڏيهاڻي سُومرا!
سَٿا ڪَيو سيَـدَ چَئي، سَائون سُڪائين،
مَنجهان لنبَ لطيف چئي، چائُر ڪيو چاڙهين،
پُـلاءُ نه پاڙين، عُـمَـرَ! آراڙيءَ سين.
[
ٿر سنڌ جو پسمانده حصو آهي، پر ڀٽائي ڏسو ٿر متعلق ڇا چوي ٿو:
نڪا جهلَ نه پلَ، نڪو رائــرُ ڏيهَه ۾،
آڻيُــو وَجهن آهُــرين، رُوڙيو رَتا گُـل،
مارو پــاڻ اَمُــلَ، مليـرون مَـرڪَـڻـو.

ڀٽائي مارئيءَ کي سورمي ئي اُنهيءَ ڪري بنائي ٿو جو هوءَ ٿري هئي، پالڻي نالي هڪ پنهوار جي نياڻي هئي، مارئي غريب هئي، ڳوٺ جي هئي، اُنهيءَ ڪري ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو عظيم ڪردار بنجي وئي. ڀٽائي به ماروئڙن جي ٿاڪن سان پيار ڪري ٿو. جيئن پاڻ چوي ٿو.
ٿَـرَ ٿَـرَ اندرَ ٿاڪَ، عُـمَـرَ! ماروئـڙن جا،
لاٿائون لطيفُ چَئي، مَٿان لُـوئيءَ لاکَ،
عُـمَـرَ ڪريو آکَ، پهريو ٿي پَـنَ چَـران.

ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ حڪمرانن جي نه، پر محڪوم طبقي جي حمايت ڪري ٿو، هُـو پَـکَـن سان پريت ڪري ٿو ۽ محل ماڙين کي انهن پَـکن جو مٽ يا ثاني ئي قرار ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي.
اِيءَ نه مارُن ريتِ، جِئن سيڻَ مَٽائن سُون تي،
اچي عُمـرَڪُوٽ ۾، ڪَنديس ڪانَ ڪُريتِ،
پَـکَـنِ جي پريتِ، ماڙيءَ سين نه مَـٽـيان.

ڀٽائيءَ وٽ نوري به اهڙو ئي ڪردار آهي، جيڪو هيٺين طبقي جي نمائندگي ڪري ٿو. ڀٽائيءَ وٽ حُسن جو معيار به محروم طبقي مان چونڊيو وڃي ٿو.
پاٻُـوڙو پـيشِ ڪَيو، نئون نُوريءَ نيئي،
حاضرُ هُيون هَڪيُون، سَميُون سِڀـيئي،
نوازي نِـيـئِي، گاڏيءَ چاڙهي گَندِري.

مُهاڻيءَ جي منَ ۾ نه گِيربُ نه گاءُ،
نيڻن سين نازُ ڪَري، رِيجهايائين رَاءُ،
سَمو سِڀـن مُــلاءُ، هِـيـريائين حرفتَ سين.

سُر ڪاموڏ کانپوءِ سُر ليلا چنيسر ۾ ڀٽائي ليلا کي سبق بنائي ٿو ته دولت جو حرص نه ڪجي ۽ پئسي ڏانهن محبت نه وڌائجي پر پنهنجي هر حال تي خوش رهجي:
تو جو ڀانيو هارُ، سُو سُورن جو سَـڱـرو،
چنيسرُ چِتُ کڻي، ٿيو پورهيت جو پارُ،
اُوڻتَ جو آچـارُ، ڪانڌُ ڪَنهين سين مَ ڪري.

ڪيترن ئي رُومانوي شاعرن جڏهن قديم ڪلاسيڪيت جي ڪن لوازمات کان بغاوت ڪئي، رُومانوي ڪهاڻين کي تصوف وارو رنگ بخشيو ويو. ان لحاظ کان ڀٽائيءَ جي ستن سورمين جي رومانيت کي چڱي طرح اڀياس ڪري اڪثر محقق اُنهيءَ نتيجي ڏانهن وڃن ٿا ته ڀٽائيءَ رُومانوي لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن کي تمثيل ڪري، حقيقت ۾ تصوف جي تعليم ڏني آهي. ڀٽائي چوي ٿو:
نه ڪنهن ڄائو ڄامَ کي، نڪو ڄامَ وَياءُ،
ننڍي وڏي گِندريءَ، سڀن آهه سياءُ،
”لَم يَـلِدُ وَلَـم يُولَـد“، اِي نِجابَتَ نياءُ،
ڪِـبرُ ڪِبـرياءُ، تختُ تماچيءَ ڄامَ جو.


ڀٽائيءَ صاحب وٽ هر سُر ۾ رُومانيت آهي. ڪوبه سُر اُنهيءَ کان خالي ڪونهي، سموري شاعري بنيادي طرح رُومانوي آهي. ڪنهن به سُر کي ٻئي کان وڌيڪ قرار نٿو ڏئي سگهجي. اُنهيءَ رومانويت جي درد جو ڀٽائي تمثيل سان ڪيڏو نه شاندار بيت چوي ٿو. هن بيت ۾ درد ڏسو ڪيترو آهي؟
سُورن سَانگهارو، ڪَڏهن تان ڪونَه ڪَيو،
آيلِ! اُوڀـارو، ٻاڙ وڌو ٻوڙَ وَهي.

(سر حسيني)

ڀٽائيءَ صاحب کان اڳ يا ڀٽائيءَ صاحب جي زماني ۾ ڪنهن ٻئي شاعر عالمي ادب رُومانوي تحريڪ جون سڀ گُهرجون پوريون ناهن ڪيون. اُنهيءَ ڪري اُهو بنا هٻڪ جي چَئي سگهجي ٿو ته عالمي رُومانوي تحريڪ ۾ سنڌ مان اسان جو ڀٽائي مهندار آهي. سنڌي ادب ۾ اُنهيءَ لاڙي/تحريڪ جي وڌ ۾ وڌ نمائندگي ۽ عڪاسي ڀٽائيءَ وٽ آهي. عالمي ادب ۾ پڻ ڀٽائي دنيا جي سمورن شاعرن کان اڳڀرو نظر اچي ٿو، ڇو ته عالمي رُومانوي شاعرن وٽ صرف رومانيت آهي، پر ڀٽائيءَ وٽ رومانيت ۽ رومانويت سان ڪٺي ڪلچر به آهي ۽ فن ۽ فڪر جو اهڙو سمنڊ آهي، جنهن جي پياس ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي.

سَدا سائرَ سِيرَ ۾، اندرُ لـهي نه اُڃَ،
پَسَـڻُ جو پِـرينءَ جو، سا سَڀائي سُڃَ،
تيلان مَـرَن اُڃَ، سَدا سائرَ سِـيرَ ۾.

(شاهه لطيف)