لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

خليق ٻگهيو سنڌي نوجوان نقاد ٽهيءَ ۾ نشانبر ادبي نانءُ آهي. ’ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا‘‘ سندس پھريون تنقيدي ڪتاب آهي. خليق ٻگهيي هِن ڪتاب ۾ نہ رڳو شاعري ۽ ڪھاڻين جي ڪتابن تي تنقيدي تجزيا ڪيا آهن بلڪہ هُن ادبي تحريڪن ۽ مروج نون زاوين بابت بہ کُليل روح سان لکيو آهي. جنهن سان هن ڪتاب ۾ تنقيدي ورائٽي بہ نمايان ٿي آهي. سندس لطيف شناسيءَ بابت لکيل ليک خليق ٻگهيي جي ڪلاسڪ ادب تي گرفت ڏانھن ڌيان ڇڪرائين ٿا تہ نئين ٽھيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن تي لکيل سندس ڪيئي مھاڳ/رايا سندس جديد ادبي ڪائنات تائين پُھچ جا پاڻ هـڙتو گواهه آهن.
  • 4.5/5.0
  • 313
  • 88
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليق ٻگهيو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ادبي تحريڪون ۽ تنقيدي زاويا

منير سولنگيءَ جو فِڪري ۽ تنقيدي ادب

فِڪري ادب نه صرف قومن جي سماجي ۽ تهذيبي حياتيءَ جو آئينه دار هوندو آهي، پر فڪري ادب ئي قومن جي آئيندي جي بهتر نشونما به ڪندو آهي. فڪري ادب جِــتي قومن جي سياست، تاريخ ۽ نظرياتي، توڙي آدرشي فڪرن جي ضمانت هجي ٿو، اُتي فڪري ادب، شاعريءَ، توڙي سموري تخليقي ادب جي تخيلاتي جوهر جو به بنيادي محرڪ هوندو آهي، ائينءَ چَوڻ ۾ ڪو حَرج ڪونهي ته ڪنهن به ٻُـوليءَ جي ادب ۽ تخليقي ارتقا، فڪري ادب جي وسيلي ئي ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب جي اندر فڪري ادب جو وجود ئي نه هوندو ته پوءِ اُنهيءَ ٻوليءَ جي ادب جي تخليقي، فڪري ۽ آدرشي ارتقا جمود جي شڪار بنجي ويندي، جنهن جي ڪري اُهو ادب معروض جي بدلجندڙ قدرن سان همڪنار نه ٿي سگهندو.
سنڌي ادب جي فڪري ادب واري پاسي ڏانهن ايترو ڪو وڏو اتساهيندڙ ۽ مطمئن ڪندڙ ڪم ناهي ٿي سگهيو، سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪري ادب جا ڪافي زاويا اڃا تائين خالي نظر اچن ٿا، هتي فڪري ادب ٻن اهم زاوين کان موجود آهي، هڪ سياسي ٻيو نظرياتي پاسو، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪري ادب ڪنهن باقاعدي رٿا جي تحت تحرير نه ڪيو ويو آهي، اُنهيءَ باقاعدي رٿا جي تحت، سنڌي فڪري ادب جي اندر سائنسي نڪتهءِ نظر جي اڻاٺ به پوري ڪرڻي هئي ته ڪالهوڪن سنڌي فلسفن جي تحت نئون فڪري ادب به پيدا ڪرڻو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ دؤر جو فلسفو، ٻئي دؤر جو تخليقي ۽ فڪري ادب بڻجڻو آهي، اڄ به فڪري ادب تي مشتمل نَون نَون ڪتابن جي ضرورت آهي، اڄ ڪلهه ادب جي جديد قدرن، اسلوبن ۽ هيئت پسنديءَ سميت نئين تخليق جي، نيئن حسيت/نيو سينسبلٽي تي نه صرف فڪري بحث هُجي، پر نئين فڪري ادب جي اندر هاڻي تخليق، تنقيد ۽ ادب جي نَون نَون گسن، پنڌن جي به ڄاڻ هُجي، اُهو فڪري پورهيو محض تنقيدي ادب جي امانت نه هجي، پر اُنهيءَ ۾ نئين سوچ ۽ نوَن خيالن وارو فڪري ادب به هُجي، فڪري ادب جيتوڻيڪ پنهنجي مختلف سِمتن، جهتن يا عملي پاسن کان تنقيدي ادب جي ويجهو هوندو آهي يا ائينءَ چَئي سگهجي ٿو ته اڪثر فڪري ادب جي اندر به تنقيدي نڪتهءِ نظر جو حصار هوندو آهي، جنهن جي ڪري فڪري ادب، ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان، تنقيد جي ئي ڪنهن قسم باريڪ سطحن سان سرشار هوندو آهي.
سنڌي ادب جي مبلغن ۾ ڪيترائي نانءَ آهن، جن فڪري ادب جي واسطي پورهيو پئي ڪيو آهي، منير سولنگي به اُنهن مان هڪ آهي، جنهن کي فڪري ادب جي نالن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي فڪري، نظرياتي ۽ فلسفيانه ادب وارو پورهيو جتي اڌ صديءَ کان مٿي واري ڊگهي مدت تي مشتمل آهي، اُتي هن جي فڪري ادب، ڪنهن نه ڪنهن طرح، ادب ۾ ڪي نه ڪي اضافا پئي ڪيا آهن، پر افسوس آهي ته، سندس فڪري قسم جي ادب تي هن وقت تائين ڪنهن به پنهنجو قلم نه کنيو آهي. منير سولنگي بنيادي طرح هڪ نقاد، هڪ مترجم ۽ هڪ شاعر رهيو آهي، پر هن مضمون ۾ آءٌ سندس فڪري ادب جو تنقيدي اِڀياس پيش ڪندس. جنهن مان منهنجو مقصد سندس فلسفي، نظرين، تاريخ ۽ قومي شعور جي آبياري ڪندڙ ادب آهي.
منير سولنگي بنا شڪ جي فڪري سنڌي ادب جو نهايت اهم نانءُ رهيو آهي، هن وٽ جيڪو فڪري ادب آهي، اُهو فڪري ادب، پنهنجي نوعيت، پنهنجي اسلوب، توڙي پيشڪش ۾ هڪ ”ترقي پسند فڪري ادب“ آهي. منير سولنگيءَ جو فڪري ادب مختلف جاين تي شايع ٿيندو رهيو آهي، هن فڪري ادب جي واسطي سوين مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. فڪري ادب تي ٻڌل اُهي مقالا ۽ مضمون ڪتابي صورت ۾ ڇپجن ها، ته اُنهن جو وڏو قدر ٿئي ها، پر افسوس جو، ائينءَ ناهي ٿي سگهيو. جنهن جا انيڪ ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، بحرحال پبلشنگ جي حوالي سان، اُهو ڪنٽريبيوشن سنڌي اخبارن ڏانهن وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ٿورو مواد ادبي رسالن ۾ به موجود آهي، هونئن سندس فڪري ادب جو زمانو باقاعدي 1991ع کان ڳڻائي سگهجي ٿو، پر اُنهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته اُهو فڪري ادب ورهاڱي کان اڳ جو به هوندو، سندس فڪري ادب ٻن فڪري ۽ ادبي محاذن تان ڏسي سگهجي ٿو، هڪ سندس اُهو ادب، جيڪو قومي فڪري ادب آهي، ٻيو اُهو ادب، جنهن جي اندر هن عالمي ادب مان ڪافي شيون ڏئي، سنڌي ادب جي اندر سُونهن پيدا ڪئي آهي.
13 فيبروري 2006 ع جي ’خبرون‘ اخبار ۾ منير سولنگيءَ جو ادب متعلق، هڪ مضمون بعنوان ”وجدان ڇا آهي؟“ شايع ٿيو. وجدان جي فلسفي جي هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، تنهن جهڙي باقائدي ڄاڻ ’’وجدان‘‘ بابت اڄ تائين شايد ڪو به نقاد هڪ هنڌ پيش نه ڪري سگهيو آهي، هن وجدان جي فلسفيانه تشريح به ڪئي آهي ۽ ترقي پسند فڪر جي به آبياري ڪئي آهي. هن مشهور فلسفين برگسان، ڪانٽ، ڪيرٽ ۽ ڪولنگ جون وجدان بابت وصفون به ڏنيون آهن، ته پنهنجي تخليقي نڪتهءِ نظر جي به اُپٽار ڪئي آهي، هن جي نڪتهءِ نظر جي مطابق، ’وجدان اُها صلاحيت آهي، جنهن جي مدد سان ماڻهو سڌو سَنئون علم حاصل ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪنهن دليل ۽ تجربي جو ڪو به عمل دخل نٿو رهي.‘ منهنجي خيال مطابق هن مضمون ۾ وڌيڪ فلسفين جا فلسفا اڃا درڪار آهن.
فڪري ۽ ترقي پسند ادب جي ابلاغ جي واسطي منير سولنگيءَ جي هڪ ٻئي مضمون جو عنوان آهي ”ڪروچي جي اظهاريت جو نظريو“ هيءُ مضمون 13 مارچ 2006ع تي ’خبرون‘ اخبار ۾ شايع ٿيو. هن مضمون ۾ ليکڪ ڪروچيءَ جي اظهاريت تي ڪافي پيرائتي روشني وڌي آهي، هن مضمون جي اندر فن/آرٽ جي اظهاريت بابت، ليکڪ، سقراط، افلاطون، ليسنگ ۽ بام گارٽن جا ”فلسفانه اشارا“ به درج ٿيل آهن، پر بنيادي افاديت ڪروچيءَ جي اظهاريت کي بخشي وئي آهي ۽ فني تخليقن ۾ اظهار جي مقام ۽ معياري واري سوال تي هڪ ننڍو بحث پڻ ڪيو ويو آهي، هُونئنءَ ڪروچيءَ جي اظهاريت هيءَ هئي ته ’’فن جي دنيا ۾ خيال تيستائين تخليق نٿو ٿئي، جيستائين خيال جي صورت اظهار نٿو ٺاهي. اظهار هڪ وجداني ڪيفيت آهي يا ذهني ڪيفيت آهي، هاڻي خيال جيترو بلند هوندو، اظهار اوترو ئي مشڪل ٿيندو ويندو.‘‘ ڪروچيءَ انساني حياتيءَ ۾ بنيادي حيثيت وجدان کي ڏيندو هو، هن فن کي مهارت وارو عمل ڪوٺيو، جيڪو جذبي ۽ تخيل سان مڪمل ٿئي ٿو، منير سولنگي کي هيءُ مضمون لکندي ڪافي پيچيدگيون ٿيندي نظر اچن ٿيون، ڇاڪاڻ ته وجدان کي سمجهائڻ هڪ مشڪل عمل آهي، ٻيو ته مضمون جي اندر اُها خبر نٿي پوي ته ڪروچيءَ جي اظهاريت ۽ منير سولنگيءَ جي اظهاريت ۾ ڪهڙو فرق آهي!؟ کيس ڪروچيءَ جي لفظن کي ”اِنورٽِــيڊ ڪاماز“ ۾ بند ڪرڻو هو ۽ عنوان سان انصاف ڪرڻ جي واسطي مضمون کي اڃا به وڌائي، سنڌي تخليقي ادب ڏانهن راغب ڪرڻو هو، جيئن ڪروچيءَ جي اظهاريت جي فلسفي جي رُوشنيءَ ۾، سنڌي تخليقي ادب جي فن جو تجزيو به ڪري سگهجي، پر ليکڪ نه سنڌي ادب ڏانهن متوجه ٿيو آهي، نه پنهنجي فلسفياڻي ٻوليءَ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي ڪا ڪاوش ڪئي اٿس، جيئن ڪروچيءَ جي اظهاريت عام سطحن تائين ذهن نشين ٿي سگهي، تنهن هوندي به مضمون جي مواد ۾ ڏاهپ ۽ نواڻ موجود آهي. جڏهن ته سنڌي ادب ۾ هن کان اڳ ڪروچيءَ جي اظهاريت جي فڪري پهلوءَ تي روشني ناهي وڌي وئي.
ماضيءَ جي سنڌي تخليقي ادب جو هڪ چڱو خاصو مقدار ڪلاسيڪيت سان سرشار آهي، پر عملي ۽ نثري سطح تي ڪلاسيڪيت جو تشريحي ادب نهايت ئي گَهٽ نظر اچي ٿو، منير سولنگيءَ جي فڪري ادب جي اندر تنقيدي ادب جا ڪي، هڳاءَ به نظر اچن ٿا، منير سولنگيءَ جي هڪ اهڙي مضمون جو عنوان آهي ”ڪلاسڪ جو سفر“ هيءُ مضمون 2006-6-1 جي ’خبرون‘ اخبار ۾ شايع ٿيو آهي. مضمون ۾ ليکڪ جهڙي انداز سان ڪلاسڪ/ڪلاسيڪيت جي ادب تي عالمي ادب مان روشني وڌي آهي، تنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته هن مضمون ۾ فني نوعيت جي حوالي سان ”تشريحي تنقيد“ آهي، ليکڪ هتي فڪري ادب ۽ تشريحي ادب جي فني فرق ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي ويو، پر هُن مضمون ۾ لفظ ”ڪلاسڪ“ جي تاريخي پسمنظر جو پيرائتو ۽ سُهڻو بيان درج ڪيو آهي، اُنهيءَ کان سواءِ هن مضمون ۾ انگريزي ادب جي تواريخي دؤر 1663ع کان 1789ع واري آگسٽن دؤر يا انگريزي ادب جي ڪلاسيڪيت واري زماني جو به بهتر تجزيو پيش ڪيو آهي، هن تشريحي تنقيد واري فڪري ادب جي ليک ۾ منير سولنگي، سنڌي ادب جي ڪلاسيڪيت جي منفرد مزاج ۽ ڪلاسيڪي انفراديت جو ذڪر ڪري ها ته وڌيڪ بهتر هو!
فڪري ادب جي ڦهلاءَ جي واسطي منير سولنگي پنهنجي ترقي پسند موقف جي مطابق يورپ جي فلسفين جي سُٺي اپٽار ڪئي آهي، منير سولنگي عالمي ادب جو بنيادي طرح هڪ شاگرد رهيو، جنهن جي ڪري هُن ڄاتو پئي ته يورپ جي فلسفين پرڏيهي ادب توڙي سنڌي ادب تي پنهنجا اثر پئي قائم ڪيا آهن، ان ڏس ۾ هُن جو مضمون بعنوان ”دنيا جو ڪوبه ڪارج ڪونهي“ به هڪ اهم مضمون آهي، هِن ليکَ ۾ ليکڪ نه صرف مشهور فلسفي ۽ اديب البرٽ ڪاميو جي فلسفي جي تشريح ڪئي آهي، پر اُنهيءَ سان ڪَٺي ٻين وجودي فلسفين هائيڊيگر، نٽشي، سارتر ۽ ڪريڪ گارڊ جي فلسفن جي به سُهڻي اُپٽار ڪئي آهي. وجودي فلسفي جو شاعريءَ ۽ ادب تي پوندڙ چند گَهرن اثرن جو به ذڪر ڪيو آهي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته مضمون ۾ ليکڪ البرٽ ڪاميو جي اُنهيءَ بحث تي ”دنيا جو ڪوبه ڪارج ڪونهي“ کي مختلف دليلن سان رد ڪيو آهي ۽ اُها به تنقيد ڪئي آهي ته وجوديت جي فلسفي ۾ ’’گڏيل فڪر‘‘ ڪونهي، پر مسئلا آهن يا اختلاف آهن، جيڪي مسئلا مايوسيءَ جي نتيجي ۾ وجود وٺن ٿا. ليکڪ جيتوڻيڪ مضمون ۾ وجودي فلسفين جي ذاتي زندگيءَ تي وڌيڪ روشني وڌي آهي، پر کيس مضمون جي اندر سنڌي ادب تي پوندڙ وجودي اثر جو به جائزو وٺڻ کپي ها، هُن کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ترجمن وارن ناولن ”ڌاريو“ ۽ ”پليگ“ جي ادبي رجحانن ۾ وجودي فلسفي جي ته ضرور نشاندهي ڪرڻي هئي، جيڪا نه ڪري سگهيو آهي، تنهن هوندي به سندس هي مضمون سنڌي فڪري ادب ۾ هڪ اضافو آهي.
فڪري ادب جو بنياد اڪثر فلسفو ئي بڻجي ٿو، جيئن يورپ جي فلسفن جي پويان ڪن ادبي لاڙن ۽ ادبي تحريڪن جا بنياد پيا، تيئن سنڌي قديم کان جديد شاعريءَ جي اندر به پوري کنڊ جو فلسفو نظر اچي ٿو. منير سولنگيءَ جي فڪري ادب جو بنيادي تصور اهڙن فلسفن جي ئي تشريح آهي، اُنهي منظرنامي ۾ هن جو هڪ بهترين مضمون 2007-2-27 تي بعنوان ”ڪنوارو فلسفو“ ’خبرون‘ اخبار ۾ شايع ٿيو. هن آرٽيڪل ۾ ليکڪ فيثا غورث جي فلسفيانه اصطلاحن جو ذڪر ڪيو آهي. ۽ مشهور فلسفي شوپنهائر جي حياتيءَ جي المين جو به ذڪر ڪيو ۽ ساڳئي وقت شوپنهائر جي ڏاهپ ڀرين چوڏنهن نُڪتن جي به وضاحت ڪئي آهي، هُن شوپنهائر جي ذاتي زندگيءَ تي به تنقيد ڪئي آهي، ته شوپنهائر جي قول ۽ فعل ۾ تضاد هو، هن شوپنهائر بابت لکيو آهي ته، شوپنهائر جو چوڻ هو ته ”انسان جو عقل ارادي جو محتاج آهي، دنيا ۾ ارادو ئي سموري فساد جي جڙ آهي“.شوپنهائر جو خيال هو ته، ”فطرت ارادي جو اظهار آهي“. ليکڪ موجب ”شوپنهائر جو فلسفو وحدت الوجود جي بلڪل قريب آهي“. منير سولنگي کي هڪ پاسي وڏي جَس هُجي، جو هُن شوپنهائر جهڙي ڏکئي فلسفي کي ڪجهه ته سمجهيو ۽ پوءِ اُن جي فلسفي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اظهاري فڪري ادب جي اندر ٿورو ئي سهي نئون اُتساهه پيدا ڪيو آهي، ٻئي طرف هُو شوپنهائر ۽ هيگل جي اُنهيءَ دؤرجي ليڪچرن جي مختصر وضاحت ڪري، هيگل ۽ شوپنهائر جي تضادن کي وائکو نه ڪري سگهيو آهي، هن آرٽيڪل ۾ منير سولنگي شوپنهائر جي فلسفي جي نهايت مختصر وضاحت ڪئي آهي. آرٽيڪل جو گهڻو تڻو حصو شوپنهائر جي فلسفي تي هُجي ها ۽ اُنهيءَ ۾ شوپنهائر جي اقوالِ زرين ۽ عورتن بابت شوپنهائر جي ”زهر اوڳاڇيل خيالن“ لکڻ جي اِيتري ضرورت ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته آرٽيڪل ۾ شوپنهائر جي فلسفي جي، جِتي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت هئي، اُتي سندس فلسفي جي آرٽ تي پوندڙ اثرن جو به جائزو وٺڻو هو!
منير سولنگيءَ جا اڪثر فڪري ادب وارا ليک ادب جي بنيادي فن بابت به هُجن ٿا ۽ انهن ليکن ۾ به هڪ ترقي پسند مؤقف به هُجي ٿو، منير سولنگيءَ جو اُنهيءَ ڏسا ۾ هڪ مضمون بعنوان ”فنڪار ۽ سندس فن جي وشال ڪائنات“ به اهم مضمون ليکجي ٿو، جيڪو 2007-3-21 تي ’خبرون‘ اخبار ۾ شايع ٿيو، هن مضمون ۾ ليکڪ نه صرف فن بابت نفسيات جي وڏن مؤجدن سگمنڊ فرائيڊ ۽ يونگ جا نفسيات ۽ فن بابت قيمتي رايا پيش ڪيا، پر فن بابت مشهور فلسفين، شاعرن ۽ اديبن جهڙوڪ ابسن، والٽيئر، ملٽن، بليڪ، اقبال ۽ ارسطوءَ جي وزندار نُڪتن کي به سُهڻي نموني واضح ڪيو، هي ليک عالمي سطحن کي ته ڇُهي سگهيو، پر اُنهيءَ ۾ قومي سنڌي ادب جو، جتي تجزيو پيش نه ڪيو ويو، اُتي ليک ڪجهه ”ٻوليءَ جي رکائپ“ جو به شڪار ٿيو، جنهن جي ڪري عام سطحن تائين هن ليک جو پيغام پهچي نه سگهيو آهي، جڏهن ته فن جو تجزياتي ڇيد خالص نموني هن کان اڳ ڪوبه نقاد پيش نه ڪري سگهيو آهي!
شعوري انا ۽ نرگسيت به منير سولنگيءَ جي هڪ مضمون جو ئي عنوان آهي، هيءُ مضمون 2007-6-2 ۾ ’خبرون‘ ۾ شايع ٿيو، هن مضمون جي به ڪافي معلومات اردو ڪتاب تان حاصل ڪئي وئي آهي، هن مضمون ۾ نرگسيت جي باري ۾ ليکڪ، فرائيڊ جي ”تحليل نفسيءَ“ جو پڻ سُهڻو جائزو ورتو آهي ۽ فنڪار جي لاشعوري لاڙن جي منفي ۽ مثبت اثر تي پڻ روشني وڌي آهي، ڪهڙيءَ به طرح هيءُ مضمون هر تخليقڪار جي پڙهڻ واسطي اهم اڳڀرائي ڪري ٿو يا پاڻ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڏئي سگهي ٿو.
منير سولنگيءَ جو هڪ مضمون ”فرائيڊ ۽ لاشعور“ جيڪو روزاني ”سوڀ“ ۾ 2007-12-2 تي شايع ٿيو، منير سولنگيءَ هن مضمون ۾ وضاحت ڪئي آهي ته ”لاشعور“ جو اصطلاح پهريان فرائيڊ واضح نه ڪيو هو، پر ”لاشعور“ جي اصطلاح تي فرائيڊ کان اڳ هربرٽ ۽ ايڊورڊ وان هرٽ مين هن اِصطلاح تي روشني وجهي چُڪا هئا، فرائيڊ ايترو ضرور ڪيو، جو گنجريل ”لاشعور“ جي اِصطلاح کي صاف ۽ چٽو ڪري بيهاريو، منير سولنگيءَ جو مضمون فرائيڊ جي سوانح حيات آهي، فرائيڊ جي ”لاشعور“ واري اصطلاح تي ليک ۾ تفصيلي ڄاڻ ڪانهي، هن مضمون جو عنوان فقط ”فرائيڊ“ هجڻ گهرجي ها ته وڌيڪ بهتر هو، تنهن هوندي به ليکڪ فرائيڊ جي سوانح حيات جي ڪافي لڪل پاسن کي واضح ڪيو آهي، جيڪو هن جو هڪ احسان سمجهيو ويندو. ڇو ته سنڌيءَ ادب ۾ فرائيڊ جي ايتري سوانح حيات به اڳ موجود ڪا نه هئي.
’’انشائيو ڇا آهي؟‘‘ هي به منير سولنگيءَ جو فڪري ۽ تخليقي ادب جي متعلق هڪ بهترين مضمون آهي. هونئن انشائيي لکڻ جا آزمودا يا تجربا سنڌي ٻوليءَ ۾ نهايت گهٽ ٿيا آهن، ڇو ته انشائيو لکڻ هڪ ڏُکيو فن آهي، انشائيو ڇا آهي؟ اُن جي هن وقت تائين ڪابه مقرر وصف ڪانهي، منير سولنگيءَ پنهنجي هن مضمون ۾ عالمي سطح جي ڄاڻ سَهيڙڻ جي هڪ سُٺي ڪاوش ڪئي آهي، سندس مضمون ۾ ڊاڪٽر جانسن، مورس، پيٽرويسٽ لينڊ ۽ بيڪن جو به ذڪر ڪيو آهي، اِنشائيو صنف جون ڪافي غير مقرر وصفون به ڏنيون آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ هن فضل احمد بچاڻيءَ، ذوالفقار راشديءَ، تاج صحرائيءَ ۽ ضياءُ شاهه جي انشائين جو به ذڪر ڪيو آهي. هونئن انشائيو هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن کي انگريزي زبان ۾ Ligt Essay ۽ Personal Essay به ڪوٺيو ويندو آهي، انشائيو لکندڙن کي هي مضمون ڪافي فائدو ڏيندو پر انشائيو جي فن جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا به وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي، ڏسجي ته اُها ضرورت ڪير ٿو پوري ڪري سگهي!؟
منير سولنگيءَ جو هڪ مضمون بعنوان ”هر شيءِ تغير پذير آهي“ پڻ 2008 ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ليکڪ تغير پذيريت جي تشريح به ڪئي آهي ۽ اُنهيءَ تغير پذيريءَ جا تخليق تي ڪهڙا ۽ ڪيئن اثر پون ٿا، تِن جي بيان ـــ آرائي به ڪئي آهي. هن مضمون جي مقصد هيءَ آهي ته ”تخليقي ادب“ جمود جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته تحرڪ ئي حياتيءَ ۽ سچائيءَ جي علامت آهي، هن مضمون ۾ ليکڪ ڊيڪارٽ، ڪانٽ، برگسان ۽ شيڪسپيئر جي خيالن جي سُهڻي اُپٽار ضرور ڪئي آهي.
2008-7-8 تي منير سولنگيءَ جو تخليقي ادب سان هُڳايل جيڪو مضمون ’خبرون‘ اخبار ۾ شايع ٿيل آهي، اُنهيءَ جو عنوان آهي، ”ايڪتا جو سفير: ڪبير ڀڳت“ هن مضمون ۾، نه صرف ڪبير ڀڳت جي سوانح نگاري ڪئي وئي آهي، پر اُنهيءَ ۾ ڪبير جا دوها پڻ ڏنا ويا آهن ۽ ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي، پر اُنهن دوهن جي فني ۽ فڪري توڙي تخليقي حيثيت تي هُو ڪجهه نه لکي سگهيو آهي، جڏهن ته ليکڪ تنقيدي نگاهه اُنهن دوهن تي وجهي ها ته بهتر هو. هُن جا سڀ کان وڌيڪ وزندار مضمون منهنجي نظر ۾ ڪيترائي آهن، پر سندس ٻه مضمون منهنجا پسنديده مضمون آهن، هڪ ”زال پال سارتر: هڪ اديب ۽ فلاسفر“ ۽ ٻيو مضمون ”وجوديت“ هنن ٻنهي مضمونن ۾ وجوديت بابت باريڪ نُڪتن جي پيرائتي ڄاڻ آهي، جنهن ۾ هُن وجوديت تي تنقيد به ڪئي آهي.
مجموعي طور منير سولنگيءَ جا ڪي مضمون نهايت سهڻا آهن، ته ڪي ڪالم ٽائپ. وڏن موضوعن سان ڪالم ٽائپ ڪالمن ۾ انصاف ممڪن ئي ناهي هوندو، وڏن موضوعن تي کيس مقالن لکڻ جي به ضرورت هئي ۽ ڪِٿي پنهنجي تحقيق جي حوالن لکڻ جي به ضرورت هئي، جيڪا ضرورت ليکڪ خبر ناهي ڇو نه محسوس ڪئي آهي؟ سندس اڪثر مضمون سڌا سنوان فن ۽ فڪر جي سمتن ۾ بنيادي فلسفن جي اُپٽار ڪن ٿا ۽ تخليقي ادب جا ڪافي سگهارا بنياد فراهم ڪن ٿا، وڏي ڳالهه ته هن جن عنوانن تي فڪري ادب سرجيو آهي، تن ۾ ڪافي عنوان تي سنڌي ادب ۾ اڳ مواد ئي نظر ڪونه ٿو اچي، جنهن جي ڪري سندس اُها اڳڀرائي قابلِ تحسين آهي. سندس فڪري ادب جو سنڌي ادب ۾ مانُ مٿاهون رهندو.
منير سولنگي سنڌي ادب جي تواريخ ۾ هڪ شاعر، هڪ مترجم، هڪ بهترين نقاد جي حيثيت سان ته اڳ به سڃاتو ويندو هو، پر سندس هِن فِڪري اَدب کان پوءِ هُو فڪري ادب جي ترقي پسند نڪتهءِ نظر جو مبلغ به ڪوٺيو ويندو، جڏهن ته هاڻي سندس ڪِي فِڪري ادب وارا مضمون سڌا سنوان ادب جي تخليق سان وابسته ڪُونهن، پر اَڻ سڌيءَ طرح ممڪن آهي ته انهن مضمونن جو واسطو تخليق يا ادب سان هُجي، يا ڪي مضمون ڪِٿي ڪٿي اَڻ پورا نظر اچن ٿا، جيئن سندس هيٺيان چند مضمون آهن، جيڪي فڪري ادب جي فن سان نه پر سياست، تاريخ ۽ ماليات سان ئي وابسته آهن: (1) ڪنگريءَ کان اروڙ تائين (2) علم نور آهي (3) افلاطون جو تعليمي نظريو (4) زندگيءَ جو مفهوم (5) محبت، اوشوءَ جي نظر ۾ (6) شهنشاهه نيرو ۽ سندس بانسري (7) وياج جو ڪاروبار ڏيڍ صدي اڳ ۽ هاڻي (8) هڪ حڪمران جي ڪهاڻي (9) مسرت ڇا آهي؟ (10) جاسوسي عورت (11) قلوپطرا جي سُئي (12) قلوپطرا جي ڪَٿا (13) عدي امين هڪ ظالم حڪمران (14) صلاحيت جو راز وغيره.
منير سولنگيءَ جا ٻيا به ڪي مضمون جيڪي يقينن اهم هوندا، پر انهن مضمونن جي غير موجودگيءَ ڪارڻ اڀياس نه ڪري سگهيو آهيان، سي هي آهن: (1) فائوسٽ جي خالق گوئٽي جي جيون ڪٿا، (2) ڇا نسيم کرل کي وساري ويهنداسين، (3) ڏاهپ ڏاهپ ڏنگ، (4) ادبي تخليق ۽ مطالعي وارو سوال، (5) مرزا قليچ بيگ جو اردو ڪلام، (6) سچ آغاز ۽ سچ انجام، (7) شعر ۽ ابهام، (8) تنقيد ۽ تحقيق جو پاڻ ۾ رشتو، (9) ادب ۾ نظرئي جي اهميت، (10) جيون ڪٿا ڪيئن ڪجي!، (11) قديم يونان جا جمالياتي تصور، (12) سقراط جو نظريو، (13) زبان جي ايجاد، (14) رُوحانيت، (15) ادب ۾ وجوديت جي تحريڪ، (16) فرانز ڪافڪا جو جيون خاڪو، (17) جماليات ۾ اظهار جي نظرئي جي اهميت. هن سموري مواد تائين مڪمل رَسائي نه ٿي سگهي آهي.
منير سولنگيءَ جو فڪري ادب، نئين سوچ، نئين فڪر ۽ نوَن قدرن ۽ ادب ۾ نوَن نوَن رجحانن جي پرچار ڪري ٿو، هُن ادب، فڪر فن جي عالمگير تصور، نظرين ۽ لاڙن جو بهتر اڀياس ڪندي، ان کي تجزياتي ۽ شرح واري اسلوب ۾ سموهيو آهي، هونئنءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ هُن جيڪو عالمي ادب پئي اظهاريو آهي، تنهن جو ڪريڊٽ تاريخَ شانائتي نموني سندس نانءُ ئي ڪري ٿي، سندس فڪري ادب، نئين ترقي پسند فڪري ادب جي واسطي پيڙهه جو پٿر آهي، سندس فڪري ادب، ڪٿي سائنسي تنقيد ته ڪٿي تشريحي تنقيد جي شڪل اختيار ڪري ٿو.
مجموعي طور منير سولنگيءَ جو هيءُ اڌ صديءَ کان مٿي واري مدت وارو فڪري پورهيو، نهايت گهڻن پاسن کان ساراهه جوڳو آهي، هن ڪيترن ئي عالمگير ادبي تصورن، نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جي سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، جيڪا ڄاڻ نهايت ئي اهميت ۽ افاديت واري آهي ۽ سنڌي تخليقي ۽ فڪري ادب ۾ سندس هي خوبصورت ڪاوشون تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته هُن موجوده نفسانفسيءَ جي جهان ۾ هي جيڪي رياضتون ڪيون آهن، اوجاڳا ڪاٽيا آهن، سنڌي ادب جي جهول ۾ فلسفي ۽ بين الاقواميت وارا فڪري بحث وڌا آهن، تن کي تواريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي ۽ اُهو سڀ ڪجهه هُو بنا معاوضي ڪندو پئي آيو آهي. ضرورت اُن امر جي آهي ته سندس فڪري ادب جو مواد گڏي ڪتاب ڇپايو وڃي. سرڪاري سرپرستيءَ ۾ اُهو تحقيقي ڪم اڳتي وڌائڻ گهرجي، جيئن ادب جي اڪيڊمڪ ائپروچ وڌي سگهي.