پنهنجي پاران
ابتدائي طور سچل سائين جي ڪلام جي سهيڙڻ جو ڪم سچل سائين جي وفات کان پوءِ اٽڪل 55_56 سالن کان پوءِ 1883ع کان شروع ٿيو جيڪو مرزا علي قلي بيگ محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ هڪ ضخيم رسالي ”رسالو ميان سچل فقير جو“ جي نالي سان ٻن حصن ۾ شايع ڪرايو. ان ڪتاب جي مقدمي ۾ مرزا صاحب ٽن مرثين جو ذڪر ڪيو پر رسالي ۾ ڪو به مرثيو شامل نه ڪيو آهي. . . . سچل سائين جو سمورو ڪلام تمام گهڻن محققن شايع ڪرايو پر سچل سائين جي مرثين بابت خاموشي اختيار ڪئي وئي. شايد ان جو سبب سچل سائين جي نسبت فاروقي هجڻ آهي جنهن سبب مرثيي تي ڪو خاص ڪارائتو ڪم نه ٿيو آهي.
سچل سائين سان عقيدت رکندڙ محترم محمد علي حداد پنهنجي ٿيسز ۾ سچل سائين جي مرثيي بابت گفتگو ڪئي آهي ان بعد 2014ع ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاري پنهنجي ڪتاب ”سچل سرمست جو مرثيو شايع ڪرايو ان ۾ ڊاڪٽر صاحب سچل سائين جو هڪ مرثيو شامل ڪيو آهي جنهن جا 109 بند آهن پران ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاري سچل سائين جو ٻيو شامل ڇو ڪو نه ڪيو؟ سچل سائين جو ٻيو مرثيو جيڪو محترم اختر درگاهي پنهنجي ڪتاب ”سچل سائين ۽ درازي فيض“ ۾ مقالي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي جيڪو سچل چيئر (خيرپور) پاران شايع ٿيو.
سچل سائين جي مرثين بابت ڪم اڃا تحقيق طلب آهي، اميد ته اهڙا ٻيا گهڻا مرثياگو شاعر هوندا جن جو رثائي ڪلام ڪنهن بياض يا قلمي نسخي ۾ قيد هوندو. سچل سائين جي ٻنن مرثين ۽ سندس دور جي ڪجهه همعصر مرثياگو شاعرن جو ذڪر مان پنهنجي مونوگراف ۾ ڪيو آهي.
محترم سائين انجينئر عبدالحسين موسوي صاحب روهڙي جي عزاداري بابت پنهنجي تحقيقي ڪتاب ”روهڙيءَ جون ساڍيون ٽي سورائتيون صديون“ ۾ ص نمبر 170 تي سچل سائين ۽ سيد ثابت علي شاهه جي همعصر شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي جهڙوڪ؛ سيد عظيم الدين ٺٽوي، مير منور علي، مهر علي “علوي”، ميرزا مراد علي بيگ ”سائل“ ۽ ننڍن معامرن مان سيد همت علي شاهه رضوي مهدوي، سيد مشرف علي شاهه رضوي مهدوي ۽ لکيو آهي ته سائين سچل جي دور ۾سنڌ جي ڪيترن ئي برک ناميارن شاعرن مرثيي تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
رثائي ادب ۾ گهڻن قسمن جي شاعري جو شمار ٿئي ٿو اثاثي شاعري ۽ عروضي شاعري مطابق ڪيڏاري جا دوها، مرثيا، سلام، زاري ۽ اوسارن جا تمام گهڻا شاعر ملن ٿا جن انهن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. . . .
مان ٿورائتي آهيان سنڌي شعبي جي محترم استادن جي جن منهنجي مونوگراف لکڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي. ان سان گڏوگڏ محترم انجينئر عبدالحسين موسوي ۽ محترم نوشاد علي جعفري جي پڻ دلي شڪر گزار آهيان جن پنهنجي هر قدم تي رهنمائي ڪئي. . . . .
آءُ درازا هـل . . . .
تــنـهـنـجــا ســارا مـولـوي
منهنجو هڪ سچل. . . !!!
(شيخ اياز)
نازش نور سومرو
ايم اي سنڌي
۱۰ رجب المرجب
۱۴۴۲هه