خيرپور جي عزاداري جو جائزو
رياست خيرپور جي مير ٽالپرن جي تخت نشينيءَ جي رسمن ۽ سندن خاص عقيدي بابت ؛سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ” ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ لکي ٿو ته؛ خيرپور وارن تخت نشينيءَ جون ته سموريون رسمون کهڙن جا سني مخدوم بجا آڻيندا هئا، ۽ انهيءَ حد تائين ٽالپر، مخدومن تي پاس خاطري ڪندا هئا، جو کهڙن جي ڳوٺ ۾ محرم جو ماتم به سرڪاري طرح ممنوع هو.
ميرن جي صاحبيءَ ۾ کهڙن ۾ عزاداري شروع ڪرائڻ جي جرم ۾ ٻه سال ڪوٽ تي چاڙهيل سيد ڇتن شاهه (ٻيو) بابت پروفيسر منظور حسين کهڙو پنهنجي سهيڙيل ڪتاب ڪلام سيد ريجهه علي شاهه“ ۾ لکي ٿو ته؛ ”دين محمد شاهه جي (ٻيو) جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ درگاهه جو متولي سيد ڇتن شاهه (ٻيو) ٿيو. کهڙا شهر ۾ هيءُ پهريون شخص هو، جنهن ماتم داريءَ ۽ مجلس جي شروعات ڪري علم نسب ڪيو، جنهن تي مخدومن اعتراض ڪيو، جنهن جي ڪري هن سادات کي ڪوٽڏيجيءَ قلعي ۾ ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو. آخرڪار شاهه صاحب جي سچي حب، اهل بيت مير فيض محمد کي مجبور ڪيو هو جو هو ڪوٽ تي آيو ۽ شاهه صاحب کي آزاد ڪري کهڙا شهر ۾ ساڳيو علم هڻي ڏنو، اهو علم اڄ ڏينهن تائين قائم آهي“.(1)
ٽالپرن جي مذهبي فرقي بابت جيتريون به روايتون ملن ٿيون ته هو اصل، ڪلهوڙن جي دور کان وٺي شيعا هيا ۽ ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته، رياست جي حڪمراني ملڻ بعد ايراني ۽ عراقي عالمن جي صحبت ۾ فڪر اهلبيت جا حامي بڻيا.
(ان بابت پروفيسر عطا محمد حاميءَ پنهنجي ٿيسز ڪتاب؛ ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۽ حصو“ ۾ لکي ٿو ته؛ ”ميرن جي مذهبي مڪتب فڪر متعلق متضاد روايتون ملن ٿيون. ڪن ماڻهن جي خيال موجب هو اصل سني فرقي جا هئا. پر پوءِ ايراني عالمن ۽ درٻارين جي ذريعي شيعت اختيار ڪيائون. سنڌ جو آخري ٽالپر تاجدار مير نصير خان لکي ٿو، ته ٽالپرن جو وڏو مير شهداد خان ٽالپر ڪلهوڙن جي صحبت ۾ شيعو بڻيو ۽ ڪلهوڙا اصل ۾ سيد ميران شاهه جونپوري جا مريد ۽ شيعا هئا. حالانڪ ميان نور ۾محمد ڪلهوڙي پنهنجي وصيت ۾ پنهنجي خاندان کي حنفي فقهه جو قائل سڏيو آهي. مير علي مراد خان خيرپوريءَ جو پڙ پوٽو صاحبزادو مير حاجي غلام حسين روايت ٿو ڪري ته؛ ٽالپر اصل کان وٺي شيعا هئا. ۽ پنهنجو مذهب ڪڏهن به ڪو نه مٽايو هئائون. بهرحال سنڌ جي اوائلي ٽالپرن جو مذهبي مڪتب فڪر ڪهڙو به هجي، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي، ته خيرپور جا ٽالپر مير سهراب خان کان وٺي شيعا رهيا آهن ۽ اڄ تائين شيعه آهن.“(2)
اتر سنڌ جي عزاداريءَ ۾ ميرن جي ذاتي دلچسپيءَ سبب اضافو آيو.
اتر سنڌ ۾ عزاداريءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ خيرپور جي ميرن ڪوٽڏيجيءَ ۽ رياست جي ٻين شهرن ۾ عشري محرم جي ٿيندڙ پروگرامن کي زينت بخشڻ ۽عوام کي معرفت اھلبيت جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پهرين ايران، عراق پوءِ هندستان ۽ ان بعد پنجاب جي مختلف شهرن مان وڏا وڏا مفتي، عالم، مولوي ۽ ذاڪر گهرايا. جن جي پرچار کانپوءِ خيرپور کانسواءِ آس پاس ۽ محرابپور تائين معرفت اھلبيت ۽ عزاداري اھلبيت جو پيغام پهتو. جتان ساهتيءَ تائين پکڙيو.
سچل سائين جو مرثيو يا ام المسلمين وارو مرثيو . . . .
”فقير غلام حيدر جي خاندان جا فرد گذريل سوءِ سالن کان نائين محرم جي رات جو سرمست سائين جو مرثيو اٺ يا ڏهه ماڻهو ياد پڙهندا آهن. ۽ باقي اتي موجود ماڻهو وراڻي ڏيندا آهن.
هن مرثيي کي پڙهڻ جا ٻه انداز مقرر ٿيل آهن، هڪته گول صورت ۾ فقير جي خاندان جا اٺ يا ڏهه فرد ويهي مرثيو پڙهندا آهن ۽ هر بند کان پوءِ پنهنجي سٿر(ٽنگ) تي ٿپڙ هڻندا آهن ۽ ٻئي طريقي موجب گول انداز ۾ بيهي اهو مرثيو ياد پڙهندا آهن.“(3)