لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

سچل سرمست

فاروقي خاندان جو چشم و چراغ ميان عبدالوهاب عرف سچيڏنو سچل سائين سنڌ جي خيرپور رياست جي شهر درازا ۾1152هه بمطابق 1739ع ۾ڄائو.

1. سچل سائين جو شجرو
”مولوي حافظ عبدالوهاب "سچل" بن ميان صلاح الدين بن ميان محمد حافظ عرف صاحبڏنو بن مخدوم عبدالوهاب بن مخدوم محمد حافظ بن مخدوم بن مخدوم عبدالوهاب بن مخدوم شرف الدين بن مخدوم موسي بن حافظ علم الدين بن مخدوم شهاب الدين بن مخدوم سليمان بن مخدوم خواجه ابو سعيد بن مخدوم نورالدين بن مخدوم محمود بن ابوالفتح بن محمد اسماعيل بن محمد يوسف بن سليمان بن احمد بن برهان الدينبن عبدالعزيز بن عبدالوهاب بن عبدالمطلب بن برهان الدين بن احمد بن عبدالله بن يونس بن محمد بن شيخ اسحاق بن شيخ عبدالطيف بن محمد باقر بن محمد بن شهاب الدين بن عبدالعزيز بن عبدالله بن عمر بن الخطاب فاروقؓ سان وڃي ملي ٿو تنهن ڪري سندس فاروقي خاندان جي لقب نالي سان سڏيو ويندو آهي. . . . . . “(1)