لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

سنڌي مرثيي جا جزا، قسم

1. چهرو يا مکڙو؛
هي مرثيي جي تمهيد آهي جنهن ۾ گهڻو ڪري قدرت جو نظارو، حمد، ۽ نعت، منقبت ۽ مناجات يا پنهنجي شاعريءَ جي ساراه بيان ڪئي وڃي ٿي.

2. ماجرا؛
مکڙي کان پوءِ ڪجهه شعر آندا ويندا آهن جيڪي ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ جي ذهن کي مرثيي جي موضوع ۽ مطلب ڏانهن ڌيان ڇڪائيندا آهن. جئين قصيدي ۾ گريز جي صورت ٿيندي آهي، بلڪل ائين“ ماجرا ” به مرثيي جو گريز آهي.

3. سراپا؛
مرثيي جي مکيه شخصيت جي ڏيل، قد ۽ ڪاٺ توڙي ٻين خوبين جو ذڪر اچي وڃي ٿو.

4. رخصت يا موڪلاڻي؛
مرثيي جي مکيه شخصيت جنگ جي ميدان ۾ لهڻ لاءِ، پنهنجن بزرگن يا عزيزن کان اجازت گهرندا آهن.

5. آمد؛
مرثيي جي مکيه شخصيت، جڏهن جنگ جي ميدان لهندي آهي ان وقت ان جي شان و شوڪت، ڏيک ۽ هن جي بي نيازيءَ، بيڊپائيءَ ۽ بهادري جو بيان مرثيي جي هن جزي ۾ اچي وڃي ٿو.

6. رجز؛
هن ۾ جنگي ميدان ۾ لهڻ وارو شخص، پنهنجو حسب نسب بيان ڪري، پوءِ پنهنجي بزرگن جي جنگي ڪارنامن ۽ جنگ جي فن ۾ پنهنجي وڏن توڙي پنهنجي جنگي مهارت جو بيان ڪري دشمن کي مرعوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.

7. جنگ يا ويڙهه؛
هن ۾ مرثيي جي مکيه شخصيت يا جنگي جوڌي جي بهادري، همت، جنگي ڪرتب، هٿيارن يا سواري وغيره جو بيان اچي وڃي ٿو.

8. شهادت؛
هن ۾ مرثيي جي جنگي جوڌي جي شهيد ٿيڻ جو بيان اچي ٿو.

9. بين ڪرڻ يا پار ڪڍڻ؛
هن ۾ جنگي جوڌي جي شهادت تي، هن جا مٽ مائٽ ۽ ٻيا لاڳاپيل ماتم ڪري پار ڪڍي ڏک جو اظهار ڪندا آهن
سنڌي مرثيي جي آخر ۾ مرثيه نگار منهنجي مغفرت لاءِ دعا گهرندو آهي اهو به ڄڻ مرثيي جو هڪ آخري جزو هجي. .(4)