4. فقير غلام حيدر شر گودڙيو
طالب نانڪ يوسف جو مريد هو. فقير غلام حيدر ولد قائم الدين شر، 24 رمضان 1215هه بمطابق 08 فيبروري 1801ع تي ڳوٺ مينگھو فقير شر، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. فقير غلام حيدر 07 محرم 1294هه بمطابق 22 جنوري 1877ع ۾ وفات ڪئي.
فقير غلام حيدر شر جا وڏا اصل ۾ ميرن جي صاحبيءَ دوران سنڌ اندر آيا، فقير غلام حيدر گودڙي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ عربي ۽ فارسي جي تعليم هنڱورجه جي هڪ مدرسي مان حاصل ڪئي
رثائي ڪلام
(مرثيو)
مالڪ تون ملڪ مولا وارث والي حسينؑ،
ظاهري ۾ ظلم هوءِ باطني سڀ نور عين.
(1)
ٿئين تولد تون جڏهن يا سيدا سالار تون،
منهن نبيءَ منهن تي رکيو امت سندا آڌار تون،
نور نوري سر سرتي ابتدا اسرار تون،
تون خدا جو لاڏلو خيرالنساءِ جو نورعين.
(2)
شائق کڻي شمشيريون ڪاهي پيا ڪفران ۾،
ڌڙ ڌڙن تي سڀ هنيائون درد جي دوران ۾،
سڀ هياباڪا بهادر برهه جي باران ۾،
وير سڀ وطنئون جدا ٿيا تنهنجي خاطري يا حسينؑ.
(3)
مير تون معراج ڪيو يا سدا سرور حسينؑ،
تون پيارو مصطفيِ جو جگر جاني نور عين،
راز رب جو تنهنجي سر عاصين آڌر حسينؑ،
جي لڳا لڙه لعل ٿياسي نور نوري يا حسينؑ.
(4)
جان جاني جگر تون آن مصطفي حضرت امام،
ڪڏهن نبيءَ جي هئين ڪلهي تي شاه تنهنجو شير شان،
خون تنهنجي سڀ ڇڏايا امتي جي خاص و عام،
ساٿ پنهنجو سڀ ڪهايئي پٽ ۽ ڀائر يا حسينؑ
(5)
نر هڻي نعرو سي منجهه گهڙيا ڪٽڪ ۾ ها جڏهن،
ملڪ فلڪن تان لهي آيا امالڪ ها تڏهن،
عرش ڪرسي ۾ اوراتو محب ٿيو مالڪ تڏهن،
بيڪسي تي ٿي رنا سڀ ساه سراسر يا حسينؑ.
(6)
ڪربلا ۾ ڪوس ٿيو هو عرش ڪرسيءَ سڀ طوفان،
ناگهان نعرو لڳو تقدير لکيو بي گمان،
شاه ٿي شڪران ڪيا اي يار يارالامان،
حيدري ڪرار جي پياري پسرات يا حسينؑ.
(7)
واقعو آهي وڏو تنهن کي ڪرڻ واجب تمام،
هن بنده کي ناه طاقت جو لکي ڪربل ڪلام،
روز شب رب جا رسن سيد مٿي سهسين سلام،
تنهنجي سرور سام غلام حيدر يا حسينؑ.