لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

2. سنڌي مرثيي جو گهاڙيٽو

مرثيو اصل ۾ ڪنهن مرڻ واري جي شخصيت جا گڻ منظوم انداز ۾، ۽ جيڪڏهن اهو مرحوم مقتول آهي ته ان سان گڏ وگڏ سندس مظلوميت به بيان ڪرڻ جو نالو مرثيو آهي
”مرثيي جي جوڙجڪ هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿي؛
1. مرثيي جو آغاز يعني “مهاڙي”.
2. مرثيي منجهه ماجرا ۽ سربستو وال
3. مانجهيءَ جي پيارن کان موڪلائڻي
4. مانجهيءَ جو ڪيڏاري ۾ ڪلي ڪڏڻ
5. مانجهيءَ جو قد ڪاٺ
6. مانجهيءَ پاران دشمن کي هڪل
7. مانجهيءَ جو سورهيائي سان راڙو ۽ رڻ ڪرڻ
8. مانجهيءَ جو ڪسجي وڃڻ
9. مانجهيءَ لاءِ وارثن جا پار
10. مانجهيءَ جي شهادت جي برڪت سان مرثيا نگار جي پاڻ سميت سڀني سوگوارن لاءِ دعا ۽ پڄاڻي.“...(1.)
روح انيس جي ص نمبر 14 سيد مسعود حسن رضويءَ لکي ٿو ته ”مرثيه گوئي هڪ ڏکيو فن آهي، مرثيو لکڻ جا به ڪجههّ خاص اصول آهن، جن جي پٽاندڙ ۾ مرثيو لکيو ويندو آهي.
(الف) ممدوح جنهن جي تعريف ۾ مرثيو چيو وڃي، ان جي عظمت ۽ شان شوڪت جو ذڪر ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته ان مان عبرت جو سبق حاصل ٿئي، ته اهڙيءَ هستيءَ وارو ماڻهون پنهنجو وارو وڄائي ويو.
(ب) ممدوح جي ايثار ۽ قرباني جي تعريف ڪئي وڃي ۽ سندس شهادت مرڻ سبب ملڪ ۾ ڏک ۽ ماتم ڇانئجي ويو هجي، ان جو ذڪر ڪجي.
(ج) ممدوح کي مخاطب ٿي مرثيي ۾ اهڙا خيال پيدا ڪيا وڃن، هي ثابت ٿئي ته مرثيي چوندڙ کي ممدوح جي شهادت يا مرڻ جي ئي ڪانهي ۽ هو اڃا سوڌو هن کي مخاطب ٿي ائين ڳالهائي رهيو آهي، جيئن جيئري سان ڳالهائيندو هو. “
”مرثيي ۾ ٻين شعري صنفن جون سموريون خوبيون هونديون آهن؛(هي هڪ مرڪب صنفآ هي، جنهن ۾ قصيدي وانگر مختلف انسانن ۽ شين جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي.مثنويءَ وانگر واقعا بيان ڪيا ويندا آهن.“(2)