لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا

شاعري، جيڪڏهن جذبات نگاريءَ جو نالو آهي، ته مرثيه کان وڌيڪ حزن ۽ درد و غم جي ترجماني ٻيو ڪوبه شعر نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن، اسين انگلستان جي فلسفي شاعر( مل MILL) جو رايو ڪتب آڻيون، ته انساني جذبات، ۽ احساسات شاعريءَ جا روح روان آهن، ته پوءِ مرثيه کان وڌيڪ ٻيو ڪو شعر، موثر ٿي نٿو سگهي.
(1) شايد اهوئي سبب آهي جو محترم لطف الله بدويءَ مرثيه بابت لکيو آهي ته؛ ”جذبات غم، جنهن کي شاعريءَ جو اصلي روح چئجي، اسان کي ٻين قسمن ۾ گهٽ، ۽ مرثيه ۾، اول کان آخر تائين ملي ٿو. “(4)
محترم لطف الله بدوي
(2) مرثيي جي صنف عربي مان فارسي ۽ فارسي مان اردو توڻي سنڌي ۾ آئي آهي پر اردو توڻي سنڌي مرثئي جي صنف اهلبيت اطهار ۽ معرڪه ڪربلا لاءِ مخصوص ٿي چڪي آهي. جديد مرثيي جا جزا قديم مرثيي کان مختلف آهن. جديد مرثيي ۾ تمهيد، مُکڻو، سراپا رخصت، آمد، رجز، شهادت ۽ آخر ۾ دعا تي اختتام ٿيندو آهي.
واقعهءِ ڪربلا جي ذڪر کي بيان ڪرڻو هجي يا آئمه اطهار قربانين جي دين اسلام خاطر قربانين جو تفصيلي ويڻ يا حريت پسندي ۽ ظالم خلاف مظلوم کي همٿائڻ ۾ مرثيو بهترين ذريعو بڻجي سامهون آيون آهي. سو انڪري اهيو چوڻ به واڌارو نه هوندو ته مرثيو پاڻ اندر ۾ هڪ لاجواب فن بڻجي چڪو آهي.
محترم برادر دانش عباس سومرو