2. سچل سرمست جو ننڊپڻ ۽ ابتدائي تعليم
سچل سائين جي ننڊپڻ ۾ ئي سندس والد ميان صلاح الدين گذاري ويو ان وقت سچل سائين جي ڄمار فقط ڇهه سال هئي ان بعد پرورش سندس چاچي خواجه عبدالحق جي بحر معرفت ٿي، قرآن شريف جي تعليم حافظ عبدالله قريشي صديقي کان حاصل ڪيائون، قرآن شريف حفظ ڪرڻ کانپوء فارسي جي تعليم چاچي خواجه عبدالحق کان حاصل ڪيائون.
3. سچل سرمست جي شخصيت
سچل سرمست جنون ۽ سرمستي جو خالق هو مٿس نينهن جو نشو غالب رهندو هو جنهن ڪري هو ڪيف جي حالت ۾ عروج تي پهچي اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جن تي اختلاف ۽ اعتراض ٿيندو هو. سچل سائين شريعت جو وڏو عالم هو، عالم انسانيت جو وڏو مبلغ هو، انساني مساوات جو انتهائي قائل هو ۽ ذاتي توڻي ڪنهن انساني مڌ ڀيد کان بيزار هوندو هو. سچل سائين شريعت جي باريڪين کان بخوبي واقف هو، مٿس تصوف جو وڏو اثر هو، هو صوفي بزرگن جو عاشق ۽ سنائي جو به وڏو مداح هو.
”هفت زبان شاعر هجڻ سان گڏ، سچل ئي غالبا پاڪستان جو سڀ کان بسيارگو شاعر آهي، سندس ڪلام گهٽ ۾ گهٽ 9 لک 36 هزار 6 سو 36 شعرن تي مشتمل آهي، سندن ڪلام ۾بيتن، واين، غزلن، مثنوين، سي حرفين، مرثين، مدح ۽ جهولڻا شامل آهن.“...(2) (جن مان موضوع مطابق مرثيي جوذڪر اڳتي ڪيو ويندو.)
سچل سائين جو فلسفو، انسان جي قديمي جستجو جو نچوڙ آهي. سچل سرمست رح، صغيري کان وٺي عمر جي آخر تائين ڪنهن دنياوي لوڀ، لالچ ۽ زندگي جي آسائش جا متلاشي نه رهيا ۽ جستجو ۽ فڪر جي گهرائن ۾غوطه زن رهيا.. سچل سرمست جواني جي ڏينهن ۾ به نماز جا پورا پابند رهيا. سندن شخصيت ۾ سادگي ۽ وقار جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا. سچل سائين جو سمورو ڪلام سڪ، سوز، دلگدازي، انتظار، بيقراري، جوش، جولان، موج مستي، حيرت، عبرت، جستجو، حقيقت ۽ معرفت جي فلسفي سان سرشار آهي.
4. سچل سرمست جي وفات
سچل سائين گهڻيءَ رياضت جي باوجود آخري عمر تائين نهايت تندرست رهيو. پڇاڙيءَ ۾ خلوت نشيني اختيارڪيائون. اهڙيءَ طرح آخرڪار 14 رمضان المبارڪ سنه 1442 هجريءَ (1829ع) ۾ وفات پاتائين. سچل سرمست جي وفات وقت عمر 90 سال ھئي پاڻ پنهنجي ڏاڏي خواجه محمد حافظ، پنهنجي مرشد چاچي خواجه عبدالحق ۽ سخي ميان قبول محمد سان گڏ هڪ ئي مقبري هيٺان مدفن آهن. ”هي مقبرو رياست خيرپور جي واليءَ مير رستم خان ٺهرايو. تنهن کان پوءِ سخي ميان قبول محمد جي ڏينهن ۾ گنبد تي نيل ۽ چئن ئي ڪنڊن تي نيلون ۽ ڪاشيءَ جو سمورو ڪم سردار محمد بخش جي اهتمام سان ٿيو.“..(3)