1. سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)
ڄم؛ سيد ثابت علي شاه جو جد امجد جو نالو سيد عيسي ولد سيد مدار شاهه هو.
سيد ثابت علي شاهه جي ولادت 1153 هه بمطابق 1740ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي.
سيد ثابت علي شاهه جو گهراڻو هڪ اعليٰ علمي گهراڻو هو، سائين سيوهڻ ۾جنهن ماحول ۾ننڊپڻ گذاريو سو پيرن فقيرن ۽ اميرن توڙي سجاده نشينن جي سنجيدگيءَ ۾ مذهبي ماحول ۾ سائين حمد، نعت، منقبت ۽ مرثيي جا ڪتيرائي شعر ياد ڪيا. سيد ثابت علي شاهه جي ابتدائي مذهبي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي، فارسي جي تعليم آخوند الياس محمد صوفي کان حاصل ڪئي.
سيد ثابت علي شاهه، سنڌي مرثيه گو شاعرن جو سرواڻ، عالم فاضل ۽ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي.
”مرزا عباس عليءَ مطابق، سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب پيدا ڪندڙ ۽ موزون سنڌي شاعريءَ جو موجد سيد ثابت علي شاهه هو. “
سيد ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني سن 1225هه 1810ع ۾ وفات ڪئي، سائين جي آخري آرام گاه به سندس اباڻي شهر سيوهڻ شريف ۾ آهي.“(1)
رثائي ڪلام
سيد ثابت علي شاهه جو ڪليات مرثين، مسدسن، مخمس، نوحا، زيارت نامو، ظفرنامو، قصيدن، سلامن، مناجاتن، نعتن ۽ منقبتن سان مالامال آهي.
سائين جو سمورو ڪلام سنڌي، اردو، ۽ فارسي زبانن ۾ آهي.
سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام مڪمل سوانح حيات سان گڏ سنڌ جي محقق ۽ اديب ميرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو، جيڪو 1984ع ۾ سنڌ اسلامڪ اسٽڊي ڪراچيءَ سينٽر طرفان شائع ٿيو.
سيد ثابت علي شاهه جو ڪلام 2008ع ۾ ”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ جيڪو مرزا نجم الحسن ترتيب ڏنو ڪتاب ڇپيل آهي.
سيد ثابت علي شاهه جو سنڌي ڪلام (مرثيو)
سيد ثابت علي شاهه الله جو نالو وٺي جيڪو پهريون مرثيو چيو سو هي آهي؛
”اي خدا جا لاڏالا سردار سرور يا حسينؑ“
هيءُ مرثيو مربع جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ امام حسين عه جي ننڊپڻ جي واقعن، فضائل اهلبيت ۽ مصائب ڪربلا جو ذڪر، ترتيبوار ۽ مفصل طرح سان ڪيو ويو آهي ۽ شهادت سيدالشهدا امام حسين جو ذڪر نهايت پر اثر نموني ۾ ڪيل آهي. سيد ثابت شاهه هن سنڌي مرثيي ۾ ڪجهه فارسي بند به نهايت خوش اصلوبيءَ سان ڪم آندا آهن.
(1)
اي خدا جا لاڏلا، سردار، سرور، ياحسينؑ
مصطفيٰ جا سَاهه نيڻن ٺار دلبر ياحسينؑ
مرتضيٰ سهنجونپايئي، جيءَ برابر، ياحسينؑ
ظالمن ناحق رنجايئي، واءِ ٻر ٻر ياحسينؑ
(2)
تُنهنجو نانو مُصطفيّ سردار جمله مُرسلن
مُرتضي پيءُ تنهنجو شيرِ حق امام انس و جن
قدر تنهنجو ڪربلا ۾ ڪين ڄاتو ڪافرن
وَئي مڙي چوڌار قهري ڪار لشڪر ياحسينؑ
(3)
هڪڙي ڏينهن توکي نبي پنهنجي ڪلهي تي چاڙهيو
مَنجهه مديني ٿي گهميو تو شاهه کئون دِلشاد ٿيو
جابر انصاري ڏسي هن حال ۾ توکي چيو
وَه ڀلي گهوڙي چڙهين اي نيڪ نينگر ياحسينؑ
(4)
منهن ڪري تنهن ڏي نبي فرمايو جابر نهار
آئون ڀلو گهوڙو آهيان هي ڀلو آهي سوار
هي پرين آهي گهڻو پيارو اڳيئون پروردگار
هي شرف تنهنجا اول کئون تا به آخر ياحسينؑ
(5)
ترڪ دنيا راس ڪُل عبادت اختيار ڪيو
فقر ۽ فاقو مڙيوئي پاڻ تي هموار ڪيو
ٿي مجاور مصطفي جو دين ٿي اظهار ڪيو
ٿي گذاريو گوشئه خلوت ۾ يڪسر ياحسينؑ
(6)
دشمنن جي دور ۾ تت ڀي رهڻ دشوار ٿيو
ظالمن جي ظلم کئون وطنئون لڏڻ لاچار ٿيو
طرف مڪي جي مسافر ٿي هاڻ اختيار ٿيو
رت رنو توکي ڏسي ملڪن مسافر ياحسينؑ
(7)
تنهنجي وڇڙڻ کئون مديني ۾ قيامت ٿي قيام
روڄ پيو گهر گهر ۾ غمگين ٿيا مڙئي خاص و عام
جڏ اچي روضي ۾ ناني جي ڏنوءِ روئندي سلام
مصطفي چو آءُ دل جا دوست دلبر ياحسينؑ
(8)
اي جگر جاني خدا جا لاڏلا پيارا پسر
وير کئون ويرن جي ويچارا مسافر خون جگر
دشمنن جي دور ۾ تون سر لکايو هي سفر
مڙس ٿي هن محنتن ۾ رهج صابر ياحسينؑ
(9)
نور نيڻن ٺار ناني ٿي نپايئي ناز سين
رات ڏينهن تنهجون رضائون ٿي رکئين سڀ زار سين
ظالمن جي ظلم کئون سنڀرين سفر جي ساز سين
الوداع هيءِ هي ءِ نبي جا پٽ مسافر ياحسينؑ
(10)
موڪلائي مڙني کئون مانجهي مسافر ٿي هليو
مير مڪي مئون مديني کئون مهاجر ٿي هليو
ٿي رضا تي راضي ڪعبي جو مجاور ٿي هليو
خلق خوش ٿي چوڪ آءُ سردار سرور ياحسينؑ
(11)
ڪوفين ڪوڙا نياپا پئي به پئي توڏي مڪا
ڪُ اي امام المسلمين ڏهٽا نبي جا هيڏي آ
تنهنجي قدمن جي اسان کي آرزو آهي سدا
تون امير آهين اسين سڀ تنهنجو لشڪر ياحسينؑ
(12)
قاصدن جو قاصدن تي هو مڙئي رستو لڳو
پئي به پئي نامن تي نامن جو اچي انبوه ٿيو
توکي جو رتبو شهادت جو ازل کئون هو لکيو
هي جفائون هي بلائون ٿيون مقدر ياحسينؑ
(13)
ٿي رضا تي راضي ۽ سيد سفر جو ساز ڪيو
هي دغابازن جي دعوت جو مڃڻ لاچار ٿيو
اهل ۽ اطفال سڀ هادي ڪري همراه هليو
اڳ ۾ عزرائيل ٿيو سونهون مقرر ياحسينؑ
(14)
قافلا سالار امت قافلو ڪاهي هليو
هن طرف ڪوفن ۽ شامن جي ڪٽڪ ۾ميڙ ٿيو
موت ۽ تقدير هيءَ حالت ڏسي هڪ ٻي کي چو
هئي ڪنهن ٿا ڪوٺي ڪعبي جو ڪبوتر ياحسينؑ
(15)
شاهه باز آشيان جسم و جان مصطفي
مرغ دست آموز حيدر گوهر خيرالنسا
بلبل دستان باغ انبيا و اولياءَ
ظلم جي ڦاهيءَ ۾ ڦاٿو واءِ ٻر ٻر ياحسينؑ
(16)
هئي هليا ڪوٺيا ولهن جي واعدن تي ور ڪري
هو سڀئي سنبريا مير تي لشڪر ڪري
هي هليا هنجي هدايت ڪاڻ ڏک برسر ڪري
هو اٿيا هنجي عداوت ڪاڻ يڪسر ياحسينؑ
(17)
منزلن تي منزلون ڪاهياون ٿي تا از قضا
ٿيو گذارو قافلي جو برزمين ڪربلا
شاهه جو گهوڙي جو اٽڪيو پير پٽ ۾ هئي بلا
شور پيو ارض وسما ۾ مثل محشر ياحسينؑ
(18)
شاهه چو هن پٽ جو ڇاهي نانءُ اي يارو چئو
عرض ڪيو يارن ڪ آهي ڪربلا نانءُ هن سندو
شاهه جڏهن ڪربلا جو ناءُ يارن کئون ٻڌو
پيو لهي گهوڙي تئون چئين الله اڪبر ياحسينؑ
(19)
اوٺيو جهوڪيو اٺن کي ساٿيو سنڀري وهو
هن اسان جي قافله جو پير هن پٽ ۾ پيو
جنهن ۾ سر وڍبا ۽ سڀ اسباب لٽبا جوبجو
پيءُ پٽن جا مرندا، ڀائن جا برادر ياحسينؑ
(20)
هاءِ هن پٽ ۾ رفيقو رت اسان جا هاربا
مير ٿي مظلوم هن موذن هٿئون هت ماربا
واءِ سر وڍبا ۽ گهر لٽبا ۽ تنبو ٻاربا
ٻار ٻاڪاري ڪندا هت خاڪ برسر ياحسينؑ
(21)
مصطفي جي باغ جا وڻ هت وڍيندا هي وڍيل
مرتضي جا من موهن سڀ ڪوٺي ڪهندا هي ڪٺل
طفل پاڻيءَ کي سڪائي تير هڻندا هي تڙيل
هي ڪندا قتلعام هت اولاد حيدر ياحسينؑ
(22)
مسلم مظلوم جا معصوم هت مرندا تمام
جعفرطيار جي پيارن جا هت ٿيندا مقام
ڪور ڪوفي هت ڪندا هن قافله تي قتلعام
شوم شامي هت ڪندا سردار بي سر ياحسينؑ
(23)
بار بڪشائيداڪ اينجا خون ما خواهند ريخت
آبروئي ما به خاڪ ڪربلا خواهند ريخت
هر گل ڪز باغ دين است از جفا خواهند ريخت
از تگرگ تير و برق تيغ و خنجر ياحسينؑ
(24)
پيو لهي گهوڙي تئون سرور الرضا بقضا ڪري
موت جو مهمان ويٺو خيمي کي برپا ڪري
ڪور ڪوفي شوم شامي سڀ اٿيا حملا ڪري
هي هليا موذي مڙي مارڻ مسافر ياحسينؑ
(25)
وير کي ويڙهيائون وچ ۾ جنگ تي ٿيا جائگير
سامهان ٿيا شير جي ڪوفي ڪنا شامي شرير
موت جا مارو وڳا جنگي نقارا ۽ نفير
ڪربلا ۾ ٿيو ڪسڻ جو ڪوس اڪبر ياحسينؑ
(26)
يا ستم جا سيلهه ڄاڻن يا رنجاين جا جگر
يا جثا ڄاڻن شهيدن جا و يا تيغ و تبر
آئون نه ڄاڻان ڪيئن چوان هن ماجرا جي سربسر
ناهي طاقت تا لکان هي حال يڪسر ياحسينؑ
(27)
خابرو ٿيا موت جا خبرون رسائڻ شاهه کي
انما جي باغ جي نخل يريد الله کي
گلشن ايمان جي ريحان رسول الله کي
ڪائي نبي جا نور نيڻن ٺار دلبر ياحسينؑ
(28)
هنطرف قاسم ڪٺو هن هنڌ علي اڪبر ڪٺو
هنطرف عباس مو، هت عون ۽ جعفر ڪٺو
هت ڪريا مسلم جا پٽ هت احمد ۽ اصغر ڪريو
سڀ لڏيا ساٿي اٿي تون ڀلي سفر ڪر ياحسينؑ
(29)
ڀائن ڀائٽين ڀاڻجن سڀني لڏيو اٿ تون به لڏ
سر وڍائي پاڻ کي پنهجن پيارن ساڻ گڏ
ڪربلا ٿي شهر خاموشان اچي هت تون به اڏ
شهر ري سردار ڪونهي آءُ سرور ياحسينؑ
(30)
جڏ لنگهائي پنهجا وارا ٿيا سڀيئي سرخرو
هيڪلو ٿيو شاهه حملو ڪيو ڪتن از چار سو
مينهن ۾ تيرن جي جڏ ٿيو شاهه زخمي مو به مو
ضعف ٿي پٽ تي ڪريو گهوڙي تئون سرور ياحسينؑ
(31)
هر طرف نگريست جز حق آشنائي را نديد
خويش را مي ديد تنها زار آه مي ڪشيد
تادم آخر شد و شمر بد اختر در رسيد
از پئي قتلش ڪشيده تيغ و خنجر ياحسينؑ
(32)
آخر ان مظلوم جو سر شمر ظالم ڪيو جدا
چاڙهي نيزي تي ڪيائون قوم جو قبله نما
سر شهيدن جا جڏهن نيزن مٿي چاڙهڻ لڳا
حشر ٿيو نيزي چڙهيو خورشيد انور ياحسينؑ
(33)
وار گرد آلوده زلفن جا ڪري لوهو ۾ لال
رت ڀريو منهن ڪيو مديني ڏي نبيءَ جي نونهال
يا رسول الله ڏس پنهجن پيارن جو حوال
ٿي لکيئي جن جي وصيت ڪاڻ دفتر ياحسينؑ
(34)
پاڪ پيشاني ڪ جنهن کي ٿي چميئي نت چاهه سان
پرزه پرزه ٿي رهي تيرن تکن جي تاءَ سان
رت ڀريا چپ جي ڪڏهن چمندو نه ڍائين ڍاءَ سان
ظالمن ڪيا ضايع وخسته به خنجر ياحسينؑ
(35)
هي جثو جنهنکي ڍڪايئي خلعتون ٿي خوب تر
سر لٿي لاشي کي نيئي ڪامل ڪفن ڏئي دفن ڪر
مينهن جا قطرا ڪ جنهن تي ڪين سهندو هئين مگر
تير باران تنهن تي ڪيو ڪوفي جي لشڪر ياحسينؑ
(36)
هي سهارو سرڪ سينو تنهجو جنهجي جاءِ هو
هٿ حمايت جو سندئي جنهن سر سدا ڦرندو رهيو
هاڻ خولي خر ٻچي جي نيزي سو جهلندو ڏسو
يا محمد ّ ماڙ ڪر ٻي ڪانهي واهر ياحسينؑ
(37)
صبر ڪر ”ثابت علي“ هي واقعو آهي وڏو
مير جي مظلوم کي نيزي تي معراج ٿيو
هي ذبيح الله گر هن ڪافرن ڪوٺي ڪٺو
ٿيندو سڀ امت جو شافع روز محشر ياحسينؑ
(38)
راه مهوش رو ڪ بس باشندا ترا اين رهنون
هر ڪجا ذڪرش بود از ديده بڪشاجوئي خون
از دل بريان بگو انا اليه الراجعون
تا دهد از دست خوشت جام ڪوثر ياحسينؑ
(هي مرثيو ”رڻ گجو راڙو ٿيو“ ڪليات ثابت علي شاهه ”ڪربلائي“ مرتب: مرزا نجم الحسن تان نقل ڪيو ويو آهي.)
سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام گهڻو وسيع آهي
• مرثيا( 66)
• منقبت ( 117)
• جنگناما (08)
فارسيءَ ۾ ”هجويه نظم“ ۽ ٽي مذهبي مباحثي جا منظوم ڪتاب لکيا
• ردالخوارجت
• شهاب ثقات
• ردالمواث
• زيارت نامو
سنڌي هجويه ڪلام (جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن)
هن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن جي هجو (ٽوڪبازيءَ وارو شعر) ڪئي اٿس.
سيد ثابت علي شاهه مرثين ۾ لسي ۽ دلچسپ سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي.