لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

سنڌي مرثيي جي اوسر

مرثيو اصل ۾ عربي شاعري جي صنف آهي، عربستان کان بعد مرثيي پهرين ايران ۽ پوءِ هندوستان ۾ پير پاتو. ايران جو ناميارو شاعر مقبل اصفهاني، جيڪو پوءِ ٺٽي ۾ آيو، تنهن سنڌ ۾ فارسي مرثيي کي وڏي اوج تي رسايو.(3)
سنڌ ۾ مرثيا نويسي/ گوئي ڪڏهن شروع ٿي، اهو معاملو اڃا تحقيق طلب آهي سنڌي مرثيي بابت مرزا عباس علي لکي ٿو؛
”سنڌي مرثيي جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن سنڌي شاعري وجود ۾ آئي. سنڌي مرثيي جي ابتدا به بيتن ۽ ڏوهيڙن سان ٿي. جنهن جو مثال شاه عبداللطيفؒ جو سر ڪيڏارو آهي، جنهن جي پڙهڻ سان درد ۽ غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. . . . . ليڪن علم عروض جي حدن اندر عربي بحرن تي، جنهن مرثيي جي ابتدا ڪئي اهو سهرو سيد ثابت علي شاه جي سر تي ئي سنهي ٿو، سيد ثابت علي شاه پهنجي “زيارت نامي” ۾ هڪ هنڌ فرمائي ٿو؛
مرثيو سنڌي اڳي هو ڪونه اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هو تان پڻ نه هو مشهور هن پرڪجا.