لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

2. بيدل (فقير قادر بخش بيدل)

سوانح حيات

فقير قادر بخش بيدل عرف ”بيدل فقير“ 1231هه بمطابق 1815ع ۾ روهڙيءَ ۾ فقير محمد حسن قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو.
فقير بيدل 16 ذوالقعد 1289هه بمطابق 15 جنوري 1873 ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار روهڙيءَ ۾ آهي، هر سال ميلو ۽ عرس منعقد ڪيو ويندو اهي ۽ ان موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي.

رثائي ڪلام

ٿلهه؛
ڪربلا ۾ شاھ جڏهن مھمان ٿيو
درد غم جو اتي وڏو گھمسان ٿيو

(1)
ڪربلا ۾ آيو جڏھن ابن رسول
جانشين مولا جگر گوشه بتول
ورھ جي واديء ۾ ڪيو نرمل نزول
سوز سورن جو سڀو سامان ٿيو
(2)
وير سان اچي وري ٿيا سامهان
ڪافرن ڪاهيو نبيء تي ناگهان
قربدارن سان وڏا ٿيا امتحان
ڪاملن تي قتل جو فرمان ٿيو
(3)
شاه مائٽن ۽ يارن کي چيو
سالڪو سر ڏيڻ لاء سنڀري ويهو
هي اسان سان عهد منجھ ميثاق هو
شوق وارن جو شهادت شان ٿيو
(4)
سڀني اڳتون عرض ڪيو روحي فداڪ
نيهن جو نعرو هنيو ان نور پاڪ
رت سان ٿيو رنگين فورن فرش خاڪ
عارفن سر برھ جو باران ٿيو
(5)
برھ جي برسات سانئن در جھلي
سر واڍائي سر خرو ٿيا ھت ھلي
مقبلن منصب لڌو قربئون ڪلي
ان مٿام عشقون عطا احسان ٿيو
(6)
ڪيو سونھارن سير في الله نيزي سر
واء اهو واقعو ٻڌي خون ٿيو جگر
هاء ڪيا فردوس ۾ حورن حشر
ملڪ ۽ ملڪوت ۾ طوفان ٿيو
(7)
يا امام العارفين نيهئون نهار
شاه! بيدل کي بره بهرو ڏيار
سوز سڪ جي سيدا سرڪي پيار
درد تنهنجو دل سندو درمان ٿيو.
(هي ”ديوانِ بيدل“ تان کنيل آهي جيڪو اختر درگاهي صاحب جو مرتب ٿيل آهي)

”بيدل جي ڪلام تي ”مجاز“ جو رنگ ڇانيل آهي، بيدل سائين تصنيف ۽ تاليف جو وڏو ڪم ڪيو آهي، نظم ۽ نثر جا 30 ڪتاب تصنيف ڪيا جيڪي سنڌي، اردو، فارسي، سرائيڪي ۽ عربي زبانن ۾ آهن.“(2)