سچل سرمست جو مرثيو
سچل سرمست جي مرثين جو تعداد
جڳ مشهور . . . . . . يا ام المسلمين . . . وارو مرثيو 109 بندن تي مشتمل آهي.
مرثين جو قلمي بياض
”هن جو مرتب ۽ ڪاتب فقير محمد موسي آهي جيڪو سخي قبول محمد دوئم جو مريد هو. (مرثين جو هي بياض فقير صاحب 8 ذوالحج 1316 هه، 1899ع تي لکي مڪمل ڪيو. ان بياض ۾ ڪيترن ٻين شاعرن جي مرثين سان گڏ سچل سائين جو يا امام المسلمين. . . . وارو مرثيو ۽ ڪيڏاري جا مسلسل دوها شامل آهن) جن کي به مرثيو لکيو ويو آهي“ ...(4)
سچل سرمست جي ڪلام جو بياض (قلمي)
”هن بياض ۾ سچل سائين جو ڪلام سندن وڏي طالب نانڪ يوسف جي خليفي فقير غلام حيدر شر گودڙيي جو جمع ڪيل آهي، زباني روايتن موجب کيس سچل سائين جو مرثيو نانڪ يوسف وٽان مليو. هن بياض جي فقير عبدالرحيم عابد شر ولد استاد نبي بخش ولد فقير خداداد خان ولد فقير غلام حيدر گودڙيي نيئن سر مرتب ڪري ڪتابت ڪئي.
سچل سائين جي ڪلام جي بياض مان سائين جو مرثيو فقير محسن علي شر محسن 19 جون 2012ع تي الڳ سان اتاريو.
سچل سائين جا ٻه مرثيا، قنبر علي شاھ (سکر واري)جي بياض سنڌي مرثين جو (ڀاڱو 3 ) ۾ ڏنل آهن.(5)
سچل سائين جي مرثيي جو جائزو
سچل سرمست جو مرثيو جيڪو 109 بندن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ امام حسينؑ جي ولادت باسعادت کان سندن شهادت تائين جا مختلف واقعا آندل آهن، جن ۾ سلاست، رواني، جذبات نگاري، منظرنگاري کان ويندي ٻولي جي سادگي جو حسن موجود آهي.
محمد علي حداد، پنهنجي ايم اي (سنڌي) جي مونوگراف ۾ لکي ٿو؛
”سچل سرمست جتي ٻين صنفن جو موجد آهي، اتي سنڌي مرثيي جي ميدان ۾ به کيس پيشوائيءَ جي سعادت حاصل آهي.
پروفيسر عطا محمد حاميءَ پنهنجي ڪتاب ”منصور ثاني سچل سرمست“ جي تحقيقي مقدمي ۾ سندس مرثيه گوئيءَ بابت لکي ٿو ته، مرثيي جي ميدان ۾ سچل سائين، سنڌ جو پهريون شاعر آهي، هن کان اڳ دوهيڙن ۽ بيتن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، احسان فقير ۽ ٻين شاعرن سر ڪيڏارو آلاپيو آهي، مگر سنڌي مرثيي جي صنف شخن جو موجد سچل سائين آهي. جنهن کان پوءِ ثابت علي شاهه، عالم ڪربلائي ۽ ٻين شاعرن هن فن ۾ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکارا آهن.“..(6)
(1)
اي امام المسلمين ڪر يار ياري يا حسينؐ
ملڪ ۾ ماتم پيا هئي بقراري يا حسينؐ
بلبلان ڇوڙي ڇڏيئون باغ وبهاري يا حسينؐ
هاءِ حورن کي ڏسڻ جي انتظاري يا حسينؐ
(2)
ٿئين تولد تون جڏهن اي سيدا سرور امام
منهن نبي منهن تي رکيئي تنهنجيون خوبيون خير الانام
جوش مون جبرئيل آندا ڏانهن سائين هي سلام
دوستي لايئي اوهان تي ياري يا حسينؑ
(3)
سر مبارڪ تي تراريون وهنديون ويرين سنديون
شاهه کي شمشيريون منجهه ڪربلا ڪاهل ڪبنديون
رت ريلا ٿيندا هتي نيرا جون وهنديون نديون
اصل کان آهي اوهان تي امر واري يا حسينؑ
(4)
ڏينهن هڪ ٻاهر مديني مون هليو سيلان تي
هيٺ هڪڙي وڻ وڃي آرام ڪيو ويران تي
ماڳ ميڪائيل چوري ڍار ٿيو توجان تي
وڃي پاسي هيٺ تنهنجي ڏيئي ٻهاري يا حسينؑ
(5)
کڻي ڪلهي تي پانهنجي ناني چڙهي هسوار ٿيئن
سو نبي المرسلين جنهن سر گهمين بازار ٿيئن
وحي ميوا ٿي ڏنا منجهه جيءَ نبي جنسار ٿيئن
شرف تنهنجا شان آهن بي شماري يا حسينؑ
(6)
اصل کون موڙهو مٺو مروان هو ماويه فساد
آل عمران مون بڻيا هو آل مروان جي بنياد
ڪئي عداوت آل سان آخر تهين جھوٺي جلاد
لک لعنت آءُ تنهن تي بارباري يا حسينؑ
(7)
ڪئي عداوت آل سان مروان ۽ ويري وليد
ٻيا ڪيئي اهڙا هئا بيشڪ شيطاني شديد
چو مڙني لعنت انهن تي جي هئا حاضر يزيد
هر دو عالم ۾ انهن کي ٿي خواري يا حسينؑ
(8)
هو اتي حاڪم مديني جو مٺو مروان ٿيو
ٻيو پٽس وليد ويري شد سو شيطان ٿيو
پيءُ پارون آيو چڙهي هئي هئي وڏو طوفان ٿيو
مومنن ۾ ٿي مڙيائي وٺ واري يا حسينؑ
(9)
ڏس مٺن ماڻهون مڪا سرتاج رنهن سردار ڏي
هڪ دفعو هيڪر هلي تون آءُ اسان جي پار ڏي
ڪر اسان سان گفتگو بيعت سندو اقرار ڏي
ٿي اڳهين معلوم مڙيائي ڳالهه ساري يا حسينؑ
(10)
جذب ڏاڍي سان هليو تنهن جاءِ ڏي جولان سان
هئي پنجاهي پٺ ۾ سرتاج تون سلطان سان
هوا مڙني مومن مصطفي جا عشق جي ارمان سان
پيا ڪچهريءَ ڪافرن جي گهر اجاڙي يا حسينؑ
(11)
ٿيون زبانون بند جون هئي مٺا حيران ٿيا
خام خو خارج سڀيئي ترڪ کون طولان ٿيا
بست بازو سڀ ڪري آڏو اڳيون سلطان ٿيا
شان آڏو تا تنهنجي سي هئا چڪاري يا حسينؑ
(12)
هي زبانون ظاهر ڪيائون ڳالهه ابن المعاويه
يا وٺو بيعت اچي يا راهه سر روانيه
تڏهن ضرب سان زابر چيو کل من کان به في الحاويه
شير شهزوري ٿيو ڪيئين حڪم واري يا حسينؑ
(13)
ويونبيءَ جي در اتي پاڻون پيرين پيرا ڀري
ٻاجهه هئي ٻيڻي اسان تي پيءُ ڪنان توکي جڏهن
واءِ ويلا اڄ اسان تي ڇو هاڻي ڇورا ڇڏهن
ٿيو اندرون آواز هي قادر قهاري يا حسينؑ
(14)
هئي اصل نانا نپايئي ٿي اسان کي تو ڪڏهن
ٻاجهه هئي ٻيڻي اسان تي پيءُ ڪنان توکي جڏهن
واءِ ويلا اڄ اسان تي ڇو هاڻي ڇورا ڇڏين
ٿيو اندرون آوازهي قادر قهاري يا حسينؑ
(15)
جن چيو ڪلمون اوهان تي، هئي انهن ڪيڏي ڪئي
هيءَ ٻڌي ٻولي اها سڀ روهه ٿيا روئي رئي
مير تو معلوم مڙيائي ڇا ٻڌايا مان چئي
آهه ۾ درگاه داور زاور زار و زاري يا حسينؑ
(16)
نور نرمل ڏانهن وري اسرار ۾ آواز ٿيو
اي اکين جا ٺار منهنجا رب جوهي راز ٿيو
تان پرين توسان الاهر سوز سورن ساز ٿيو
دقت او تصديع ڪر سر اختياري يا حسينؑ
(17)
دقت ۽ تصديع جي توسر اها تقدير ٿي
ٿي رضا راضي رهج ٻي نه هت تدبير ٿي
هي پرين پرکا اصل تو مٿئي مير ٿي
هيءَ لکي آهه لوح ۾ توسر سواري يا حسينؑ
(18)
وڃ پرين پرتين الله کي هي سفر تو سر ٿيو
هئي اسان تنهنجي وچون ڏاڍو وڇوڙو ڪو پيو
قرب لڳ قادر اوهان جي قتل جو سعيو ڪيو
قافلي سان ڪربلا ڏي تياري يا حسينؑ
(19)
اوڇنگاري هيئن رنو عارف انهي ايوان ۾
عرش ڪر سي ۾ پيو آواز سڀ آسمان ۾
پيا ڏري ڏونگر اتي درياهه پيا دوفان ۾
منهجهه مديني آهه تنهنجي باهه ٻاري يا حسينؑ
(20)
تو وٺي موڪل نبيءَ کون اسلام عليڪ ڪئي
وير وعليڪ والسلام نور نافع ڏانهن ٿي
تنهن پلڪ ۾ ڇا چوان هيهات روضه منجهه هئي
آهه هنجن عينن منجهئون ٿيو جر جاري يا حسينؑ
(21)
هئي مديني مون ٿيو ٻاهر پرين لعلن لڏي
جي هوا عاشق اوهانجاسي کنيا سالڪ سڏي
سر اتي سانول سهايو هي هليو ڇانوان ڇڏي
عرش تي اظهار تنهنجي برد باري يا حسينؑ
(22)
هو جي مالڪ هئا مديني جا ازل جي روز کون
سي وطن پنهنجو ڇڏي سنبري هليا ڪنهن سوز کون
هو پرين پر ڏيهه ٿيا ڪنهن ظالمن جي زور کون
شاميان ڪوفي يزيدي نحس ناري يا حسينؑ
(23)
منزلان منزل کڻي مالڪ مڪي داخل ٿيا
گاهه پاڻيءَ جا تنهن ڪارون امامن سان ڪيا
سي پرين سڀ پيشوا پيرين مڪي وارا پيا
پر هلڻ ۾ ڪنهن نه ڪئي توسان تياري يا حسينؑ
(24)
هئي ڪوڙن ڪوفين مڪا هنئين خط لکي هٿ خابرن
جي امام العاشقين هيڪر اسان پاڙي اچن
وير اوهان جي وار تون سڀ سر صدقي هي ڪجن
هي دغا دل ۾ رکي ڪيائون دوست داري يا حسينؑ
(25)
قاصدن هڪ ٻئي پٺيان ٿي رهبرن رستو لائيو
ته چڙهه امام المومنين ڪر تون سواريءَ جو سعيو
خرچ ۾ لشڪر اوهان کي شهر ڪوفي ڪو آئيو
پر ڪوفي لا يوفي ٿيا جي اعتباري يا حسينؑ
(26)
شاهه بو مسلم مڪو ڏي خارجن موجب خطن
وڃ هدايت ڪر تنئي کي مون محبت جي مڃن
موڪلائي مير کان ڪامل هليو سان قاصدن
شهر ڪوفي ۾ رسائي سر سواري يا حسينؑ
(27)
شاهه جي تشريف جي خبر پهچائي پري
گهر آندوسين گهوٽ پنهنجي هي مڙني مصلحت ڪري
هئي مبارڪ يا ابن المعاويه ظاهر ۾ ذري
چاڙهه تون ڪو ڪٽڪ پنهنجو سپهداري يا حسينؑ
(28)
امر ابن المعاويه ڪيو تان ابن زياد کي
ڪر وڃي همراهه پنهنجو اول عمر سعد کي
ڪاهي تون ڪوفي وڃج جي ٿي گهرين امداد کي
وقت تنهن ڳوري ڪٽڪ کي ڪوٺ ڪاري يا حسينؑ
(29)
اڙد سان امڙد چڙهيو ڪوڙو ڪوفي بي پار تي
روز شب ڪاهي برابر هئي هليو سردار تي
چپ چپاتي ۾رسيو ڪوفن سندي اقرار تي
پٺ پغمبر کي ڏيئي ڪيائون ڪوڙ واري يا حسينؑ
(30)
شاهه بو مسلم وٺي هٿ سان ڏنو تن خارجن
امر ڪيو تنهن قتل جو ناريءَ اتي ڪل نوڪرن
ڪو نه ڪو ڪامل اتي هر گزاٿيو مون چاڪرن
شر شيطاني انهن ڪئي ڏهر واري يا حسينؑ
(31)
شاهه بو مسلم جو حارث نانءُ تي قاتل ٿيو
قهر ڏس قهار جو نارن مٿي نازل ٿيو
دين احمد جو ڇڏيائون دين تن بادل ٿيو
ڏک ٿيو سڀ ڏيهه کي هيءُ ڳالهه باري يا حسينؑ
(32)
شاهه جا فرزند محمد عون، ابراهيم ٻيو
ٻئي جدا ٿيا بابا کون تن راهه ۾ رولو پيو
گهر اچي قاضي ڪوفيءَ جي لائقن پاتوليو
هئي اتي آهي امامن حشر واري يا حسينؑ
(33)
هئي وٺي قاضي وهاريا خاص پنهنجي خانه ۾
ماٺ ۾ ويهي رهيا عارف وڏي ارمان ۾
ته پيءَ کون ڪيئن پاسي ٿيا سي درد جي دامان ۾
هنئينچئي ٿا زار روئن گلعذاري يا حسينؑ
(34)
هي؛قاضي شرع جي کي ٿا ڳالهه روئي هي چون
ڪئين نبيءَ جي آل تي هي ڪوفيان ڪاهي پون
ساڻ معصومن منافق راند ٿارڪ جي رهن
ڪئين هتئون نڪري وڃون چوڌاري چاري يا حسينؑ
(35)
ظلم جون زيلان ڪرن دارو سندو درگاه ۾
ڪئين وڌئي اسان کي هي انهن انباهه ۾
ڪئين رهي بابي کان وياسون قتل جي جنگاهه ۾
تڏهن ڏسئون هي ڏک اسين گرفتاري يا حسينؑ
(36)
منجهه تنين فرزند عليءَ عه جي هيءَ اسان پهچاءِ تون
دشمن جي دور مون قادر سگهو ڪڍاءَ تون
ٿئي راضي يارب هنن ٻانهن اُتي ٻاجهاءِ تون
ٿي هيڪاندا هوت سان وڃي هڪوار يا حسينؑ
(37)
هنئين چئي نروار ٿي نڪري ٻئي ٻاھر ھليا
ملھ وٺي رستو مڪي جو چست سي چاھؤڻ چليا
واٽ تي ھنئين وھندڙ امراجل جھلڪي جھليا
دشمنن جي دست پيا، فرياد واري يا حسينؑ
(38)
ھيءَ ھيو حارث اتي، پاڪن سندو قاتل ٿيو
ازل کؤن تا ابد تائين، لعنتي ات لعنت ڪيو
ھي ٽيئي پٽ زياد جي سان دوزخي وڻواند ويو
دم بدم موچڙاتن سر ڪاپاري ياحسينؑ
(39)
ھي ھليو قاصد مڪي ڏي، ھيء وٺي ساري خبر
نيئي رسيو مالڪ مديني جي، اڳئون سالڪ سٻر
دانھن ڪيائين در اتي، ھت ھاء ٿيا ڪيڏا حشر
شاھ شھادت کي رسيا، اي ڪھل واري ياحسينؑ
(40)
ھئي ابن زياد ظالم گاھ ڪوفي م لٿو
دز دمشقي آڻيو ٻيو ناھ ڪو لشڪر مٿو
سڀ ڦريو ڪوفو، تھين تھن تاب توڙون تتو
مثل ماڪڙاڙد تنھن سان بي شماري ياحسينؑ
(41)
ھي دغابازن رکي دل م دغا پيرين پيا
ويھ ڪي ايڪيھ ھزارن شاھ جي بيعت ٿيا
پوء دنيا جي دام م ھاوي ھچارا سڀ ھيا
ٻنھي جھانن م تنھن کي ٿي خواري ياحسينؑ
(42)
شاھ بو مسلم شھادت کي رساڻيو خارجن
سي ڪٺل ڪاٺيون ڪري منجھ باھ دوزخن ٻارجن
شاميان ڪوفي مڙيئي مرندي سي مارجن
چڙھ امام المسلمين ڪر، پوئواري ياحسينؑ
(43)
ھيءَ حڪايت ھنينن سڻي سي مير ماتم م پيا
منزلان منزل کڻي منجھ دشت ھڪ داخل ٿيا
ھئي وڏي افسوس سان، چؤگرد چوٽان ڏئي چڙھيا
ويا ويھي ويرن سندا، چوداري چاري ياحسينؑ
(44)
پير گھوڙي جو کتو، پٽ پڌري م ھلي
تڏھن يار يارن کئون پڇيو ٿي وھندڙو وارث ولي
نانء ھن پٽ جو نہ ڄاڻان سورھيو ڏجو سلي
ھينئن چیائون، ڪربلا ھيء نام باري ياحسينؑ
(45)
ھنئين اتي امام العاشقين فائق ائين فرمايو
اٺ جھوڪيو ۽ ڪجاوا لاڏئيو هتلاھيو
ھيءَ شھيدن جاءِ آھي ڪونہ ڀولو ڀانئيو
آھ عزرائيل اڳ م شھ شڪاري ياحسينؑ
(46)
ھئي پيو تنھن جوء م ساٿ سرور جو لھي
ڪربلا جي پڙ ڪيو ھي سور ھن سڀني صحيحي
قتل جي ھي جاء آھي ڪيئن وڃون ڪاڏي ڪھي
آل علي جي بنا ٿيا ٻيا فراري ياحسينؑ
(47)
رات گذري ڏينھن ٿيو لشڪر اچانڪ آئيا
چؤطرف شامين چڙھي لوئین لوارا لائيا
ھيءَ ڪتن ڪوفين ڪمينن تير تيغون تائيا
ھئين لڱن م لس تنھنجي ڪان ڪاري ياحسينؑ
(48)
ٿيا شروع نوبت نغارا موت جا مارو وڄن
دف دھل ڌم ڌم ڌما ڪٽڪ چاڙھيا ڪافرن
فوج فوجان فاسقن جون چوطرف چؤڌر چڙھن
ھئين اچي جبرائيل چيو ڪر جنگ جاري ياحسينؑ
(49)
ھئي ڪٽڪ ڪفار جي سوگھي ڪئي وادي فرات
آل علي تشنہ لب ھا ڪربلا م ھاءِھات
آب ريءَ اطفال روئن ھيئي برابر ڏينھن رات
ڪين اڳيان آئون چوان آھ ڳالھ باري ياحسينؑ
(50)
ھيءَ ملڪ ساري جو مٺو ھو اصل عمر سعد تي
لعنت الله آھ انھي تي ٻي ابن زياد تي
جن لکين لشڪر آندا علي سندي اولاد تي
عهھي دمشقي دز سڀيئي لک ھزاري ياحسينؑ
(51)
ٻاھتر ماڻھن ھئي حاضر ڪل ئي منجھ ڪربلا
ھر وقت ويرن ھو پوي ٻولي مڙيئي الا الله
دوست منجھڌنڌڪار م وارث وسيلا ھئي ولھا
ڪين ٿي ڪوفين ڪمينن شرمساري ياحسينؑ
(52)
اڙد ابن زياد سان ھو پرش م اسي ھزار
تن سوا پٽ سعد جي سان ڀي ڪٽڪ ھو بي شمار
خر سڀ خاطي ھوا خارج خرابي م خوار
لعنتي لعنت ڪيا سي ھو مڪاري ياحسينؑ
(51)
ابن ريا جي فضل بن عباس سر ميدان جي
ڪوند ٻئي ڪاھي پيا دانھو اندر دوفان جي
سر ڏئي سر ھا ٿيا سورھيہ اڳئون سلطان جي
نت قوم ڪوفين جي اڳيان ھو جڪاري ياحسينؑ
(52)
جنگ جي جانگاھ م ھي حر جو حملو ڪيو
چئين لنڱان جلوا ڪري پيرين وري شاھ کي پيو
پوءِ مٿي تنھنجي وڏوئي جھڙ ترارين جو ٿيو
مينھن ڦرن وانگي ٿي ان تي وسڪاري ياحسينؑ
(53)
ھئي آندو عباس حملو منجھ ڪٽڪ ڪفار جي
اول ڪيئي ڪوفي ڪٺائين جوان مون جولان جي
سيف جا شڪار ڪيائين ڪش ھنيائين ڪان جي
قتل ٿيو ھي ڪونڌ تان ٿي فوجداري ياحسينؑ
(56)
سيف جا سڻڪا رڪياء ڪشي ھنائين ڪان ٿي
سي اچي لعني وڙھيا، دين ڇڏي بي ايمان ٿي
جن کي ازل م ھئي بي نصيبي سي وري موٽن ڪڏي
سي ھليا حاوي اندر جاءِ تن جي آ تڪراري ياحسينؑ
(57)
ھيءَابوالقاسم اڳ ۾ مير جا مارو ڪيو
وير ورنہ سر بسر سر ويريان وار ڪيو
جنگ م جولان مؤن ھي نر جو نعرو ڪيو
ڏيھ م ڏھڪاءُ سان ٿي انڌڪاري ياحسينؑ
(58)
اصغرءِ، اڪبر اڙد ڪفار جا ابتر ڪيا
جلوي سان دؤن جوانن نحس ڪيئن نبتر ڪيا
شامين ڪوفين، دمشقن لس ڪيئي لشڪر ڪيا
ظالمن زخمي ڪيا ھي سر سواري ياحسينؑ
(59)
شاھزادن پئيل ڪئي ھڪ ٻئي پٺيءَ سر ويريان
منجھ ڪٽڪ ڪفار جي تن گھاءَ تيغون گھيريان
پر اچي مٺير گھير پيا جن ڦير فوجان ڦيريان
ڪربلا ۾ ڪيس جو ٿيو قھر ڪاري ياحسينؑ
(60)
ابن حنظل اوچتو ڪاھي پيو ڪفران ۾
تنھن وڏو تلوار جو چمڪو وڏو چؤگان م
ھٿ کڻي شمشير شائق ملھ گھريو ميدان ۾
ڦيھ ڦھڪارون وڌائين مار ماري ياحسينؑ
(61)
ڌوڙ ڌرتي تي اٿي اڄ ڏينھن جو ڌنڌڪار ٿيو
عاشقن جي آھ جو آسمان م انڌڪار ٿيو
ضرب ضرب ٿي لسان سيف جو شڪار ٿيو
ياعلي ع ياعلي ع ٿي پڪاري ياحسينؑ
(62)
وچ منجھ ميدان جي ٿيو غازين جو غلغلو
پھلوانن جو پيو تان چؤطرف چلچلو
عرش ڪرسي آسمان ۽ سر زمين جو زلزلو
ڪانہ اھڙي ٻڌي سين حشر واري ياحسينؑ
(63)
شوق پنهنجي شرط سان هي شاهزادا ٿيا شهيد
سي هيا سورهيه سڀيئي سروارا سيد سعيد
آل عليء جي اتي ڪيڏو ڪيو سر سان يزيد
لغت الله آهي انهن تي با باري يا حسينؑ
(64)
شاهزادن جون اچي هي شاهه کي خبران پيون
ٿي شهادت شهسوارن هئين ٻڌائين ٿا چون
ٿي سنڀاليائون اوهان کي دل بدل بابا ڪيون
چڙهه امام المسلمين ڪر پوئواري ياحسينؑ
(65)
تڏھن مير قاسم شان وڏي ڪاھي پيو ڪفار ۾
ملڪ فلڪن مؤن اچي حاضر ٿيا اسرار ۾
جي اسان تي امر ٿي ھئين رھون ھت ڪار ۾
آھ اڳيان سڀ اوھانکي اختياري ياحسينؑ
(66)
لا چئي لعلن ھليو جلدؤن مٿي جنگاھ جي
يار يارکي چوي ٿوسر ڪفارن ڪاھجي
ريءَ تماشي تيغ جي ٻيو ٺاھ نہ ڪو ٺاھجي
ھي فنا مؤن ٿيو بقا ڏي ھڪواري ياحسينؑ
(67)
هيءَ وڃي پاڻي ڇڏايو، ڪاهه سان کينو ڪافرن
پيو پاڻيءَ جي پيئڻ جو خاص خالص خيال من
حق ڏانهن الهمام ٿيو پيارا نٿا تنهنجا پين
تو پيئڻ ٿو ڪئين سهائي آب جاري يا حسينؑ
(68)
سان ٻڌڻ گهوڙو ورايو وير جابر جنگ ۾
تير ۽ تيغون کتيون ۽ خار نيره خشڪ ۾
تان پيو ڪاهي اُمالڪ تاب تيزون تنگ ۾
هيءَ مشقت پاڻ تي گهوڙي گذاري يا حسينؑ
(69)
شاهه جو گهوِڙو پيو ڪاهي گهڻي گهمسان ۾
سو ترارين تار ڪيو هو جنگ جي جولان ۾
هئي اسب جي اک انهيءِ ئي نيري جي نشان ۾
آسمان ڌرتي برابر ڌنڌڪاري يا حسينؑ
(70)
گهوٽ جي گهوڙي ۾ تلواريون هيون تان بيشمار
جاءِ ڪا زخمن نه واندي هئي سامونڊي شهسوار
ڪيئي کُتا ها ڪا نه تنهن ۾ ڇا چوان لس لک هزار
رت وهيو هو رتولو جي قرارييا حسينؑ
(71)
سنب گهوِڙي جا سراسر جنگ ۾ جلوه ڪرن
هي کٿوري خون مان خوشبوءِ جون موجان ملن
سي رت ۾رنگين ٿيا راوي ڪتابن ۾ لکن
لال ڳاڙها لاک کون ٿا ڏين ڏيکاري يا حسينؑ
(72)
وات مان تنهن باهه جا شعلا اچي ٻاهر پيا
هيءِ گهوڙي ڪفار ڪئي، هئي هاءِ هڪ ٻي تي هنيا
ڪٽڪ ۾ ڪوفين سندا سب گهڻا گهمرا ڪيا
هي ڪئي تڙڦڙهه تلوارن چوڌاري يا حسينؑ
(هن بند ۾ هڪ اضافي سٽ آيل آهي؛
مينهون جا واڪو ڪيو تيرن چوڌاري يا حسينؑ
(73)
خيال ۾ ياقوت گهوڙي جي لکين لعلان لڏن
پڇ تي موتي مڙيئي پر زريءَ سان زمردن
زين تي هيرا هنيائون مشڪ جون واڳا وجهن
پوتا تنهين جي عطر سان پاڻيءَ پگهاري يا حسينؑ
(74)
ساز گهوڙي جو سمالهه هو جواهر ۾ جڙاءُ
ٿيا وڏا طالع گهوڙي جا جنهن چڙهيو هو بادشاهه
پڙمٿي پهلوان آيو شير شهزوري شجاع
صاحب ثقيلن جي ڏاتر ڏياريئي يا حسينؑ
(75)
منجهه سواري گهوٽ جي گهوڙي گهڻا گهمرا ڪيا
ساڻ سامونڊيءَ گراگرد سڀ چنبري پيا
ڪوفيان قتال ڪيائون شاميان ٿاڻين ٿيا
رُڪ رڻوس لوهه جي برسات باري ياحسينؑ
(76)
(هي بند سنڌي مجموعه مرثيه ۾ هن طرح آيل آهي؛)
ڪوفي گهڻان قتال ڪيا ۽ شاميا شومي مُٺا
مرتد حرامي ڪتيرا ڪفار سي ڪامل ڪُٺا
تنن جي مٿوموچڙا ۽ تير مينهن جا ٿي وٺا
رڪ ۽ لس لوهه جي برسات باري يا حسينؑ
سنڌي مجموعه مرثيه ۾ هي سٽ اضافي آندل آهي؛(1)
مينهن جا واڪو ڪيو تيرن چوڌاري يا حسينؑ
(77)
سر گهوڙي سردار جي سيفن سندا سٽڪار ٿيا
ڪٽڪ ڪفاران جا چوڪي سڀئي چوڌار ٿيا
ڌوڙ ۾ ڌنڌڪار جي نيزب وارا نروار ٿيا
وٺ، وٺ هڻ، هڻ مڙيائي وار واري يا حسينؑ(2)
سنڌي مجموعه مرثيه ۾ هي سٽ اضافي آندل آهي؛
تيرن سندا وسڪار ٿيا چوڌاري يا حسينؑ (3)
(78)
لک تراريرن ناخچه نيزه اچي گهوڙي کُتا
ڪان ڪاري زهر جا رهوار رڳ رڳ ۾ رتا
ڦيهه ڦهڪارو وڌائون جنگ ۾ جُوٺا جتا
ٻي گهوڙي کي تانهنجي هوئي ڳل ڳاري يا حسينؑ
(79)
ٿيو ذره پرزه ترارين سان اسب اول ۾
پيو وڃي سر پٽ منجهه جهڙ ترارين جهول ۾
هي اتي پيرن پيو سو ڀوءُنه ٻئي ڪنهن ڀول ۾
وير لنگهائي يانهنجي سواسب واريياحسينؑ
(80)
سڏ ڪيو سڪرات مون پوءِ سخن چئي سلطان هيءَ
هي اوهان گهرجي گهڻو ڪو ڪوفيان ارمان هيءَ
ڪو نه ڪيو سون ڏوهه اوهان جو ڇو ڪيو جولان هيءَ
هنئين چئي منجهه ضرب جي ڪيو هوشياري ياحسينؑ
(81)
هي اسان جي شرف جا واقف هيا تڪرار تان
هيو مڙيئي لشڪر بابي جو، ڪئين ڦريو چوڌار تان
ڪئين اکيون کڻندو سڀاڻي سڀ اڳيون سردار تان
پئي اڳي ڪاٿي اسان کون رنج واري يا حسينؑ
(82)
هيءَ اوهان افسوس ناهي هن اسان جي حال جو
آهه واقف مصطي ۽ مرتضي احوال جو
ڪئين اوهان سعيو ڪيو هئي هئي اسان جي قتال جو
جُنگ تنهن جاگير ۾ هي هُوا خماري ياحسينؑ
(83)
هنئين چئي هن شاهه جي ڀي ڪوفيان ڪو نه ٿيو اثر
سڀ ڦريا سردار کون ترسيانه ڪوڙهيا هڪ قطر
هئي ڪيائون تيغون اڀيون ٻيا تراريون ۽ خنجر
هئي ڪڍي ڊوڙيا اوهان ڏي سر ڪٽاري ياحسينؑ
(84)
تڏهن پير پيرين پانهنجي منجهه ڪوفيان ڪاهي پيو
سيف ساجن هٿ ڪري الله اڪبر اُت چيو
شاميان جي اڙد ۾ هئي شام جو حملو هيو
ڪيئي ڪوفي شامي هڪل سان ٿيا فراري يا حسينؑ
(85)
تير ۽ تيغون کتيون هيون جنگ جي هر جان ۾
هر طرف نيزا نرالا سڀ هڻن سلطان ۾
بحررت جا پلٽجي پيا هيءَ انهيءَ ايوان ۾
هاءِ هئي هئي هوءِ ٿي قيامت قراري ياحسينؑ
(86)
شاهه ڪيئن حملا ڪيا ڪوڙين جوان ۾ ڪافرن
صف بصف سر سي ڪيون موٽي يتمين ۾ اچن
پر اڙد انڌوڪار ها جنهن ۾ چورسون پيون چلن
پر حق اوهانجي ۾ لکي هئي گير واري يا حسينؑ
(87)
هي لنڱن ۾ لعل جي هوا زخم نوسوءُ هڪ هزار
۽ ڪٽڪ ڪفار جي هيءِ ٿي شاهه ڀانيو ٿي شڪار
ڪينڪي موڙهو مُڙيون ٿي سعد جوپٽ بي اعتبار
ٻيوابن زياد ظالم نابڪاري يا حسينؑ
(88)
ڪربلا جي دشت ۾ هئي هئي ٿيا آغا شهيد
عالمن ۾ پيو آوار هو مگر سر هو يزيد
ابن زياد ابن سعد، شمر هو شوريو شديد
ڪيئن تن کي هُت ٿيندي رستگاري يا حسينؑ
(89)
سر مبارڪ شاهه جو مُوني اتي جبرئيل ڪيو
هاءِ ميڪائيل، اسرافيل ۾ سووري ماتم پيو
ڪُل مُلڪ گراگرد ٿي واءُ ويلا ۾ پيو
عرش ڪرسي تان سراسر روڄ واري يا حسينؑ
(90)
سر مبارڪ مُهڙڪئي هئي مديني پار ڏي
ڏس اچي احوال هي ٿو چوي سردار ڏي
کڻ اکيون ڏس يا نبي تون مرتضي جي پار ڏي
گرد سان گڏجي پياسي خاڪساري ياحسينؑ
(91)
هئين ڪڏهن منهنجي ڪلهي تي ٿي کنيو سردار جي
سهنج مون اسان کي نپايو سيدا سالار جي
اڄ اسان ۾ خاڪ غلطان سڻ اچي لهه سار جي
ٿي اسان جي حال تي قيامت قراري يا حسينؑ
(92)
هيئن چئي حضرت نبي تون اسان جو داد ڪر
ڪوفين اسان تي قهر ڪيو تون تني ناشاد ڪر
جي آهن شامي حرامي سي تون ماري ماد ڪر
سي وڃن تهت الثري جي آهن ناري ياحسينؑ
(93)
تون نبي الله جا هاني ڏس اسان جي حال ڏي
تنهنجي امت ٿي وڙهي لالڄ دنيا هن ڌوڙ جي
دنيا مٿي ٿا دين وڪڻن هڪ تورڙي ڄڻ ڀور جي
ڪو نه تنهن کي ترس پيڙو جي ها شڪاري يا حسينؑ
(94)
منهن نجف ڏي سر مبارڪ تي ڪري هئي هئي چيو
هيءَ بابا ڪوفيون اسان سان قهر ڪيڏو تان ڪيو
حال تان اولاد پانهنجي پسوپٺتي پيو
ڪوفين سڀ قتل ڪئي تنهنجي قطاري ياحسينؑ
(95)
رت آلوده اسان جا وار ۽ اندام ٿيا
پس مٿي اولاد پنهنجي هي ڪيڏا حشام ٿيا
هي مٿي نيزي اسانجا سر سندا انجام ٿيا
حال هِهڙويا علي ڏس هيڪواري يا حسينؑ
96)
دشت ۾ هيءَ ڪربلا جي موت جي هئي مار مار
منجهه تنين تاءِ صف گهڻيون بيبيون روئڻ رت زار زا
سڏ ڪرن سردار کي بيراڳ مون هي بار بار
قافلي ڪوفين کون ٿئي ڪو ڇو ٽڪاري يا حسينؑ
(97)
هيءَ بي بي زينب روئي ٿي ڪوفيان ظاهر ڪيو
هيءَ هن جا مون رت اهلبيت جي ڍاوا ناهيو
اي شاميواي ڪوفيو توهين پاڻ ۾ محڪم ٿيو
سڀ شهادت کي رسيانئون تاجداري يا حسينؑ
(98)
هيءَ مٿي مظلوم جي، تي ظلم ڪيو هو ڪافرن
هيءَ خوشي گهر ڪافرن جي رنو ٿي طالبن
هيءَ انهيءَ جا ڏوهٽا سردار سڀني مرسلن
آل نبي ۽ علي عه کون ٿيا هوا اصل واري يا حسينؑ
(99)
سونهن صورت سهڻو سرتاج هو سلطان هو
جاءِ درجبرئيل جنگ جي دوستي دربان هو
هيءَ مديني ۾ منور نر وڏو نشان هو
شاهه شهادت کي رساڻيو گلعذاري يا حسينؑ
(100)
جي وڙهيا هن وير سان قادر قهر تنهن تي ڪيو
دارين ۾ سي خوار ٿيا نالو نشان تنهن جو ويو
جو وڙهيو آهي امامن دوزخ اندر سوئي ويو
قادر تنهن تي قهر آيو آهي آر آري يا حسينؑ
(101)
جي وڙهيا آهن امامن سچ پچ آهن لعين
مرتد مري سي خراب ٿيا سي سيگھ ۾ ويا آهن
رنج تنهن تي مصطفيجو رنج تنهن تي نورعين
دوزخ اندر تن تي ڪن ٿا سنگباري يا حسينؑ
(102)
ڪربلا جي ڏيهه ۾ هئي سير مٿن سانگو ڪيو
جي ڦريويا مير آڏوطفل ئي تالان ڪيو
پوءِ پرين کون “سڇيڏنو”ڇا ڪندو تن جو چيو
هي ڪجي تن کي سمالهه منگساري يا حسينؑ
(103)
ڳالهه آڳيان آهه ڳوري واقعو آهي وڏو
سو چوڻ واجب نه آهي ٿو ٿئي جئڙو جڏو
ڪافر هٿ پانهنجي ڪيو ڍونڍ دنيا جو هڏو
پاڻ ڏي پرور اوهان کي ڪوٺ ڪاري يا حسينؑ
(104)
مير جا مشتاق باقي پوتي جيڪي رهيا
سي مٿي پاهڻ هئي سڀ مونجهه ۾ مونس مئا
ڪي اهڙا مستان ٿيا سي ملڪ ۾ سالڪ سئا
ڪئين جاني کون جيان پوءِ پلڪواري يا حسينؑ
(105)
ڪي ڇڏي تڙڀڳا ڪي غوث ٿيا ها غار ۾
ڪي قطب ابدال ۽ ٻيا اوليا اوتار ۾
ڪي مري پڙتي پيا ڳالهيو سڻي سنسار ۾
ڪي پسي پرزا ٿيا هيءَ زار زاري يا حسينؑ
(106)
ڪن ٻڌي ٻولي اهائي پاڻ ڏونگر ۾ وڌو
دوست ريءِ ديوانه ٿيا روان مديني ۾ ٻڌو
آءُ ٻانهون آل جو سچيڏنو ريءَ ملهه ڳڌو
ساڻ هن بندي بنچاري ڪر ستاري يا حسينؑ
(107)
رمز هن ۾ روز شب ڏس شيخ تا منصور هو
شمس تبريزي جو ساڻ ملڻ اهو مذڪور هو
شيخ سو عطا ڏس مستي منجهون مخمور هو
سڀ هئا ڏک تنهنجي ۾ جي جلائين يا حسينؑ
(108)
عاجز پر تواحمدا عاصي گهڻو جو هي حقير
ڏي دوا ديدار جي دلشاد ڪر اي ابن امير
آءُ اوهانجي پيش پيڙس داد ڪر تون دستگير
شافع احمد ڪر حمايت وير واهري يا حسينؑ
(109)
ازل کون تا ابد تائين آهي حب مون حسنين جو
صدق مون سمجهي رهيس دارو اٿم دارين جو
آءُ هي عاشق اصل کون صاف دل سبطين جو
شوق جي شراب مون پيالو پيارين يا حسينؑ
سچل سائين جو هي مرثيو جيڪو مان ڊاڪٽر مخمور بخاري جي تحقيق ٿيل ڪتاب “سچل سرمست جو مرثيو تان نقل ڪيو آهي . . . . هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سچل سائين جو هڪ طويل مرثيو پيش ڪيو آهي جنهن جا 109 بند آهن، جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم (سچل چيئر) ۾ هڪ قلمي بياض ۾ سچل سائين جي ساڳي مرثيي اي امام المسلمين جا 107 بند شامل آهن. . . .
ڊاڪٽر مخمور بخاري جي ڪتاب ”سچل سرمست جو مرثيو“ ۾ سچل سائين جي مرثيي جو بند نمبر 21 جيڪو هي آهي
هئي مديني مون ٿيو ٻاهر پرين لعلن لڏي
جي هڪ سٽ موجود آهي بقيه 03 سٽون ناهن موجود ۽ ان کان علاوه بند نمبر 72 به بياض ۾ موجود نه آهي جيڪو جي آهي.
وات مان تنهن باهه جا شعلا اچي ٻاهر پيا
هيءِ گهوڙي ڪفار ڪئي، هئي هاءِ هڪ ٻي تي هنيا
ڪٽڪ ۾ ڪوفين سندا سب گهڻا گهمرا ڪيا
هي ڪئي تڙڦڙهه تلوارن چوڌاري يا حسينؑ
ان بند کان علاوه به ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ۽ سچل چيئر واري بياض ۾ لفظن جي تمام گهڻي ڦير ڦاڙ ٿيل آهي.... اڪثر بندن کي اڳتي پوئتي به ڪري نقل ڪيو ويو آهي.
محترم محمد علي ”حداد“ ٻنهي شاعرن جي فڪري اڏام جو فرق هن ريت لکي ٿو: ”سچل ۽ سيد ثابت علي شاهه مان مرثيه گوئي ۾ اوليت ڪنهن کي آهي؟ انهيءَ معمي کي حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي حضرات جي مرثين جي تقابلي اڀياس بعد هيٺيان نقطا نروار ٿين ٿا؛
1. مرثيه نگاريءَ جي لوازمات مان ربط ۽ تسلسل جو هجڻ تمام ضروري آهي. سچل سرمست جي مرثين ۾ ربط ۽ تسلسل ناپيد آهي. جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا مسلسل آهن.
2. سچل سرمست پنهنجن مرثين ۾ ڪربلا جي سمورن واقعن کي کٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه هر هڪ حسيني فرد تي عليحده عليحده مرثيا لکيا آهن
3. سيد ثابت علي شاهه پنهنجن مرثين ۾ حسيني افراد جو جنگ جي ميدان طرف وڌڻ، جنگي هٿيارن جي واکاڻ، رجز خواني ۽ شهادت تي ماتم جو ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سچل سرمست جا مرثيا انهيءَ چئن مرحلن کان خالي آهن.
4. سچل سرمست جا مرثيا هئيت جي لحاظ کان صرف چو مصرع آهن. جڏهن ته سيد ثابت علي شاهه جا گهڻا مرثيا مسدس ۾ آهن. دراصل مسدس ئي مرثين جي ڍول لاءِ نهايت مفيد آهي، اهوئي سبب آهي جو اردو ۽ سنڌي جا شاهڪار مرثيا مسدس ۾ ئي منظوم ٿيل آهن.
(خيرپور رياست جي شاعرن جي مرثيه گوئي، ص 48، 49)
سچل سائين جو ٻيو مرثيو
هائي هائي !سوزٿيو سردارجو
سڀ ملڪ ۾ ماتم پيو مختيار جو
عرش حورن ۾ ٿيو ديدار جو
عرش اعظم ۾ پيو اسرار جو
(1)
سر مٿي نيزي ڪفارن چاڙهيو
هئه اکين مان آب حورن هاريو
ڪئين ڪفارن محب اهڙوماريو
درد ٿيو درمان آ دل يار جو
(2)
هئه ڪيون زايون جو زين العابدين
هئه جيڏو ئي ظلم آيو سر زمين
ڪيئن ٿيا قتل دوستسي دلدار دين
آهه صد افسوس يڪ دل يار جو
(3)
راز روئي ٿي ڏنائين اوڇگار
هئه اهي ڪاٿئون لهان يا ربيار
خاڪ ۾ غلط شائق شهسوار
آهه الله ڄاڻيندڙ اسرار جو
(4)
هئه ابو قاسم اڳيان رويون چوي
دانهن ڪيو هر درد مان پيرن پوي
خاڪ سان اچ ڪيئن گڏيو هاء!هئي!
ڪيئن اسانکي ڪيو پاڻئون ڌار جو
(5)
هئي ادا تو پوء جيئڻ مون ڇا ڪندو
آهين تون اولاد تنهن سرور سندو
ڀي آهيان آ ءُتا تنهنجو بيشڪ بندو
آه تاسف ڳالهه هن تڪرار جو
(6)
ٿي جدائي وچاسان تنهنجي وڏي
ڪربلا جي دشت مون لالڻ لڏي
پاڻ ڏي پرور اها تان صف سڏي
جئين ڏسي تيئن ڪٽڪ سڀ ڪفار جو
(7)
هي ادا يارو اسان سان ڇا ٿيو
ڪربلا۾ قهر تان ڪيڏو ٿيو
پوءِ اوهان کان ڪندو منهنجو جيئو
غم وڏو آهي سندو غمخوار جو
(8)
ضرب مُون زاريون وڏيون زيلان ڪيون
زار زاريون بادشاه چوڏس چيون
هاءِ ملڪن جي ڪنين دانهون پيون
هئي اوراتو پيو منجهه مختيار جو
(9)
ٿي کنيا هئي سر ڪڏهن سردار ٿي
ڀي ڪلهن تي چاڙهيا مختيار جي
خاڪ سان آلود اڄ سالار سي
سر لنگهيو اڄ ڏينهن هي اعتبار جو
(10)
اي ادا يارو مونکي هيڪل ڇڏيو.
وقت ۽ تصديح کئون لائق لڏيو
جيئڻ هن کئون ڇو نه پاڻ سان گڏيو
هن ڏکن ۾ هڪ آيس سردار جو
(11)
هائي باقي آهيان اولاد آنءُ
ڪيئن ڪفارن کئون ٿيان آزاد آنءُ
هئي اوهان کئون پوءِ ٿيس اختاد آنءُ
ڪيم ڪشالو سر مٿي هموار جو
(12)
هاءِ بيٺي رنائين زار و زار ٿي
هئي ڀريائين شوق مون شوڪار ٿي
هئي وڃي ڪاڏهئون لهان سردار سي
هئي جيڪس هو هئين حڪم ڪرتار جو
(13)
هڪٻئي جي منهن مٿئون دانهون ڪري
اثر ۽ افسوس جون آهون ڪري
هئي قتل جي جاءِ تي ڪيهون ڪري
هائي هئي هئي ۾ پيو هوشيار جو
(14)
. . . . . . .
. . . . . .
. . . . . . .
. . . . . . .
(15)
هئي هئي گهوماٽ ۾ گهوريو گهمي
پيرشهدائن جا چاهئون چمي
خاڪ سر هڻي سوزئون هر هر سمهي
عالمن ۾ آهي ڏک اظهار جو.
(16)
زين العابد شاه کي ڀاڪر پيو
جان ۾ جامو سندس ڳاڙهو ٿيو
خاڪان جي خون ۾ پيهي ويو
ٿيو سچو طالب انهيءَ ديدار جو
(17)
عرش اعظم۾ اچي دانهان ٿيو
هئي قتل جي جاءِ تي ڪهيان ٿيو
هئي اکيون ملڪن جون پاڻيءَ سان پسيون
ڪربلا۾ غضب ٿيو غفار جو
(18)
رت جو هئي ويس ملڪ نڪيو ٿي
هئي وڏو افسوس ماتم ٿيو ٿي
زلزلو هئي هئي زياده ٿيو ٿي
نانهه مٿو گرد ۽ غبار جو
(19)
ٿيو امر الله ڏهون ميڪائيل کي
حڪم عزرائيل جبرائيل کي
ڪل ملڪ سان حڪم اسرافيل کي
سڀ وڃي ماتم ڪيو مختيار جو.
(20)
خاڪ تي ڪل ملڪ سڀ ويهي رهيا
زين العابد جي اڳيان ماتم پيا
عرض تن احوال ڪوڙئين ڪيا
حڪم ٿيوهي اصل کئون قهار جو
(21)
هئي اٿي تون خاڪ تئون هوشيار ٿي
امر الله ڏهون ٿيو اظهار ٿي
يار آيو يار ڏي آڌار ٿي
ڪين ڪر واسواس تون هڪ وار جو
(22)
تون منهنجو آن، تنهنجو ئي آهيان
ٻاجهه توتئون ڪونه لحظو لاهيان
تو جيهو ٻيو ڪونه آئون ڀانئيان
تون آهين يار اسانجي يار جو
(23)
زين العابد هن خوشي خوشحال ٿيو
ذات جو ظاهر مٿس پر تو پيو
پوءِ تان سڀ عمر خماري رهيو
اصلهو واقف انهيءِ خمار جو
(24)
هئي جي دانهون ٿي ڪيون زين العباد
ٿي ٻڌيون ات لعنتي ابن زياد
ڏمر مان آيو اٿي سان عمر سعد
آل تي ڪيائين اهڙي ڀلڪار جو.
(25)
هئي وٺڻ ڪاڻ ڪيو ڪافر شتاب
هئي ڏيکاريو حر کي تنهن تيز تاب
قهر مون ڪي جو چيائين نا ثواب
(26)
ناز تنهنجو ڪير ٻيو کڻندو اتي
سخن تنهنجو ڪنهن ته بي وڻندو
روئڻ تنهنجو ڪير ٻيو سڻدو اتي
ماٺ ڪر تون خاص خبردار جو
(27)
اي نينگر روئڻ تنهنجو افراط ويو
چوڻ آکڻ سڀ تنهنجو برباد ويو
صبح تنهنجو شام ڏي تيار هو
آهين تون اولاد تان ڪرار جو
(28)
قتل ڪياسي سڀ سندوءِ سردار جي
آءُ لهي اول اهي گلزار جي
جي جماعت تا تنهنجي لهه سار جي
تون وڃي باقي رهين هڪ ٻار جو
(29)
خارجيءَ کي هئين چيو جاني جواب
هئي سگها ٿيندءُ اوهين خاطي خراب
ڪئين پيدا ٿيندءُ سڀئي يوم الحساب
منهن ڪارو ڪافر مئي منهن ڪار جو
(30)
آءُ اهو ئي آهيان سردار جو
سو علي سوئي حسن هوشيار جو
سو حسين آئون آهيان سالار جو
جي هئين طالب انهيءَ ديدار جو
(31)
دين دنيا لڳ اسان اظهار ٿيو
عرش ڪرسي آسمان تڪرار ٿيو
ڪل موجودات سڀ سنسار ٿيو
آءُ آهيان سردار سڀ سنسار جو
(32)
ملڪ ماڻهو ڪل موجودات ٿي
لڳ اسانجي ظاهرا ئي ذات ٿي
ديو جن بر بحر ڏينهن رات ٿي
ڪيئن اوهانکي پلڪ پيو پندار جو
(33)
ڪانه ٿو ساڃاه اوهان کي شاه جي
ناه ڪا هيبت اوهان الله جي
ڪانه ٿو محبت محمد ماه جي
آءُ آهيان ساري ملڪ سردار جو
(34)
آخر الامر سڀئي همسوار ٿيا
ڪل چونڪي شاه جي چوڌار ٿيا
سڀ روانا شام ڏي تڪرار ٿيا
ويا وٺي سرور سڀئي سالار جو.
(35)
سچيڏنه ان ڳالهه کئون خاموش ڪر
روز شب تون ڪو هئين جو هوش ڪر
ابن معاويه جي مٿان پاپوش ڪر
آه دشمن ست پيڙهيو سردار جو
(36)
آه لعنت اول ابن زياد تي
شمر ذلجوشن ۽ عمر سعد تي
سو يزيدن جي سندن اولاد تي
گل ڇنو جن شاه جي گلزار جو.
(37)
ڳالهه ڳوري ۽ مختصر ڪيم ڪلام
سو چئون واجب ناهي والسلام
ڪيم ايهو مرثيو تيلان تمام
هو ازل ۾ حڪم حڪمدار جو
(38)
ڏينهن هي جي شاه جي شوقئون روئي
سو نبيءَ عليءَاڳيون هر دم هووي
سو ڪندوواهر مٿس مالڪ مئي
قول آهي هي سندن اقرار جو
(39)
آل تئون هي جند تصدصق جان ڪر
جند جان سو ڪلئي قربان ڪر
زلزله جي ڏينهن جو ارمان ڪر
جوش جيءُ ۾ رک تهين جهونجهار
سچل سرمست جي مرثين جو تعداد
1. يا امام المسلمين وارو مرثيو. . . . . 109 بندن تي مشتمل آهي.
2. ڪيڏاري جي دوهن جو تعداد . . . 21 آهي.
3. هائي هائي سوز ٿيو سردار جو. . . . . . 39 بندن تي مشتمل آهي.
سچل سرمست جي مرثيي تي شايع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب
(تحقيق ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، قلمي بياض، مونوگراف، ٿيسس)
1954ع ۾ سڀ کان پهرين احسان بدوي سنڌي مرثيي جو هڪ اجمالي اڀياس پيش ڪيو.
1967ع ۾محمد علي ”حداد“ پنهنجي ايم اي جي ٿيسز ۾”خير پور رياست جي شاعرن جي مرثيه گوئي“ ۾ سچل سرمست جي مرثيي تي به تحقيقي ڪم ڪيو آهي.
سچل سرمست جو مرثيو (تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري)
سچل سائين ۽ درازي فيض، تحقيق: اختر درگاهي
حواله؛
1. مرتب: مولانا حڪيم محمد صادق راڻپوري ”رسالو سچل سرمست“ (سرائيڪي ڪلام)، سنڌي ادبي بورڊ، ص
2. مرتب مصنف: مشتاق مسرور باريچو، ڪتاب جنرل سنڌي، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، سال 14-2013، ص95.
3. ايضاً، ص382.
4. تحقيق: ڊاڪٽر مخمور بخاري، سچل سرمست جو مرثيو، سنڌ ثقافت کاتو، سال 2014، ص19.
5. ايضاً، ص21.
6. عبدالقيوم صائب، سيد ثابت علي شاهه شخصيت ۽ شاعري، محفل شاهه نجف روشن جو پڙ، ٽنڊو ولي حيدرآباد سنڌ، ص