لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ھن تحقيقي مقالي ۾ سچل سرمست جي سوانح، سچل سرمست جا مرثيا، سچل سرمست جي مرثيي تي شائع ۽ مرتب ٿيل ڪتاب، سنڌي مرثيي جي تاريخ، فڪر ۽ فن، سنڌي مرثيي جي وصف، گهاڙٽو ، سنڌي مرثيي جي تاريخ  ۽ اوسر  بابت ليک موجود آھن. ان کانسواءِ سچل سرمست ۽ ان جي همعصر مرثياگو شاعرن سيد ثابت علي شاه (سهيوگي)، بيدل (قادر بخش بيدل)، محمد يوسف (نانڪ يوسف)، فقير غلام حيدر گودڙيي ۽ خير شاهه جي سوانح حيات ۽ رثائي ڪلام شامل ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ خيرپور جي عزاداريءَ ۽ مرثيي جو مقام، روهڙي جي عزاداري ۾ مرثيي ۽ زاري جو مقام ۽ سنڌي مرثيي بابت اديبن جا رايا پڻ شامل آھن.

Title Cover of book سچل سرمست ۽ سندس دؤر جا مرثياگو شاعر

ليکڪ جو تعارف

ھوءِ جنھن جي دل درازا آھي، جنھن جي رت ۾ سچل جو مرثيو آھي، ھوءِ جنھن جي پيرن جا نشان لطيف يونيورسٽي سنڌي شعبي مان لڀن ٿا، ھوءِ ريشمي وارن واري ڇوڪريءِ جنھن جو قد پورو آھي، ۽ طبيعت م زلزلو، ھوءِ جيڪا بک کان وڌيڪ ماڻھن جي احساسن کي محسوس ڪندي آھي، دل جي سدا بھار ڇوڪريءَ جنھن جي خوابن جون پاڙون ڊگھيون آھن، ھن جڏھن لطيف يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ پير رکيو ھيو، مونکي سنڌي لھجي کان وڌيڪ اردو لھجي جي لڳندي ھئي، جنھن جي اکيون تنھا ھيون، جنھن جي دل تنھا ھئي، جنھن جا پير تنھا ھيا، ھوءِ سڄي پنھنجو پاڻ ھوندي به، پاڇي کان به تنھا ھئي، ان وٽ خواب ھيو، اھو خواب جيڪو ھن جي ھمت بڻيو، ھوءِ جنھن پڪو پھ ڪيو ته ”سھڻي يار دي گھڙولي ڀردي ھان“ سچل جي مرثيي تي مقالو لکڻو آھي، جنھن سکر جي سوڙھين گھٽين م ڊگھا پنڌ ڪيا، جنھن ننڍپڻ کان ئي معصوم شاھ مناري تي درياءِ بادشاھ کي پنھنجي اکين سان وھندي ڏٺو آھي، ھن لطيف يونيورسٽي جي گلن کي خوشين ۾ لڏندي ڏٺو آھي، ھن ڏٺو آھي ته ڪنھن جي دل دوزخ، ڪنھن جي جنت آھي، ڇوڪرين جي اکين کي ورسٽي جي رستن تي ساوڻ جيان وسندي ڏٺو آھي ته ڪنھن جي ٽھڪن کي يونيورسٽي جي ديوارن ۾ جذب ٿيندي ڏٺو آھي، ھوءِ جنھن مشاھدا ڪيا آھن، ھوءَ جيڪا منھنجي وڏي ڀيڻ، آئون ان جو ننڍو ڀاء آھيان، منھنجي ھن سان شناسائي مشڪي رنگ، دل جي اڇي کير جھڙي دوست وقار ذريعي ٿي، جڏھن ھوءِ اڃا تنھا ھئي، پر ان جي کاٻي پاسي ھڪڙي دوست ھئي، اھا جيڪا ان جي ڏک، سک سان گڏ ڳوڙھن، ٽھڪن سان به ڀائيوار ھئي، ان جي اک ڦتڪندي ھئي جڏھن ان جي دوست ڪلاس ۾ نه ايندي ھئي، ھوءَ انھيءَ اولڊ ڪينٽين تي وڃڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيندي ھئي، سنڌي شعبي جي سيڙھين تي بينڪ واري پاسي ڏانھن اداس ويھي رھندي ھئي، جيتري طبيعت ۾ زلزلو آھي، اوتري ئي رشتن جي معاملن م سيريس رھندي ھئي، ھوءِ جنھن جي دل ”کل جا سم سم“ جو خزانو آھي، ھن صرف اخلاق سچائي، محبت، کي پاليو آھي، ھوءِ ڪوڙ سان نفرت ڪندي آھي ايتري نفرت جيئن جنگجو عورتون ھار سينگار کان نفرت ڪنديون ھيون، ھوءِ دل جي دلير آھي، ھوءَ مردن جيان اکيون اکين سان ملائي ڳالھائي سگھي ٿي، ھوءِ دودي جي خاندان مان آھي، مون اھو به ڏٺو آھي ته ڇوڪريون پنھنجا ڳوڙھا پنبڻين ۾ سنڀالي رکنديون آھن، استاد جي ٿورڙي ڌڙڪي تي الوٽ ٿي وھائي ڇڏينديون آھن، پر ھي ڇوڪري اولڊ ڪينٽين تي ويٺل ناليوارن ڪامريڊن جو بولتيون بند ڪري چڪي آھي، شايد ھي ڪنھن زماني ۾ عورتن جي سپھ سالار ھئي، مون چار سالن ۾ يونيورسٽي ۾ اھڙي بيباڪ دلير جنگجو پڙھاڪو ڇوڪري ناھي ڏٺي، مون پھرين ڇوڪري ھيءَ ڏٺي ھئي، جنھن جي کاٻي پاسي ۾ شينھن جھڙي دل ھئي، ڪجھ ڏينھن پھرين ميسج ڪري ان چيو ته منھنجي مقالي جي تعارف ۾ منھنجي باري ۾ توکي لکڻو آھي، پر ڇا لکڻو آھي، اھو سوچي وايون بتال ٿي ويون، مون سوچيو جنھن سچل جي مرثيي تي مقالو کنيو آھي انھيءَ تي لکڻ به ضروري آھي، آئون ء منھنجو سچل، جنھن جي بيتن مون کي موھيو آھي.

نڪي شيخ مشائخ يارو ـ نڪي مخدوم ٿياسين
نڪي ملان نڪي قاضي ـ نڪي معلم پير بڻياسين
نڪي ٺاھ ٺڳي جا ٺاھي ـ رنگ ساڻ رکياسين
سچل سوا عشق "الله" جي ڪو به ھنر نه سکياسين
”سچل سرمست“


اشفاق ٽانوري