لطيفيات

نوري، ناري ۽ عدم

هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 

Title Cover of book نوري، ناري ۽ عدم

ليکڪ پاران

شاهه سائين دنيا جي عظيم شاعرن مان هڪ آهي، بلڪه مهان شاعرن جو سرتاج آهي. سندس ڪلام پڙهندي، سوچ ۽ فڪر جا سوين روشن ترورا جرڪن ٿا.پر، افسوس جي ڳالھ اها آهي ته، شروع کان وٺي،اسان وٽ شاھ لطيف کي شاعر گھٽ، پر ڪاني ڪرامتن وارو پير، بزرگ يا درويش ڪري وڌيڪ مڃيو ويو. شاهه لطيف جي باري ۾ مختلف روايتن جي آڌار تي، مختلف ڪرامتون وغيره ٻڌايل آهن. جن جو تذڪرو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، مولانا دين محمد وفائيءَ جي شاهه لطيف جي لکيل سوانح ۾ ججھو ملي ٿو، ته عام ماڻهن ۾ به ڪيتريون ئي روايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. جيڪي اڃا تائين قلم بند نه ٿيون آهن. يا ته، اهي روايتون محققن ڄاڻي ٻجھي نه ڏنيون يا انهن تان نه پهتيون. بهرحال انهن مڙني روايتن مان جيڪا هڪ ڳالهه يا سوچ نمايان هئي، سا اها ته، شاهه لطيف اُمي يعني اڻ پڙهيل هو. هُن کي شاعري قدرتي طور اُڪلندي هُئي. پر اڳتي هلي، انهي سوچ کي رد ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي قلم کنيو ۽ ڪيترن ئي دليلن سان ثابت ڪيو ته، شاھ لطيف اڻپڙهيل نه، بلڪه تمام وڏو عالم ۽ مُفڪر هو. اُن کان پوءِ ڪيترن ئي ٻين محققن شاهه لطيف کي پير، مرشد، اولياءُ يا قدرتي ڪرامتن واري بزرگ بجاءِ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاڻايو آهي. انهن مان محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، سراج، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ هن دؤر جا ٻيا به ڪيترائي محقق شامل آهن.
ٻي پاسي اسان جڏهن شاھ لطيف جي ڪلام کي پڙهون ٿا، ته سندس هڪ هڪ سٽ فني ۽ فڪري اعتبار کان اعلى پايي جي نظر اچي ٿي. رسالي ۾ هزارين بيت آهن، جيڪي ٻولي ۽ فڪر جو وڏو خزانو آهن. سندس ڪلام پڙهندي پڙهندي حيرت ۾ وٺجي ٿا وڃون، ۽ خيال ٿو اچي ته، ڄڻ لطيف هڪ نه هو، پر ڪي سوين فرد هئا، جن اهو ڪلام چيو.
اها ڳالهه به ڪيتروئي وقت اڳ ثابت ٿي چڪي آهي ته،شاهه لطيف اُمي نه هو، هو تمام وڏو عالم ۽ مفڪر هو. هن سان گڏ هر وقت قرآن پاڪ، روميءَ جي مثنوي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام گڏ هوندو هو. هن جو گهرو مطالعو هو، ته همعصر عالمن جي رهاڻين مان به گھڻو ڪجھ پِرايائين. سندس مطالعي سان گڏ جيڪو مشاهدو هو، سو ته سندس عظمت جو بنيادي مُحرڪ هو. دنيا جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ تي تحقيقي انداز ۾ تمام گھڻي ڇنڊڇاڻ ٿي آهي. ايتري قدر جو تنقيد جي دنيا ۾ اِهو اصول جُڙي چُڪو آهي، ته جنهن به تخليقڪار کي بهترين نقاد نٿا ملن ته اُهي، پوري دنيا جي ماڻهن تائين متعارف به نٿا ٿي سگھن. شيڪسپيئر کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرائڻ وارا بهترين نقاد Leo Tolstoy, Methew Arnold ۽ J. Bernard Shaw آهن. اهڙي ريت، ڪنهن به آرٽسٽ کي جيستائين بهترين نقاد نٿو ملي، تيستائين اُهو صحيح ۽ مُڪمل متعارف نٿو ٿئي.
اسان وٽ گھڻي قدر بدقسمتي سان تنقيد رڳو ڪيڙا ڪڍڻ، ذاتيت تي وار ڪرڻ ۽ تنقيد براءِ تنقيد ئي رهي آهي. تنهن ڪري تنقيد پنهنجي اصلي معنيٰ وڃائي ويٺي آهي ۽ تنقيد لفظ رڳو منفي تاثر ئي ٿو ڏئي. مطلب ته رڳو ڪنهن به فن پاري جا عيب، خاميون ڪڍڻ کي تنقيد سمجھيو ٿو وڃي. تنهن ڪري تنقيد تمام مشڪل سان برداشت ٿي ڪئي وڃي.
ٻي پاسي شاهه لطيف جنهن کي ڪيترائي ماڻهو شاعر بجاءِ صرف، پير، بزرگ، درويش يا اولياءُ سمجھن ٿا، ۽ انهن جو عقيدو آهي، اُهي سندس ڪرامتن ۾ يقين رکن ٿا. انهن اڳيان لطيف تي تنقيد جي ڳالهه ٿي ڪجي ته، اُهي ڪاوڙجي ٿا پون. هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته، شاهه لطيف شاعر ناهي ڇا؟ آرٽسٽ ناهي ڇا؟ سندس شعوري ارتقا نه ٿي هئي ڇا؟ ڇا هو ڄمندي ڄام هو؟ جيڪڏهن ايئن هو، ته پوءِ پاڻ ايئن ڇو چيو ته، ڏات ناهي ذات تي، جو وهي سو لهي. ڇا سندس سڀ سٽون، سڀ بيت، سڀ وايون فني ۽ فڪري حوالي سان هڪ جھڙيون آهن؟ ڇا انهن جي فن ۽ فڪر تي تنقيد جي اصولن تحت ڳالهائي سگھجي ٿو؟
شاهه لطيف انسان هو. هو پيدا ٿيو، ٻار به هو، هن جي پرورش ۽ تربيت ٿي،هونوجوان ۽ جوان ٿيو، سندس اندر جذبا ڦُٽا،پڪو ۽ پوڙهو ٿيو. مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ڏاهپ پيدا ٿي. طبعي ۽ سماجي زندگيءَ جا سڀ مرحلا گذاريائين.هُو دنيا جي ٻين شاعرن وانگر شاعر هو. شاهه لطيف سان اها وڏي ناانصافي آهي ته، سندس شاعريءَ کي نه هئڻ برابر پڙهي ٿي وڃي، ۽ ان تي ڳالھائڻ ته ڪبيرا گناههآهي.ان جو ڪارڻ صرف پير پرستي آهي. جيڪي اڻپڙهيل آهن، انهن تي ته ميار ناهي، باقي جيڪي پڙهيل لکيل آهن، انهن مان به اڪثريت جي نظر ۾ شاهه لطيف شاعر کان وڌيڪ پير، بزرگ ۽ اولياء آهي.ان سان ناانصافي اها آهي، جو اسان کيس پنهنجي پنهنجي سوچ جي سانچي ۾ فٽ ڪرڻ ٿا چاهيون. جن کي سندس شاعريءَ جي خبر ناهي، اهي کيس صرف ولي، بزرگ يا پير سمجهي سندس مزار تي وڃي باسون ٿا باسين. ڪيترائي پڙهيل لکيل جيڪي ڪجهه قدر شاعري پڙهن ٿا، اهي به حقيقت پسند ناهن، اهي به عقيدن جي ڏاوڻن ۽ نيئرن ۾ قابو آهن. هو ڀُلجي ٿا وڃن ته انسان زندگيءَ جي هر لمحي ۾ سکي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو اڻڄاڻائي سبب جيڪا اڄ ڳالهه ڪري ٿو، ڏهن يا ويهن سالن کان پوءِ مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي سمجهڻ کان پوءِ انهيءَ کي غلط چوي. شاهه لطيف ڪچي وهي کان شعر چوڻ شروع ڪيا هئا، ۽ حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ به ڪلام چيو. اسان اها توقع ڇو ٿا رکون، ته 40 يا 50 سالن جي ڊگهي عرصي وارا ٻئي شعر هڪ سوچ، هڪ فڪر وارا يا فني اعتبار کان به هڪجيترا مضبوط هجن.
شاہ لطيف جي شاعريءَ ۾ فڪري ۽ فني حوالي سان ارتقا جا مرحلا پسي سگهجن ٿا، جيڪي ان ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا ته شاهه لطيف هڪ شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ کي تنقيدي ۽ تحقيقي اصولن تحت اڀياس ڪري، پرکي سگهجي ٿي. مثال جي طور:

يار سڏائي سڀڪو، جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پئي ڪل پئي.

يا وري

اڳي ايئن هياس، جيئن اڀ ۾ ڪڪر،
هاڻ ايئن ٿياس، جيئن اک ۾ ڪڪر.

اهي بيت يا ڪجھ ٻيا بيت فني ۽ فڪري اعتبار سان اُن سطح جا ناهن، جنهن سطح جا ٻيا هزارين بيت آهن. ممڪن آهي، اهڙا بيت شاهه صاحب جي شروعاتي شاعريءَ منجھان هجن. اسان جيڪڏهن اهڙو ڪو فني ۽ فڪري حوالي سان ڪَسو بيت ڏسون ٿا، ته يڪدم اِهو چئي ٿا ڏيون ته، اِهو شاهه لطيف جو بيت ناهي ڇا هر بيت اعليٰ پايي جو شاهڪار هجڻ گھرجي؟

ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيو آهي ته، شاهه لطيف کان اڳ يا همعصر شاعرن مان ڪنهن به هڪ جو بهترين بيت شاهه لطيف جي نالي چوندي ٻڌون ٿا. مثال طور، مخدوم نوح جو هيٺيون بيت اڪثر ماڻهن کي شاهه لطيف جو بيت چوندي ٻُڌون ٿا.

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانئيو ماڙهوئان،
روئي ڇُڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.

مطلب ته، شاهه جو ڪوبه بيت ڪسو نٿو ٿي سگھي، ۽ ٻيو ڪوبه شاعر شاهه کان بهتر بيت نٿو چئي سگھي.منهنجي خيال ۾ ، اِهو رويو غير منطقي آهي.
ٻئي ڳالهه ته،شاهه لطيف سماج ۾ رائج قصن ڪهاڻين کي تمثيلي طور کنيون، تاريخي طور اهي ڪيتريون سچيون ۽ مستند هيون،لطيف ان کي اهميت نه ڏني. مثال طور، مارئي ذات جي ڪير هئي، اصل ڳوٺ ڪهڙو هو، آخري آرام گاهه ڪٿي آهي، مارئي اصل ۾ هئي به يا نه. يا وري راڻو هر رات سڀنيءَ کي سمهاري، امرڪوٽ مان اٺ تي نڪرندو هو، لُڊاڻي پهچي، مومل سان پيار ونڊي، اسُر ويل ماڻهن جي اٿڻ کان اڳ ۾ امرڪوٽ واپس ڪيئن پڄي ويندو هو؟ شاهه لطيف انهن داستانن کي صرف تمثيلي طور کنيو، جيڪي سماج ۾ عام رائج هئا. ڪيترن ئي دوستن کي انهن داستان کي مستند ثابت ڪندي، ڀٽائيءَ جو حوالو ڏيندي ٻڌون ٿا، جڏهن ته ڀٽائيءَ جي ويجهو اها ڳالهه اهم ئي نه هئي.
عقيدتمندي، جو وڏو نقصان اِهو آهي، اسان ڪنهن به مفڪر شاعر، فلاسافر يا ڏاهي جي ڳالهين کي سمجھڻ، انهن کي پنهنجي زندگيءَ سان لاڳو ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، انهن کي پڙهون ۽ ٻڌون ئي نٿا. نتيجي ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اها صورتحال ٿي پيدا ٿئي ته،انهي مفڪر کي اسان پير، بزرگ، اولياءُ سمجھندي، اسان ايئن ٿا قبولڻ لڳون، ته هُن جيڪي ڳالهيون ڪيون،اُهي اسان جي حيثيت کان مٿڀريون آهن، انهن تي عمل ڪرڻ، انهن مطابق زندگي گذارڻ ناممڪن آهي. ڇو ته، جنهن چيو اُهو ته هو ئي پُهتل درويش، اسان ته آهيون گناهگار، اسان جي وس ۾ ناهي، جو انهن مطابق زندگي گذاريون.
اِهو سڀ ڪجھ اسان شاهه لطيف جي شاعريءَ سان ٿيندي ڏسون پيا، ۽ سندس ڪيترائي بيت هِن دؤر جي ماڻهن جي سوچ، سمجھ ۽ سطح جي حساب سان جھڙوڪ ڪم جائي ناهن. ايندڙن نسلن مان انهن تي عمل ڪرڻ جي اميد رکي سگھجي ٿي الائي نه، اِهو هڪ الڳ سوال آهي.
انهي نڪتي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثال ڏيئي سگھجن ٿا.
انهن مان اهم مثال مهاتما ٻڌ جو آهي. هُن برهمڻ ازم جي اجاراداري خلاف بغاوت ڪئي هئي، ڪيترائي سال فڪر، غور ۽ سوچ ڪرڻ کان پوءِ کيس نرواڻ / حقيقت جي جيڪا خبر پئي، هُن اُها ٻين ماڻهن کي ٻڌائي، انهن ئي کيس ڀڳوان جو اوتار ڪري پوڄڻ شروع ڪيو. نتيجو اهو نڪتو آهي، جو سندس اهمسا (اهنسا) جو فلسفو مِري چڪو آهي، ۽ جيڪي ٻوڌي ڀڪشو پيرين اگھاڙا گھمندا هُئا، صرف انهي ڪري ته جُتي پائڻ سان ڪا ماڪوڙي يا ٻيو جيت مري نه وڃي، يا اُهي ڪنهن به جاندار کي ذبع ڪري کائڻ جي بجاءِ، سندس فطري موت کان پوءِ کائيندا هُئا. اُهي ئي ٻوڌي اڄ ڪلهه انسانن کي ڪُهن ۽ بي دردي سان مارين پيا.
هتي هڪ ڳالهه عرض ڪندو هلان، ته ڪنهن جو احترام ڪرڻ، عزت ڪرڻ، ڪنهن سان محبت ڪرڻ ۽ انڌي تقليد ۽ عقيدتمندي ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. اسان سڀ شاهه لطيف سان عشق جي حد تائين محبت ٿا ڪريون. انهي محبت جي ڪري سندس شاعريءَ تي سوچڻ، ڇنڊڇاڻ نه ڪرڻ، سندس آرٽ سان ناانصافي جي برابر آهي.
آئون نه ڪو وڏو محقق، عالم يا لطيف جو پارکو ناهيان، بس لطيف جو عاشق آهيان، محبت ۾ پڙهندو رهندو آهيان، پڙهڻ دوران جيڪي سوال اڀريا ۽ خيال پيدا ٿيا، انهن تي رنڊا روڙيا اٿم. ڪٿي ڪٿي صرف سوال اٿاريا اٿم، جن جو جواب اڳتي هلي ڳولهينداسين يا جيڪڏهن ڪو ٻيو منهنجن سوالن کي صحيح سمجھندو ته اُهو انهن جا جواب تلاشيندو يا غلط سمجھندو ته انهن کي رد ڪندو.
هن ڪتاب ۾ موجود مقالا مون مختلف وقتن ۾ لکيا آهن. سُر سامونڊيءَ جي واين تي اعتراض وارا مقالا 2005ع ۾ لکيا هئا. لطيفيات ۾ مرزا قليچ بيگ جو مقام 2009ع ۾ لکيو هيم. جيڪو مرزا قليچ بيگ چيئر پاران بين القوامي ڪانفرنس ۾ پڙهيو هئم. ڪي ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ شايع ٿيل آهن، ڇاڪاڻ ته اِهي ڏهن کان ٻارهن سالن جي عرصي ۾ لکيل آهن. آئون پڙهندو رهيو آهيان، منهنجي سوچ ارتقائي سفر ۾ رهي آهي. ته ممڪن آهي سڀ هڪ معيار جا نه هجن. ڪيتريون ئي ڪچايون ڦڪايون، ۽ خاميون ممڪن آهن. گھڻ پڙهيا دوست جت به ڪچائي ڏسن اُتي رهنمائي ڪري، اصلاح ڪندا ته ٿورائتو رهندس.
آخر ۾ منهنجي محترم استادن پروفيسر ڪي. ايس ناگپال، پروفيسر محمد سليم ميمڻ،پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي،پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه جي وڏي مهرباني جن جي پڙهائڻ سبب لکڻ لائق ٿيس ۽ هي پورهيو ڪيم. پياري دوستڊاڪٽر شير مهراڻي جا لک ٿورا، جنهن جي ڪچهرينمان به گھڻو ڪجھ سکيم. ننڍڙي ڀاءُ لجپت راءِ ۽ ماسات ايڊووڪيٽ پرمانند راءِ لاءِ بيحد پيار جن اهو ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
آخر ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير محترم سائين سردار شاهه صاحب ۽ سيڪريٽري محترم سائين اڪبر لغاري صاحب جو بي حد ٿورائتو آهيان، جن اِهو ڪتاب شايع ڪيو.

ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئوڙن جا.

ڦُلُو ‘سُندر’ ميگھواڙ
ڪراچي، سنڌ.
15-01-2018