عورت، شاھ لطيف ۽ اسان
هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته، اِهو ايئن ڇو ٿو ٿئي، جو انسان شعوري حدن ۾ پنهنجي هستي ڇو وڃائي ٿو ويهي رهي؟ اِن جو جواب واضح آهي ته، انسان جڏهن شعوري عمر ۾ داخل ٿيندو آهي، ته سماج جي جوڙيل قانونن، قاعدن ۽ اصولن جي دائري ۾ ئي رهڻو ٿو پوي. مثال طور ٻاراڻي اوستا ۾ هُو بنا ڪپڙن جي آهي، ته حرڪت ناهي. پر جي شعوري عمر ۾ ايئن رهندو، ته سماجي بداخلاقي ۽ ڏوهه؛ يا ٻاراڻي وهي ۾ کيڏندو رمندو ڪنهن پاڙي واري جي گھر ۾ هليو ويو، ته اُهي پاڙيسري اُن ٻار کي ڏسي خوش ٿيندا. پر جي شعوري عمر ۾ ڪنهن جي گھر ۾ داخل ٿيو، ته لٺون ۽ ڪهاڙيون کڄي اينديون ۽ انساني رت وهي ويندو. اِتيهڪ ٻيو ٿو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا انسان آهي ئي ‘بداخلاق’؟ جنهن لاءِ سماج ضابطه اخلاق جوڙي کيس پنجوڙ ۾ قابو رکي. يا وري سماج جو ئي هٿ آهي، انسان جي فطري وجود کي اهڙو بڻائي، پوءِ وري قيد ڪرڻ ۾. اِهو اڄ به پنهنجي جڳهه تي هڪ وڏو سوال آهي.
انسان غارن ۾ رهڻ کان ويندي، سماجي جانور ٿيڻ جي پهرين ڏاڪي کان، اڄ جديد دؤر ۾ داخل ٿيڻ جي پوري سفر ۾، پنهنجو پاڻ سان ڇا ڪيو آهي ۽ جهڙي ريت پنهنجو پاڻ کي deal ڪيو آهي، اُن کي ڏسجي ته، تمام اهم سوال ٿو اڀري ته انهي سڄي سفر يا عمل مان ڇا هِن ترقي ڪئي آهي؟ اِن سوال تي عالمي سطح تي تمام گھڻو سوچيو ويو آهي، ۽ ڪيترائي فلاسافر انهيءَ ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته، اڄ جو انسان وڌيڪ حيوان آهي، بنسبت غارن جي دؤر جي انسان جي.
جتي جتي ڏاڍ، جبر، پرماريت ۽ استحصال رهيو آهي، ۽ ڏاڍ، طاقت، هيڻائپ، ڪمزوري جا concept ۽ اصطلاح جتي، جڏهن ۽ جنهن به سماج ۾ جنم وٺن ٿا ۽ اُتي ڪو وجود بيهودگين جي بنياد تي ڏاڍو ٿئي ۽ ڪو وجود فطري طريقي سان ڪمزور ۽ هيڻو ٿئي يا هجي. طاقتور، ڪمزور کي چٻاڙي وڃي ۽ انهيءَ هيڻن کي ڳڙڪائڻ واري عمل کي سماج پنهنجو قاعدو، قانون، اصول يا وري ضروري ريت ۽ رسم ٺاهي ڇڏي، ته انهيءَ سماج ۽ انهيءَ سماج جي تاريخ کي ترقي ۽ ترقي جو ارتقائي عمل چوڻ هڪ وڏي چُڪ هوندي. اِها ئي غلطي انسان عورت کي غلام بڻائي، پنهنجي ڏاٺ جي ذائقي طور استعمال ڪندي، اها ئي چُڪ ڪندو رهيو آهي.
انسان جيئن ئي کيتي واڙي ڪرڻ سکيو، ته هُن ڪم سڄو عورت کان ورتو. جيئن ئي عورت پنهنجي فطري جسماني ڪمزوريءَ جي ڪري مرد سان مهاڏو اٽڪائي نه پئي سگھي، ته ويتر وئي قابو ٿيندي. جنسي حاجت پوري ڪرڻ، ٻار ڄڻڻ، گھر جو سڄو ڪم ڪرڻ ۽ پوءِ وري ٻنيءَ جي ڪم ۾ پڻ جانور وانگر وهڻ. تڪليف ۽ پيڙا پڻ فطري آهي. تنهن ڪري تڪليف ۽ پيڙاهه ۾ عورت اهڙي غلاميءَ مان آزاد ٿيڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون، نتيجي ۾ جانورن وانگر سندس جسم کي ٽُنبي پيرن ۽ ڪنڌ ۾ رَسا وجھي قابو ڪيو ويو، پوءِ جيئن جيئن ڌاتو دريافت ٿيا، ته انهن جا ڪڙا ۽ والا ٺاهي، اُهي ڪنن، نڪ، ڪنڌ ۽ پيرن ۾ وجھي، سوگھي بڻائي وئي. اهڙي قيمتي ۽ اهم جيوَ لاءِ مردن هڪٻئي سان وڙهڻ شروع ڪيو، تنهن لاءِ سماج هڪ قاعدو گھڙيو ته، جيڪا جنهن جي هوندي اُهو سموري قبيلي اڳيان اعلان ڪندو ۽ سڀني کي خبر پوندي ته، ڪهڙي عورت ڪنهن جي آهي، پوءِ سڀئي گڏجي تسليم ڪندا، ۽ ڪير به ٻئي ڪنهن جي عورت ۾ هٿ نه وجھندو. اِهو اصول وقت گذرڻ سان گڏوگڏ رنگ برنگي ٿيندو ويو ۽ اڄ اُن کي ‘شادي’ سڏجي ٿو. ۽ اڄ جي عورت کي ‘شادي’ جي معاهدي هيٺ پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي، مرد جي پويان هلڻ ٿي لڳي.
انسان ڌرتيءَ جي گولي تي ڪروڙين سالن کان رهي پيو. انهيءَ پوري عمر ۾ انسان جي عقلي زندگي اڃا تائين تنجڻن ۾ آهي، هُن کي سماج ۾ جوڙي سماجي جانور جي حيثيت ۾ رهندي، سندس پوري عمر جي ڀيٽ ۾ بهرحال تمام ٿورو زمانو گذريو آهي. جيئن جيئن انسان سماجي جانور جي سڃاڻپ اختيار ڪندو رهي ٿو، تيئن تيئن مهذب ٿيندو پيو وڃي، غارن مان نڪري بنگلن ۾ اچڻ تائين جي سفر ۾ انسان پنهنجي شعور کي استعمال ڪيو آهي، ۽ اِهو شعور انسان فطرت جي قاعدن ۽ قانونن مان جوڙي ٿو، يا کڻي ايئن چئجي ته، انساني لاشعوري ۽ شعور نه صرف حالتن کي پيدا ڪندا آهن، بلڪه اُهي پڻ حالتن جي پيداوار آهن. انساني زندگي جي ارتقا، جيئن ئي پنهنجي ڌارا ۾ وهڻ شروع ڪري ٿي تيئن ئي، انسان کي سماج ۾ سڌو بيهڻ لاءِ ريتن، روايتن، رسمن (يعني سماجي اصولن ۽ قاعدن) جي رسين کان چوڌاري چوکنڀو ڪري ٻڌو ويو. ته جيئن ڪنهن به هڪ طرف لڙي ۽ ڪري نه پئي. توڙي جو انسان جي آزادي جيڪا پئي هر جانور وانگر فطري هُئي، تنهن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، پر ٻئي پاسي ڏسجي ته اُنهن قاعدن قانونن ۽ پابندين انسان کي پنهنجن جبلتن ۾ محدود ڪري ٻين جانورن کان منفرد ڪري بيهاريو آهي. اِهي سڀ اصول، قاعدا ۽ پابنديون وقت جي ضرورت تحت ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون ۽ رهن ٿيون. انهن سڀني اصولن کي زور ڏيڻ ۽ وري وري ۽ مختلف انسانن جي عمل ڪرڻ ڪري اُهي ريت ۽ رسم جو روپ اختيار ڪري ويو. ڪيتريون ئي رسمون اهڙيون آهن، جيڪي ڪنهن مخصوص انساني طبقي تائين محدود وقت تائين هلنديون رهيون، ته ڪي رسمون تقريباً 90 سيڪڙو انسان انهن کي پنهنجائي ويو ۽ هزارين صدين جي وقت تائين پڻ هلندڙ رهيون ۽ رهن پيون. مجموئي طور ڏٺو وڃي ته ڪابه ريت يا رسم قطعي ناهي، لافاني ناهي، هر رسم زمان ۽ مڪان ۾ پنهنجي حيثيت رکي ٿي.
انسان پنهنجي سماجي زندگي بهتر کان بهتر بنائڻ لاءِ جيڪي به رسمون پنهنجائيون، انهن سڀنيءَ مان شادي نه صرف اهم رسم آهي، بلڪه انساني زندگيءَ جي بنيادي ۽ مرڪزي رسم آهي، جنهن جي چوڌاري ٻيون به ڪيتريون ئي سنهيون ٿلهيون رسمون گھمن پيون. انسان جيڪڏهن شاديءَ جي بنيادي مقصد تي غور ڪريون ته، اِهو سمجھ ۾ ايندو ته شاديءَ جي رسم هڪ اهڙو عهد نامو آهي، جنهن تحت هڪ انسان پنهنجي مفاد خاطر ٻئي انسان کي قيد ۾ رکي ٿو.
انسان جيئن ئي پنهنجو دماغ استعمال ڪيو ته، هو طاقتور ۽ وحشي جانورن کي به پنهنجي تابع ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ ڪيترائي جانور انسان کان ڀؤ کائڻ لڳا ۽ انساني آبادي کان پري ڀڄندا ويا. نتيجي ۾ انسان کي هڪ هنڌ ويهڻ جو موقعو مليو ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ غارن کان سواءِ پنهنجا جھوپڙا به اڏڻ لڳو ۽ انهي وقت دؤران کيتي ٻاري جو ڪم به سکيو ۽ زراعت تي ڀاڙيندي ئي ‘پنهنجي’ هجڻ جو خيال اڀري آيو ۽ انسان هر شيءَ تي مالڪي جي اک رکڻ لڳو. اِها مالڪي واري اک سڀ کان پهرين مختلف جانورن تي ٻئي، جنهن ۾ ڍڳو، ٻڪري، گڏهه ۽ اٺ وغيره اچي وڃن. انهن جانورن جي ذريعي ڪم کي آسان ڪرڻ لاءِ، کيتي ٻاري جو ڪم ڪيو. انهيءَ کان پوءِ انسان جي اندر اچي ٽاڪوڙو پيو ته جيڪو به فطري طور تي ڪمزور هو، اُنهي ڪري پنهنجي طابع کي ڪُٽي ماري، انهيءَ کان ڪم ڪرايو ويو. ڇاڪاڻ ته اڃا تائين انهن ۾ انسان هئڻ جي سمجھ نه هئي، هو ٻين جانورن وانگر ئي هئا، ۽ جيئن جيئن جانورن کي پنهنجي تابع ڪرڻ جو سلسلو هليو ته ڍڳي کان پوءِ عورت کي قيد ڪري ڪم ورتو ويو. ڇاڪاڻ ته عورت مرد جي ڀيٽ ۾ جسماني طور تي ڪمزور هئي ۽ آهي. انهي ڪري انهي کي به قيد ڪرڻ جي ضرورت انهي وقت پيش آئي ته ڍڳي کي ڪير هلائي. اهڙي طرح عورت کي پڪڙي پڪڙي قابو ڪري کيتي ٻاريءَ جو ڪم ڪرايو ويو. ڇاڪاڻ ته صرف جسماني طور تي ڪمزور ۽ قابو ڪري هر ڪم صحيح ۽ ٺيڪ وقت تي وٺڻ ايندو آسان نه هو، ڇو ته عورت پڻ هڪ انسان آهي، ۽ هوءَ پڻ هڪ سوچيندڙ وجود آهي. تنهن ڪري کيس نفسياتي طور تي قيد ڪرڻ لاءِ اِهو منطق (Logic) ٻڌايو ويو ته ڌرتي ۽ عورت ۾ ڪو به فرق ناهي، ڌرتي به پيدائشي محرڪ آهي، ته عورت به. ڌرتي به پالي وڏو ڪري ٿي ته عورت به. ڌرتي پنهنجي وجود مان کاڌو خوراڪ ڏيئي جيت ۽ جڻن ۽ وطن ٽڻن کي پالي ٿي، ته عورت نه پنهنجي ٻچن کي ٿڃ پياري ٿي. انهي ڪري ڌرتي، عورت آهي ۽ عورت ڌرتي آهي. ڇاڪاڻ ته ڌرتي پالڻ سان گڏ ڏمر ڪندي هئي زلزلن جي روپ ۾ ڪيترو ئي نقصان ڪندي هئي، انهي کان بچڻ لاءِ انسان ڌرتي کي ماتا چئجي انهي جي پوڄا ۾ لڳي ويو، هاڻ ڌرتي ۽ عورت ۾ ڪو ئي فرق نه هو ته عورت جي پوڄا پڻ لازمي هئي. انهي ڪري عورت ۽ عورت جي جنسي عضون جي پوڄا ڪئي وئي، انهي جو مثال ڪيترن ئي تهذيبن سان گڏ موهن جي دڙي مان ملي ٿو، جتان عورت جا مجسما مليا آهن، جن کي ڌرتي ماتا چيو ويو آهي. ۽ اِهو مذهبي اصول مڃيو ويو ته مها پوڄاري جنهن کي چاهي ڌرتي ماتا جو درجو ڏيئي ۽ انهي کان پوءِ صرف پاڻ ئي اُن سان جنسي تعلقات رکي.
اهڙي ريت، جيئن ئي عورت کي، استعمال جي شئي سمجھي، قيد ڪري، مالڪ ٿي ويهڻ جو رجحان شروع ٿيو، ته جنهن کي جيڪا هٿ پئي آئي، ته هُو انهيءَ کي پڪڙي رهيو هو. نتيجي ۾ مردن جا جھيڙا شروع ٿيا، ڇو انهي جي خبر نه پوندي هئي ته هِن جو (عورت جو) اڳ ۾ به ڪو مالڪ آهي، پوءِ ڇا ٿيو جو جنهن به جيڪا به عورت قابو ڪئي ٿي، انهي کي جھلي، پوري سماج اڳيان بيهي ڪري، عورت جو هٿ جھلي، اِهوچيائين ته “اِها منهنجي آهي، انهي طرف ڪوبه اک کڻي نه ڏسي.” اهڙي طرح جيئن جيئن انسان جي سوچ اڳتي وڌي، (جنهن ۾ عورت جي سوچ به شامل هئي، جيڪا پڻ ارتقائي مرحلي ۾ رهي، ڇاڪاڻ ته اُها به انسان آهي) انسان جا مفاد به مضبوط ٿيا. جنهن جي ڪري اِهو مشڪل ٿي ويو ته ڪير به ڪنهن به جھلي مالڪي ڏيکاري. تنهن لاءِ انساني سوچ هڪ مضبوط، منظم ۽ اخلاقي طريقو ڳولهي ڪڍيو، جنهن کي شاديءَ جو نالو ڏنوويو. توڙي جو وقت جي تبديليءَ سان گڏ عورت جي استعمال جا اوائلي مقصد نه رهيا آهن، پر شاديءَ جي رسم جي جوهر ۾ نفسيات اها آهي ته عورت کي قيد ڪري پنهنجي مرضي مطابق ڪم وٺڻ آهي، جيڪي هينئر ته گھرجي ڪم کان وٺي مڙس کي ڀيڙون (روز) ڏيڻ کان ٿيندي، ٻار پيدا ڪرڻ تائين آهي. اصل مقصد عورت کي قيد ڪرڻ آهي، پوءِ انهي جي مٿان شاديءَ جي رسم جھيڙي جرڪندڙ ۽ چمڪندڙ چادر ويڙهي، انهي قيد رومانوي بنيايو ويو آهي.
وقت گذرڻ سان گڏ مختلف سماجن ۾ ڪي مفڪر، ڏاها ۽ پيغمبر پيدا ٿيا، جن عورت جي آزاديءَ جي حوالي سان ڪي قاعدا، ڪي قانون جوڙيا. انهن مان هڪ اِهو به هو ته عورت کان سندس رضامندي ورتي وڃي. وري به وقت گذرڻ سان گڏ مردن پنهنجن مفادن خاطر ڪڏهن رضامندي نه ورتي ته ڪڏهن زبردستي ها ڪرائي وئي، سندس اندر جي ڳالهه نه ٻڌي وئي، پنهنجن سماجي ۽ معاشي فاعدن لاءِ جنهن سان وڻيو تنهن سان پرڻائي وئي..
شاهه صاحب جڏهن اِهو ٿيندي ڏٺو ته، هُن انهيءَ جي خلاف نه صرف سوچيو، بلڪه سهڻيءَ جي صورت ۾ هڪ اهڙو مضبوط ڪردار گھريو، جنهن جو من ميهار ۾ آهي ۽ سماج شادي ڏم سان ٿو ڪرائي. شاهه صاحب سندس اندر جو آواز ٻڌي ورتو ۽ کيس ميهار سان ملائڻ لاءِ ڪاري رات، سهه سياري جي رات ۾ دهشت ڀري درياءِ ۾ ٿو گھيڙي. ميهار وٽ جيتري رهي ٿي، اوتري پاڪ ٿي پئي، ميهار سان ملڻ، انهيءَ سان نڀائڻ ئي شريعت ٿو ڪوٺي. جڏهن ته سماج ڏم سان پرڻائي آهي. شاهه لطيف اِها ڳالهه ڪري عورت جي آزاديءَ جي حوالي سان تمام وڏي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا اڄ به اوتري ئي لاڳو ٿئي ٿي.
عورت جي عظمت، سندس سونهن، سُٺائي، هر روپ ۽ رشتي ۾ مثبت. سنڌو تهذيب عورت جي انهيءَ عظمت جي ساکي آهي. پر وقت جي ڌارا ۽ مرداڻي سماج انهيءَ جي انهيءَ مهانتا کي ختم ڪري، کيس پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو آهي. عورت سان اِهو ظلم هر دؤر ۾ دنيا جي هر سماج ۾ ٿيو ۽ ٿئي پيو. تنهن ڪري شايد دنيا جي سڀني تخليقڪارن وٽ سندن تخليق جو اهم محرڪ عورت رهي آهي.
شاهه لطيف پڻ انهن عظيم تخليڪارن جيان عورت کي تمام گھڻو ڳايو آهي. بلڪه شاهه صاحب، وٽ ته سندس ڪردارن مان عورت جو درجو مٿانهون آهي. شاهه سائين جو ڪلام گوناگون آهي. سندس هر سٽ ۽ بيت جا ڪيترائي مطلب ۽ معنائون نڪرن ٿيون. سندس علامتون ايتريون ته مضبوط آهن، جو هر وهي ۽ هر سوچ جو ماڻهو پنهنجي سمجھ آهر مطلب وٺي ٿو. ايئن به نٿا چئي سگھون ته، شاهه سائين ڪو سڄو ڪلام عورت لاءِ، عورت تي يا عورت تحت سرجيو آهي. پر ايترو ضرور آهي، شاهه سائين اُهي قصا کنيا، جن ۾ عورت جو ڪردار اهم هو، يا انهن قصن ۾ عورت جو ڪردار ٿورو اڻچٽو هو ته کين اڀاري، اهم بڻائي، مرڪزي حيثيت ڏئي ڇڏي.
“شاهه جي شعر ۾ عورت جو بيان ڏاڍي پيار ۽ دلار سان ڪيل آهي. شاعر پنهنجين سورمين کي بيحد گھڻو ٿو چاهي، انهيءَ ڪري جو ٽپ ٽپ تي کين سمجھاڻيون ڏئي ٿو، قدم قدم تي کين ڏڍ، ۽ دلاسا ڏئي ٿو ۽ همٿ ٻڌائي کين اڳتي وڌڻ لاءِ آماده ڪري ٿو ۽ چُڪ ڪرڻ تي کين ڇينڀي ٿو.” (1)
سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته، شاهه سائين اِئين ڇو ٿو ڪري؟
“لطيف سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سونهن، سوڀيا، نماڻائي، نهٺائي، وفاداري، حيا، وقار، بردباري، حب الوطني، انسان سان ازلي عشق ۽ ٻيا اهڙا سماج جا اعليٰ قدر ۽ انيڪ اوصاف، انسانن جي رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ پيش ڪيا آهن. سندس ڪلام محبت جي پيغام سان گڏ سماج ۾ باوقار ٿي رهڻ جي تلقين آهي. هو اهڙن انسانن جو قدردان آهي، جن پنهنجي حقن جي حفاظت ڪئي. سندس سورميون دارصل اسان جي سماج جون آدرشي عورتون آهن، جن پنهنجي حقن جي حفاظت ڪئي ۽ ڀٽائيءَ جي نظر ۾ سماج ۾ وڏي حيثيت جي لائق آهن.
ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي سموري ڪلام پڙهڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته شاهه سائين صنفِ نازڪ جي سماجي حيثيت کان تمام گھڻو متاثر آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ وانگر ان دور ۾ به سنڌ جي عورت بي وس، محڪوم ۽ مجبور هئي. اسان جي هن سماج ۾ عورت کي سماجي، اخلاقي، سياسي توڙي اقتصادي کيتر ۾ هميشه ثانوي حيثيت پئي رهي آهي. کيس ڪڏهن به پاڻ وهيڻي ٿيڻ جو اختيار نه ڏنو ويو آهي، ان ڪري عورت کي شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ تمام اهم ۽ اعليٰ مقام عطا ڪيو آهي، ايتري قدر جو پاڻ عورت جي زبان ۾ ڳالهايو اٿس.” (2)
عورت جو سنڌي سماج ۾ نهايت ئي اهم درجو آهي. سندس مقام کان شاهه لطيف نه صرف واقف هو، پر سندس ڪلام پڙهندي محسوس ٿيندو ته ڄڻ، لطيف جي اندر ۾ عورت سمايل هُئي. اِهو ئي سبب آهي. جو سندس ڪلام جو محور عورت آهي.
“عورت، جيڪا ڪائنات جو اهم جُز آهي، ان جي حيثيت کي عقيدت جي اعليٰ مقام تي آندو اٿس. ايئن پيو لڳي ته ڄڻ شاهه سائينءَ پنهنجي دؤر ۽ ماحول، سماجي ردوبدل، عوامي زندگيءَ، رياست ۽ حاڪميت جي ڳُوڙهي مشاهدي ماڻڻ سان گڏ عورت جي نفسيات کي پڻ بخوبيءَ پروڙيو آهي ۽ ان جي خوبين کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. صرف هڪ سسئيءَ تي سڄا سارا پنج سُر (سُر سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني) خليقا اٿس. ان کان سواءِ هُن مارئي، سهڻي، ليلا، مومل ۽ ڪاپائتيءَ تي به خوب شاعري ڪئي آهي. سندس سڀني سُرن جي شاعري، آفاقي شاعري آهي، جن مان ڪيترن سُرن ۾ پاڻ عورت جو روپ ڌاريو اٿس، يعني ڪِن سُرن ۾ عورت سان مخاطب آهي، ڪِن سُرن ۾ عورتن جو ڪردار موجود آهي ته ڪِن سُرن ۾ وري پاڻ عورت جي زبان ۾ ڳالهايو اٿس.
پنهنجي ڪلام ۾ عورت کي ايڏي وڏي حيثيت ڏيڻ جا شاهه سائينءَ وٽ ڪيترائي ڪارڻ آهن، ڇاڪاڻ ته سندس نظر ۾ عورت وفا، قرباني، محبت ۽ مامتا جو مجسمو آهي.
شاهه سائينءَ کي عورت جي اُمنگن ۽ آسن لاءِ عزت هئي، هن پنهنجي تيز فهم، ذَڪي نگاهه ۽ انساني سڀاءَ جي ڳُوڙهي ڄاڻ مان پرکيو ته عورت جيڪي دليريءَ جا ڪم ڪري سگھي ٿي، سي مرد جي پهچ کان گھڻو ٻاهر آهن ۽ جيڪو ‘خودانڪاريءَ’ جو انگ عورت ۾ آهي، سو مرد ۾ هرگز نظر نه ايندو. عورت جي قرباني بي مثال ۽ سَهپ جي طاقت لازوال آهي. هوءَ ارادي جي پڪي ۽ قول تي قائم آهي. عورت جو ‘پريم’، عورت جي سموري هستي آهي. اها ئي شاهه صاحب رح جي شاعريءَ جي ميراث آهي، جيڪا سنڌ جي سماج، تهذيب، ثقافت، معيشت ۽ مذهب جي چٽي تصوير پڻ آهي.”(3)
شاهه سائين ڪردارن ۾ ست سورميون ته مرڪزي ۽ اهم ته آهن ئي پر، لڳ ڀڳ سڄي رسالي ۾ هر سر ۾ عورت جي جھلڪ نظر ايندي.
شاهه جي شاعريءَ ۾ پيش ڪيل نالي وارن ڪردارن مثالن مارئي، نوري، سهڻي، سسئي، وغيره کان علاوه ڪي ٻيا به ڪردار عورتن جا ملن ٿا، جن کي ڪو نالو ڏنل نه آهي پر انهن کي شاهه صاحب تقريبن پنهنجي شاعريءَ جي هر سُر ۾ ڪٿي نه ڪٿي پيش ڪيو آهي. سُر سامونڊي هجي يا سُر گھاتو، سُر کنڀات هجي يا سُر سريراڳ، سُر سارنگ هجي يا سُر آسا، سُر رپ هجي يا سُر رامڪلي، سُر ڪاپائتي هجي يا سُر ڏهر، سُر ڪيڏارو هجي يا يمن ڪلياڻ، هر سُر ۾ چند اهڙا بيت ضرور ملندا، جيڪي عورتن سان لاڳاپيل آهن يا انهن جو لب و لهجو ۽ زبان انهن جي مونث هجڻ جي غمازي ڪن ٿا. انهن عورتن کي ڪو نالو ڏنل ڪونهي، اهي عام ۽ رواجي عورتون آهن. ڪي وڻجارين جي روپ ۾ اسان کي نظر اچن ٿيون ته ڪي وري خوشحال ۽ آسوده سنگھاريون آهن، جيڪي سانوڻ جي وسڻ کان پوءِ مطئمن ۽ بي فڪر نظر اچن ٿيون، ڪي اهي بهادر عورتون آهن جيڪي سُر ڪيڏاري ۾ پنهنجن مردن کي جوش ڏياريندڙ ۽ اڳتي وڌي وار ڪرڻ جي تلقين ڪندي نظر اچن ٿيون، ته ڪٿي وري محنت ۽ مشقت ڪندڙ عورتون، چرخو ڪتيندي، نظر اچن ٿيون. حالانڪه انهن کي ڪو خاص نالو مليل ڪونهي پر تڏهن به اسان کين شاهه جي پيش ڪيل انهن عورتن ۾ محنت جي عظمت جو عڪس نظر اچي ٿو. اهو شاهه جي عورت ذات سان همدردي يا انس جو نتيجو آهي جو انهن کي حال ڀائي سمجھي ساڻن حال اوريندو رهي ٿو، انهن جي ئي زبان ۽ لب لهجو اختيار ڪري ٿو.” (4)
شاهه سائين جي عورت سان اُنسيت جو سبب اڪثر اهو ٻڌايو ويندو آهي ته، سماج عورت کي هيڻي ۽ ڪمزور سمجھي رهيو هو، لطيف هيڻين جو شاعر آهي، هُو عام جي نظر ۾ ڪردارن ۽ شين کي غير معمولي ٿو ڪري. انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي ڏسنداسين ته شاهه جي ڪلام جو تت آهي مسلسل جدوجھد سماج ماٺار ۽ ڪاهلي جو شڪار ٿي رهيو هو، ته شاهه سائين سماج جي نظر ۾ ڪمزور ڪردار ‘عورت’ کي مثالي بڻائي، انهيءَ کي اهڙي ته طاقت بخشي جو، اُها سماج لاءِ اتساهه جو ڪارڻ بڻجي.
مثال طور سسئي ڏسو. اڪيلي، برپٽن، جبلن، جھنگن، ۽ بيابانن ۾ ڪاهي ٿي پئي. ۽ سسئي جي همٿ ۽ سچائي جيڪا عشق جو روپ هُئي کي ساراهي ٿو، ۽ کيس خبردار ڪندي صلاحون، هدايتون ۽ نصيحتون به ڪري ٿو:
ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارين،
ريزن مٿان رت، هار ته پسين هوت کي.
يا وري
تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
شاهه سائين سمجھي ٿو ته، هُو عورت آهي، سندس نفسيات هِن سماج جي جوڙيل آهي، هن کي سماج ذهني طور اپاهج ڪري ڇڏي آهي، جا ڪيئن پئي مخاطب ٿئي:
“اَڌر، نڌر اڀري، اَسونهين آئون”.
پر شاهه صاحب وٽ عشق جي اساٽ ۽ وڇوڙي جو وڍ ۽ پيرين جي پچار ۽ ڳولها اهڙا مضبوط نُڪتا آهن، جن جي ڪري جيڪا تڪليف آهي، اُها تڪليف جسماني تڪليف کان ننڍڙي آهي. پهرين ته اندر اڌ هجي ته پوءِ ڪجھ به مشڪل ناهي.
“اندر جني اڌ، ڏونگر سي ئي ڏورينديون”
جن کي پنهنجي مقصد اُڇل آهي، تن کي تڪليفون ڪجھ به نه ٿيون ڪري سگھن.
تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي،
تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڳ منهنجا لوهه.
هيٺين بيت ۾ شاهه سائين عشق جي سچائيءَ ۾ ڪندو رهڻ وارين کي اورچائي ۽ ارادي جي مضبوطي کي ساراهي ٿو ته،
وَر، وَراڪا وچ ۾، لکين آڏا لَڪ،
هو جي آڏا حَق، سي ڪندا ڪوهُه ڪندين کي؟
جيڪو به پنهنجو ڪم ڪندو رهندو، انهيءَ ۽ انهيءَ جي منزل ۽ مقصد جي وچ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ڪجھ به نٿا ڪري سگھن ٿا.
سسئيءَ جي سچائي، مارئي جي مارن سان وفا، مومل جي محبت ۽ چُڪ، ليلا جي لالچ، نوريءَ جي نوڙت، سهڻي جي سڪ ۽ سورٺ ۽ سامونڊي وڻجارين جي سورن ۽ قربانين جي ڳالهه ڪيترن ئي محققن نشاندهي ڪئي آهي. آئون سمجھان ٿو ته، اِهي نالا ڀلي الڳ آهن. پر سڀئي سورميون هڪ ئي ‘عورت’ آهن، جن ۽ سندس جذبا مجموعي طور تي هڪ ئي ‘عورت’ جو روپ آهن. اِهي مختلف ڪيفيتون جھڙوڪ سچائي، محبت، غلطي، لالچ، نوڙت، سڪ، سور، قرباني ۽ وفا وغيره هڪ ئي عورت ۾ موجود آهن.
هتي اِهو به سوال ٿو اڀري، ته ڇا اِهي سڀ ڪيفيتون صرف ‘عورت’ ۾ ئي هونديون آهن؟ نه، بلڪل نه. اِهي سڀئي ڪيفيون ‘عورت’ توڙي ‘مرد’ جي نفسيات جو فطري حصو آهن. پر شاهه سائين عورت جي وجود ۾ يا عورت جي ذريعي انهيءَ ڪري ڳاتيون، جو، ‘عورت’ کي هڪ ‘وکر’، هڪ شئي، يا جانور وانگر استعمال ڪيو ويو ۽ ڪيو پيو وڃي. شاهه صاحب اِها ڳالهه واضح ڪندي زور ڏنو ته ‘عورت’ به هڪ مڪمل انسان آهي، جنهن ۾ احساس مرد کان مٿڀرا، اونها، حساس ۽ اتانهان ٿين ٿا. هُو جيتري حساس آهي، انهيءَ هزارين ڀيرا مضبوط آهي، جو ڪوٽ ٿي ڪيرائي وجھي، يا روهه به رتيون ٿي ڪري وجھي ۽ دهشت وارو درياھ به پِني ٻوڙ ٿي ڀانئي.
نه صرف ڳالهه اتي ٿي کٽي، شاهه سائين عورت خبردار ڪري يقين پيو ڏياري ۽ تو ۾ تمام وڏي سگھ آهي، تو ۾ طاقت آهي، سچائي آهي ۽ عشق جي آگ آهي، تن ترهو ٺاهه، ڪنهن جي به مدد نه وٺ، ڪنهن تي به نه ڀاڙ.
گھڙو ڀڳو گھوريو، وسيلا وئا،
تهان پوءِ سُئا، سهڻي سڏ ميهار جا.
يا
سپريان جي تُرهي، ٻُڏي هٿ ۾ لاءِ،
صباح تان چوندرياءِ، اسان تو اُڪاريو.
اسان پنهنجي سماج تي نظر وجھنداسين ته، عورت ۾ ست ۽ صلاحيتون هجن باوجود اُها خودمختيار ناهي، هُو اڪيلي گھر کان ٻاهر نٿي وڃي سگھي، اُها اڪيلي رهي نٿي سگھي، اُها اڪيلي پنهنجي منهن ڪو ڪم نٿي ڪري سگھي.
لطيف عورت جي اندر ۾ ها همٿ ٿو پيدا ڪري ته، جيڪو ڪم مرد به نٿو ڪري سگھي عورت اُهو ڪري ڏيکاري ٿي، جنهن ڪم ۾ ڪيترائي مرد مري کپي ٿا وڃن، عورت انهيءَ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي وڃي.
سسئي لنگھئو سو، مرد جنهن مات ڪئا،
جبل وڏو جو، نُوڻ مڙو ئي نينهن کي.
شاھ جي سورمي مارئي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اها معاشي طور غريب هجڻ جي باوجود دلي طور ڏاڍي شاهوڪار آهي. اُها عمر جي ڪنهن به آڇ تي هرکي نٿي. اڄ اسان اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هر روز ڪا نه ڪا ڇوڪري پنهنجن کي ڇڏي، گھران نڪرندي ڏسون ٿا. انهيءَ ۾ سماج جو قصور ئي آهي، ضرور انهن سان يا ته ناانصافي ٿيڻ واري هوندي آهي، يا وري انهن کي اها سمجھ نه ڏني ويندي آهي جو اُهي صحيح يا غلط ۾ فرق محسوس ڪري سگھن. نتيجي ۾ جيڪي به اهڙا واقعا ٿين ٿا انهن مان 80 سيڪڙو ناڪام وڃن ٿا ۽ هڪ ٻئي کان ڪجھ مهينن اندر ئي الڳ ٿي ٿا پون. اهو صرف انهيءَ ڪري ٿو ٿئي ته ڇوڪريون سچ کي نٿيون ڏسن، ڪوڙ تي هرکي ٿيون پون. عورت کي اهڙين تباهين کان بچڻ لاءِ کين مارئي ٿيڻو پوندو. انهيءَ لاءِ مائٽن کي پنهنجن ٻارڙين کي ننڍي هوندي کان سُر مارئي پڙهائڻ گھرجي. پنهنجن ٻارڙين جي سوچ کي ايتري مضبوط بڻائن جيڪي ايئن چون:
پاتشائي نه پاڙيان، سرتيون سُئي ساڻ،
ڍڪي اگھاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
يا
اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي،
اچي امرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
عورت جي معاملي ۾ اسان کي سنجيده ٿيڻو پوندو. ڇوڪرين جي پرورش، سندن ضرورتن، زندگي جي فيصلن وغيره کي پنهنجن مفادن کي سامهون رکي ڪرڻ بجاءِ سندن زندگيءَ جو سوچي ڪرڻ گھرجن. ڪنهن جو قول آهي ته، اُهو گھر خوشحال نٿو ٿي سگھي، جنهن گھر ۾ عورت ڏکي آهي. عورت جي عظمت کي پرکڻ لاءِ، کيس اصل مقام ڏيڻ لاءِ اسان کي لطيف پڙهڻو پوندو، انهيءَ جي سڌاري جو راز به اِهو ئي آهي.
حوالا:
پوپٽي، هيراننداڻي، ‘شاهه جو رسالو ۽ عورت’، (مضمون)، ڪلاچي (تحقيقي جرنل)، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، جون 2003ع، ص: 74
ڦلپوٽو، نجمه نور، ڊاڪٽر،’شاهه لطيف جي نظر ۾ عورت جي سماجي حيثيت’، (مضمون)، ڪلاچي (تحقيقي جرنل)، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڊسمبر 2010ع، ص:10
ساڳيو، ص: 10 ۽ 11
فريده بشير،’شاهه جي شاعريءَ جون بي نام عورتون’، (مضمون)، ڪلاچي (تحقيقي جرنل)، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سيپٽمبر 2000ع، ص: 8