سُر سامونڊيءَ جي واين تي اعتراض: 2
ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: “شاهه صاحب جي بيتن ۽ واين جا مجموعا جن کي ‘رسالا’ سڏجي ٿو، تن مان سواءِ اهڙن مجموعن جي جيڪي هڪ ٻئي تان نقل ٿيل آهن، باقي ٻيا سڀ هڪٻئي کان ٿورو گھڻو مختلف آهن. اهو اختلاف بيتن ۽ واين جي سٽن جي پڙهڻي توڙي بيتن ۽ واين جي ترتيب ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته شاهه جي ڪلام جا اهي مجموعا مختلف نوعيت جا آهن. ان مان ظاهر آهي ته ڪلام مختلف وقتن تي مختلف شخصن جوگڏ ڪيل ۽ لکيل آهي: يعني ته شاهه جي سڄي ڪلام جو ڪو ساڳيو ‘هڪ رسالو’ ڪونهي، پر گھڻا ئي رسالا آهن. ٻيو ته انهن مان هر هڪ ۾ شاهه صاحب کانسواءِ ٻين ڪن معلوم توڙي غير معلوم شاعرن جو ڪلام موجود آهي، جيتوڻيڪ گھڻي ۾ گھڻو ڪلام شاهه جو ئي آهي. اڳين توڙي پوين قلمي توڙي ڇاپي رسالن مان ڪوبه هڪ اهڙو ڪونهي جنهن ۾ رڳو شاهه جو ڪلام شامل هجي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته نالي ۾ ‘شاهه جا رسالا’ موجود آهن، پر ڪلام جو اهڙو مجموعو جنهن کي صحيح معنيٰ ۾ فقط “شاهه عبداللطيف جو رسالو” سڏجي سو موجود نه آهي”. (2)
مٿي واضح ڪيل ڳالهه هونئن ته لطيف سرڪار جي پڙهندڙن کي ڀليءَ ڀت خبر آهي پر هتي بيان ڪرڻ جو مقصد شاهه جي پارکوءَ ۽ عالم دوست عالم محترم علام آءِ آءِ قاضي جي مقرر ڪيل معيارن کي به پرکڻ آهي ته منهنجي موضوع جو ڀراءُ پڻ.
علامه آءِ آءِ قاضي هڪ وڏو عالم ۽ ڄاڻو هو. هن مغرب مان تعليم حاصل ڪئي ۽ انهي اعليٰ ۽ معياري تعليم جي اصولن کي سنڌي سماج ۾ پڻ رائج ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون. انهن ڪوششن مان هڪ اها به آهي ته هن ‘شاهه جو ڪلام’ ترتيب ڏنو جيڪو هڪ جديد انداز هو. هن صاحب ‘شاهه جو ڪلام’ شاهه صاحب جي زندگي جي دؤرن ۽ ڪيفيتن جي حساب سان ترتيب ڏنو. قاضي صاحب نه صرف ٻاهرين علمن جو ڄاڻو هو بلڪه، اسان جي سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته علم جھڙوڪ تصوف، راڳ، ٻولي ۽ صوفيانه ڪلام ۽ انهي ڪلام ۾ موجود رمزن تي به سٺي دسترس هئس. هن صاحب عقيدت ۽ قومي جذبي جي زنجيرن کي ٽوڙيندي دنيا جي عالمن جي طئي شده عظيم شاعريءَ متعلق ٽي معيار اسان کي ٻڌايا ۽ انهن ٻاهرين ماڻهن جي معيارن سان لطيف سرڪار جي شاعريءَ تورتڪ ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ دنيا جي ٻين عظيم شاعرن سان ڀيٽ ڪندي، شاهه کي عليحده ۽ منفرد بيان ڪندي کيس عظيم شاعر طور سامهون آندو. سندس بيان ڪيل معيارن کي جيتوڻيڪ گھڻو ورجايو ويو آهي پر هتي مختصر طور ورجائڻ جي ضرورت آهي:
عظيم شاعري اُها آهي، جيڪا ڳائي سگھجي، يعني ته اُهو شاعر عظيم آهي جنهن جي هر هڪ سٽ موسيقيءَ جي لباس ۾ پيش ڪري سگھجي.
عظيم شاعري اُها آهي، جنهن جي اصلاح نه ٿي سگھي يعني ته سندس شعر جي هڪ سٽ ته ڇا هڪ لفظ به بدلائڻ سان نه صرف انهي جو ظاهري ڍانچو متاثر ٿئي، بلڪه اندروني پڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ترنم ۽ موسيقيت پڻ مجروح ٿئي.
عظيم شاعري يا شاعر اُهو آهي جنهن وٽ ٻولي تمام سٺي ۽ لفظ تمام گھڻي انداز ۾ ملن.
اهي معيار پيش ڪرڻ کانپوءِ قاضي صاحب لکي ٿو ته، “دنيا جي مڙني شاعرن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي اُهو واحد شاعر آهي جيڪو مٿين ٽنهي معيارن تي پورو لهي ٿو.”
هاڻ اسان مٿي بيان ڪيل شاهه جي ڪلام متعلق، ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ سامهون رکندي انهن ٽنهي معيارن تي سوچينداسين ته اسان کي پهريان ٻئي معيار، واقعي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته:
جيڪڏهن اسان وٽ اڄ تائين ‘شاهه جو رسالو’ نالي ڪو مستند ڪلام موجود ئي ناهي ۽ بيت ۽ وايون گڏ وچڙ لڳيون پيون آهن، ڪٿي ڪٿي ته خود واين ۽ بيتن اندر مختلف موضوعن جون سٽون وغيره ملي جلي ويون آهي، تن ۾ موسيقيت ڪيئن ٿي هڪ ئي لئي ۽ هڪ ئي سُر ۾ برقرار رکي سگھجي (انهي معيار کي اڳتي منهنجي موضوع جي حوالي سان وڌيڪ واضح ڪبو).
ٻي ڳالهه جيڪا ٻئي معيار متعلق سامهون اچي ٿي سا اها ته ڪنهن به عظيم شاعر جي شاعريءَ ۾ هڪ سٽ ته ڇا هڪ لفظ به هيڏانهن هوڏانهن نٿو ڪري سگھجي، جڏهن ته اهو هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ جو سلسلو ماضيءَ ۾ سامهون ايندڙ پهرئين رسالي کان وٺي اڄ تائين جاري آهي.
ڀانئجي ٿو ته علامه آءِ آءِ قاضي ڪجھ مخصوص ڪلام کي سامهون رکي اها ڳالهه منظر عام تي آندي يا وري پنهنجي ئي مرتب ٿيل رسالي کي سامهون رکيائين يا وري ڪي ٻيا سبب هئا.
انهي کانپوءِ اسان ٿورو اڳتي وڌنداسين ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه صاحب جي شاعريءَ کي پرکڻ لاءِ جملي اٺ معيار سامهون رکيا آهن، سي پڻ نظر ايندا ته:
رسالن جي تعداد جو معيار.
رسالن جي قدامت جو معيار.
رسالن جي ڀيٽ جو معيار.
ٻوليءَ جو معيار.
شاعري جو معيار.
بيان جو معيار.
معنيٰ ۽ مفهوم جو معيار.
اعليٰ فهم ۽ فڪر و معيار.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ‘شاهه جو رسالو’ مرتب ڪندي، مٿيان بيان ڪيل معيار لاڳو ڪيا آهن، ۽ جيڪڏهن مٿين معيارن مان ڪوبه هڪ معيار چٽي طرح ڪنهن به بيت يا وائي تي لاڳو نٿو ٿئي ته ان کي ڊاڪٽر صاحب ڌاريون ڪلام سڏيو آهي ۽ پنهنجي مرتب ڪيل جلد نمبر ڏهه ۾ ‘رسالي جو ڪلام’ چئي الڳ ڪيو آهي. مٿيان بيان ڪيل معيار اندروني طرح هڪٻئي سان ڏاڍا ڳتيل آهن، ۽ هڪٻئي کان سواءِ اڻپورا آهن.
ٻين سڀني معيارن کي ٿورو پاسيرو ڪندي اسان صرف بيان جو معيار ۽ معنيٰ جو معيار _ صرف ٻه معيار بحث هيٺ آڻينداسين. ‘بيان جي معيار’ جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته، “ضروري آهي ته هر سٽ توڙي سڄي بيت ۾ سمايل بيان معياري هجي.
‘بيان’ جو اعليٰ معيار انهي ۾ آهي ته بيان رس ڀريو هجي. ان ۾ لطف ۽ لذت هجي. بيت (يا وائي) محض بياني نه هجي، پر ان ۾ سمايل بيان ۾ خوبي هجي. اهڙو بيت جنهن ۾ رڳو بيان آهي يعني رڳي ڳالهه آهي، سو محض بياني آهي، ۽ اعليٰ بيان جي معيار ۾ گھٽ آهي. معياري بيان جي ٻي خاص وصف اها آهي ته ان جي اسلوب ۽ ادائگيءَ ۾ سلاست ۽ رواني هجي ۽ اهڙا لفظ آندل نه هجن جو اٽڪ يا هٻڪ محسوس ٿئي. صفت ۽ موضوف جي سٽا يا فاعل ۽ مفعول جي بيهڪ ۾ اڳ پوءِ يا اڳَ ڍار نه هجي جو مطلب سولو سمجھي نه سگھجي. لفظن جي سٽاءَ ۾ جھول نه هجي جو ڇڪ ۽ ٿل محسوس ٿئي، بيان موضوع کان هٽيل نه هجي پر موضوع جي ٽاڻن اهڃاڻن سان مناسبت رکندڙ هجي.”
“...شاهه صاحب سنڌ جي ماضيءَ جي رواتين کان بخوبي واقف هو، انهي ڪري شاهه جي ڪلام ۾ سمايل ٽاڻا ۽ اهڃاڻ سنڌ جي عام مقبول ۽ مڃيل روايتن مطابق آندل آهن. جن بيتن ۾ سمايل مفهوم عام مشهور روايتي تاڻن ۽ اهڃاڻن جي برعڪس آهي، اُهي شاهه جا چيل بيت ناهن. مثال طور ‘سر سهڻي’ جو هڪ بيت:
توڏي پيئي تار ۾، سنڊ نه کنيائين ساڻ،
ڪاري ڪارونڀار ۾، پئي پتاڙي پاڻ،
متو جي مهراڻ، سهڻي سُڪو ڀانئيو.
يا هڪ بيت ‘سُر سهڻي’ جو:
سڪ تنهنجي سپرين، ڀيري هنيس ڀُون،
مَنان لاٿو مون، سندو جيڻ آسرو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي انهن نڪتن کي وضاحت ڏيندي اهي بيت انهن معيارن تي پرکي ڏسو ته سندس ڳالهيون سمجھ ۾ اينديون ته:
شاهه صاحب پنهنجو گھڻو تڻو شعر رومانوي قصن ۾ تمثيلي ڳايو آهي. جنهن ۾:
(الف) هر قصي ۾ هڪ مخصوص آکاڻي آهي.
(ب) هر قصي ۾ مخصوص ڪردار آهن، جن جو تعلق صرف انهيءَ قصي سان ئي آهي.
(ج) هر قصي جي اندر ٽاڻن جو انهي ڪردار جي حوالي سان ئي ذڪر ملي ٿو.
(د) هر قصي ۾ لطيف سرڪار ڪڏهن ڪردار کان پنهنجا اڌما ڳارائي ٿو، ته ڪڏهن خود تنبيهه ڪندي، ڪڏهن راهه ڏسيندي، ڪڏهن واکاڻ ڪندي ته ڪڏهن وري سندس ڪردار جي غلطين تي تنبيهه ڪندي به نظر اچي ٿو.
مٿين نڪتن مان ظاهر آهي ته لطيف جي شاعري هڪ قصي جي واقعن جي منظر ڪشي آهي، هر قصي جي ڪردارن جا پنهنجا ئي اظهار آهن، مطلب ته ڪردار يا منظر قصي کان ٻاهر ناهن.
مٿين سڄي وضاحت کانپوءِ اسان کي جيڪي ‘سُر سامونڊيءَ’ جون وايون ڏسڻيون آهن، تن کي ڏسڻ وقت مٿي بيان ڪيل هر ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻو آهي. داستان پهرئين ۾ هيٺين وائي ملي ٿي:
پرينءَ جي پنڌاءُ، مونکي جي جھلنديون، سي نه پڄنديون.
ڀلي ڪري آيو، ٺاٺارو ڏيهاءُ،
ڀڳي ڪُٽ سڄي ٿي، لٿي جاڪ ڳراءُ.
سرتين سور پرائيا، هاڻي هن هنڌاءُ،
تان ڪين واس، وهائيو، ٻاروچي مُلاءُ.
تان ڪين ڏونگر ڏوريان، جان ڪُرهه اندر ساهه.
متيون موٽڻ سنديون، تون هڏ آڇ مَ ماءُ.
هن وائيءَ جي پهرين بند ۾ ‘ٺاٺارو’ لفظ استعمال ٿيل آهي، جنهن جي معنيٰ عالمن ‘ڀڳل باسڻ سڄا ڪندڙ’ ٻڌائي آهي. انهي معنيٰ ۾ به لڪيل معنيٰ ٻڌائيندي عالم چون ٿا ته هي اهو ٺاٺارو آهي جيڪو محبوب جي ڀڳل دل کي سڄو ڪري ٿو. ۽ ٻيو بند به معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي پهرئين بند جي ڪڙيءَ سان مليل آهي. هي ٻئي بند وڻجاري جي واپس اچڻ تي وڻجاري کي ٺاٺارو لفظ مهل، موقعي، ماحول، ڪردارن جي زندگي ۽ حالات جي حوالي سان ۽ سُر جي موضوع جي حوالي سان سڌو سنئون نٿو ڀيچجي. ۽ ٻيون سڀ سٽون ۽ ٿل پڻ هن سُر سان پنهنجي ظاهري معنيٰ جي حوالي سان نٿيون لڳن. انهي ڪري جيئن اسان کي پهريان ٻه بند مڪمل طور تي سُر سامونڊيءَ جا نٿا لڳن تيئن سسئي سان به سڌا سنوان نٿا ٺهڪن، باقي اندروني معنيٰ طور هنن بندن کي سسئي جي حوالي سان به قبول ڪري سگھجي ٿو. تنهن جو مطلب اِهو وڃي ٿيو ته هيءَ سڄي جي سڄي وائي بغير ڪنهن هير ڦير جي سسئيءَ جي حوالي سان پڙهجي ۽ ڳائجي ته وڌيڪ سٺي لڳندي.
انهي کانپوءِ اسان جنهن وائيءَ تي ڳالهائينداسين سا به نظر مان ڪڍڻ سان گڏوگڏ دل ۾ اتارڻ به ضروري آهي:
آئين مونکي زور مَ جھليو جيڏيون!
ووءِ! هلندي هوت ڏي،
اونهي وئڙا اوهري، ترازون تاري،
مري رهندس ماڳهم، سامونڊي ساري،
سُور تنهنجو سپرين! مون معذور کي ماري،
هاڻ نه جيئان جيڏيون!، آئون ڪٺيس ڪوهياري.
سڀ کان پهرين هن وائيءَ جي ٿل کي ڏسنداسين ۽ پوءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو کولي سُر سسئي آبريءَ واري سُر جي ابيات متفرقه ۾ ڏنل بيت ۽ وايون پڙهنداسين ته هڪ وائي اهڙي به نظر ايندي جنهن جو ٿل ڪجھ هيئن آهي.
مون کي تان جھَلَ مَ پائيو،
وو! جيڏيون! آئون هلندي هوت ڏي.
اِها ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪهڙي بنياد تي چئبو ته وڻجاري جي وني ۽ سسئيءَ ۾ فرق آهي. شايد ايئن به ٿي سگھي ٿو ته ٿل هڪ ئي هجي بس هڪ ٻن لفظن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪيو ويو آهي. اهو رايو رکندي ڊاڪٽر آءِ آءِ قاضي جي معيار کي به ذهن ۾ رکڻو آهي (ته اعليٰ شاعريءَ مان هڪ لفظ به هيڏانهن هوڏانهن نٿو ڪري سگھجي.) ان ڪري منهنجو خيال هي آهي ته لطيف سرڪار ڪا هڪ وائي جوڙي هوندي ۽ انهي وائيءَ جو ٿل انهن مان ڪو هڪ ئي آهي ۽ اِهو به ٿي سگھي ٿو ته ٻئي سٽون ٿوريون ٿوريون هير ڦير ۾ هجن ۽ اهڙي طرح ٻه الڳ الڳ سٽون ٺهي پيون ۽ وقت جي عالمن ۽ ڳائڻن انهن کي الڳ الڳ شيون مڃي به ورتو ۽ راڳ به الڳ مقرر ٿي ويا.
۽ وري سُر ديسي ۾ به بلڪل اهڙي ئي هڪ وائي ملي ٿي جنهن جو ٿل به ڏسبو ۽ بند به:
هينئڙو ٿو هُن ساري، منهنجو ساهه سيد کي ٿو ساري،
جيڏيون! آئون هلندي، ويندي هوت ڏي،
سرتيون! آئون ڪهندي ويندي ڪيچ ڏي.
هوتنِ هلڻ من ۾، ڪيرَ گھڙي هت گھاري؟
آسر ڀري آهيان، مانَ واحد آڻينِ واري،
پنڌ اڙانگا پَٽين، مون کي ڪوهيار ٿو ڪاري،
سچو سخن سپرين، مانَ پنهل پهجوپاري!
ڄيرو اندر ڄندڙي، وئو ٻاروچل ٻاري!
جيتوڻيڪ هن وائيءَ جي وراڻي مٿين ٻنهي واين جي وراڻين سان ملندڙ آهي، مگر هيءَ وراڻي الڳ آهي. پر جيڪڏهن وائيءَ جي سٽن طرف اچون ته وائيءَ جون ٻه آخري سٽون:
سور تنهنجو سپرين! مون معذور کي ماري،
هاڻ نه جيان جيڏيون! آءٌ ڪُٺيس ڪوهياري.
اهي مٿين وائيءَ جا بند ٿي سگھن ٿا، باقي رهيا ٻه پهريان بند:
اونهي وئڙا اوهري، ترازون تاري،
مري رهنديس ماڳهمِ، سامونڊي ساري.
اِهي ٻئي سٽون سر سامونڊي جون لڳن ٿيون. بلڪل اهڙا ئي ٻه بيت سر سامونڊي مان اسان کي ڪجھ هيئن ملن ٿا.
سامونڊي ساري، ماءِ! منهنجو جندڙو،
بندر ويچاري، وڃي لايا ڏينهڙا.
----
سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،
مون کي ماري، انين سندي ڳالهڙي.
هاڻ اسان انهن بيتن کي پڙهون، پر پهرين اُهي ٻه سٽون جيڪي سر سامونڊي جي وائي طور ڏنل آهن اهي پڙهون ۽ پوءِ، هيٺ پيش ڪيل ٻه بيت، ته پوءِ واريون سٽون به هڪ الڳ بيت ٿي پون ٿيون ۽ ان جي آخر ۾ ايندڙ “سامونڊي ساري” لطيف سرڪار ورجاءُ طور استعمال ڪري ٻن ٻين بيتن ۾ پڻ استعمال ڪيو ۽ اِهو فن لطيف سرڪار خوب استعمال ڪيو آهي.
انهي کانپوءِ جيڪا ٻي وائي اعتراض جوڳي آهي. داستان ٻئي ۾ ٻئي نمبر تي رکيل وائي آهي، سا هيٺ ڏجي ٿي.
ڪرهل پائي لڄ، ڪُهه نه وئينءَ اُن سين؟
اجاريائون اوليون، ڌئاريائون ڌڄ،
متان وهين ويسري! اٿي ڀورل ڀڄ،
سيڻن ساجھر لڏئو، تون آئي نهارين اڄ،
ڪال سبايئيءَ ڪنجرو، انگئون پاتئي اڄ،
ڪير سڻيندو تنهنجيون، ادورائون اڄ.
هن وائيءَ جي مضمون مان صاف ظاهر آهي ته لطيف سرڪار پنهنجي سورميءَ کان سوال مٿان سوال ڪري، سندس ڪاهليءَ جو احساس ڏياري رهيو آهي. سڀ کان پهرين ٿل کي ڏسنداسين ته، لطيف سرڪار پنهنجي سورميءَ کان ماضي جي ٿيل واقعي بابت سوال ڪندي ۽ نصيحت ڪندي چوي ٿو ته، “تون اٺ مٿان لڄ (جھول / وڏو ڪپڙو) پائي اُن سان يعني پنهنجي محبوب سان ڇو نه وئين؟” (ڪجھ عالمن لڄ جي معنيٰ شرم لکي آهي سان به تڪي ٿي لڳي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ‘ڪرهل’ جي بجاءِ ‘گرهڙ’ لفظ استعمال ڪيو آهي، تنهن جي معنيٰ ڊاڪٽر صاحب نه ڏني آهي. هن لفظ سان ڊاڪٽر صاحب جي الائجي ڪهڙي مراد آهي. مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي هن لفظ جي معنيٰ هٿ ڪرڻ جي، نه ملي سگھي.) تنهن کان پوءِ پهرين سٽ تي نظر رکنداسين ته اِها ته وري سر سامونڊي جي لڳي ٿي. ٻي سٽ ۾ لطيف پنهنجي سورميءَ کي ويسري چئي، ويهڻ کان منع ڪري ڀڄڻ لاءِ آماده ٿو ڪري. هاڻ جيڪڏهن اِها سورمي وڻجاري جي وني آهي ته پوءِ هو ڀڄي وڃي ڪيڏانهن؟ سوچڻ جھڙي ڳالهه اها آهي ته ڀٽ ڌڻي اهڙي ڪيئن ٿو صلاح ڏيئي سگھي، جنهن جي تعميل نه ٿي سگھي. انهي کانپوءِ جيڪا سٽ آهي، تنهن جي ڀيٽ سُر سامونڊيءَ جي بيتن جي ڪجھ سٽن سان ڪجي، ته ٻه مختلف منظر سامهون ايندا.
الوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجھ کي،
جيڪُس نٻرنيهه سندوم، جِنءَ مون اڀي، هُن ٿيلئو،
مون اڀي تڙ وٽ، پرين پڳه ڇوڙيا.
انگن چاڙهي انگ، وئو وڻجارو اوهري.
اهڙي ڪيتريون ئي سٽون ملنديون جيڪي مختلف بيتن ۾ پوئيل آهن، جن مان موڪلائڻ جو منظر اکين اڳيان تري اچي ٿو، پر،
“سيڻن ساجھر لڏئو، تون آئي نهارين اڄ”
جو منظر ئي ڦري ٿو وڃي، وڻجارن جي پوري سفر ۾ ڪٿي به اهو نه ڏيکاريو ويو آهي ته ڪو هُو لڪي ويا آهن، جو ونيءَ کي خبر ئي نه پئي آهي، ۽ وري ‘ڪال سبايئيءَ ڪنجرو، انگئون پاتئيءَ اڄ’ جھڙي ڳالهه لطيف سائين وڻجاريءَ کي ڇو پيو ٻڌائي؟ باقي آخري سٽ ۾ دانهون ٻڌڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، ته اڄ تنهنجون اِهي ڪوڪون ڪير ٻڌندو، سا وڻجاري جي ونيءَ سان وابسته چئي سگھجي ٿي، پر جيڪڏهن اِها ڳالهه سسئي جي واتان سڻائجي ته وڌيڪ وزندار ٿي پوندي. انهي کان علاوه جيڪا ڳالهه هن وائيءَ ۾ نظر اچي ٿي سا اهڙي آهي جيڪا لطيف سرڪار طرفان ٿيڻ، ڳالهه مڃڻ ۾ به نٿي اچي، سا اها ته وائي جي آخري ٽنهي سٽن ۾ ساڳيو جو ساڳيو لفظ قافيي طور استعمال ٿيل آهي يعني ‘اڄ’ _ ۽ ٻيو “اجاريائون اوليون، ڌئاريائون ڌڄ” واري سٽ ڪنهن به طرح وائيءَ جي ٻين سٽن سان پنهنجائپ جو رشتو نٿي ڏيکاري. سو اِهو تمام ڪٺن ڪم آهي ته معلوم ڪجي ته اِهي سٽون ڪنهن جون آهن، تنهن لاءِ گھڻ رخي علم جي ضرورت آهي.
تنهن کانپوءِ ساڳئي داستان جي ٽئين نمبر واري وائي آهي. ملاخطه فرمايو:
ويندي آئون هوتن وٽ، مون وه وڻجارن سين،
پڳهه کڻ مَ پاتڻي! جاني! مون لاءِ جٽ،
وايون وڻجارن جون، اديون! اڄ نه هٽ،
ڳرهيان سور سفر جو، هلي پهچي ارٽ،
پوريندس پرين ڏي، ڪانه ڪرينديس گهٽ،
ڏيئي سِڙهه سير ٿئا، پير نه لائيون پٽ.
‘هوت’ لفظ شاهه سائين گھڻي ڀاڱي پنهونءَ لاءِ استعمال ڪيو آهي پر اهو به ممڪن آهي ته محبوب جي معنيٰ ۾ وڻجاري لاءِ چيو ويو هجي!! پر جي هتي به اسان چئون ته پنهونءَ لاءِ ئي استعمال ڪيل آهي، ته ٿل جي ٻئي پد ۾ وري لفظ ‘وڻجارن’ ملي ٿو، تنهن لاءِ وري ائين چئجي ته ‘وڻجارو’ لفظ پنهونءَ لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهون بنيادي طور تي ڪيچ مڪران جو سوداگر هو، سوداگر کي وڻجارو چوڻ ڪا وڏي ناانصافي نه ٿيندي. اهو انهي ڪري ڪيو پيو وڃي جو هن ٿل جي سٽ ۾ به لطيف سرڪار پنهنجي سورميءَ جي واتان چورائي رهيو آهي ته، ‘ويندي آئون’ يعني آئون وينديس، اهڙي ڳالهه سسئي کي ئي سونهي ٿي. اهڙي طرح ٿورو غور و فڪر ڪرڻ سان سڀ سٽون سسئي سان وابسته ڪري سگھجن ٿيون. سواءِ ٻي ۽ پنجين سٽ جي. هاڻ انهن ٻنهي سٽن کي کڻي ائين يا وري آخري سٽ جي ٿوري چرڻن جي جڳهه مٽائڻ سان هڪ بهترين بيت ٺهي ٿو پوي.
وايون وڻجارن جون، اديون! اڄ نه هٽ،
پيرن لائيو پٽ، ڏيئي سِڙهه سير ٿئا.
آخر ۾ جن ٻن واين جو ذڪر ڪنداسين سي، بيان، معنيٰ، مفهوم، موضوع، منظر ۽ پنهنجي ڪردار جي عڪاسي ڪندي سُر سامونڊي نه بلڪل سسئي جي سُر جون لڳن ٿيون.
(1)
آئين اچي پسو، جيڏيون! ووءِ جووه مهجي ڄندڙي،
پائي وئڙا پير ۾، منجھا کِرسَ گسو،
ڏيئي ويئڙا ڏاهه کي، سورن جو سرسو،
آئون ڏوريندي ان کي، ڏيئي تن تسو،
ساءُ نه آيان سور جو، هاڻي ٿيون هسو،
متان وِهو، ويسريون! رڙهو تي رسو،
مدائتي ميهه جنءَ، ويرو تار وسو.
(2)
ڏک لاهيندم ڏونگر ووءِ!
ماءِ! پرين جا منکي سڀئي،
جو پَسان سو ڀائيان، پريان جو پَهي،
ڏاڍي ذات جتن جي، ويئي ڏيل ڏهي،
آئون ڏوريندي اُن کي، لائي رات رهي،
ڏٺا وڻ ڪوهيار جا، وئي اڃ لهي.
آخر هڪ گذارش ڪندس ته هيءَ منهنجي ڪوشش منهنجي ڪم علمي ۽ مشاهدي جي کوٽ جو نتيجو نه چئي سگھجي ٿي، تنهن لاءِ آئون لطيف سرڪار جي پارکوئن جي طرفان رهنمائي جو منتظر رهندس، ۽ اميد ٿو ڪريان ته پڪ سان ڪو کاهوڙي پنهنجي آڱر جھلائيندو _ ۽ جيڪڏهن ڪو ايئن ٿو سمجھي ته منهنجي ڪوشش صحيح آهي ۽ اهو رستو ڪنهن ماڳ تي ضرور وڃي دنگ ڪندو، تنهن لاءِ به عرض ڪندس ته مون ڪيتريون ئي سٽون صرف اڳيان رکيون آهن تن جي ڪا جڳهه مقرر کڻي ته انهن سٽن جي حقيقت ڇا آهي، آيا اهي سٽون لطيف سرڪار جون آهن يا ڪنهن ٻئي شاعر جون. اگر ڀٽ ڌڻي جون آهن ته پوءِ انهن جي جڳهه ڪٿي آهي، جيڪڏهن اتي ئي آهي جتي پيون آهن، ته ڇو آهي؟
باقي هن سڄي ڳالهه يا مسئلي جو سبب جيترو مون کي سمجھ ۾ آيو آهي سو آهي شاهه جي ‘موسيقيت’. موسيقيت شاهه جي ڪلام جو ڄڻ لازمي جز آهي. شاهه پڪ سان وجداني طور اها انفراديت پيدا ڪئي آهي، ته جيئن سندس بيت ۽ وايون جان وَ دل جي گھراين ۾ لهي وڃن. شاهه صاحب اِن امر جو ادارڪ رکندو هو ته هو جيڪي ڪجھ چئي رهيو آهي، اُهو صرف اڄ جي لاءِ ناهي، ‘آئنده’ به هميشه رهندو، ۽ ظاهر آهي آئنده جي ڪا حد ناهي هوندي سو هن پنهنجي ڪلام سان گڏ موسيقيءَ جو اهتمام ڪيو. هُن پنهنجي ڪلام جي هر حصي کي موسيقيءَ جي اعتبار کان هڪ نئين حيثيت ڏني. هُن ڪلام کي اظهار کانپوءِ نه صرف مختلف راڳن ۾ ورهايو آهي بلڪ مختلف مروجه راڳن ۾ شاعري ڪئي آهي، ۽ وري نه صرف مروجه راڳن کي استعمال ڪيو اٿس، بلڪ نوان راڳ به متعارف ڪرايا آهن. ۽ ان کانپوءِ نئون ساز به ايجاد ڪيائين. شاهه صاحب سُر، راڳ، راڳڻيون، لئي، طرز، ڌن، شاعريءَ کي پاڻ ۾ خوب ملايو آهي، انهي ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي، پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته لطيف سرڪار موسيقيءَ جو ماهر، ٻولي جو خلقيندڙ، سنڌي سماج جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ جو ڄاڻو، سندس بيتن ۾ واقع نگاري ۾ منظرنگاري ۾ ڄڻ مصور، بيان جي انداز ۾ صاف ۽ چٽو، معنيٰ ۽ مفهوم توڙي فڪر ۾ واضح _ شاعر هجڻ جي هر شرط ۾ سڀني کان مٿانهون. تنهن کي ڀلا ڪهڙي ضرورت، جو اهڙي قسم جو ڪلام چئي جو هڪ ڪردار ٻئي ڪنهن جا اڌما ڳائي، جڏهن ته هُن ڪڏهن اهڙو پل به نه سٺو هجي. مثال طور تي مارئي جي ڳالهه ليلان ڪيئن ٿي ڳائي سگھي. سو هتي به ‘سر ريڍو ۽ ڌڙ ٻاڪرو’ وارو قصو ٿو لڳي، منهنجي خيال ۾ لطيف سائين اهڙي غلطي پڪ سان نٿو ڪري سگھي، پوءِ لطيف سرڪار جي ڪلام کي ترتيب ڏيڻ جي مرحلي ۾ ايندڙ پيچيدگين سبب هڪٻئي جا پير کڻي هلندڙ عالمن ۽ ڳائڻن جي غلطي ٿي سگھي ٿي، جنهن جي حقيقت سڌي ڪري بيهارڻ لاءِ تمام گھڻي تحقيق، محنت ۽ ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي. اِهو ڪم هڪ فرد جو ناهي بلڪ هي هڪ گھڻ رخو ڪم آهي، تنهن لاءِ گھڻ رخي محنت جي ضرورت آهي، جنهن ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جي گھرائيءَ جو هجڻ لازمي آهي.
مددي ڪتاب:
شاهه جو رسالو (مختلف جلد)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، حيدرآباد سنڌ، 1993ع.
شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع.
شاهه جو رسالو، علامه آءِ آءِ قاضي. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، حيدرآباد سنڌ، 1986ع.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي _ چونڊ مضمون، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
سنڌي موسيقي جي تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2003ع.
ڪافي، مخدوم طالب الموليٰ، بزم طالب الموليٰ 1962ع.
نئين زندگي، سيپٽمبر 1990ع، اطلاعات کاتو، حڪومتِ پاڪستان.