لطيفيات

نوري، ناري ۽ عدم

هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 

Title Cover of book نوري، ناري ۽ عدم

شاهه لطيف جي فڪر تي ٿر جي سماج جا اثر

دنيا جا عظيم شاعر، مفڪر ۽ فلسفي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ سان واڳيل شين سان ئي سلهاڙيل رهندا آهن ۽ انهن سان ئي محبت جا رشتا ڳنڍيندا آهن ۽ نڀائيندا به خوب آهن. جيئن ته شاهه عبداللطيف هڪ عظيم شاعر آهي ۽ اها اسان جي خوش نصيبي آهي ته، سنڌ ڌرتيءَ تي سندس جنم ٿيو. اِها شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي به اوتري ئي خوش بختي هئي، جيتري ‘سنڌ’ جي. تڏهن ته پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي پيا ۽ اڄ اسان اهو چوڻ ۾ لِکِ برابر نٿا هٻڪون ته “لطيف، سنڌ آهي ۽ سنڌ، لطيف آهي.”لطيف جي ايڏي مهانتا جو سبب سندس ڌرتي ۽ انهيءَ ڌرتيءَ جو عوام آهي ۽ انهيءَ قوم جي به انهيءَ ۾ عظمت آهي ته، انهيءَ کي لطيف جهڙو شاعر سندن گڻ ۽ اوگڻ ڳائڻ، ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي، ٻئي وجود هڪٻئي ۾ تاڃي پيٽي آهن. انهيءَ ڳالهه تي بحث ڪرڻ هاڻي ڳالهين کي دهرائڻ ٿو لڳي، ڇوته جديد نفسياتي سائنس جي پيش منظر ۾ ان نڪتي تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، هڪ انسان جو لاشعور ٻالڪپڻ کان وٺي پڪي وهيءَ تائين ڪيئن ٿو ردِعمل ڏيکاري. شاهه صاحب جي لاشعور جڙڻ ۾ سندس گهر جو ماحول ۽ پوءِ انهيءَ لاشعوري سمنڊ جي سمجهه کي شعوري دنيا ۾ آڻڻ لاءِ جيڪو مشاهدو ماڻيو، تنهن سندس فڪر کي عالمي بڻائي ڇڏيو.
شاهه جي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ايڏي محبت ۽ لڳاءُ جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي شاهه جي شعور ۽ لاشعور تي پنهنجو اثر ڄمائن ٿا ۽ شاهه وري انهن جي ئي ڳالهه ڪري ٿو، يعني هر مفڪر وانگر شاهه به پنهنجي وجود ۾ خارجيت اوتي داخليت کي پنهنجي فن ۾ چٽي ٿو. ذاتي (فنڪارانه) تخيل ۽ سوچ جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ معروضي حالتن تان پڻ پردو کڻي ٿو.
کليل اک انسانن لاءِ ڪتابن کان وڌيڪ ڪائنات جو کليل ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو ۽ انهيءَ کي سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو.
ٿر جي سماجي جوڙجڪ کي ڏسنداسين ته، ٿر جي ماڻهن جي جياپي ۾ چوپائي مال جي وڏي اهميت آهي. اُهي اناج، ميوا ۽ ڀاڳين جي لاءِ برسات جي پاڻي تي ڀاڙين ٿا. سندن جياپي لاءِ ٻوٽن ۽ وڻن کي بنيادي حيثيت آهي، ٿري ماڻهو وڻ وڍڻ کي مها پاپ سمجهندا آهن. خاص ڪري ڪجھ ناياب نسل جي وڻن کي وڍڻ ته تمام گھڻو غلط ۽ گناھ سمجهندا آهن، ڪن وڻ جي واڍ کي روڪڻ جي لاءِ ڪي ڏند ڪٿائون پڻ جوڙيون آهن، جن ۾ رهيڙو خاص آهي. ته جنهن روهيڙي جو وڻ وڍڻيو اُن سان غلط ٿيندو وغيره.
هر ڳوٺ جي پسگردائي جي هڪ کان ٽي ڪلوميٽر جي ايراضي ۾ وڻ ٻوٽو وغيره وڍڻ جي سخت منع هوندي آهي، انهي جا سبب آهن، هڪ ته انهي ايراضي ۾ چوپايو مال چرندو آهي ۽ ٻيو ته ڳوٺ وارا جھنگ جي خيال سان (call of nature) ويندا آهن. ٿر جي اصلوڪي رهاڪن جا پنهنجا ڳوٺ آهن، پنهنجا کيت آهن.
ويجھڙ ۾ ڪيترائي مهاجر هندستان مان لڏي ٿر آيا آهن. جن کي نه پنهنجا ڳوٺ آهن نه ٻنيون آهن، انهن ڳوٺن جي چوڌاري وري وڻن ٻوٽن کي ڪپي پنهنجا گھر ٺاهيا آهن. انهي زمين کي صاف ڪري کيڙڻ شروع ڪئي آهي، جنهن سان ٿر جي ڊيموگرافي تي انتهائي منفي اثر پيا آهن. ٿر جي امن، ڀائپي، رواداري ۽ پنهنجائپ جي ماحول کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي.
ٿر ۾ تصور ئي نه هو نه ئي مذهبي ڇڪتاڻ ۽ انتهاپسندي هئي، اُتي چوري ۽ بدامني ۽ مذهبي ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. جنهن سان ٿر جيڪو آدرشي سماج هو انهي ۾ ڏڦيڙ چئجي رهيا آهن. کيتن تي قبضا، مال جي چوري، وڻن جي وڍائي تيز ٿي رهي آهي. جنهن سان ماحوليات تي پڻ ناڪاري اثر چئجي رهيا آهن. اُنهي کان علاوه اين.جي.اوز جي منفي عملن جي ٿري ماڻهن جي خوداري پڻ ختم ٿي رهي آهي. محنت کان پري ٿيندا پيا وڃن.
ڊگھي سفر لاءِ اُٺن يا گھوڙڻ تي سواري ڪن، ته اڄ ڪلھگھڻو تڻو موٽر گاڏين جو استعمال ڪن.
ٿوري مفاصلي تي پيرين پنڌ وڃڻ، پنڌ هلڻ مهل جتي نه پائن، جڏهن واري گرم هجي، يا جتي پيرن کي نقصان پڄائيندڙ زمين اچي اُتي جتي پائن. زمين جي سطح يا واري ئي مختلف قسمن، پڪي ڪچي، نرم، رائو وغيره جاگرافيائي نالن، ۽ مارڳن رستن جا نالا الڳ الڳ آهن.
ٿر ۾ تمام گھٽ شهر آهن، جن ۾ مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڪانٽيو، ڏيپلو ۽ چيلهار اهم آهن. ٿر جي اڪثر آبادي ڳوٺن تي مشتمل آهي. وڏن ڳوٺن ۾ گھڻيون ذاتيون رهن، پر هر هڪ ذات جو پاڙو الڳ آهي، ڪيترا ئي اهڙا ننڍا ڳوٺ آهن جن ۾ صرف هڪ ئي ذات آباد آهي. مختلف ذاتين ۽ مذهبن جا ماڻهو ڀائيچاريءَ سان رهن ٿا. ڏڪار جي ڏينهن ۾ مال جي چاري سانگ ڪجھ گھر ٻئي علائقي لڏي وڃن، انهي عارضي ٺڪاڻي کي ‘وانڍ’ چون. ۽ اها وانڍ يا عارضي ٺڪاڻو مستقل رهائش ۾ مٽجي وڃي، ته اُن کي ‘ڍاڻي’ چون.
گھر چونرن، لانڍن ۽ مَنَهن جا ٺهيل آهن. شهر ۾ يا ڳوٺن ۾ ورلي ڪنهن جي ڪا جڳهه سر سيمينٽ جي ٺهيل آهي.ٿري عورتون گھر جون سڄو ڪم ڪن، ڪپڙا ڌوئڻ، گھر جي صفائي، ٿانوء برتن ڌوئڻ، رڌ پچاءُ، ٻاجھر پيهڻ، مال ڏهڻ، ڀرت ڀرڻ، سيبو، ٽوپو ڪرڻ،کوهه تان پاڻي کڻي اچڻ، وسڪاري جي مند ۾ ٻنيءَ جي ڪم ۾ پڻ هٿ ونڊائين.
“مرد صبح جوسويل، راتوڪي بچيل ماني هوندي ته اُها، نه ته تازي تيار ڪيل ماني کائي يا بعضي نيرانو ٻنيءَ ڏي روانا ٿي ويندا. عورتون گھر جو ڪم حاج لاهي، ماني ڀاڄي تيار ڪري، لسي (جھڻ) پنهنجي هوندي ته واهه نه ته ٻئي ڪنهن جي گھران آڻي، ٻه _ چار گڏجي ٻنيءَ ڏي روانيون ٿينديون، انهيءَ کي ‘ڀتو’ چئبو آهي ۽ کڻي وڃڻ واريءَ کي ‘ڀتوئارڻ’ چئبو آهي. هاري ٻنيءَ جو ڪم پيو ڪندو، پر نظر ڳوٺ واريءَ واٽ ڏي هوندي ته ڪڏهن ٿي ڀتوئارڻ اچي.
موران نان ميهَه نه وسري، منگت نان ڏاتار،
ماهيلِي نان پِيهَر نه وِسري، هاري نان ڀتوئار.

مرد ماڻهو گھر ٺاهڻ، لوڙها ڏيڻ، مال چارڻ، پاڻي پيارڻ، کوهه مان پاڻي ڪڍڻ، وسڪاري جي مند ۾ کيتن جو ڪم ڪن. ڏڪار جي ڏينهن ۾ پري پري جي شهرن ۾ مزدوري ڪرڻ وڃن. تمام گھٽ ماڻهو نوڪرين ۽ واپار ۾ آهن. گذران جو دارومدار گھڻو تڻو مال ۽ کيتي تي آهي.
ٿر جي جاگرافي هڪ مُنفرد جاگرافي آهي. جتي صدين کان آديواسي آباد هُئا. جن آباد ٿيڻ ۾ آبهوا ۽ موسمن کي بنيادي حيثيت آهي. انهي تحت انهن پنهنجا گھر گھاٽ جوڙيا، ۽ برسات تي ڀاڙيندي، پنهنجو گذرمعاش ڪيو.اتي مُختلف وقتن ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون اچي آباد ٿيون. جن جو سياسي، سماجي، معاشي، نفسياتي، مذهبي، لساني، ثقافتي پس منظر الڳ الڳ هو.مٿين ٻن نُڪتن جي بُنياد تي ٿر هِڪ پرامن ۽ آدرشي سماج طور اُسريو، جنهن الڳ، مُنفرد، شاهوڪار، ۽ رنگين ثقافت ثقافت کي جنم ڏنو.انهن ثقافتي رنگن ٻولي يا ٻولين کي جنم ڏنو. ٿر ۾ مرڪزي ٻولي ڍاٽڪي آهي، جيڪا هڪ الڳ ٻولي آهي، ڇاڪاڻ جو انهيءَ جي ڳالهائيندڙن جي پنهنجي الڳ جاگرافي، الڳ تاريخ، ادب، لوڪ ادب ۽ ثقافت آهي. جڏهن ته ٻيون به ڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
فطرت جي مڪتب مان ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب جي مشاهدي ۽ مطالعي جو نمونو ئي پنهنجو هو، هن جون اکيون، ڪن ۽ ٻيا حواس سڀ اعليٰ درجي جا هئا ۽ هن جي خيال جي رفتار ۽ اڏام به نرالي هئي، تنهن ڪري نه رڳو سير سياحت ڪندي، پر گهر ويٺي به هن گهڻوئي ٿي پرايو. سُر ڪاپائتيءَ ۾ ائٽ تي ويچارڻ ۽ انهيءَ جي عمل کي اهڙي عمدي نموني ۽ اعليٰ معنيٰ ۾ اظهارڻ، سُر سارنگ ۾ ماروئڙن جي برسات کان پوءِ جي زندگيءَ جو نقشو چٽڻ، سُر سامونڊيءَ ۾ وڻجاري جي ونيءَ جي احساسن جي ٻولي ڳالهائڻ، سُر کنڀات ۾ اٺ کي ڪيترن ئي لڪيل معنائن طور استعمال ڪرڻ، سُر رامڪلي ۽ کاهوڙيءَ ۾ جوڳين ۽ درويشن ۽ سچن سالڪن جي زندگيءَ جا عڪس چٽڻ ڪي تصوراتي ناهن، اهي عام حقيقتون آهن، جيڪي اسان عام ماڻهو پنهنجي عام اک سان ڏسي نه ٿا سگهون، پر شاهه صاحب انهن کي خاص اک سان ڏٺو ۽ خاص بڻائي پيش ڪيو. سنڌ ڌرتيءَ جي عام ماڻهن جي زندگي ۽ قدرتي خوبصورتيءَ جو مشاهدو ماڻڻ لاءِ ڀٽائي جهرجهنگ جهاڳيا ۽ پورا چار سال گهر کان ٻاهر رهي ٿو پنڌ ۽ رند تي:

ڪِين ڌرتتي، ماءِ! ڪِين ڄر سندي سَڄَڻِين،
هَلي ۽ واجهاءِ، ٻَنِين ڄيرن وچ ۾.
(گربخشاڻي، سُر حسيني، داستان 2، بيت 1)

اهڙيءَ طرح سُر مارئيءَ ۾ ماروئڙن جي رهڻي، ڪهڻي ۽ ڪرڻيءَ جا زنده عڪس چٽيندي، نه صرف ٿر جي مادي ماحول جي اپٽار ڪئي آهي، بلڪه ٿري ماڻهن جي نفسيات جو به گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪي آراڙي کي پلاءِ کان معتبر ٿا سمجهن ۽ لکن جي ماڙين کي ڪکن جي جهوپڙين اڳيان تڇ برابر ٿا سمجهن ۽ آزاد زندگيءَ جاحامي آهن.
ٿر جي سماجي زندگيءَ، ثقافتي رنگن ۽ ماڻهن جي نفسيات شاهه صاحب جي سوچ تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ ان کي پنهنجي ڪلام ۾ اوتيائين.

لطيف جي ٿر تان ڀيرن بابت محققن جا رايا:

لطيف، هيلايا ۽ ڪينجهر کان ٿيندي ٺٽو، ڀنڀور، ڪراچي، حب ندي، گهٽيڪا ۽ لڪ، گرو چيلي جو رڻ، هاڙهو ۽ هنگول ڏسندي وڃي هنگلاج پڄي ٿو ۽ اتان واپس موٽندي، ڪراچي کان ٿيندي، دوارڪا جي درسن لاءِ گرنار ڏي پنڌ پئي ٿو ۽ اهڙي طرح ‘ڪڇ’ طرف ٿو ڪاهي ۽ اتي ڀُڄ، هالار، پوربندر، دوارڪا، جهونا ڳڙهه، گرنار ۽ کنڀات کي ڏسي واپس موٽي ٿو.

بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ‘سنڌ جو شاهه’ ۾ لکي ٿو ته:

“کنڀات کان واپسيءَ جا وري ٻه رستا آهن، هڪ خشڪيءَ ذريعي جيڪو ڪڇ ۽ رڻ ڪڇ کان ٿيندو، ٿر جي ‘وٽ’ واري علائقي مان سنڌ اچي ٿو ۽ ٻيو جهونا ڳڙهه کان پوربندر ۽ اتان ٻيڙن ذريعي لکپت بندر تائين. هن موقعي تي ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ مناسب لڳي ٿي:

کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا.”(1)

بدر ابڙو، شاهه صاحب جي ڪڇ کان واپسي سامونڊي سفر ذريعي لکي ٻڌائي ٿو ته:
“مان تجويز ٿو ڪريان ته، ڀٽائي گهوٽ جهونا ڳڙهه کان موٽ کاڌي هوندي ۽ سمنڊ جو مڪمل مشاهدو ڪيو هوندائين. کنڀات ڏانهن ڀُڄ واري پاسي کان خشڪي رستي ڪنهن ٻئي دفعي ويو هوندو.”(2)

بدر ابڙو، شاهه صاحب جي ڪڇ کان واپسيءَ متعلق ٻن رستن جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪي ٻئي ٿر وٽان گذرن ٿا. “ٿر ۾ ڀٽائي ٻن مان هڪ واٽ ورتي هوندي، يا ته هُو ڪڇ کان واپسيءَ مهل رحمڪي بازار واري پاسي کان ويڙهي جهپ ويو هوندو، جتي هڪ برهمڻ سنياسي ڀارو فقير جي مڙهي آيو... ويڙهي جهپ کان پوءِ مارئيءَ جو ملڪ يعني ڀالوا، گوڙي مندر، پارڪر، ڍٽ، پائر وارا پاسا ۽ عمرڪوٽ ڏٺو هوندائين ۽ پوءِ کپري واري واٽ کان واپس ٿيو هوندو، جتي سندس تڪيا آهن... يا وري ڀٽائي، کنڀات جي سفر دوران ڪارونجهر وٽان لنگهيو هوندو ۽ ڪارونجهر ۾ ستين جا نشان، ساڙڌري ۽ پاراسر رشيءَ جي آستانو، محمود بيگڙي جي 1505ع ۾ جوڙايل مسجد به ڏٺي هوندي. هن پار ننگر جا باقي اهڃاڻ به ڏٺا هوندا، جيڪو ويراهه واهه لڳ قبل مسيح ۾ قائم ٿيو. پاري ننگر ۾ 1226ع کان پوءِ به ڪجهه مندر هئا. ڀٽائيءَ جي وقت ۾ ڪجهه مجسما به موجود هوندا.” (3)

بدر ابڙو، شاهه صاحب تي ٿري ماحول جي اثر متعلق لکي ٿو ته:
“ٿر ۾ ريگستاني ماڻهن جي زندگي، عمر مارئيءَ جي قصي، مومل راڻي جي ڪٿا، وسڪاري کان پوءِ وارن منظرن، ڀٽائيءَ تي ايترو اثر ڇڏيو آهي، جو هن ٿر کي انهن ئي حوالن سان ڳائي، ماڳن مڪانن جو ذڪر ضروري نه سمجهيو آهي. نيٺ به هو تاريخ دان نه هو.” (4)
محترم بدر ابڙو صاحب، شاهه صاحب جو ٿر گهمي ڏسڻ ۽ اتان جي ماحول جو مشاهدو ماڻڻ متعلق هڪ ٻيو به خيال رکي ٿو ته:
“ٿر ۾ سفر بابت ٻيو امڪان اِهو آهي ته ڀٽائي وسڪاري واري مند ۾ خاص طور تي ٿر جي سفر لاءِ سنبريو هوندو. جڏهن هن سُر سارنگ جي رچنا ڪئي. ان سفر دوران هن کپري ۽ عمرڪوٽ کان ڀٽون لتاڙي پارڪر، مٺي ۽ ويڙهي جهپ واري واٽ ورتي ۽ پوءِ ڪڇ جو چڪر به هنيو. حقيقت اها آهي ته ٿر، رڻ ڪڇ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جيسلمير جي علائقن کي ڪيئي واٽون هڪٻئي سان ڳنڍين ٿيون، تنهن ڪري صحيح واٽ جو تعين ڪجهه ڏکيو ڪم آهي.” (5)
‘لطيفي سئر’جو ليکڪ ڪاڪو ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پڻ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهي ته، شاهه صاحب کنڀات کان موٽندي ننگرپاڪر ۽ اُتي موجود ڪارونجهر، ڀوڏيسر، ڪجلاسر، ڪارونجهر ۾ ڪيترائي مندر، نرياسر، ويرا واهه، پاري ننگر، پائر جي ٿر جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ مڪان، ملير، گوڙي، ويڙهي، جهپ، پراڻ، عمرڪوٽ، کائر جو ٿر، جيسلمير، لوڊاڻو ۽ ڪاڪ وغيره علائقا گهميا ۽ ڏٺا.
معمور يوسفاڻي، ‘سُر ڏهر’ کي ‘سُر ڏاهر’ لکندي وضاحت ڪري ٿو ته:
“لسانيات جي دائري ۾ ٻنهي لفظن (ڏاهر ۽ ڏهر) جو جائزو وٺبو ته، ڏهر لفظ، ڏاهر جو مخفف (ننڍو ڪيل) ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏاهر سان هم وزن لفظ ملن ٿا، جن جا مختلف مخفف پڻ ڏهر جهڙا ٿين ٿا، جيئن واهر مان وهر ۽ ٿاهر مان ٿهر، لوهار مان لوهر يا ميهار مان ميهر وغيره...
شاهه صاحب هن سُر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي جنهن ڌرتيءَ جا اهڃاڻ پيش ڪيا آهن، اها ڌرتي قديم دور ۾ مشهور سمي سردار “ڄام ڏاهر”۽ ان جي وڏن جي آباد ڪيل ڀونءِ هئي.
جيئن ته، ڄام ڏاهر کي سنڌ توڙي ڪڇ جا ماڻهو ڄام ڏهر ڪوٺيندا هئا، ان ڪري جڏهن ڄام ڏاهر، ‘وٽ’ واري سهڻي علائقي ۾ پنهنجي نالي سان شهر ٻڌايو ته اهو ڄام ڏهر جو شهر سڏجڻ ۾ آيو ۽ گهڻي وقت کان پوءِ ان شهر کي ماڻهن فقط ڏهر ڪوٺيو، جنهن جا آثار ڏيپلي تعلق ٻلهاري ۽ راحمڪي بازار شهرن جي وچ تي موجود آهن، جتان انهيءَ دور ۾ ڍور درياهه جو وڏو وهڪرو وهندو هو ۽ اهو شهر اتي آباد هو، جيڪو هڪ طرف دريائن سان ۽ ٻئي طرف “گوڙي جي نار” (ڪوريءَ جي نار) سان ڳنڍيل هو.
ڄام ڏاهر يا ڏهر جي راڄڌاني ٿرپارڪر ضلع جي ننگر پارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن ۽ ڊگڙي تعلقي جي ڏاکڻين حصي ۽ بدين ضلعي جي ٽنڊي باگي، بدين ۽ گولاڙچي تعلقن ۽ ڪڇ جي لکپت، سنڌڙي، کريڙ، ٻني، ٻيلي ۽ ٻين ويجهن ٻيٽن واري ايراضيءَ تي مشتمل هئي.
ڄام ڪيرئي کان پوءِ ڄام جوجهي ولد سمي ولد هٻي جو راج شروع ٿيو، جيڪو پڻ پنهنجي دور جي يادگار شخصيت هو. جنهن کان پوءِ سندس پٽ ڄام ڏاهر ساماڻو، جنهن جو اثر اڳوڻن سڀني سردارن کان اڳرو رهيو، جنهن ٻلهيار واري ايراضيءَ ۾ ڍور جي وڏي وهڪري تي هڪ وڏو شهر آباد ڪرايو، جنهن جو نالو اڳتي هلي “ڏهر” مشهور ٿي ويو ۽ هنڌين ماڳين ڏاهر جي تعريف ٿيڻ لڳي. جڏهن شاهه صاحب پنهنجي دور ۾ انهيءَ ايراضيءَ ۾ آيو ۽ سمن سردارن جا يادگار ڏٺائين ته انهن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ آثارن واري ايراضي ۽ سردارن کي ڳائيندي ان سُر جو نالو ئي سُر ڏاهر رکيائين، جنهن کي پوئين دور جي مرتبن سُر ڏهر لکيو آهي.” (6)
“ڏهر عام طور تي وارياسي خطي ۾ ٻن ڀٽن جي وچ واري هيٺاهين وسيع ۽ سنئين پَٽ کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ برسات پوڻ کان پوءِ پوک به ٿئي ٿي، تنهن ڪري ڏهر کي ‘ٻني’به چوندا آهن. جيئن ته سُر ۾ لاکي ڦلاڻي، بداماڻي، پنڊي، جاڙيجن، سمن، ريٻارين، اوڏن ۽ سنگهارن جا گهڻا بيت آيل آهن، ۽ تاريخي لحاظ سان انهن جو تعلق سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ٿر ۽ ڪڇ جي علائقي سان آهي، تنهن ڪري انهن موضوعن وارن بيتن ۽ واين جي لاءِ خاص طرح ترَ جي جاگرافي اصطلاح موجب ‘ڏهر’ تجويز ڪيو ويو.” (7)
سُر ڏهر ۾ ڪڇ ۽ ٿر جي خطي سان واسطو رکندڙ علائقن، وهڪرن ۽ ماڳ مڪان کي شاهه صاحب بيان ڪيو. مثلاً:

پائر:

آءٌ ته اکيين اُگهان، جي پائُر ڏنئي پير،

وٽ:

جهڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان ‘وٽ’ ۾،

چوٽاڻو:

چارئين ‘چوٽاڻو’، وڳ وهارين ويسرا،

بڊامڻي بُٺ:

چيتا ڪيو چُڻيج، ‘بڊامڻي بُٺ’ ۾،

ٻلهيار، ڍاڳي ۽ ڍوڙ:

جڏهن ‘ڍاڳي’، ‘ڍور’ پٽي وهن ‘ٻلهيار’ ۾،

پُراڻ:

جهوني تون ‘پُراڻ’، جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

سانگه جو تلاءُ:

ڪنڌين اڪ ڦلاريا، ‘سانگ’ سڪو شاهه،

پٽيهل:

‘پٽيهل’تو ۾ پور، اڳيون نه آب جو،

لوڻي:

لاکو ‘لوڻي’ آيو، هر هنڌ پئي هاڪ،

پُنري جا پڊ:

‘اڄ گهرجين تون’، بڊاماڻي پُنرا،

گهاڙي:

لاکا لڳي ڏينهن، ‘گهاڙي’ري ڪيئن گهارئين،

ڪنڊو: (هي هڪ وڻ آهي، جنهن مان اڻ سڌي طرح مڪان جي خبر پوي ٿي).

‘ڪنڊا’تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ‘ساموئي’ جي قديم کنڊرن جي سير کان فارغ ٿي، ‘هاڪڙي’ جو ڪنارو وٺي اوڀارو روانو ٿيو ۽ پنج ڇهه ميل ڏکڻ طرف هلڻ بعد ‘ٿانور پٽي’ جي شهر جي کنڊرن وٽ پهتو، جيڪي ‘ڊگهڙي’ تعلقي جي ديهه ‘جنهاڻ’ ۾، فضل ڀنڀري اسٽيشن کان ٽي ميل کن اوڀر طرف هاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي آهن ۽ ڪافي ايراضي والارين ٿا. اُتي پهچي شاهه صاحب کي ٿانور ڀٽي جي اها ڏک ڀري ڪهاڻي معلوم ٿي، جنهن ۾ هُو، پنهنجي ملڪ ۾ سخت ڏڪار پوڻ واري حالت ۾ روزگار خاطر اهڙي ملڪ ۾ وڃي نڪتو، جنهن ۾ پورهئي تي ايندڙن لاءِ اِهو قانون هو ته ڪي به زال مڙس گڏجي اچي نه رهن.” (8) ۽ مجبوريءَ سبب ٿانور ۽ سندس زال، ڀاءُ ڀيڻ ٿي رهيا ۽ پورهيو ڪندا رهيا.
انهيءَ ڏک ڀري ڪهاڻي شاهه صاحب تي اثر ڇڏيو ۽ سُر سارنگ ۾ برسات ايندي ڏسي، ٿانور جي ونيءَ جي اندر جي ڳالهه ڪجهه هيئن ٿو ڪري ته:

ٿانوَرَ اُٿي پَسُ، ڏيهه کنودي وڄڙي،
مَنُ کُلي باغ ٿيو، هينئڙي لَٿي ڪَسُ،
تَني ڪارڻ وَسُ، جن وَرَ مٽائي ڀائرَ ڪِئا.
(ٻانهون خان شيخ، شاهه جو رسالو، سُر سارنگ، 4/3)

‘ٿانور ڀٽي’سومرا دور جو هڪ ننڍو سردار هو، جنهن جي راجائي، ڪجهه ٿر جي ايراضيءَ ۾ ۽ ڪجهه هاڪڙي جي ڪناري سان هئي، هن جتي پنهنجو شهر آباد ڪيو هو، اتي اڳ ۾ به هڪ پراڻي شهر جا کنڊر هئا، جن کي ‘بروئڙ’ يا ‘برؤڙ’ سڏيو ويندو هو.
حضرت ڀٽ ڌڻي جنهن دؤر ۾ اتي آيو هو، مذڪوره کنڊرن کي ‘ٿانور ڀٽيءَ جو ڀڙو’ ڪوٺڻ سان گڏ ‘بروئڙ’ جا کنڊر سڏيو پئي ويو ۽ اهي کنڊر اصل ۾ آڳاٽي دور جو هڪ تاريخي شخصيت ‘بروي’ يا ‘بروَڙي’ جي آباد ڪيل شهر جا آثار آهن، جيڪي عرب دور کان ڪنهن به حالت ۾ آڳاٽا چئبا، ڇوته محمد بن قاسم ‘راوڙ’ جي فتح بعد ‘برهمڻ آباد’ ڏي موٽندي، ‘برؤڙ’ جو قلعو به فتح ڪيو هو، جنهن کي عرب مؤرخن ‘بهرور’ يا ‘برور’ لکيو آهي. اهي کنڊرات اڄ به موجود آهن ۽ اتان ‘منجنيقن’ ۾ استعمال ٿيندڙ مٽي جا پڪل گولا پڻ لڀن ٿا. هن وقت به اهي کنڊرات ٻنهي نالن سان سڏجڻ ۾ اچن ٿا.
لاکيڻي لطيف انهن شهرن جي کنڊرن جي گهمڻ دوران ‘ٿانور ڀٽي’ جي ڪهاڻيءَ سان گڏ ‘بروي’ جي دل ڏاريندڙ ٻڌي، جنهن بعد پاڻ انهيءَ ڪهاڻيءَ جي سورميءَ ‘رِپ’ ڌيءَ ‘ڪلياڻ’ جي رهائش گاهه وارن کنڊرن ڏانهن به ويو، جيڪي هن وقت جي سروي موجب ڊگهڙي تعلقي جي ‘ڳونيري’ تپي ۾ موجود آهن، جنهن کي هينئر ‘ڳاڙهو ڀڙو’ سڏين ٿا ۽ انهيءَ ايراضيءَ وري ديهه جو نالو به ‘ڳاڙهو ڀڙو’ آهي.
‘بروئي’۽’رپ’جي ڪهاڻي، هاڪڙي ۽ پراڻ جي مشهور ڪهاڻين مان سڀنيءَ کان پراڻي ڪهاڻي آهي، جيڪا شاهه صاحب جي دور ۾ ملڪ اندر عام مشهور ڪونه هئي، پر سنڌ جي سڄاڻ ۽ همه گير شاعرن کان ڳجهي رهي نه سگهي ۽ ان کيس پنهنجي ڪلام جي چئن سُرن: بروئي، رپ، ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ اشارن سان پيش ڪري، هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏي آهي. هتي اهو پڻ عرض ڪندس ته، سنڌ جو اڪثر عوام، توڙي اديب صاحبان انهيءَ ڪهاڻيءَ کان واقف ڪونه آهن.”(9)
(معمور يوسفاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘لطيف جا ٿر تان ڀيرا’ ۾ صفحي نمبر 28 کان 41 تائين اهو داستان وضاحت سان پيش ڪيو آهي).

اهڙي طرح سُر برووسنڌي ۽ سُر رپ جي عشقيه داستان، جنهن ۾ بروو سورمو ۽ رپ سورمي آهي، جي عشقيه داستان جوتعلق پڻ هن خطي سان آهي.
معمور يوسفاڻي، ‘لطيف جا ٿر تان ڀيرا’ ۾ صفحي 14 تي لکيو آهي ته، ٿرپارڪر ضلعي جي خوش بختي آهي، جو سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 15 سُرن جو جاگرافيائي ماحول هن ضلعي سان آهي. هيٺين سُرن کي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح انهيءَ خطي سان چئي سگهجي ٿو.

سڌي واسطي وارا سُر:
کنڀات، سارنگ، سورٺ، بروو سنڌي، مومل راڻو، رِپ، ليلا چنيسر، ڏهر ۽ مارئي.
اڻ سڌي طرح وارا سُر يا اهڙا سُر جن ۾ ڪجهه بيت اهڙا آهن، جيڪي هن خطي جي جاگرافيءَطرف اشارا ڪن ٿا:
سُر يمن ڪلياڻ، سُر پورب، سُر سامونڊي، سُر سريراڳ، رامڪلي ۽ کاهوڙي.
مٿيان سُر رچڻ کان اڳ ۾ شاهه صاحب کي، ٿر جي ايراضيءَ جو سفر ڪرڻ لاءِ ڪاهو جي پٽ ساموئي يا سماننگر تائين، بروئر کان ليئور يا ليار تائين، نُهٽي کان ليهور تائين، ليهور کان سيريين تائين، سيريين کان ڪپوراڙي تائين ۽ اهڙي طرح ڪلور، مهراڻي، کاهڙ، پارڪر، پائر، مومل ۽ مينڌري جا ماڳ، عمرڪوٽ کان ڪاڪ محل تائين، کاروڙي کان ڀالوا تائين هر هنڌ ۽ مڪان کي ڏسڻ لازمي هو، تنهن لاءِ شاهه صاحب اهي ماڳ مڪان ڏوري ڏٺا ۽ انهيءَ سڄي سفر دوران مٿي بيان ڪيل سڀني علائقن ۾ وسندڙ ذاتين جي ماڻهن جي ٻولي، ريتن رسمن، عادتن، اخلاقن، رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي خوشين ۽ غمن کان خوب واقف ٿي پيو هو، تنهن جو ذڪر مٿي ڏنل سُرن ۾ ڪيترن ئي بيتن ۽ واين ۾ ملي ٿو. ظاهر آهي ته، شاهه صاحب جي اندر کي چيري، جيڪي شعر نڪتا آهن، سي بنان مشاهدي ڪيئن ٿا رچي سگهن.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٿر ۽ ٿري ماحول، اتان جي ماڻهن جي رهڻي، ڪرڻي ۽ ڪهڻي کان بخوبي واقف ٿي چڪو هو، تنهن جو مثال مٿي ٻڌايل سڀني سُرن ۾ مختلف بيتن مان ملي ٿو. اسان هتي ڪجهه مثال سُر مارئيءَ مان پيش ڪريون ٿا.

ثقافت ۽ سادگي:

شاهه لطيف، مارئيءَ جي واتان ٻڌائي ٿو ته، اسان کي (ٿرين کي) ڪهڙو ويس ٿو سونهي، (يعني اهي ڪهڙو ويس ٿا ڍڪين) ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ماروئڙن جي ريتن رسمن طرف به اشارا ملن ٿا.
پٽولا پنهواريون، مُور نه مٿي ڪن
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/1)

مارئي چوي ٿي ته، اسين ٻڪرار ماڻهو آهيون، سادو پهرڻ ئي اسان جو شان آهي. پٽولا ۽ عمده ڪپڙا اسان ڪڏهن ڪين ڍڪيون.

مون ماروءَ سين لَڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون،
عمر جو آءٌ، پٽُ، ڪنءَ پَرَهيان؟ سومرا!
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/6)

ٿري ريت مطابق، جڏهن مڱڻو ڪبو آهي ته لوئي يا کٿو موڪلبو آهي ۽ شادي مهل پڻ گهوٽيتا، ڪنوار کي لوئي اوڍائين ۽ هڪٻئي کي پنهنجائپ وارن ٻنڌڻ ۾ ٻڌڻ طور علامتي طرح گهوٽ، ڪنوار کي سڳا ٻڌندو آهي. مارئي انهيءَ لوئي کي پٽولن کان گهٽ ۽ ڪچن ڌاڳن کي به سون برابر سمجهي ٿي ۽ عمر جي هر آڇ کي ڌڪاري ٿي.

يا

ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءِ،
وَرُ جيڏين سين جوُع، فاقو فرحت ڀائيان.

(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/10)

غربت سبب ڪو زيور وغيره ڪونه پايون، اسان جي لاءِ اِهي ڪارا ڌاڳا ئي سٺا آهن ۽ سون اسان لاءِ سُوڳ آهي.

ڪراين ڪَروڙ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِ،
سر مَرَڪُ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/9)

ٿر جا ماڻهو شاديءَ مهل ڪنوار کي عاج جا چوڙا پهرائن ۽ اهي تيستائين پاتل هوندا آهن، جيستائين سندس وَرُ حيات هوندو آهي ۽ پنهنجي سهاڳ جي علامت هئڻ سبب اهي هنن چوڙن کي ڪروڙن جي قيمت برابر ٿيون سمجهن ۽ اهي پائي رکڻ ئي انهن لاءِ فخر لائق هوندا آهن ۽ بغير چوڙن جي کين لڄ ٿيندي آهي.

وفائي ۽ سچائي:

ٿري ماڻهوءَجي سادگي ۽ سچائي سندس وجود ۾ وفائي جو انگ اڳڙو آهي، ڇوته اهو لالچ ۽ هٻڇ جو شڪار نه هوندو آهي.

اِيءَ نه مارُن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي اَمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پَکن جي پريت، ماڙيَ سين نه مٽيان.

(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/11)

اها اسان جي ريت ناهي، اسين لاچي ناهيون جو رشتن ۽ محبتن جا سودا ڪري سون ماڻيون.

عُمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪَن؟
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/12)

اي عمر! جن جا ور ڌار آهن، بدنصيب آهن، اُها صاف سٿرا، سفيد ۽ قيمتي ڪپڙا ڪيئن پهرين.

مٿي ڏنل بيتن جي سٽن جي روشنيءَ ۾ اِهو ظاهر ٿئي ٿو ته، مارو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي هر شيءِ سان محبت ڪن ٿا ۽ انهن جي اِهائي خوبي شاهه صاحب کي موهي ٿي، ۽ انهن جي انهيءَ خوبيءَ ۾ سمايل سادگيءَ کي ڳائي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ شاهه صاحب اُتان جي ماحول جي خبر ڏي ٿو ته:

کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ،
ساٿين کي، سيد چئي، ڀرئون ڏين ڀاڻ،
عمر! اي آماڻَ، ثابت رکج، سومرا!
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 3/17)

ڀٽن ڀر هُندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتار جا
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 7/1)

پنهوارن پاٻوهيو، ڪِي وَسَ واهندُنِ،
لٿو سيءُ لطيف چئي، ٻَڌو ڦڻُ ڦرَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورنِ ڪُنئري، سريتون مٿان سَسَنِ،
عمر! اُن گُندري، پاسي ڪاند ڪَتن،
پائر ڏنيون پٺيون، ننڍن نورا پن،
کائر کٿيون خاصيون، اوچيون اُت اُڄُنِ،
ڪڍئون پيڻ ڪَهَن: “ملير گهر جي مارئي.”

(گربخشاڻي، سُر مارئي، 7/2)

مٿين بيت ۾ شاهه صاحب برسات جي اچڻ سان ماروئڙن جي زندگيءَ ۾ حرڪت اچي وڃڻ، سيءَ لهڻ سان ڦرن/ڍڳن جي منهن کي هر ڪائبا آهن، ٿر ۾ سها ٿين، انهن جي نرم نرم اُن ڪٽندا آهن ۽ انهن مان لويون، کٿيون، ڪمريون وغيره ٺاهن.

مطلب ته، مٿي ڏنل بيتن ۾ شاهه صاحب موسمن جي رودوبدل سبب ٿر واسين جي زندگيءَ ۾ تبديلين جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏوگڏ اِهو پڻ ٻڌايو آهي ته، کائر جون کٿيون خاصيون آهن. هونئن ته سڄي ٿر ۾ لويون، سوسيون، ڪمريون، کٿا وغيره اڻت ٿين ٿا، پر شاهه صاحب جي گواهيءَ تحت کائر مڙوئي اڳڀرو آهي.

توڪل:

اڃا به شاهه صاحب انهن جون معاشي حالتون به اهڙي طرح ڄاڻي ٿو، ڄڻ هر گهر جي “چلهه جون خبرون” ڄاڻندو هجي.

آڻين ڪيِنَ چاڙهين، ڏُٿ ڏيهاڻي سومرا!
سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سڪائين،
منجها لنب لطيف چئي، چائر ڪئو چاڙهين،
پُلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙي سين.
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 7/4)

فطرت تي ڀاڙيندڙ:

سندن گذر، سفر ۽ مال جي چاري بابت ڄاڻ هيٺين سٽن مان به ملي ٿي:

... وليون، وڻ ڦلاريا، لُلُرُ نڱئو لَسُ،
آڻئو وجهن آهُرين، سندا ٽوهنِ ٽَس،
ميوا، مُڃر، ماکيون، سَڀ ڪا چڱن چَس...
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 7/3)

هيٺين بيتن ۾ شاهه، جولان ۾ اچي ٿو وڃي ۽ ڄڻ جذباتي انداز ۾ وڪالت تي لهي ٿو اچي:

ٿوري قوت قرارئا، رهن سَٻر سَتَ،
کٿي ۾ کِههَ ڀُڪلئا، ڀُوڻن اِهڙي ڀَتِ،
پنهوارن پت، پيهي پُڇ ملير ۾.
(گربخشاڻي، سور مارئي، 7/6)

محنت ۽ مشقت:

هيٺين بيتن ۾ خوب منظر ٿو ڇڪي، جيڪڏهن ڪو ٿريو پڙهندو ته پنهنجي تصوير پنهنجي سامهون ڏسندو، جيڪڏهن ڪنهن ٿر ۽ ٿريا ڏٺا هوندا ته هُن جي اکين ۾ چمڪ چڙهي ايندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٿر نه به ڏٺو هجي ته انهيءَ جا حواس صحيح ڪم ڪرڻ لڳندا ۽ سڄو منظر ڄڻ سامهون پسندو:

مٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کڙيون کيهه ڀڪليون، پگهر سِرِ پيرن،
اي وَڙَ ويڙهيچن، مون لوڏائين لکئا.
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 7/8)

خوشحالي ۽ آزادي:

شاهه صاحب هن خطي جي معاشي، سماجي ۽ سياسي زندگيءَ کان به واقف هو. “راڻن جي صاحبيءَ ۾ ٿر ۾ اهو رواج هو ته، جنهن کي جيتري زمين کپندي هئي، سو تيتري وڃي پوکيندو هو ۽ پنهنجي پيدائش سارو گاهه گادي نشين راڻي کي ڍل پهچائيندو هو. راڻا وري دهليءَ جي بادشاهه کي ساليانو ڏن ڏيندا هئا ۽ ايئن ڪيترائي سال پئي چرخو هليو، جڏهن اڪبر بادشاهه تخت تي ويٺو، تڏهن عمرڪوٽ جي راڻن جيڪي خدمتون سندس پيءُ جون ڪيون هيون، سي ياد آيس ۽ پنهنجي جنم جي ڳالهه به ياد ڪري، عمرڪوٽ جي راڻن کي لکيائين ته عمرڪوٽ منهنجي جنم جي جاءِ آهي، اوهين منهنجي والد سان بلڪل وفادار ٿي هليا هئا، تنهن ڪري توهان کان ساليانو ڏن وٺڻ آئون حرام ٿو سمجهان ۽ اوهان کي سڀ ڍلون معاف آهن! اڪبر بادشاهه جي هن حڪم جي پڌرائي ٿي ته سڄي ٿر ۾ واهه واهه پئجي وئي ۽ هرڪو ائين چوڻ لڳو ته اڪبر بادشاهه، عمرڪوٽ ۾ ڄائو، جنهن سڄي ٿر مان رائر (ڍل) جو رواج بند ڪري ڇڏيو.
شاهه جي رسالي مان ڏسجي ٿو ته، شاهه لطيف جڏهن ٿر ۾ گهمڻ ويو هو، تڏهن به ڍل جو رواج ٿر ۾ ڪونه هو. اها خبر رسالي ۾ ‘مارئي’ جي هيٺين تُڪ مان پوي ٿي، جنهن ۾ هڪ آزاد سماج، ماڻهن جي ظاهري توڙي اندروني خوبصورتي ۽ ٿر ملڪ جي عظمت کي پيش ڪيو آهي:

“نڪا جهل نه پَل، نڪو رائر ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهُرين، روڙيو رتا گُل،
ماروُ پاڻ امُلَ، مليرون مرڪڻون. “
(گربخشاڻي، سُر مارئي، 7/7)

ننگرپارڪر پاسي جن راڻن راڄ ڪيو ٿي، تن به اهو ئي دستور اختيار ڪيو ۽ سڄي ٿر مان ڍل جو نالو ئي نڪري ويو.” (10)

وقت جو صحيح استعمال:

وقت تمام قيمتي آهي. ٻي هر شيءِ ماڻهو وس ڪري حاصل ڪري ٿو وٺي، پر گذريل وقت ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ٿو ورائي سگھي. زندگي جا بنيادي ٽي مرحلا آهن.

ٻالڪپڻ جواني 3. پوڙهاپڻ
سگھڙن/ڄاڻن ٻالڪپڻ کي سنجھو، جواني کي آڌي رات، ۽ پوڙهاپڻ کي اسُر سان تشبيھ ڏني آهي.

ڍاٽڪي لوڪ ادب ۾ هڪ ٽِڪڙيو ملي ٿو ته،

سنجھي جاڳڻ سون پاوڻ،
آڌي جاڳڻ رُپو،
اسُر جاڳڻ رهيو نه هيڪ دُڪو.
(سنجهي سجاڳ ٿيڻ سان سون ملندو، آڌي جاڳڻ سان چاندي، ۽ اسر جاڳڻ سان ڪجھ به نه ملندو).

رات جي ٽن پهرن کي زندگيءَ جي ٽن مرحلن سان ڀيٽيو ويو آهي. انهيءَ تمشيل کي سامهون رکندي، اسان هيٺيون بيت پڙهنداسين ته، اسان کي انهي بيت مان وقت جي صحيح استعمال ۽ ان تي پڇتاءُ جي پروڙ پوندي.

آڌيَ اُٿِيَنِ تي، جيلاهَ پاڻي پاتارَ ۾،
وارو ويسَرينِ کي، ڏِيهان ڪونه ڏِئي،
مون ڪميڻِي کي، مٿا کوهَ کڻي وئا.

گربخشاڻي، ص: 334، بيت 10، داستان 8)

متضاد شين مان سچ يا اصل شيءَ جي اهميت:

شاھ لطيف هڪ هنڌ چوي ٿو ته: ‘ڏک سکن جي سونهن، گھوريان سک ڏکن ري.’
هر متضاد شيءَ، پنهنجي جوڙ جي وضاحت هوندي آهي. ڪارو رنگ اڇي جو احساس ڏياري ٿو. اونهائي مان اوچائي جو پتو پوي ٿو. ڏک ئي آهن، جن مان سکن جي هجڻ جو احساس ٿئي ٿو.
بلڪل اهڙي ريت مارئي چوي ٿي ته، قيد يا بند وارا ڏينهن ئي سُٺا ۽ عظيم آهن. جتي رُنم، وصال کي تڙپيس، جيڪي ڳوڙها ڳاڙيم، انهن منهنجي نينهن کي نروار ڪيو.
اهي ڏينهن مون تي نه اچن ها، ته مون کي ڪيئن خبر پوي ها ته منهنجي اندر ۾ پنهنجن ماروئڙن لاءِ ڪيتري محبت ۽ سڪ آهي.

سَکَر سيئِي ڏِيههَ، جي مون گھاريا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وڏَ ڦڙا، مٿي ماڙِن مِيههَ
واجھاڻِيَسِ وصالَ کي، ٿيَسِ تَهِوارون تِيَ،
نيَرُ مُهِجي نِيههَ، اُجاري اَڇو ڪِئو.

(گربخشاڻي، ص 340، بيت 8، داستان 11)

اميد پرستي:

اميد پرستي، انسان جي هاڪاري روين مان هڪ آهي، اسان جيڪو ڪجھ سوچون ٿا، جيڪو ڪجھ ڪريون ٿا. انهن جي پويان اميد جو وڏو هٿ آهي. اميد ئي آهي جنهن سبب اسان جيئرا آهيون، نه ته زندگي ڇسي ٿي وڃي. مارئي قيد ۾ آهي، نٻل، نستي، ڪمزور، بي مدد آهي، پر اميد ئي آهي، جيڪا هڪ جابر سان مهاڏو اٽڪارائي رهي آهي ۽ سوچي پئي.

مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏهين.

ڀرم يا عزت:

انسان کي ڀلي ڪهڙن ئي مرحلن ۽ مشڪلاتن مان گذرڻو پوي،پر شين، رشتن ۽ پنهنجائپ جو ڀرم نه ٽوڙڻ گھرجي اصل، حقيقي ۽ سچي شئي جي عزت ڪرڻ گھرجي. جيئن مارئي ڪيو.

ڀَرَمُ ڀاروڙِيِ رَهي، جِههِ ۾ اَڇي اُن،
ته پُڻِ ويٺِي وِنڌيان، توڙي پُونِس تُن،
غافِلِ رکُ غريبَ کي، عمر! منجھ اَمُن،
سَرتيَن ساڻِ سَمُن، آهِمِ اُٺي مِيهَڙي.

( گربخشاڻي، ص 330، بيت 18، داستان 6)

پنهنجي اصل کي نه وسارڻ:

اسان پنهنجي آس پاس تي نظر وجھون، پنهنجي سڃاڻپ وارن تي غور ڪريون يا کڻي پنهنجو پاڻ کي ڏسون ته، هڪ ڳالهه سمجھ ۾ ايندي ته، اسان وقت سان گڏوگڏ مٽجندا ٿا رهون. وقت ۽ حالتن تحت مثبت تبديلي کي ضرور پنهنجائجي پر انهيءَ ۾ هٻڇ، لالچ، لوڀ، شارٽ ڪٽ، ٻئي کي ڏسي پاڻ کي مٿي ڪرڻ، يا پنهنجي معاشي يا سماجي خوشحالي کان پوءِ پنهنجي اصليت کي، پنهنجي ڌرتي کي، پنهنجن کي وسارڻ به ٺيڪ نه آهي. شاھ لطيف مارئيءَ جي ڪردار جو ماروئڙن سان جڙيو هجڻ جو مثال ڏيندي چوي ٿو ته اسان پنهنجن سان ازل کان انگيل آهيون، اسان کي پنهنجن کي ڪنهن به صورت ۾ نه وسارڻ گھرجي.

نڪا ڪُن فَيَڪُونُ هئي، نڪا مُورَت ماهَ،
نڪا سُڌِ ثواب جي، نڪو غَرضُ گناھ،
هيڪائي هيڪُ هئي، وحدانِيتَ واهَ،
لَکيائين لطيفُ چي، اُت ڳُجهاندَرَ ڳاهَ،
اَکيَنِ ۽ اَرواحَ، اُها ساڃاه سُپرِين.

(گربخشاڻي، داستان 1، ، بيت 7،ص: 318)

حاڪم کي رعيت جو تحفظ ڪرڻ:

اسان ٻي جي عزت ڪنداسين يا تحفظ ڪنداسين ته اُهو اسان جي به ڪندو يا بنا ڪنهن موٽ جي هيڻن جو همراھ ٿجي. اهو ته عام ماڻهو جي لاءِ آهي. پر وقت جي حاڪم لاءِ ته لازم آهي ته، اهو رعيت جو هر حوالي سان خيال رکي. سندس عزت، مال يا جان جي پنهنجي جان ڏئي حفاظت ڪري. پر جيڪڏهن بادشاھ ئي رعيت جي ننگن ۾ اک وجھي ۽ هٿ وجھي ته، ويچاري عوام ڪنهن در دانهن ڏيندي.

جُه سي لوڙائو ٿئا، جَنين سندي ڌِير،
ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.

يا اهڙي ڪُڌي عمل جو احساس ڏياريندي چوي ٿي ته.

پاڇاهي نه پاڙيان، سَرَتيون! سُئِي ساڻ،
ڌَڪِي اُگھاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍڪيائين پاڻ،
ٻِيهَر چاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصاف کي.

(گربخشاڻي،ص 332، بيت 14، داستان 7)

حب الوطني:

حبالوطني ايمان جو جز آهي. حب الوطني انفراديت جي حوالي سان اطمينان آهي ته اجتمايت جي حوالي سان عظمت. ڌرتيءَ سان محبت اصل ۾ انهيءَ ڌرتيءَ سان وابسته هر شيءَ پکي، پکڻ، ماڙهو، مرون، جانور، وڻ، واھ ، ڍورا، دڙا، ڀڙا ۽ ڀٽون وغيره سڀ جڏهن اسان پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪڻي ڪڻي سان محبت ڪنداسين ته پوءِ انهي جي حفاظت ڪري سگھنداسين، ته انهيءَ کي سينگارڻ لاءِ محنت به ڪنداسين، اهڙي ريت پنهنجي ڌرتي واسين جي خدمت به ڪري سگهنداسين. ڪنهن ڊپ، ڪنهن لالچ، ڪنهن بدگماني سبب کين ڇڏي، جانورن وانگر صرف پنهنجي پيٽ جي نه ڪنداسين. مارئي جو ڪردار ڀرپور طور تي حب الوطنيءَ مثال آهي. شاھ صاحب مارئيءَ جي ڪردار ۽ عمر مارئيءَ جي قصي مان حب الوطني جي فڪر کي ڳايو.

واجھائي وطن کي، آئون جي هت مياس،
گور مُهجي سُومَرا!، ڪِجِ پَهُنوارَنِ پاس،
ڏجِ ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجهان وَلڙِن واسِ،
مُيائِي جِياسِ، جي وڃي مَڙهُ مليرَ ڏي.

(گربخشاڻي، ص 330، بيت 12، داستان 6)

انهيءَ کان علاوه سُر ڏهر، سُر رپ، سُر سارنگ ۽ ٻين مٿي بيان ڪيل سورن جي موضوع جي حساب سان اهڙا ڪيترائي مثال بيتن ۽ واين جي روپ ۾ ملن ٿا، تن مان واضح خبر پوي ته شاهه صاحب ڪيترائي دفعا ٿر گهميو هو ۽ پان ٿر جي ٻولي، رهڻي، ڪرڻي، ريتن رسمن، تاريخ، جاگرافي، ماحو، آبهوا وغيره سڀني جو هڪ سائنسدان وانگر ڄاڻ رکندڙ هو.

نتيجا:
مٿين سڄي بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته، شاهه صاحب، سنڌ جي هن ملوڪڙي خطي ٿر سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. نتيجي طور شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ ٿر ۽ اتان جي ماحول کي تمام گهڻي ترجيح ڏني آهي. ٿر جي زمين، اتان جي ماحول، ثقافت، ريتن رسمن، موسمن، ماڻهن پاران ايڏي غربت، بک، بدحالي ۽ بيماري ۽ هجڻ جي باوجود پنهنجا ڀونگا نه ڇڏڻ ۽ انهن سان محبت ڪرڻ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان واڳيل هر شيءِ کي روح ۾ رجائڻ، مهمان نوازي، سماجي سهپ، پنهنجي اباڻن ۽ پنهنجن جي سُئي به بادشاهي کان مهان ۽ معتبر سمجهڻ، سادگي، سچائي، وفائي، خوبصورتي، پنهنجي ثقافت سان پيار ۽ آزاد زندگي گذارڻ وغيره، سڀ خوبيون شاهه صاحب ٿر ۾ ڏٺيون ۽ انهن جو اثر شاهه صاحب جي سوچ تي پيو ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيائين ۽ انسانيت جي عظمت جي نڪتن کي نروار ڪري، هڪ مڪمل انسان هجڻ جو درس ڏنائين ۽ هڪ سڌريل سماج جو سبق سيکاريائين.

حوالا:
بدر ابڙو،’سنڌ جو شاهه’، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2000ع، ص: 156 ۽ 157
ساڳيو، ص: 157
ساڳيو،ص: 158 ۽ 159
ساڳيو،، ص: 160
ساڳيو،ص: 160
محمد عمر معمور يوسفاڻي: سُر ڏاهر جو مطالعو، (مقالو)؛ ‘سُر ڏهر’: مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه/حيدرآباد، 1989ع، ص: 17، 18 ۽ 22
شيخ محمد اسماعيل: سُر ڏهر (موضوٿ، مودا ۽ متن جي ڇنڊڇاڻ)؛ ‘سُر ڏهر’: مرتب: ڊاڪٽر نواز علي شوق، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه/حيدرآباد، 1989ع، ص: 70
يوسفاڻي، معمور،’لطيف جا ٿر تان ڀيرا’، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در، شڪارپور، 2001ع، ص: 28
ساڳيو، ص: 29 ۽ 30
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ‘سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ’، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد/لاڙڪاڻو، 2003ع، ص: 57 ۽ 58