لطيفيات

نوري، ناري ۽ عدم

هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 

Title Cover of book نوري، ناري ۽ عدم

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علم، عقل، عشق ۽ عمل

دنيا، خاص ڪري سنڌ جي بزرگ هستين جي عظمت جي حوالي سان علم، عقل ۽ عشق جو تذڪرو تمام اهم موضوع رهيو آهي. جڏهن ته ڪيترن ئي بزرگن لاءِ ڪيترائي ماڻهو علم، عقل ۽ عشق کان علاوه الاهي رازن جي کلڻ تي پڻ عقيدو رکن ٿا، ته فلان بزرگ تي الله جي رضا سان ڪيترائي راز کليا ۽ الوهيت جي اونهائين جي اپٽار ٿي ۽ ڪائنات جي رازن تان خدا خود انهن بزرگن وسيلي پردا کنيا. انهن بزرگن جي پوئلڳن ۽ روحانيت جي راهگيرن موجب ته، رنگيءَ جي رنگن جا راز ڪير ٿو ڄاڻي. ٻي پاسي انهن بزرگن جي زندگين ۽ انهن سان وابسته واقعن ۽ روايتن تي غور ڪنداسين ته ڪيتريون ئي روايتون هڪ ٻئي جي ابتڙ نظر اينديون. منطق انهن روايتن اڳيان گوڏا کوڙي ٿو ڇڏي، ۽ اٿندڙ سوالن جا جواب انساني دماغ جي وس کان ٻاهر جي ڳالھ لڳندي آهي. انهي ڳالھ کي واضح ۽ ثابت ڪرڻ جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھن ٿا.
صوفين جي ويجھو عقل نه، پر عشق کي اهميت آهي. انهن موجب سچ جي تهه تائين ۽ اصل حقيقتن تائين صرف عشق جي ذريعي ئي پهچي سگهجي ٿو. سچل سرمست عشق جي عظمت بيان ڪندي، عقل وارن کي پري ڇڏي ڏنو آهي،

“اوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.”

قاضي قادن چيو،

“سي ئي سيَل ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.”

يا وري

“ڪنز، قدوري، قافيه، پڙهي ڪين پڙهيوم،
سو پار ئي ٻيوم، جيئان پرين لڌوم.”

۽ شاھ لطيف فرمايو ته،

“پڙهئو ٿا پڙهنِ، ڪَڙهن ڪين قُلُوب ۾،
پاڻا ڏوه چڙهن، جي ورق ورائن وترا.” (1)

يا اڃا به هيئن چوي ٿو ته،

هلائيج هينئن ۾، الف سندي اوڙ،
ته ڪتابن جي ڪوڙ، منجھان ئي معلوم ٿئي.

اڃا به هيٺيون بيت ملاخطه فرمايو؛

“اکر پڙه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهنده ڪيترا.” (2)

اسان اندر ته اجاريو ئي ڪونه، نه ئي عشق جي واٽ لڌيسين. نه وري الف هٿ آيو ۽ نه ئي پنا پڙهياسين. انهن صوفين، عالمن ۽ مُفڪرن جي ڳوڙهي ڳالھ سمجھڻ جي بجاءِ، انهن کي به اُمي، اڻ پڙهيل چئي، اِهو چيوسين ته پڙهڻ ۾ ڪو فائدو ناهي، خود کي اِهو چئي، مطمئن ڪري ويهي رهياسين ته ڪو ٿو ڪاغذ ڪورين؟

“ظاهر ۾ زانِي، فڪر منجھ فنا ٿِئا،
تَنِين کي تعليم جي، ڪُڙهه اندر ڪانِي،
حرف حقانِي، دَورُ ڪِئائون دِل ۾.” (3)

شاھ سائين جي نظر ۾ درد جي دور ۽ سور جي سبق سان ماٺ ڪري اندر ۾ فڪر ڪرڻ ئي علم آهي، جنهن سان اصل پسي سگھجي ٿو.

“جن کي دور درد جو، سبقُ سُور پڙهنِ،
فِڪر ڦرَهي هَٿَ ۾، ماٺ مطالع ڪَن،
پنو سو پڙهن، جہ ۾ پَسَن پري کي.” (4)

عشق سان سواءِ اکر اڀاڳا آهن؛

“اکر پَڙهي اڀاڳئا! قاضي ٿہ ڪِئاءُ؟
ڀيرين ۽ ڀائِيين، ايڏا اِي نه آءُ!
اَنِ سُرِڪِي سندو ساءُ، پُڇجِ عزازيل کي.” (5)

“وسرِئومَ سبقَ! پهرين سِٽ نه سنڀران!
اَڃا هِي وَرَقُ، هَيءِ! مطالِع نه ٿئو!” (6)

هيٺين بيت ۾ قول/ڪتاب/ورق/پڙهڻ/ڪهڻ جي بجاءِ عمل/فعل/رهڻ تي زور آهي.

“جنءَ جنءَ وَرَقَ ورائيين، تينءَ تينءَ ڏٺو ڏوه،
تِہ ڪَهڻي ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻي رهيو نه سپرين.” (7)

البرٽ آئنسٽائن چيو ته”Imagivation is more important than knowledge.”ڪاڳر/ڪتابن مان اسان کي ڄاڻ ملي ٿي، پر اُها ڄاڻ اصل ۾ سوچ، فڪر ۽ Imagination جو نتيجو آهي. سوچڻ سان خيال جڙن ٿا ۽ ڪو به فن پارو سرجي ٿو. شاھ لطيف پڻ انهي بنيادي سرچشمي جو ڏس ٿو ڏئي، ته ڪتاب مان اُهو نه ورندو، جيڪو ڪائنات جي ڪتاب مان ملي سگهي ٿو.

“ڪوه ٿو ڪاڳر ڪوريين؟ ويٺو وڃايين مس،
ڏورِ تِئائِين ڏِسُ، اکر جِئائين جُڙيا.” (8)

پر گھڻي وقت کان اِها ڳالھ ثابت به ٿيڻ لڳي آهي ته، اِهي عالم، مُفڪر، شاعر اُمي يا اڻ پڙهيل نه هُئا، نه آهن. انهيءَ سينواريل سر ۾ پهريون پٿر ڊاڪٽر گربخشاڻي اڇلايو هو. هو شاھ لطيف مُتعلق لکي ٿو ته،

“عام اعتماد آهي ته، شاھ عبداللطيف کي باترتيب درسي تعليم ڪانه ملي. ان مان منطقي دليل سان چئي نه سگھبو ته شاھ، ڪو اُمي يا اڻڄاڻ هو، جيئن ‘تحفته الڪرام’ ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ ڪن ماڻهن جو وهم آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي ڇپايل رسالي جي مقدمي ۾سچ چيو آهي ته، ‘اهڙي دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاھ جو ديوان ئي ڪافي ثبوت آهي، جنهن ۾ هُن عربي ۽ فارسي زبانن جو اونهو مُحاورو ڏيکاريو آهي.’ بلڪه يقين سان چئي سگھجي ٿو ته ڪي قدر درسي تعليم ڪري ۽ ڪي قدر پنهنجي سر تجربي ۽ مطالعي ڪري، شاھ عبداللطيف ان زماني جي لياقت آهر، هر علم ۾ چڱي مهارت حاصل ڪئي. عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر هو ۽ پنهنجي مادري زبان تي ته کيس ڪُلي ضابطو هو. نه فقط ايئن، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪي قدر واقفيت هُيس، جهڙوڪ بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي، وغيره. ان کان علاوه سندس تاريخي معلومات به وسيع هُئي. سنڌ، توڙي هندستان جي ٻين ڀاڱن جي قصن ۽ ڪهاڻين کان به واقف هو. قرآن حديث، فقه، ۽ فلسفه، تصوف ۽ ويدانيت، صرف نحو وغيره جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجيس. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاھ ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس همراه هوندا هُئا، ۽ روايت آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي، هڪ نهايت عمدو سوناڪاري دستخط نسخو جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جو، کيس تحفي طور ڏنو هو. هاڻ جي شاھ اُمي هُجي ها ته اهڙي تحفي موڪلڻ جو ڪهڙو مقصد؟ انهن ٽنهي ڪتابن ۽ علمن مان ڪيترا مضمون پنهنجي شعر ۾ داخل ڪيا اٿس، ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڪِن آيتن ۽ بيتن جو هو بهو ترجمو ڏنو اٿس... اِها لاجواب ثابتي آهي ته شاھ عبداللطيف پنهنجي زماني ۾ يگانو ۽ عالم شخص هو.” (9)

شاھ لطيف انهن بزرگن ۽ عالمن جي عظمت جي ساک هيئن ٿو ڏي ته:

“ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
انهن جي عبداللطيف چئي، مِٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آگھ ان جي.”(10)

انهن بزرگن جي مِٽي مان ڪيئن ٿي وٺي؟ ڪوڙين انهن جي آڳھ تي ڇو اچي سلامي ڀرين ٿا؟ ڇا انهن کي ساري رات جاڳڻ سان اِهو مقام مليو يا انهن جي عظمت جو انگ آگي ازل کان ئي لِکي ڇڏيو هو؟ انهن ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولهڻ لاءِ اسان کي پنهنجي من کي منور ڪري، دماغ جو کڙڪيون کولي، علم ۽ انهن عظيم ماڻهن کي بحيثيت عالم سمجھڻو پوندو، جنهن ڪم ۾ هيل تائين اسان ناڪام ويا آهيون.

هڪڙي پاسي اِها ڳالهه آهي، انسان ‘اشرف المخلوقات’ آهي، ۽ انسان جو روح خدائي نور جو جُز آهي. مالڪ پاڻ قادر آهي، انسان کي مليل سمجھ آڌار ٻي مخلوق کان معتبر آهي. سمجھ جو علم ۽ عقل سان گھرو تعلق آهي. ۽ اِها سمجھ، عقل، نيڪي ۽ تعريف ڪرائي ئي، ۽ اِها تعريف ئي نيڪ ۽ به عمل ڪرڻ/ ڪرائڻ جو بنياد رکي ٿي.

جيئن اقبال چوي ٿو ته،

عمل سي زندگي بنتي هي، جنت ڀي، جهنم ڀي،
يي خاڪي اپني فطرت ۾، نه نوري هي نه ناري.

حديث مبارڪ آهي ته، ‘عملن جو دارومدار نيتن تي آهي’. ڏسجي ته، نيت، خواهشن تي آڌاريل آهي ۽ خواهشن جو تعلق سمجھ سان آهي.

مطلب ته نيڪي يا بدي جي چونڊ لاءِ سمجھ گھربل آهي، ۽ اِها سمجھ ئي انسان جي انسان هجڻ جو ڪارڻ آهي. سمجھ، عقل يا فهم جا سرچشما ڪيترائي آهن، جتان انسان کي ملي، انهن مان سماج ۽ فطرت اهم آهي، انسان اڳ جي انسان جي فڪر ۽ سوچ جا نتيجا پڻ. مطلب ته مشاهدو ۽ مطالعو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته مطالعي يا مشاهدي جو تعلق انسان جي شعور سان آهي، جيڪو عمر جي هڪ مخصوص حد سان جڙندو آهي، انهيءَ ڳالهه کي بنياد بڻائي اسان اڳتي هڪ سوال تي بحث ڪنداسين.

جڏهن ته ٻي پاسي صوفين وٽ علم، عقل ۽ عمل کان وڌ عشق جي اهميت آهي.

عشق ڇا آهي؟ اِهو به هڪ وڏو سوال آهي، شاهه عبدالطيف جي فڪر ۾ عشق فنا ٿيڻ جو نالو آهي، پاڻ وڃائڻ آهي، ڇا اِهو فنا ٿيڻ يا پاڻ وڃائڻ پويان ڪٿي، ڪا سوچ سمجھ يا عقل جو ڪردار آهي يا بي عقلي ۽ بي سمجھي ۾ عشق ڪبو آهي يا ٿيندو آهي، يا ڇا بي سمجھي يا بي عقلي فنا ٿيڻ جو نالو آهي، منهنجي خيال ۾ اصل سمجھ ئي اِها آهي، اصل عقل ئي اِها آهي، جنهن جي آڌار تي عاشق عشق جي عميق ۾ گھڙي ٿو ۽ سچ ۽ حق ۾ فنا ٿي ٿو وڃي. اهڙي عظيم cause لاءِ خود کي فنا ڪري ڇڏڻ، بي عقلي ته نه چئبي، اصل عقل ته اِها ئي هوندي. پر ڳهيلي لوڪ جي نظر ۾ برابر اِها بي سمجھي چئبي. اسان بي سمجھ ماڻهن جي سوچ کي بنياد بڻائي، انهن عظيم ماڻهن جي عمل کي يعني عشق کي فنا ٿيڻ کي بي سمجھي يا بي عقلي ڪيئن چئون؟ ڇو انهن ماڻهن کي بي عقل ۽ بي سمجھ چئون، جيڪي مادي مفادن ۽ فاعدن جي انگن جا هوشيار آهن.

جيئن لطيف سائين انهن دنياوي ماڻهن کي اڀاڳا ٿو سڏي، جن جي اندر ۾ اڌ ٿيڻ ۽ فنا ٿيڻ جي سڌ نٿي پيدا ٿئي.

“وحدَهُ جي وڍئا، ڪئا الاءَ اللہ اڌ،
سي ڌڙ پَسِي سڌ، ڪہ اڀاڳي نه ٿئي.” (11)

اڌ ٿيڻ جي سڌ ٿئي ٿي، ۽ سڌ يعني خواهش جو تعلق سمجھ ۽ سوچ سان آهي. مطلب ته عشق جي پس پرده پڻ عقل هوندي آهي. جيڪا علم سان پڻ جڙندي آهي. اهڙي ريت علم جو انسان جي عظمت سان گھرو تعلق آهي.

ابو نصر سراج لکي ٿو ته، “اصحاب حديث، فقهاءَ ۽ صوفيه، انهن مان هر هڪ ڪنهن نه ڪنهن علم، عمل، ۽ حقيقت سان موصوف آهي ۽ درحقيقت انهن مان هر صنف ۾ علم، عمل، فهم، مقام، مڪان، فقه، ۽ بيان (تقرير) ملي ٿي.” (12)

ان کان علاوه ڪيترائي روحانيت جا پانڌيئڙا روحاني يا باطني علم جي سمنڊن ۽ دريائن جا دليل ۽ گهرايون رکن ٿا. باطني علم جي منزلن جي باري ۾ محترم سرفراز اي. شاهه پنهنجي ڪتاب ‘فقيري رنگ’ ۾ لکي ٿو ته، علم ولايت يا علم باطني جون 19 منزلون آهن، جيڪي هن ريت آهن.

پهرين منزل تي اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن مان اڪثر کي پاڻ به پروڙ نه هوندي آهي، ته ڪو اهي علم باطنيءَ جي راهه تي هلي رهيا آهن. سندن تعداد 40،000 چاليهه هزار هوندو آهي. کين اهل اللہ، اهل ارشاد، رجال اللہ به چيو ويندو آهي. اهي پاڻ تي رکيل ڪم سر انجام ڏيندا آهن، هنن لاءِ ته موڪل جو به ڪو تصور ناهي. خدا نه ڪري جو انهن مان ڪو غير حاضر ٿي وڃي ته هڪدم سندس جاءِ تي ٻيو ماڻهو اچي ويندو آهي. ايئن انهن جو تعداد پورو چاليهه هزار ئي رهندو آهي.
علم باطنيءَ جي ٻي منزل تي پهتل انسان ‘اهلِ الحق’ يا ‘اهل عمران’ سڏبا آهن. انهن جو تعداد 272 هوندو آهي. انهن مان ڪجهه ‘حالتِ سَڪُر’ ۽ ڪجهه ‘حالتِ صحوَ’ ۾ هوندا آهن. ‘حالتِ سَڪُر’ ان حالت کي چئبو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي هوش حواس کان بي نياز ٿي ويندو آهي، سندس پنهنجي ئي ذهن تي ضابطو نه رهندو آهي. پر ‘حالتِ صحوَ’ ۾ رهندڙ انسان باهوش ۽ پنهنجي ذهن تي مڪمل ضابطو رکيل رهندا آهن.
باطني علم جي ٽين منزل تي جيڪي انسان پهتل هوندا آهن، انهن کي ‘اوتار’ چيو ويندو آهي. (هي لفظ هندي ٻوليءَ ۾ به آهي، جنهن جي معنيٰ لٿل آهي) ‘اوتارن’ جو ڳاڻيٽو 373 هڪ ئي دور ۾ هوندو آهي ۽ اهي زمين جي چوڌاري، چئن بُرجن تي پهريدار ڪندا آهن.
چوٿين منزل پهتل انسانن کي ‘صالحين’ سڏبو آهي. دنيا ۾ سندن تعداد 676 هوندو آهي. انهن مان ڪجهه ‘حالتِ صحوَ’ ۾ رهندا آهن.
علم باطنيءَ جي پنجين منزل تي پهتل انسانن کي ‘اوتاد’ سڏبا آهن. کين لاهوت ۽ تاهوت تي نظرداريءَ تي مقرر ڪيو ويو آهي. هو تعداد ۾ 233 هوندا آهن. هيءَ ئي اُها منزل آهي، جتان ‘فُقراءَ’ جو اصل روح نڪرندو آهي، ۽ ‘فقر’ جي ابتدا ٿيندي آهي.
هن علم لدنيءَ جي ڇهين منزل تائين رسيل شخص کي ‘اخيار’ چيو ويندو آهي. هي به ‘حالتِ سَڪُر’ ۽ ‘حالتِ صحوَ’ ۾ رهندڙ هوندا آهن، هو ڪل ڪائنات ۾ 313 جي انگ ۾ موجود آهن.
علم لدنيءَ جي هن منزل تي پهتل انسان مشهور هوندا آهن ۽ سندن لاءِ اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته، هي ‘ابدال’ آهن. ڪائنات ۾ سندن ٽولي ۾ 72 ڄڻا هوندا آهن. انهن ابدالن مان ڪجهه حضرت خضر عليه رحمت سان گڏ گهمندا آهن، ۽ ڪجهه دنيا ۾ اڏار ڪندا پسار ڪندا رهندا آهن. هو اڪثر ستن ستن جي ٽولن ۾ هلندا آهن. هڪ روايت مطابق انهن ابدالن مان 11 ڄڻن جي حضرت علي ڪرم اللہ وجه جي روضي تي نگراني ڪرڻي هوندي آهي.
هن علم جي اٺين منزل تي پهتل انسان ‘مقرب الحق’ چيا ويندا آهن. هيءَ ان علم جي انتهائي اهم منزل آهي. هي تعليم ڏيڻ تي مامور ٿيل هوندا آهن ۽ سندن تعداد چاليهه آهي. هي پنهنجي نوعيت ۾ بظاهر ابدال ئي هوندا آهن. اڃا به کانئن هڪ قدم اڳتي هوندا آهن ۽ هو ماڻهن ۾ علم جو ڦهلاءُ ڪندا آهن.
باطني علم رکندڙن جي نائين منزل وارن کي ‘ابرار’ سڏبو آهي. سندن تعداد 227 رهندو آهي. جن مان ٽي هر وقت حضوريءَ (حضرت رسول جي) ۾ هوندا آهن ۽ باقي 224 دنيا جي نظرداري ڪندا رهندا آهن.
هن باطني علم جي ڏهين منزل وارن جو مقام ‘قطب’ کان مٿانهون آهي، پر ماڻهن لاءِ منجهائيندڙ آهي. منازل يا طبقات ۾ ‘قطب’ کان گهٽ هوندا آهن ۽ ‘غوث’ چوائيندا آهن. هڪ ئي وقت ۾ ‘غوث’ بظاهر هڪڙو ئي هوندو آهي، جنهن کي ‘غوث الثقلين’ چوندا آهن. هي اصل ۾ ٽي هوندا آهن، جن مان ٻه آرام م رهندا آهن ۽ هڪڙو ئي دنيا جي نگراني ڪندو رهندو آهي.
باطني يا روحانيت جي علم جي يارهين منزل ماڻيندڙ انسان کي ‘نقيب اعليٰ’ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. هي هميشہ ‘حالت صحوَ’ ۾ رهندا آهن. حالتِ صحوَ ان ڪري بهتر آهي، جو ان منزل تي پهتل انسانن کان ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ٻول نڪرندا آهن. کين پنهنجي زبان تي ضابطو رهندو آهي، ڇو ته ورنه ڪڏهن به هو ان حالت مان نڪري سَڪُر جي حالت ۾ هليا ويندا آهن ۽ حالتِ جذب ۾ اچي، ڪا اهڙي ڳالهه نه چئي وجهن، جنهن مان خلقِ خدا جو نقصان ٿئي. ان ڪري هو حالت صحوَ تي ڪاربند هوندا آهن.
هن علم جي ٻارهين منزل تي مامور فردن کي ‘رقيب علي الحق’ سڏبو آهي. هي اهو پد آهي، جنهن تي حسين بن منصور حلاج عليه رحمت پهتو هو. ‘رقيب علي الحق’ ڪڏهن به پاڻ کي ظاهر نه ڪندا آهن، پاڻ بابت ڪڏهن به ڪو بيان نه ڏيندا آهن، پر الله تعاليٰ اهڙن شخصن جي خوشبوءِ پاڻ ڪائنات ۾ پکيڙي ڇڏيندو آهي. هنن تي جڏهن اها حالت طاري ٿيندي آهي، ته سندن رسائيءَ جو پد سندن آڏو اچي ويندو آهي ۽ هو پاڻ هرتو ‘اناالحق’ جو نعرو هڻي ويهندا آهن، تڏهن اهڙا درويش ماڻهن هٿان شهيد ٿي ويندا آهن. ‘رقيب علي الحق’ اهڙو مقام آهي، جتي اولياءَ اللہ تعاليٰ جي حضور ۾ رهي، کيس اهڙو پيار ڪرڻ لڳندا آهن، جو سندن دوري؛ دوري ئي نه رهندي آهي. تنهن ڪري هو ڪنهن جذب جي حالت ۾ اچي، ‘انالحق’ جو نعرو بلند ڪري وجهندا آهن. حضرت بايزيد بسطامي عليه رحمت به ٽي ڀيرا ان حالت ۾ آيو هو، ۽ دعويٰ ڪري ويٺو هو ته “اني صبحاني ما اعظم شاني”، پر اتفاق سان بچي ويو هو.
تيرهين منزل اهڙو مقام آهي ۽ ان منزل جي دنيا ۾ وڏي دعويٰ ڪئي ويندي آهي، اها منزل ‘قطب’ جي آهي. هڪ ئي وقت ٽي قطب هوندا آهن ۽ زمين جي چئن ڪنڊن تائين نگاهه رکندا آهن. نگراني ڪندي هو پنهنجو پاڻ به وڃائي ويهندا آهن. ‘قطب’ جو تمام وڏو مقام ۽ ذميواريون به وڌيڪ هونديون آهن.
علم لدنيءَ جي چوڏهين منزل ‘قطب الاقطاب’ جي هوندي آهي. هي اهڙو مقام آهي، جڏهن ڪوئي اولياءُ ان مقام تي پهچندو آهي ته ڏاڪي اڳتي وڌندو ويندو آهي ۽ وڃي ‘قطب الاقتاب’ جي منزل تي رسندو آهي. ڪائنات ۾ ‘قطب الاقطاب’ هڪڙو ئي هوندو آهي، جو پوري ڪائنات تي نظر رکندو آهي. ‘قطب الاقطاب’ جي منزل تي پهچڻ کان اڳ ‘قطب الابدال’، ‘قطب الارشاد’ ۽ ‘قطب المسئله عين’ جو مقام به ايندو آهي ۽ انهن کان سواءِ هڪڙو درجو ‘قطب المدار’ جو پڻ آهي، جيڪو وڌيڪ جهونو senior هوندو آهي. ‘قطب العالم’، ‘قطب الاوتار’ ۽ ‘قطب القلندر’ جو درجو به ‘قطب الاقتاب’ جي منازل مان آهن. اهڙيءَ طرح انهن ۾ هڪڙو ‘قطب الشاهه’ جو مقام به ايندو آهي. اهي ڪائنات ۾ 13 جاين تي هوندا آهن. دورانِ حج بيت اللہ گهڻو تڻو ڪعبت اللہ يا مسجدالحرام عظام طور ساري ڌرتيءَ تي ڇانيل رهندا آهن. ‘حجر اسود’ تي انهن مان هر وقت ڪو نه ڪو موجود رهندو آهي.
علم لدنيءَ جي پندرنهن منزل تي جيڪو شخص هوندو آهي، اهو ‘نگران اعليٰ’ ڪوٺبو آهي. ‘نگران اعليٰ’ هڪ وقت ۾ هڪڙو ئي هوندو آهي.
باطني علم جي سورهين منزل ‘امام’ جي آهي. امام طريقت جي سلسلن جو والي ۽ نظردار هوندو آهي. هڪ دور ۾ سندن تعداد چار هوندو آهي ۽ پنهنجو وقت پورو ڪري تبديل ٿيندا رهندا آهن. هڪڙو امام دنيا ۾ زندگي پوري ڪندو آهي ته ٻيو سندس جاءِ تي موڪليو ويندو آهي.
علم باطنيءَ جي سترهين منزل به ‘امام’ جي آهي، هي ٻارنهن امام آهن. جن مان امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام کي مڙني تي فضيلت حاصل آهي. ٻنهي جو رُتبو انتهائي مٿانهون آهي. پر هاڻ اهو سلسلو ختم ٿي چڪو سندن مقام تي ٻيو ڪو به نه پهتو آهي.
ارڙهن منزل حضرت علي ڪرم اللہ وجه جي آهي، هو ‘باب العلم’ ۽ ‘باب البوتراب’ جي لقبن سان نوازيل آهي. ان مقام تي ٻئي ڪنهن به وليءَ جي رسائي ناهي.
اڻويهين يا آخري منزل رسول اللہ صلي الله عليه وسلم جي آهي. هي طريقت وارن جو سردار آهي، هن وٽ ئي طريقت جي مڙني معاملن جا آخري فيصلا ٿيندا.
اهي 19 منزلون يا درجات طريقتي علم باطنيءَ جا آهن. ڪجهه ٻيا درجات به آهن. جن ۾ فقر جا ڪجهه سلسل 1_10 آهن، ڪجهه 1_50 آهن ۽ ڪجهه ۾ 1_100 تائين به درجات آهن. اصل ۾ اهي ڏهه ئي آهن، ڇو ته پنجاهه درجات واري سلسلي ۾ هر هڪ درجي اندر پنج پنج درجات آهن ۽ 100 درجات واري سلسلي ۾ هر درجي ۾ ڏهه ڏهه درجات پنهان آهن. رتبي ۽ منزل ۾ به فرق آهي. فقير، غوث ۽ قطب الاقطاب کان اڳتي نه ٿو وڃي سگهي. امام جي مقام تائين ڪافي اولياءُ اللہ پهتا آهن.(13)

مٿي بيان ڪيل منزلن تي غور ڪبو ته، علم کي اهميت به نمايان ٿي ويندي. علم ۽ عقل جي اهميت کي سامهون رکندي، شاهه لطيف کي بحيثيت عالم سمجھڻ لاءِ اسان اِهو ڏسنداسين، ته سندس جنم، ڪٿي، ڪهڙي ماحول ۾، ڪهڙي دور ۾ ٿيو، پاڻ ڇا، ڪيئن، ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنهن ڪنهن کان علم پرايو؟ جنهن جي ڪري هو عالم، مفڪر بڻيو. علم جو عميت رسالو سرجيائين. علم جا درياءَ وهائي، پاڻ انهي پد تي پهتو.

شاهه لطيف جي زندگيءَ سان وابسته ڪيتريون ۽ روايتون ملن ٿيون، جن ۾ ڪرامتون ٻڌايل آهن. سندس پيدائش متعلق به ڪيترا ئي معجزا، شاهه حبيب کي شاهه لطيف کان اڳ جي ٻارن جو پيدا ٿيڻ، انهن جو گذاري وڃڻ، الف کان اڳتي نه پڙهڻ، ننڍپڻ ۾ کيڏندي کيڏندي جھنگ ۾ ويهي رهڻ، مٿان واري وري وڃڻ، ايتري ننڍڙي عمر ۾ شاهه حبيب کي شاعريءَ ۾ جواب ڏيڻ وغيره اهي ته ٻالڪپڻ جي عمر جون ڪرامتون آهن. بلوغت ۽ پڪي وهي ۾ به ڪيتريون ڪرامتون عام آهن. جيڪي مرزا قليچ، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻين اوائلي شاهه جي سوانح لکندڙ ڄاڻايون آهن. جھڙوڪ کي شاهه سائين جي ٻار جو گرڀ ۾ ئي سُڪي وڃڻ، يا غلام شاهه ڪلهوڙي جو سندس ئي دعا سان پيدا ٿيڻ وغيره.

هند، سنڌ يا دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي عالم ٿي گذريا آهن، جنهن جو تعارف عالم يا مفڪر جي بجاءِ بزرگ، درويش يا اولياءِ آهي. مثال طور قلندر لعل شهباز.لعل شهباز قلندر جي جنم ۽ بُنيادي علم بابت روايت آهي ته، “الله جي قدرت، پاڻ اڃا هن دنيا ۾ نه آيا هـئا ته پنهنجي والد بزرگوار کي، جو مجدد هئو. خواب ۾ چيائون ته، “مون کي ٻاهر آڻيو.” سندن والد صاحب کين جواب ڏنو ته، “بهشت مان ٻاهر اچڻ افضل آهي ڇا؟” وري پيءُ کي عرض ڪيائون ته، “دنيا ۾ ظهور ٿيڻ پڻ افضل آهي.” ڇا هي روايت’ لب تاريخ سنڌ ۾ آيل آهي؟ آخر سيد ڪبيرالدين کي سيد سلطان شاهه جو ان وقت مرند جو حاڪم هو. تنهن پنهنجي دختر نيڪ اختر جو سڱ ڏنو. جنهن مان سيد عثمان مرندي رح پيدا ٿيو. پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا. ننڍي هوندي ئي نيڪ سيرت ۽ ڪرامتن جا پيڪر هئا. ستن سالن جي عمر ۾ حافظِ قران ٿيا. گهرو ماحول ڇڏي ياد الاهي ۾ نڪتا، ستت ئي سندس والده ماجده وفات ڪئي، پاڻ ڪربلا معليٰ ۾ مقيم ٿيا، جتي والد صاحب سان ملاقات ٿين. ننڍي عمر ۾ عربي جا ڪتاب پڙهي ديني علم سان سرشار ٿيا. قرآني حڪم ‘سيروافي الارض’ تحت ڌرتي گھمي ڏٺائون ۽ ايران، عراق ۽ حجاز جا سڀ مقدس مقامات ڏٺائون زيارتون ڪندا، ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيا. سڄي زندگي مجرد رهيا . پاڻ قلندر ۽ صوفي المشرب هئا.

هڪ پاسي اِها ڳالھ آهي، ته منزلون ماڻڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽڻا پوندا آهن، عبادتون ۽ رياضتون ڪرڻ کان سواءِ پرين پانهنجو نٿو ڪري سگھجي، يا کڻي اهو به مڃجي ته، مالڪ جي مخلوق سان پيار ۽ اُن جي خدمت پڻ عبادت آهي. پر خالق جي انهي راز کي ڪير ڄاڻي ته، ڪيتران ئي بزرگن، ولين يا درويشن جي باري ۾ مشهور آهي، ته اُهي ڄمندي ڄام هُئا. جيڪڏهن اهڙين روايتن تي يقين ڪجي ته، پوءِ علم حاصل ڪرڻ، محبت، عشق، عقل وغيره سڀ جي هُجڻ وارو شرط مشڪوڪ ٿي ٿو وڃي، هو مالڪ آهي، جنهن کي وڻي ڏي، نه وڻي نه ڏي. انهيءَ لاءِ ڪو درجو ڪا اهليت يا حيثيت بي معني ٿي ٿي وڃي. پر وري سوال اڀري ٿو ته، جيڪڏهن اِهي هستيون ڄمندي ڄام هُيون ۽ آهن، ته پوءِ انهن کي ڪهڙي ضرورت هُئي، ظاهري ۽ باطني علم حاصل ڪرڻ جي؟ اُهي پنڌ ڪن ٿا، تن کي تسيا ڏين ٿا، من ماري ميڻ ڪن ٿا. هر اُهو در ڀيٽين ٿا، جتان کين ڪا علم جي لاٽ ٻرندي نظر اچي ٿي. اُهي علم ۽ آگاهي جا پانڌيئڙا ڇو ٿا ٿي وڃن، ۽ ٻين کي علم جي تلقين ٿا ڪن. پوءِ چاهي ڪير پهرين منزل تي هُجي، اٺين تي هُجي، ارڙهين تي حضرت علي ڪرم الله وجهه ‘باب العلم’ هُجي، يا اُوڻويهين منزل جو مالڪ ٻنهي جهانن جو سردار، حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ‘علم جو شهر’.

علم ڇا آهي؟ تنهن جي باري ڊاڪٽر غفور ميمڻ مختلف عالمن، مفڪرن ۽ ماهرن جا رايا ڏيندي لکي ٿو ته، “ڪن ماهرن جو خيال آهي ته شخصيت جو نشو نما جيڪا ذهني طور ٿئي انهيءَ کي علم چئبو آهي ۽ ڪن جو خيال آهي ته علم انسان جو اهو گڻ آهي، جيڪو جانور کان ڌار ٿو ڪري. مارڪس جو خيال هو ته علم فطرت، انسان جي موجوده ڳانڍاپي ۽ باهمي اسرارن کي پروڙڻ جو نالو آهي. وجودين جو چوڻ آهي ته علم وجود جي وجدان وقت داخلي سطح تي احساس جو نالو آهي. صوفي چون ٿا، علم انهيءَ وجدان جو نالو آهي، جڏهن ڪشف حاصل ٿيندو آهي ۽ شعوري سطح تي ذهن کي پروڙڻ جو نالو آهي. سائنسي خيال مطابق مادي جي تمام خاصيتن کي ڄاڻڻ ۽ انهن ۾ تبديلي ڪرڻ جو نالو علم آهي. ول ڊيورانٽ چيو هو ته علم حيرانيءَ کي پروڙڻ جو نالو آهي. مجموعي طور اسان ڏسنداسين ته علم پراسراريت کي پروڙڻ حيراني ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کي ختم ڪرڻ جو آهي. پر تاريخ جا مختلف تجربا ٻڌائين ٿا ته علم صرف ايستائين محدود ناهي بلڪه علم ماڻهوءَ جي حواسن کان بالاتر هڪ اهڙي ڪيفيت پڻ آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي. بنيادي طرح علم شعور جي ڪڏهن ٻاهر نڪري ايندي آهي. ان وقت سچائيءَ جو وجدان ٿيندو آهي ۽ ماڻهو عام رومانس کان نڪري ويندو آهي. اهو ئي وقت آهي جڏهن ڏاهپ ڏک جو سبب بنجي ٿي.”(14)

علم خود آگاهي به آهي. ته پرينءَ جو پُرجھڻ به، پاڻ ارپڻ جو احساس به ۽ محبوب کي ماڻڻ جي واٽ به. هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ ڪي ڪي وجود اهڙا آهن. جن کي خود آگاهي، پاڻ ارپڻ جي احساس، مثبت واٽ تي هلڻ کان اڳ ئي ڄمندي يا ڄمڻ کان اڳ ئي عظمت ڪيئن ملي؟ جنهن جا مثال شاھ لطيف ۽ قلندر جي حوالي سان مٿي ڏئي آيا آهيون. جڏهن ته عظمت جي منزل ته بهتر رستي جي چونڊ سان جڙي. ڪن مخصوص روحن کي آگي بي بها بالم ڪهڙي بنياد تي بڻايو؟ انهيءَ جا سبب يا معيار ڪهڙا آهن؟

شاھ لطيف جي ڪلام مان به اهڙن وجودن جي پروڙ پوي ٿي ته:

“اَوَتَڙ ڪِہ نه اولِئا، سُتَڙ وئا سالم،
هيڪائِي هيڪ ٿئا، اَحد سين عالم،
بي بها بالم، آگي ڪِئا اڳِهِم .” (15)

يا هيٺيون بيت ملاخطه فرمايو.

“آگي ڪِئا اڳِهِم، نسوروئي نُورُ،
لا خَوف عليهم ولا هُم يحزَنُونَ، سَچَنِ ڪونہ سُورُ،
مولي ڪِئو معمور، انگ اَزلَ ۾ اُن جو.” (16)

جڏهن ته، عالم اروح ۾ سڀ روح هڪ ئي وقت خلقيا ويا، جيڪي وحدت مان ڪثرت ٿيا ۽ ڪثرت وحدت وري ڪُل ٿيڻي آهي، ته پوءِ آگي اڳهين مطلب ڪڏهن انهن کي بي بها ڪيا، انهن جو انگ ازل ۾ ڪڏهن معمور ڪيو ۽ ان جو ڪارڻ ڇا هو؟ انهيءَ راز جي حقيقت ته هو ئي ڄاڻي.

جڏهن ته مٿي ڏنل بيتن مان ٻئين بيت ۾ اسان ڏسون ٿا ته، شاهه صاحب اِهو به چوي ٿو ته ‘سچن ڪونهه سور’ سچو ٿيڻ لاءِ ته نيڪ عمل، سچي ۽ صحيح راهه جي چونڊ وارو خيال اڀري ٿو. ته جيڪو سچ تي هلندو سو سچو. انهيءَ عمل (سچ جي راھ تي هلڻ جو عمل) جو تعلق سمجھ، شعور ۽ عقل سا آهي. ۽ انهيءَ انسان تڏهن هلي سگھي ٿو، جڏهن هو عمر جي شعوري حد ۾ داخل ٿئي. جيڪو عمر جي هڪ مخصوص حد کان پوءِ عمل ۾ اچي سگھي ٿو، جنهن جي پويان به سوچ، علم ۽ عقل جو عمل دخل آهي. جڏهن ته اسلامي فڪر يا فلسفو ته پنر جنم کي به نٿو قبولي، ته ڪو اڳئين جنم ۾ انهن جا اعمال اعليٰ هئا، جنهن جي بنياد تي انهن کي بي بها ڪيا ويا ۽ اُهي ڄمندي ئي سُتڙ ويا ۽ ڪڏهن به اوتڙ نه اوليا. بهرحال اِهو نڪتو اسان کي گھڻو ڪجھ سوچڻ لاءِ سوال اٿاري ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام مان اهڙا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جي انهيءَ نڪتي طرف ڌيان ڇڪرائن ٿا، سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ مان ڪي بيت پيش ڪجن ٿا.

“حبيب ئي هادي ٿِئو، رهنما راحت،
پيڙا نِنائين پاڻَ سين، لائي ڏيئي لت،
سُپريان صحت، ڏِنِيَمَ منجھا ڏُکندي.” (17)

“اور ڏُکندو اُو ٿيي، هادي جہ حبيبُ،
تِرُ تفاوتُ نه ڪري، تِہ کي ڪو طبيب،
رهنُما رقيبُ، ساٿَرِ صحت سُپرين.” (18)

“سوئي راه رَد ڪري، سوئي رَهنماءُ،
وَ تُعزِ مَنَ تَشَاءَ وَ تُذِلُ مَن تَشاءُ.” (19)

“صوفي صاف ڪِئو، ڌوئي وَرَقُ وُجُود جو،
تِهان پوءِ ٿِئو، جيري پَسڻُ پِري جو.” (20)

حوالا:
گربخشاڻي، هوتچند، مولچند، ‘شاهه جو رسالو’، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 27، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد،سنڌ، 1992ع، ص: 116
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 29، ص: 116
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 16، ص: 115
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 17، ص: 115
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 21، ص: 116
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 23، ص: 116
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 30، ص: 116
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 32، ص: 116
گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، ‘شاھ جو رسالو’، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2012ع، ص: 23
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ‘شاھ جو رسالو، سُر سريراڳ 3/1’،ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2009ع، ص: 112
گربخشاڻي، هوتچند، مولچند، ‘شاهه جو رسالو’، سر ڪلياڻ، داستان پهريون، بيت: 9، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد،سنڌ، 1992ع، ص: 98
سراج ابو نصر، ‘ڪتاب اللمع في تصوف، مترجم، ڊاڪٽر پير محمد حسن، اداره تحقيقات اسلامي، اسلام آباد، ص: 39
علم جي انهن منزلن بابت مواد، محترم ستار پيرزادي وٽان مليو. ستار پيرزادي اهي منزلون مٿئين ڪتاب مان ترجمو ڪيون آهن.
ميمڻ، غفور، مضمون: ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ علم جو فلسفو’، تحقيقي جرنل ڪلاچي، جلد ٽيون، شمارو چوٿون، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي، سال: ڊسمبر 2000، ص: 17
گربخشاڻي، هوتچند، مولچند، ‘شاهه جو رسالو’، سر ڪلياڻ، داستان پهريون، بيت: 5، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه مرڪز، ڀٽ شاهه، حيدرآباد،سنڌ، 1992ع، ص: 97
ساڳيو، سر ڪلياڻ، داستان پهريون، بيت: 6، ص: 97
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت: 3، ص: 103
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت: 4، ص: 103
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت: 7، ص: 103
ساڳيو، سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت: 5، ص: 114