سُر مارئيءَ ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو سماجي-لسانياتي ۽ ثقافتي اڀياس
شاهه صاحب سڄيءَ ڌرتيءَ لاءِ دعاگو هئڻ سان گڏ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ واهڻ وستيءَ سان بيحد پيار ڪندو هو، کيس لاڙ ۽ ٿر سان تمام گهڻي اُنسيت هئي. شاهه صاحب جي سير سفر مان اهو پتو پوي ٿو ته، هُو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ٿر گهميو ۽ اُتان جي ماڻهن جي سوچ، ڪرت، ثقافت ۽ ٻين سماجي پهلوئن جو ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ماڻيو، ۽ اتان جي قصن ۽ ڪردارن کي پنهنجي شاعريءَ جو بنياد بڻايائين.
سندس ڪلام ۾ ٿر جي وچولي ڀاڱي ڍٽ جي ڍاٽڪي ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال تقريباً هر سُر ۾ ملي ٿو. سُر مارئي، ڪردارن، قصي ۽ هر سماجي پهلوءَ کان مڪمل طور ٿر سان واسطو رکندڙ سُر آهي، جنهن ۾ استعمال ٿيل ڍاٽڪي ٻوليءَ جو سماجي، لسانياتي ۽ ثقافتي اڀياس پيش ڪجي ٿو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيلاني شاعر آهي، جنهن نه صرف سنڌ، پر سنڌ جي پاڙيسري علائقن کي به پيرين پنڌ ڪري مشاهدو ماڻيو ۽ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل حقيقتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايائين. عام ماڻهن جي ويجهو ٿيڻ ۽ انهن جي روزمره جي زندگي ۽ ڪاروهنوار جو حصو ٿي رهڻ سان ئي انهن جي سماجي، سياسي، معاشي، نفسياتي نڪتن تي شاعري ڪري، نه صرف انهن جي اندر جي اڌمن ۽ احساسن کي پنهنجي شاعريءَ جا موضوع بڻايائين.
هر سٺي تخليقڪار جي اها وڏي ۾ وڏي خوبي هوندي آهي ته، اُهو جنهن به علائقي جي سماج مان ڪردار کڻي ٿو، ته انهيءَ جون جاگرافي، سماجي، سياسي، معاشي حالتون، انهيءَ ڪردار جي عمر، ڪرت، سوچ، مسئلن ۽ سماج جي مجموعي نفسيات ۽ ٻوليءَ سان ٺهڪندڙ هجن. ڇاڪاڻ ته، شاهه صاحب هڪ مشاهداتي شاعر آهي، تنهن ڪري هُو انهن سڀني ڳالهين کان خوب واقف هو ۽ پنهنجي ڪلام جي ڪردارن جي ثقافتي زندگيءَ سان ٺهڪندڙ واقعن، قصن، ماحول ۽ ٻوليءَ ۾ پيش ڪيائين.
ٿر، پنهنجي فطري خوبصورتي ۽ انساني آفتن ۽ اهنجن جي ڪري مشهور ۽ انوکو آهي. جهڙي ڌرتي نرم ملائم آهي، تهڙي ئي اُتان جي رهاڪن جي طبيعت ۽ ان کان به وڌيڪ سندن مٺڙي، سپڪ سلوڻي ۽ نرم ٻولي!
شاهه صاحب ٿر وارو علائقو گهميو ۽ اتان جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو اثر قبوليو. معمور يوسفاڻي، ‘لطيف جا ٿر تان ڀيرا’ ۾ صفحي 14 تي لکيو آهي ته، ٿرپارڪر ضلعي جي خوش بختي آهي، جو سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 15 سُرن جو جاگرافيائي ماحول هن خطي سان آهي. هيٺين سُرن کي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح انهيءَ خطي سان وابسته چئي سگهجي ٿو.
سڌي ريت واسطي وارا سُر:
کنڀات، سارنگ، سورٺ، بروو سنڌي، مومل راڻو، رِپ، ليلا چنيسر، ڏهر ۽ مارئي.
اڻ سڌي طرح وارا سُر يا اهڙا سُر جن ۾ ڪجهه بيت اهڙا آهن، جيڪي هن خطي جي جاگرافيءَطرف اشارا ڪن ٿا:
سُر يمن ڪلياڻ، سُر پورب، سُر سامونڊي، سُر سريراڳ، رامڪلي ۽ کاهوڙي وغيره. (1)
لازمي طور جنهن خطي جا ڪردار ۽ قصا پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايائين ته، انهن جي ٻوليءَ جو استعمال پڻ سڀاويڪ هو.
ڍٽ، ٿر جو وچيون علائقو آهي، جنهن جي ٻولي ڍاٽڪي آهي، جنهن کي لساني طور سنڌي ٻوليءَ جو لاڙي لهجو، ڪڇي، مارواڙي، پارڪري، گجراتي، راجسٿاني ٻوليون وغيره گهيري بيٺيون آهن، جنهن ڪري ڍاٽڪيءَ جا به ڪيترائي لهجا جڙي پيا آهن. جي. اي. گريئرسن کان وٺي هدايت پريم ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي تائين اٽڪل سڀني محققن ڍاٽڪيءَ کي گاڏڙ ٻولي، سنڌيءَ جو لهجو يا سنڌي ٻوليءَ جي ٿري لهجي جو ننڍو لهجو وغيره وغيره سڏيو آهي. ڍاٽڪي ٻولي يا سنڌي ٻوليءَ جو لهجو ۽ ڍاٽڪيءَ جي لسانياتي خصوصيتن تي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ هڪ الڳ موضوع آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هيٺ سُر مارئيءَ ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جي لفظن جي استعمال جو سماجي، لسانياتي ۽ ثقافتي اڀياس پيش ڪجي ٿو.
سُر مارئيءَ ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو اڀياس:
مارئي: “مَ سَپنِي مارئي مُئي مَ ڄائي.”
‘مارئي’لفظ ‘مارو’ جو مؤنث آهي، جيڪو ٿري محاوري ۾ به ڳالهايو وڃي ٿو ۽ اڄ ڪلهه ته معياري سنڌيءَ ۾ به ڳالهايو وڃي. اصل ۾ ڍاٽڪيءَ جو لفظ آهي، جيڪو ماڻهو جي اصل شڪل، صورت آهي، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ هينئر ماڻهو لاءِ ماڙهو لفظ ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو لاڙ جو اثر ڀانئجي ٿو.
جُسو: “هَميرن هَڪُون، جاڙ جُسي کي پائيون.”
جملو: مانٽي! جو تان، مانهانجئه سَجئه جُسئه تي دانٻڙ دانٻڙ ٿيار.
ترجمو: ٻيلي! ڏس ته منهنجي سڄي جسم تي ڊٻڙ ڊٻڙ ٿي پيا آهن.
ڪَهِڻ: ‘فڪيون’ فدا ڪري، ڪهيائين سين ‘ڪُن.’
جملو: مين تنان ڪَهيو تو نه، ائه اَجِرو ڪم مان ڪر.
ترجمو: مون توکي چيو هو نه هي غلط ڪم نه ڪر.
مورت: “نڪا ‘ڪن فيڪون’ هئي، نڪا مورت ماه،”
جملو: مورت تان مرهي سٺي اهئه، ڪم خبر نين ڪهڙا هوسين.
ترجمو: شڪل/صورت ته تمام سٺي آهي، ڪم خبر ناهي ڪهڙا هوندا.
هيڪ: “هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه”
جملو: اسان سجان نان ٺائو نڻ آرو، هيڪ ئي پرماتما اهئه.
ترجمو: اسان سڀنيءَ کي ٺاهڻ وارو هڪ ئي خدا آهي.
کينءَ ۽ کنڪار: “الاهي عنايت سين، شل کينءَ مران کنڪاري.”
ڍاٽڪي ڳالهائنيدڙ ڍٽ جا ماڻهو (خاص ڪري ميگهواڙ) پاڻ ۾ ملندا آهن ته، هن ريت خوش خيريافت ڪندا آهن:
خميسا جي! پرسن هوڪاران مين، کينءِ کير، سَجا سارا، رُڙها ڀلا راجي کُشي، جوڙ متارا، کير، سک!
جواب: سائين! دعا ٻيٺا ڪران، ڀگوان ري ڪرپا اهئه، اڀين سڻائو، کير سُک، سجا سارا؟
ترجمو: خميسا جي! خوش مستي ۾، خوشي، خير، ٺيڪ ٺاڪ، توانا ۽ ڀلا، ٺهيل، خير ۽ سک. اوهين ٻڌايو، خير، سک سان ۽ ٺيڪ ٺاڪ آهيو؟
جواب: آنند را، اوتارا آهين.
انهيءَ سڄي عمل کي ڍاٽي “کنڪار” چون.
يا وري
“اُٺي ٿي، وَراڻِ، کينءَ واڌايون آيون.”(2)
‘کينءَ واڌايون’يعني خوشيءَ جون/مان مبارڪون. ‘واڌايون’ لفظ پڻ ڍاٽڪيءَ ۾ عام رائج آهي.
ڪو: “نه خبر، نه خواب، ڪو اوٺي آئيو.”
ڍاٽڪي ۾ ‘ڪو’، ‘نه’ جي معنيٰ ۾ رائج آهي.
جملو: هون ڪو تو جاؤن. (آئون نه ٿو وڃان.)
مٿئين سٽ ۾ منهنجي خيال موجب ‘ڪو’، ‘نه’ جي معنيٰ ۾ ڪم آيل آهي.
‘ڪو’، ‘ڪوئي’جي معنيٰ ۾ به رائج آهي.
جملو: اٿ ڪو تان ماڙهو هئئه، ٻڪرين ڏاڻا ايڙسين را.
ترجمو: هُتي ڪو ته ماڻهو هجي ٻڪريون ان هاري ڇڏينديون.
پر هتي ‘ڪو’ ‘نه’ جي معنيٰ طور استعمال ٿيل آهي.
ڌُئان: باالله آهيان بند ۾، ڌُئان ڪيئن ڌَٻُرن.
هي لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ انهيءَ صورت ۾ رائج آهي. ڍاٽڪيءَ ۾ لفظ سسائڻ جي ريت آهي.’ڌُوئان’ کي ‘ڌُئان’ ڪيل ٿو ڀانئجي.
چِڀڙَ: (چِبِڙِ) چڀڙ آئون چوپي، سِڪ لاهيندي سومرا.
چڀڙ، ٿر جي ميون مان عام آهي. برسات پوڻ تي، هر چڀڙن جون وليون ڦٽنديون آهن ۽ چڀڙ تمام گهڻي مقدار ۾ ٿين. انهيءَ قسم جي ميوي جا چار قسم آهن: پهريون تمام ننڍڙا ٿين، جنهن کي ڍاٽڪيءَ ۾ چڀڙيا چون. ٻيا مٺ ۾ جهلڻ سان مُٺ ڀرجي پوي ته، انهيءَ کي ‘مُٺ چڀڙ’ چون، ٽيان انهيءَ کان ٿورا وڏا ٿين ۽ چوٿان وري هڪ فٽ کان ٽي فٽ ڊگها ٿين، جنهن کي “چڀڙي” چون، جيڪا ذائقي ۾ گدري ۽ چڀڙ ٻنهي کان الڳ ٿئي.
چڀڙ لفظ لاڙ ۽ ڪوهستان جي ڪجهه علائقن ۾ پڻ ملي ٿو، جڏهن ته اتر سنڌ طرف انهيءَ کي ‘مَتيرو’ چون.
تَلي: منهنجو تور تلين ۾، چيها ٿو چاري.
گربخشاڻي: هيٺانهين زمين، ڍوري، ترائي. (3)
ٻانهو خان شيخ: ٻن ڀٽن جي وچ وارن ميدانن (جتي مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي ۽ پاڻي سڪڻ بعد گاهه يا پوک ٿيندي آهي)، تراين. (4)
تلي يقيناً هيٺانهين پٽ/زمين کي ئي چئجي، پر صرف ايترو چوڻ سان معنيٰ واضح نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته، تلي انهن هيٺانهين زمين کي چئبو آهي، جنهن جي مٽي، ٿر جي ٻي واري (ڀٽن توڙي ڏهرن) کان سخت هوندي آهي، جتي ڀلي ڪيتري به برسات پوي، پر مشڪل سان ٻن کان چئن ڏينهن تائين پاڻي بيهندو ۽ اها زمين پوکيءَ لاءِ ڀلي ٿيندي آهي ۽ گاهه به ڀلو ٿئي.
تلي ۽ ترائيءَ ۾ ايترو فرق آهي ته، ترائي به هيٺانهين زمين تي هوندي آهي، پر انهيءَ جي هڪ ته ايراضي ٿوري هوندي آهي، ٻيو ته انهيءَ هنڌ جي مٽي تمام گهڻي چيڪي، ڪٿي ڪٿي وري چُن نما مٽي پڻ هوندي آهي، جنهن سبب پاڻي ٽن کان پنجن تائين پڻ هوندو آهي ۽ انهيءَ هنڌ (ترائيءَ ۾) پاڻي سڪڻ کان پوءِ ڪوبه گاهه نه ٿئي ۽ نه ئي فصل پوکيو وڃي ٿو. مطلب ته تلي کي ترائي يا ڍوري چوڻ صحيح نه ٿيندو.
ڍاٽيرو: “ٿر کي ڀانيو ٿوڪ، جا ڍڪ ڍاٽيرن جي.”
جملو: ڍاٽيرو ڍٽ ڇڏي گيو رو.
ترجمو: ڍاٽيرو ڍٽ ڇڏي هليو ويو.
‘ڍاٽيرو’نالي ڍاٽڪيءَ جو هڪ لوڪ گيت پڻ آهي.
پکي ۽ لڏ: “سدا جن پرياڻ، پاندي پکي، لڏ جو.”
شيخ=پکي: (ڪپڙي جي) پيٽي کي پچائڻ لاءِ ڪورين جي اوزار.
لڏ: مال اسباب (5)
ڍاٽي ماڻهو ‘پکو’، ٻاجهر جي ڪانن مان ٺهيل اهڙي ڇپري کي چوندا آهن، جيڪو منهه ٺاهڻ لاءِ مٿي ڌربو آهي ۽ جيڪڏهن وري ڪيڏانهن لڏي ويندا ته انهيءَ کي ويڙهي پاڻ سان کڻندا آهن.
اهو لفظ سنڌيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي معنيٰ ۾ ڦري ٿو. سنڌي ۾ پکو منهه، جهونپڙي يا ڪکائين گهر جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ته اهو اصل ۾ ‘تڏي’ نمان هوندو آهي، جيڪو صرف ڇپري طور ڪم ايندو آهي، جڏهن ته لَڏِ انهيءَ سڄي سامان کي چئبو آهي، جيڪو لڏپلاڻ دوران گڏ کڻندا آهن.
ڪوڪڙ: “ڪوڪڙ پنهنجي قوت لاءِ، وڻن ۾ ووڙين.”
ڪوڪڙ معنيٰ جهنگلي وڻن مان ڇڻي پٽ تي پيل سُڪل ميوو، جهڙوڪ سُڪل پيرون وغيره
ڍيٻر ۽ ڏاس: “ڍيٻر ڪَتَن ڍيريون، ڏاس جَني ڏاجو.”
ڍيٻر معنيٰ اُن جون وڏيون ڍيريون.
ڏاس معنيٰ ٻڪريءَ جا وار يا وارن مان ٺهيل شيون. ڪنهن کي ڪاوڙ يا چڙَ ۾ هيئن به چون.
جملو: منهه جاڻي، ڍيٻر، اِيها پرهو جا.
ترجمو: منهن جهڙو ڍيرو، هتان پري وڃ.
جهَڻ: “جهڻ پيڻ جهنگل رَهڻ، اي ماروئڙن جو مَرَڪُ.”
جهڻ=لسي.
جهڻ يا لسيءَ جو ٿري سماج ۾ تمام گهڻو عمل دخل آهي. انهيءَ سان نيرن (ڍاٽڪيءَ ۾ جانگر) به ڪن، ته منجهند يا رات جي ويلي کاٽيو يا ڪڙهي (ڍاٽڪيءَ ۾ راٻڙو) ٺاهن. راٻڙي ۾ چڀڙ، جڏهن وسڪاري جا ڏينهن هوندا آهن ته ساوا (نه ته سُڪل) گُوار يا وري سنڱريون به وجهن، جنهن سان راٻڙو (ٻوڙ) لذيذ ٿيو پوي. مطلب ته ٿري سماج ۾ جهڻ/لسي قوت جو اهم ذريعو آهي.
اوڍڻ: “اُن اوڍڻ، اُن جو، ڪَن سائين جو سامان.”
گت: “جهڻ پيڻ، جهنگل رَهَڻ اي غاريبي گت.”
گت=عادت، نيم، غذا.
پت: “شيشا لال گلاب جا، پي نه وڃايان پت.”
پت=مان، عزت، آبرو.
مڏ: “جهڻ پيڻ جهنگل رهڻ، مارو ٺاهين مَڏ.”
ڍاٽڪيءَ ۾ منهه کي مڏ يا منڏو چون.
ٻوُهه: “ڪارا کٻڙ کوهه، ٻيريون ۽ ٻوهه.”
ٿر ۾ هڪ ٻوٽو، جيڪو ڪوهستان پاسي پڻ ڦٽي، ڍاٽڪيءَ ۾ پوڙهي ماڻهوءَ جي حوالي سان چون.
جملو: اڇو جاڻي ٻوهه
ترجمو: اهڙو سفيد جهڙو ٻوهه
سارئا: (ساريا) “سُتي سڄڻ سارئا، رات منهنجي رُوح.”
سارڻ،ا صل ۾ ڍاٽڪي لفظ آهي. سنڌيءَ جي ٻين محاورن ۾ به ڳالهائڻ جي ڪم اچي، پر عام طور ناهي ٻيو ته، سنڌيءَ ۾ ماضي طور ‘يو’، ‘يا’ وغيره ايندو آهي، جڏهن ته ڍاٽڪيءَ ۾ ‘ئو’، ‘ئا’ وغيره
مِڙي: “راجا راضي ٿيءُ، مارُن مِڙي مارُئي.”
مِڙڻ مان ڦري ملڻ ٺهيو آهي. ڍاٽڪيءَ ۾ مڙڻ لفظ عام آهي. جيئن مڙئه= ملي، مِڙي = ملي، ميڙو = ميلو.
ڍڳيءَ کي ڏهڻ مهل سندس وڇڙو/وڇڙي ملڻ ۽ ڌائڻ ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن ڍڳي آرام سان بيٺي هجي ۽ کير ٿڻن ۾ ڀرجي اچي ته چون: ڍڳي مڙي ري.
ترجمو: ڍڳي مڙي مِلي آهي / وئي.
ڍاٽڪيءَ ۾ ‘ڙ’ جو اُچار ‘ڻ’ ۽’ل’ نڪرندو آهي، اهو خالص ڍاٽڪي ٻوليءَ جو آواز آهي، جنهن جو آواز ر، ڙ ۽ ل جي وچٿرو ۽ گڏيل آهي، جنهن لاءِ اکر طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي.
جملو: ائه تان مڙهي/مڙهي/مڻهي/ملهي ملئه ئي ڪو تو.
ترجمو: اهو ته صفا ملي ئي نٿو.
ڀاڻ: “ڀري پنهنجي ڀاڻ، پَسَان ملڪ ملير جو.”
ڀاڻ، ڍاٽڪيءَ ۾ جڳهه ۽ آستان جي معنيٰ ۾ عام آهي.
پار/اَپار: “پائي آيس پاند ۾، اَوڳڻ عيب اَپار.”
پار ۽ اَپار ٻئي هڪٻئي جا ضد آهن ۽ اهي ڍاٽڪيءَ ۾ عام رائج آهن.
کيهه: “پهي سُک پيرين کيهه، ڪو نينهن نياپو مارُئين.”
کيهه، ڍاٽڪيءَ ۾ دز، مٽي جي معنيٰ ۾ عام آهي. ڪنهن معتبر ماڻهوءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ جيڪڏهن سندس اولاد ۾ افعال نه هوندا ته اصطلاحي طور چوندا.
جملو: مانٽي! ڦلاڻئه رَئهَ مرڻ سين پٺيا کيهه پئي اُڏئه.
ترجمو: ٻيلي! ڦلاڻي جي مرڻ کان پوءِ پويان کيهه (دز/مٽي) پئي اڏامي.
سانگاتوءَ: “سانگاتوءَ سيد چئي، سنديون چِت چُئان.”
‘آتو’پڇاڙي ملائي اسم مان صفت ٺاهڻ ڍاٽڪيءَ جو اصول آهي. ‘آتو’ معنيٰ وارو.
سانگ+آتو=سنگ وارو. شاهه صاحب ‘ءَ’ ملائي ‘کي’ جي به معنيٰ ڏني آهي، يعني سانگاتو + ءَ = سنگ واري کي، جيئن ڍاٽڪيءَ ۾ هڪ ٻيو لفظ آهي آگهاتو.
آگهه + آتو، اَگهه، ‘اگهو’ مان ٺهيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ويجهو، قريب. اهڙي طرح آگهاتو جي معنيٰ آهي ويجهڙائيءَ وارو، رازدار، دوست وغيره.
کَرِي: “اتان اوٺي آيو، خبر اِيءَ کَرِي.”
کَري، ڍاٽڪيءَ ۾ سخت ۽ زور سان، صفت ۽ ظرف ٻنهي جي معنيٰ ۾ استعمال ۾ آهي.
جملو: ايَئئه جهاڙ ڪئه ري لڪڙي کَري اَهئه
ترجمو: انهيءَ ٻوٽي جي ڪاٺي سخت آهي. (يعني لچڪدار ناهي.)
انهيءَ مفهوم تحت کري لفظ ڳالهه ۽ ماڻهوءَ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪابه لچڪ نه هجي. شاهه صاحب انهيءَ معنيٰ ۾ لفظ استعمال ڪيو آهي، جڏهن ته ٻانهو خان شيخ صاحب معنيٰ ڏني آهي. ‘کڻي’ جيڪا ‘خبر’ سان نٿي ٺهڪي، ڇاڪاڻ ته ‘خبر کي کڻي اچڻ’ ٺهي ئي نٿو.
‘کرو’لفظ (جيڪو هينئر سنڌيءَ ۾ رائج آهي) به کري يا کرو معنيٰ ‘سخت’ مان ئي نڪتل آهي. ‘ٿر’ ۾ سڄي وارياسي آهي. اَنُ ڳاهڻ مهل، ڪنهن سخت زمين تي ڳاهي ڪندا آهن، انهيءَ سخت زمين کي کري زمين چئبو آهي. ‘کري’ يا ‘کرو’ معنيٰ سخت مان ڦري کرو ٿي پيو. هتي ‘کري’ جي معنيٰ سخت، تصديق شده يا Authentic آهي.
جهُران: “جهُران جهڄان تي، جيئن پسڻائي پري ٿئا.”
جهُرڻ ڍاٽڪيءَ ۾ ڀڄڻ/ٽٽڻ جي معنيٰ ۾ عام آهي. ٻانهه جهُري ري يعني ٻانهن ڀڄي پئي.
جملو: ڏِڪرا! جا مڙهئه مين لڪڙين جهوري آ.
ترجمو: پُٽ! وڃ جهنگ مان ڪاٺيون ڀڃي اچ.
جڏهن ته ٻانهون خان شيخ معني لکي ٿو: “جهڄان، نجهران، ڳران، رُئان.” جيڪڏهن اها ئي معنيٰ هجي ته پوءِ ‘جهُران جهڄان’ ڇو ڪم آندو؟
عام طور تي سنڌيءَ ۾ ‘جهرڻ’ ڪنهن شيءِ جي پراڻي ٿيڻ سان ٽٽي پوڻ کي به چئبو آهي، اهڙيءَ طرح ڏکويل ماڻهوءَ لاءِ به چئبو آهي ته اندران جهريو پيو آهي، معنيٰ ٽٽو پيو آهي.
چيڙ: “چوٽي ۾ چيڙ پِئو، پَين رت ڄَيون.”
مير جا ڳنڍا، جنهن ڪري وار چنبڙي ۽ وچڙي ويندا آهن. اهو لفظ سنڌيءَ جي ٻين محاورن ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿو، پر ڪٿي ‘چيڙ’ ۽ ڪٿي ‘چيڙهه’ جي صورت ۾. ڍاٽڪيءَ ۾ چيگهٽ/چيگٽ به چون.
کُٿڻ ۽ سيڙڻ: “کٿيءَ وٽيون کٿيون، ستي سي سيوي.”
کٿڻ لفظ کسڻ جي معنيٰ ۾ عام آهي.
جملو: آئه ڪپڙو تان کٿُورو.
ترجمو: اهو ڪپڙو ته کُسي ويو.
آڏواڻي ۽ گربخشاڻي ‘سيوي’ جي جڳهه تي ‘سيڻي’ لفظ ڏنو آهي، جڏهن ته مير عبدالحميد سانگيءَ جي قلمي نسخي ۾ ‘سيڙي’ آيل آهي، جيڪو ڍاٽڪيءَ جو آهي ۽ اهو ئي درست آهي.
سَتي: “سومرا ساهي، تنهن ستيءَ وجهه مَ سنگهرو.”
سَتي لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ به عام آهي.
جملو: سَتي سيتوا نان راوڻ کڻي گيو تو.
ترجمو: ستي سيتا کي راوڻ کڻي ويو هو.
نِکتي: “نکتي ڪوڪ قلب مان، منجهان روح رڙي.”
ڍاٽڪيءَ ۾ ڪن حالتن ۾ ‘ڪ’ کي ‘ک’ ۽ عام طور ‘خ’ کي ‘ک’ اچاربو آهي.
اُور: “راڄ دڏيا سُومري، عمر ڪري اُور.”
ڍاٽڪيءَ ۾ اُور حملي ۽ ڪاهه جي معنيٰ ۾ رائج آهي. تيز ۽ خطرناڪ قسم جي حملي کي ‘اُورڙ’ به چئبو آهي، جيئن ڇتي ڪتي جو حملو وغيره.
پَلَرُ: “اُن اوڍڻ پَلَرُ پيڻ، جن جي پير مٿي پٽ پاڪ.”
ڍاٽڪيءَ ۾ برسات جي پاڪ ۽ شفاف پاڻيءَ کي پلر چئبو آهي.
پال: “ڪيئن پسنديس پال، هُسن مون هِت وئو.”
ڍاٽڪيءَ ۾ ٻڪرين يا رڍن جي وارن مان ٺهيل فراسين کي پال چئبو آهي.
جُهار ۽ جائيين:”جهجها ڏيج جُهار، منجهان ملير جائيين.”
ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ڄ، ڳ جا اُچار ناهن اُچاري سگهبا، جنهن جي جاءِ تي ‘ج’ ۽ ‘گ’ اچاريا ويندا آهن. هتي ‘جائيين’ استعمال ٿيل آهي.
ايرادي: “ديس ڇڏي پرديس ۾، ڪنهن ايرادي آڻي.”
ڍاٽڪيءَ ۾ ارادي کي ايرادو چون. اِهو لفظ سنڌيءَ کان حاصل ڪري پنهنجي مزاج ۾ آندو ويو آهي.
سَپِنيِ: “مَ سپني مارئي، مُئي مَ ڄائي.”
‘سَپِنيِ’ڍاٽڪي ٺهڻ/جڙڻ/سرجڻ جي معنيٰ ۾ رائج آهي، جڏهن ته آڏواڻي ‘مَ سپني’ جي معنيٰ ‘نه پيدا ٿي’ لکي ٿو. (10)
اَڇو: “نِيرَ منهنجو نينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.”
ڍاٽڪيءَ ۾ اڇي کي سفيد چئبو آهي ته ‘صاف ڪرڻ’ کي به ‘اڇو ڪرڻ’ چئبو آهي.
مڙهه: “مران جي هن هنڌ، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي.”
لاش يا ميت لاءِ ڍاٽڪيءَ م مڙهه لفظ استعمال ٿئي ۽ بيما، ڏٻري يا پوڙهي ماڻهوءَ کي به ‘مڙهو’ چون. اهو لفظ سنڌيءَ ۾ به رائج آهي.
ڀِيڙ: “لوئي سين لطيف چئي، ڀيڙئو ٻڌان بيٺ.”
ڀڍڙڻ، ڍاٽڪيءَ ۾ زور سان ڇڪڻ، هڻڻ وغيره طور ڪنهن به ڪم کي زور وٺرائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيئن پنڌ نان ڀيڙ (پنڌ کي ڇِڪ يعني تڪڙو پنڌ ڪر)، روٽي نان ڀيڙ (ماني ڍؤ ڪري کاءُ يا جلدي کاءُ)، گيڏي ڀيڙ (لٺ زور سان هڻ)، رونڊوڙي ڀيڙي (رسي زور سان ڇڪي ٻڌ).
سَسَو: “هُت سپجي اُن سَسَن جي، هِت رڇائي ريٺِ.”
‘سهي’کي ڍاٽڪيءَ ۾ سَسو چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ ڍاٽڪيءَ جي ڪيترن ئي لفظن ۾ ‘س’ جي جڳهه تي ‘هه’ استعمال ٿئي ٿو. مثال طور: ڏس - ڏهه، ورس-ورهيه وغيره. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي ‘س’ ‘هه’ ۾ ڦري ٿو، جيئن ڦاسي-ڦاهي وغيره.
ڍاٽي ۽ ڍول: “سانگي سارئم سومرا، ڍاٽي پاسي ڍول.”
‘ڍاٽي’ڍٽ جي رهڻ وارن کي ۽ ‘ڍول’ ڍاٽڪيءَ ۾ ‘محبوب’ کي چئبو آهي.
ساڳ (ڏٿ): “ڏُٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ.”
ڍاٽڪيءَ ۾ سبزي ۽ ڀاڄيءَ کي ساڳ چئبو آهي، اِهو لفظ سنڌيءَ ۾ به آهي، پر ڍاٽڪيءَ ۾ هر قسم جي ڀاڄيءَ کي ساڳ چئبو آهي پوءِ چاهي اها دال هجي يا گوشت.
جملو: دال رو ساڳ رڌيو اَهئه.
ترجمو: دال جي ڀاڄي پچائي آهي.
نِت نِت: “نِت نِت آهه نئون، مون کي پسڻ پنوهارن جو.”
نِت نِت معنيٰ آهي روز روز. ڍاٽڪيءَ جي هڪ لوڪ آهي، هڪ سٽ آهي.
مِتان نِت نِت پيِهَرَيئه پَرهي ميلهه،
گهوري جائون چِرمي نان.
مون کي روز روز ڪين پيڪين، موڪل،
چرميءَ تا قربان وڃان.
سنڌيءَ ۾ اهو انهيءَ معنيٰ ۾ به استعمال ٿئي ٿو ته ‘سدا’ جي به.
ڪُؤنرو/ڪُنئرو: “اُوءِ ٿا ڪورين ڪُؤنري، سرتيون مٿان سسن.”
ڪؤنرو معنيٰ نرم، ملائم، نازڪ، هي لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ عام رائج آهي. عام طرح ‘ڪُنئرو’ سنڌيءَ ۾ به مروج آهي.’اُوءِ’ پڻ ڍاٽڪيءَ جو لفظ آهي.
کُوڻ: “پکا ۽ پال، کڻي ڪنهن کُوڻ وِئا.”
‘کُوڻ’لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ ‘ڪُنڊ’ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ٻانهي خان شيخ صاحب ‘کوڻ’ جي معنيٰ طرف يا پاسو لکي آهي. مرزا قليچ بيگ ‘کوڻ’ جي معنيٰ طرف، پاسو ۽ ‘ڪنڊ’ لکي آهي. (12) سنڌ جا رهاڪو خاص ڪري ٿر جا ماڻهو ڌرتيءَ جي چار طرفن کي ڌرتيءَ جون چار ڪنڊون سمجهن ٿا، تنهن ڪري ‘ڪنڊ’ ‘طرف’ واري معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي.
ساٺيڪو: “ٿوهر کُوهه ٿر، جي ساٺيڪا ۽ سَٽيوُن.”
سٺ پرهن جي اونهي کوهه کي ڍاٽڪيءَ ۾ ساٺيڪو چون.
اوڪائي: “تن سُڪن سندي سُور، اَبُرا اوڪائي وئو.”
برسات جي بند ٿيڻ کي ڍاٽڪيءَ ۾ ‘اوڪجڻ’ چون.
جملو: برسات اوڪاجي ري.
ترجمو: برسات بند ٿي وئي.
چُئاڪو: “ڪڏهين ڪڏهين ڏٿ جو، چَکَن چُئاڪو.”
ڍاٽڪيءَ ۾ هي لفظ برسات جي ننڍڙين ڦڙين لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪي ڪکائن گهرن ۾ ٽمندا آهن. ڦڙن جي ذرڙن ۽ ننڍڙن هئڻ سبب اصطلاحي معنيٰ ۾ ذرو به آهي.
ٻيلاسي: “سک نه سُتا ڪڏهن، ٻيلاسي ٻانهون.”
ٻلاسي/ٻيلاسو = ٻه ڄڻا گڏ.
سَنک: “ويٺي هِت وڄايان، جيئن سناسين سَنک.”
هڪ وڏي ‘ڪوڏ’ ٿيندي آهي، جيڪا مڙهيءَ ۾ وڄائبي آهي، اِهو لفظ اصل ۾ هنديءَ جو آهي، پر ڍاٽڪيءَ ۾ رائج آهي.
آجڪو: “اُنَ اسان کي آجڪو، قيمت ڀانيون ڪَک.”
ڍاٽڪيءَ ۾ آجڪو، گذر سفر يا روزگار لاءِ استعمال ۾ عام رائج آهي.
سَلَ: “تَن سانبين وِڌَم، سَلَ ڏٺي جَن ڏينهن ٿئا.”
‘سَلَ’سوراج جي معنيٰ ۾ عام آهي.
پَڙان: “هڏ نه پڙان هيڪڙي، ٿوري ٿر ڄايُن.”
ڍاٽڪيءَ ۾ پڙان ٻن معنائن ۾ آهي: هڪ سمهڻ ۽ ٻيو پوڻ. هتي ٻي معنيٰ مناسب لڳي ٿي. شيخ صاحب ‘برابر ٿيان’ لکي ٿو. (13)
ڏُهلا: “ماروئڙن ڌاران ماڙيين، ڏُهلا ڏينهن ٿيا.”
اِهو لفظ ڍٽ ۾ مايون ڪنهن جي مرڻ تي پار ڪڍي روئڻ دوران مشڪل ۽ ڏکيائي جي معنيٰ ۾ استعمال ڪن ٿيون.
ارداسيون: “اُڀي ارداسُون ڪري، حميراڻي حُضُور.”
ارداس، اصل ۾ هنديءَ جو لفظ آهي، اِهو ڍاٽڪيءَ ۾ ڍٽ جا هند پوڄا پاٽ مهل گذارش (ڀگوان کي) جي معنيٰ ۾ استعمال ڪندا آهن.
سنجڻ: “سِنجي سِنجي کُوهه، ويڙهي وئا ورت.”
سنجڻ لفظ ڍاٽڪيءَ ۾ پاڻي ڪڍڻ جي معنيٰ ۾ عام رائج آهي.
ورت: کوهه مان پاڻي ڪڍڻ واري رسيءَ کي ورت چئبو آهي، جيڪو ٿري سماج جو لفظ آهي. ڍاٽڪيءَ جي ڪن لهجن ۾ انهيءَ کي ‘برت’ به چون. ڍاٽڪيءَ ۾ ‘و’ ۽ ‘ب’ Interchangeable آواز آهن.
ٻپُڙي: “ٻاڙو پيي نه ٻپُڙي، مِٺو منهن لڳوس.”
ٻن پوڙن واري يعني سِپي، ٻپُڙي عام لفظ آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ به رائج آهي.
مَڱڻ: “مَڱن جَر مٿان، اوري ڪَن نه آسرو.”
ڍاٽڪيءَ ۾ گهرڻ لاءِ مڱڻ عام رائج آهي.
گولا، ڳنڍير، پُسي، سَڱر، گولي، مانڌاڻي، ڏؤنرا، گُگر، ساڏوهي، ڦِرههَ، لاڻي، گاڏيلي، گوندا، لُلر، ٽوهه، مڃر، پڪا، مَڪ، پيرون، گھوڳ، سائون، لنب، چيهو، سيارڇ، مکڻي، کاٽونبا، پَپُون، انهيءَ کان علاوه ٻيا به اهڙا ڪيترائي لفظ ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ رائج آهن، جيڪي انهيءَ ماحول سان واسطو رکن ٿا.
مٿي پيش ڪيل لفظن مان ڪي لفظ ڍٽ جي آسي پاسي وارن علائقن، خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۾ پڻ ملن ٿا، انهن مان ڪي لفظ ته خاص ڍاٽڪيءَ جا آهن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ داخل ٿي ويا آهن ۽ ڪي تمام ٿورا وري ٻين ٻولين جا آهن، جيڪي ڍاٽڪيءَ ۾ اچي ڪري، ڍاٽڪي ٻوليءَ جا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري انهن کي پڻ ڍاٽڪي ٻوليءَ جا لفظ ڪري استعمال ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي ڍاٽڪيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ڍاٽڪيءَ جي صوتياتي مزاج ۾ استعمال ٿيل آهي. مثال طور جائيين (ڄائيين) وغيره.
حوالا:
يوسفاڻي، معمور، ‘لطيف جا ٿر تا ڀيرا’، مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در شڪارپور، 2001ع، ص: 14
آڏواڻي، ڪلياڻ، ‘شاهه جو رسالو، سُر مارئي، داستان ڏهون’، مڪتبه برهان، اردو بازار، ڪراچي، ص: 278
گربخشاڻي، هوتچند مولچند، پروفيسر، ‘شاهه جو رسالو، جلد ٽيون، معنيٰ ۽ شرح’، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص: 572
شيخ، ٻانهون خان، ‘شاهه جو رسالو، جلد ٽئون، سُر مارئي، داستان 1، بيت 6’ ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،، ڪراچي، اپريل 2002ع، ص: 382
ساڳيو،’داستان 1، بيت 9’،ص: 383
ساڳيو،’داستان 3، بيت 10’، ص: 396
ساڳيو،’داستان 3، بيت 20’، ص: 399
گربخشاڻي، هوتچند مولچند، پروفيسر، ‘شاهه جو رسالو، جلد ٽيون، سُر مارئي، داستان 2’، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص: 534
آڏواڻي، ڪلياڻ، ‘شاهه جو رسالو، سُر مارئي، داستان،2’، مڪتبه برهان، اردو بازار، ڪراچي، ص: 258
ساڳيو، ص: 266
شيخ، ٻانهون خان، ‘شاهه جو رسالو، جلد ٽئون، سُر مارئي، داستان 6، بيت 6’، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،، ڪراچي، اپريل 2002ع، ص: 416
بيگ، مرزا قليچ، شمس العلماء، ‘لغات لطيفي’، مهراڻ اڪيڊمي، 2004ع، ص: 231
شيخ، ٻانهون خان، ‘شاهه جو رسالو، جلد ٽئون، سُر مارئي، داستان 9، بيت 8’، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،، ڪراچي، اپريل 2002ع، ص: 443