لطيفيات

نوري، ناري ۽ عدم

هيءُ ڪتاب شاھہ سائين جي شاعرءَ کي الڳ رخ کان پرکڻ جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ نوجوان ليکڪ ڦلو ميگهواڙ ڪجهہ نوان نُڪتا ۽ سوال اٿاريا آهن. جو لکيل هي ڪتاب جنهن ۾ شاه لطيف جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس بيان ڪيل آهي. ڦلوءَ ھن ڪتاب ۾ نہ صرف شاھہ صاحب جو فڪري اڀياس ڪيو آھي پر، پوري سماج کي بيان ڪيو آهي تہ ڪڏهن ۽ ڪٿي سماج ۾ تبديلي آئي ۽ ذات پات جي آڙ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ڄاڻ بہ بيان ڪئي آهي. 

Title Cover of book نوري، ناري ۽ عدم

سُر ڏاهر يا ڏهر: تاريخي، جاگرافيائي، موضوعاتي ۽ لسانياتي اڀياس

شاھ لطيف جي ڪلام ‘شاھ جي رسالي’ جي سهيڙ، ترتيب، ۽ تشريح جو ڪم شاھ صاحب جي هِن دنيا ڇڏڻ کان سِگهو ئي پوءِ شروع ٿي چُڪو هو. شروعات حافظي ۾ محفوظ ۾ ڪرڻ سان ٿي، پوءِ هٿ اکري نسخن جي صورت ۾ لکڻ کان ويندي اڄ جي جديد دور ۾ ڇاپي مشينن ۾ شايع ڪرڻ تائين شاھ جي شيداين، ۽ فقيرن، ڏيهي توڙي پرڏيهي مُحققن ۽ عالمن پاڻ موکيو. هر ڪنهن پنهنجي سوچ، سمجھ، اڀياس، ۽ مشاهدي آهر مُڪمل ۽ مُستند رسالو ڏيڻ لاءِ ڪيترائي سال محنت ڪري، ڪشالا ڪاٽي لطيف سائين، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان محبت جا مثال قائم ڪيا. انهن پنهنجي وس آهر فخر لائق ۽ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو. پر ڇاڪاڻ ته، لطيف جو ڪلام اونهو سمنڊ آهي، جنهن جي فن، فڪر، ٻولي، ۽ سندس ڪردارن جا تاريخي، سماجي ۽ جاگرافيائي لاڳاپا ۽ حوالا ايڏا ته اونها ۽ گھڻ رخا آهن جو اِهو مُمڪن ئي ناهي، ڪو هڪ ٽوٻو انهي اونهي عميق مان سڀ معنيٰ جا موتي ميڙي سگھي، تنهن ڪري سندس ڪلام جي ڪيترن ئي رهيل پاسن تي تحقيق هلي پئي ۽ هلندي رهندي. انهيءَ خيال کي سامهون رکندي اسان ‘سُر ڏاهر’ کي ڏسنداسين ته ڪيترائي اهڙا نُڪتا نروار ٿين ٿا، جيڪي تحقيق طلبين ٿا، ۽ ڪيترائي اهڙا سوال اڀرن ٿا، جيڪي جوابن جي گھُر ڪن ٿا.

شاھ جو ڪلام جن مُختلف ڀاڱن، حصن، يا بابن ۾ ورهايل آهي، تن کي ‘سُر’ جو نالو ڏنو ويو آهي، انهيءَ مان واضح ڳالھ اِها آهي ته، انهي ورهاست ۾ موسيقيءَ کي مرڪزي اهميت حاصل رهي. مُختلف رسالن ۾ سُرن جو تعداد مُختلف آهي. اڄ جا پارکو ۽ مُحقق مجموعي طرح ٽيهن جي انگ تي مُتفق آهن. انهن سُرن مان ڪيترن ئي سُرن جا نالا موسيقيءَ جي راڳن جا نالا آهن، جيڪي ڪلاسيڪل راڳ آهن، ته ڪن جا وري ديسي راڳن جا نالا آهن، جيڪي راڳ شاھ صاحب ڪلاسيڪي راڳن جي ٿوري گھڻي ڦير گھير سان ٺاهيا. انهن سُرن جي مواد يا موضوع جي بُنيادي حيثيت آهي (سُر جو نالو ڏيڻ يا رکڻ ۾). انهن اصولن کي سامهون رکي اسان جڏهن ‘سُر ڏاهر’ يا ‘سُر ڏهر’ تي اِهو نالو رکجڻ يا پوڻ جو اڀياس ڪنداسين، ۽ جيڪي تحقيق جا سوال اُڀرن ٿا، تن جا جواب ڳولهڻ ‘سُر ڏاهر’ جو تاريخي، جاگرافيائي، موضوعاتي ۽ لسانياتي جائزو وٺنداسين.

تحقيق جا سوال:

انهي سُر جو نالو ‘سُر ڏاهر’ آهي يا ‘سُر ڏهر’؟ ۽ ڇو؟
اهو نالو پوڻ يا رکجڻ جو بُنياد موسيقيءَ جي راڳ جو نالو آهي يا سُر جي شاعريءَ جو موضوع؟
ڄام ڏاهر جو انهيءَ سُر سان ڪهڙي ۽ ڪيتري نسبت آهي؟
انهيءَ سُر ۾ آيل تاريخي واقعن، جاگرافيائي اهڃاڻڻ، ڪردارن ۽ شاھ صاحب جي فڪر ۽ موضوعن جو سُر جي نالي سان ڪيتري هم آهنگي آهي؟
اڳ ٿيل تحقيق جو جائزو:

اڳ ٿيل تحقيق جي روشنيءَ ۾ سڀ کان پهرين اسان اها ڳالھ سمجھنداسين ته، انهي سُر جو نالو ‘سُر ڏاهر’ آهي يا ‘سُر ڏهر’؟ اوائلي نسخن ۾ انهيءَ سُر جو نالو ‘سُر ڏاهر’ ملي ٿو، هِتي اسان اِهو به ڏسنداسين ته، ‘ڏاهر’ مان ڦري ‘ڏهر’ ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟

‘شاه جو رسالو: قديم نسخي ڪريمي بمبئي ڇاپي جو سچو نسخو’ ۾ سُر جو نالو ‘ڏاهر’ ڄاڻايل آهي. اُنهي نُسخي لاءَ سنڌ مُسلم ادبي سوسائٽي جو آنرري سيڪريٽري حاجي محمد صديق محمد يوسف ميمڻ لکي ٿو ته، “هي نسخو هڪ سوَ سال اڳي بمبئيءَ ۾ قاضي ابراهيم ابن قاضي نور محمد جي ڪوشش سان مطبح حيدري منجھان شايح ٿو هو . اُنهي وقت ۾ ميون محمد هالن وارو ۽ آخوند عبدرالرحيم عباسي حيات هئا. جن وٽ سڀئي جھونا ۽ مُستند رسالا دستخط صورت ۾ موجود هئا. انهن جي صلاح مشورت سان هي نسخو تيار ٿي بمبئي ڏانهن موڪليو ويو هو. اُنهن ٻنهي بُزرگن جي صلاح سان ڀٽ شاه جي قديم ڪلام گوي فقيرن کان ڪيترن بيتن جون جُدا جُدا پڙهڻيون هٿ ڪيون ويون. جي هن نسخي جي حاشيه تي ڄاڻايل آهن. جن دوستن، جيئن ته ڊاڪٽر گربخشاڻي، مسٽر تارا چند، شمسُ العلماءَ مرزا قليچ بيگ ڀٽائيءَ جو ڪلام ڇپايو هو. تن جي لاءِ هي نسخو رهبر ۽ رهنما هو. هي رسالو انهيءَ قديم بمبئي واري نسخي جو هُوبهُو نقل آهي.”(1)

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون دفعو لپسيا (جرمني) ۾ 1866ع ۾ شاه جو رسالو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سُرن جو وچور جي سري هيٺ ڏنل فهرست ۾ سُر جو نالو سُر ڏهر ڏنل آهي جڏهن ته اندر سُر جو نالو ‘ڏاهر’ ڏنل آهي، ۽ سڄي سُر جي صفحن مٿئين حاشيي ۾ ‘ڏاهر’ لکيل آهي. ٻيو ڇاپو جيڪو شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد سنڌ 1985ع ۾ شايع ڪيو، جيڪو پهرين ڇاپي جي ڦوٽو ڪاپي آهي.

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ‘رساله شاه عبداللطيف ڀٽائي’ جيڪو محمد يوسف برادرس بڪ سيلر 1951ع ۾ شايع ڪيو، جنهن پاڻ بلڪل ڊاڪٽر ٽرمپ وانگر نالو ‘ڏهر’ لِکيو آهي، ۽ حاشيي ۾ انهي وضاحت خاطر ‘ڏاهر’ لکيو اٿائين، ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنهنجي رسالي ۾ ‘ڏاهر’ لکيو آهي. پر، ڊاڪٽر ٽرمپ جو نقل ڪندي، پوري سُر جي هر صفحي تي ‘سُر ڏاهر’ لکيو آهي. مرزا صاحب پنهنجي رسالي جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، “شاھ جي رسالي جا جھونا ٻه ڇاپا آهن. هڪڙو بمبئي وارو رسالو، جو 1866ع ۾ ڇپيو، ۽ ٻيو ٽرمپ صاحب وارو جو پڻ سرڪار ساڳي سال ۾ ڇاپايو. تنهن کان پوءِ سرڪار ڀٽ جي رسالي تان نئون ڇاپو سن 1900ع ۾ تعليم کاتي لاءِ ڇاپايو. انهن ڇاپن مان پهرين ٻن جي صورتخطي اڳئين وقت جي آهي، جا پڙهڻ ۾ مونجھاري جهڙي آهي. پوئين ڇاپي ۾ صورتخطي هاڻوڪي آهي ۽ گھڻو ڪري صحيح به آهي...... تنهن ڪري ڪن دوستن جي صلاح سان مون پوئين ڇاپي سرڪاري کي قائم رکي، سڀ ڪنهن صفحي جي هيٺيان بمبئي واري رسالي جون پڙهڻيون ڏنيون آهن.”(2)

غلام محمد شاهواڻي پنهنجي مرتب ٿيل رسالي ۾ لکي ٿو ته، “ هي سُر، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾نه آهي، ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾ سُر جو نالو ‘ڏاهر’ آهي. ڏهر لفظ جي معني پرمانند صاحب پنهنجي لغت ۾ هي ڏني آهي:

“A kind of tune or verse ; A valley between sand hills “ يعني:”هڪ قسم جو سُر يا نظم، وارياسي ڀٽن جي وچ واري ماٿري “.(3)

شاهواڻي صاحب شاه جو رسالو 1950ع ۾ مرتب ڪيو، پنهنجي رسالي جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو ته، “شاه جي رسالي جا، ٻه چار مختلف ڇاپا نڪتل هُئا. جن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي شهه ڏئي ڇڏي، پر افسوس جو ان جا فقط ٽي جُلد نڪتا ، جن ۾ شاه جي مُستند 30 سُرن مان فقط 18 سُر اچي سگھيا، هاڻي مادري زبان کي ترقي وٺائڻ جي مٺڙي هير لڳي آهي ۽ شاه جي ڪلام جي، قدر شناسي زياده ٿيڻ لڳي آهي. پر شاه جو رسالو مارڪيٽ ۾ ملي ڪونه ٿو سگھي، ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي جون پڙهڻيون عموما قائم رکي، باقي حصي کي پڻ حتي المقدور لاڙي تلفظ ۾ پيش ڪيو آهي.”(4)

شاهواڻي صاحب جي مٿين ٻن حوالن مان اِها ڳالھ ظاهر ٿي، ته شاهواڻي صاحب پهريون عالم آهي، جنهن سُر جو نالو ڏيڻ ڏيندي، انهي سُر تي اِهو نالو ڪيئن پيو تنهن طرف اشارا ڪيا. هِڪ ته اِهو سبب پيش ڪيائين ته، ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾ سُر جو نالو ‘ڏاهر’ آهي. ٻيو پرمانند ميوارام جي لغت ۾ آيل معني به ڏني. هِتان ئي ‘ڏاهر’ مان ‘ڏهر’ ٿيڻ جو ڦيرو شروع ٿيو.

پرمانند ميوارام جي معنائن کي ڏسنداسين ته، هُن ‘ڏهر’ لفظ جون ٽي معنائون ڏنيو آهن؛

هڪ قسم جو سُر. انهيءَ جو مطلب ته ڪنهن راڳ يا راڳڻيءَ جو نالو. اسان اڳتي انهي نُڪتي جو جائزو وٺنداسين ته، اِنهي نالي سان ڪو راڳ يا راڳڻي آهي به يا نه.
هڪ قسم جو نظم. ڪنهن به نظمي صنف جي انفراديت يا الڳ صنف هُجڻ جي لاءِ انهيءَ نظم جو مخصوص گھاڙيٽو يا فڪر هُجڻ لازمي هُجي ٿو، جڏهن ته ‘ڏهر’ نالي نظميه صنف ڪا ڪونهي.
وارياسي ڀٽن جي وچ واري ماٿري. اِها ڳالھ درست آهي، ٻن ڀٽن جي وچ واري زمين کي سنڌي ٻوليءَ جي لهجي ۾ ‘ڏهر’ اُچاربو آهي، جڏهن ته هي اصل ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن کي ڍاٽڪيءَ ۾ ‘ڏاهار’ اُچاربو آهي.
شاهواڻي صاحب کان پوءِ، عثمان علي انصاري جو رسالو سامهون آيو، جنهن پنهنجي مرتب ڪيل ‘شاه جي رسالو’ ۾ انهي سُر جو نالو ‘سُر ڏهر’ لکيو آهي. جيڪو 1947ع کان مرتب ڪرڻ شروع ڪيو هو. سندس سامهون شاه جي رسالي جا هيٺيان نسخا موجود هُئا.

بلڙيءَ وارو نسخو
ڀٽ وارو نسخو
سيوهڻ وارو نسخو
ٺٽي وارو نسخو
درٻيلي جي مخدومن وارو نسخو
بمبئي وارو ڇاپو
ٽرمپ وارو رسالو
مرزا قليچ وارو رسالو
ديوان تاراچند شوقيرام وارو رسالو
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو رسالو
بعد ۾ مسٽر شاهواڻيءَ وارو نسخو، محمد عثمان وارو نسخو ۽ بشير احمد وارو نسخو به هٿ ڪيائين. انصاريءَ صاحب جو مرتب ڪيل ‘شاه جو رسالو’، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ 1998ع ۾ پهريون دفعو شايع ڪرايو. انصاري صاحب انهيءَ سُر جو نالو ‘سُر ڏهر’ ڇو لِکيو، تنهن جو سبب نه ڄاڻايائين، ايئن ٿو، هِن صاحب، شاهواڻي صاحب جي ڏنل معنائن کي بُنياد بڻايو آهي.

پرمانند صاحب هِڪ لغت جوڙي، ظاهر آهي هن ڪنهن به لفظ جو اُهي سڀ معنائون ڏنيون جيڪي سماج ۾ رائج هُيون. هِڪ ته رسالي ۾ موجود سُر هُيو، جنهن جي ڪري هڪ قسم جو سُر يا نظم معني لکي، پر اِهو ته نه لکيائين ته ڪهڙو سُر/ راڳ يا ڪهڙو نظم؟ پر وارياسي ڀٽن جي وچ واري ماٿري جو انهيءَ سُر سان ڪو واسطو ئي نه آهي، هُن صرف لفظي معني ڏني، پر انهيءَ معني کي آڏواڻي صاحب بُنياد بڻائي، وڌيڪ واضح ڪندي لکيائين ته، “ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا ڏاڍي مٽيءَ واري سڌي ميدان کي ‘ڏهر’ چوندا آهن.”(5) ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي مرتب ڪيل رسالي جي سال ٻڌائي لکي ٿو ته، “ آگسٽ 1958ع ۾، هندستان ڪتاب گهر وارن صاحبن جي سرپرستيءَ هيٺ، منهنجو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو نسخو نهايت، زيب ۽ زينت سان ڇپجي ظاهر ٿيو”.(6)

علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ سُر جو نالو’ڏهر’ ڄاڻيو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو1961ع ۾ شايح ٿيو هو.

آڏواڻي صاحب انهيءَ ڳالھ جو سبب بڻائيندي ته، شاھ سائين کي ڏهر مان گذرندي جيڪي خيال آيا، اُهي، هِن سُر ۾ رکيا ويا، انهيءَ ڳالھ کي مضبوط ڪندي، ‘ڏاهر’ کي ‘ڏهر’ طئي ڪرڻ کان پوءِ، سُر جي مضمون تي ڳالهائيندي لکي ٿو ته، “هن سُر تي اِهو نالو انهيءَ ڪري آيل آهي، جو اُن ۾ سمايل خيال، شاهه صاحب کي هن ڏهر مان لنگهندي آيا آهن. اڳي اُتان درياهه وهندو هو ۽ شاهوڪاري مال ايندو ويندو هو. جسودا جُنگ واپاري هوا. افسوس جو هيئنر اُتي سڃ لڳي پئي آهي. نه درياهه آهي، نه مڪڙي، نه جسودا، نه سُونگي. اُتي هينئر رڳو ڪنڊن جا وڻ ۽ اَڪ ڦلاريا پيا ڏسجن.”(7)

آڏواڻيءَ صاحب، نه صرف سُر جو نالو ڏاهر مان ڏهر ڪيو، ۽ هروڀرو ٻن ڀٽن جي وچ واري ماٿريءَ ملايائين، پر ‘جسوڌڻ’، جيڪو هِن سُر جي اهم ڪردارن مان آهي، تنهن کي ‘جسودن’ لکي، ان جي معني پڻ غلط ڏني آهي. رسالي ۾ بيت ۽ ان جي سامهون معني ڏيندي، لِکي ٿو ته،

“ڪنڊا! تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي؟
جسودَنِ جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو؟

اي ڪنڊا! تڏهن تون ڪيڏو هُئين، جڏهن مهراڻ تار ٿي وهيو. توکي هاڻ جسودن جهڙو پانڌيڙو ڪو گڏيو آهي؟”(8) هيٺيان حاشيي ۾ جسودن جي معنيٰ ‘انهيءَ ذات جي وڻجارن’ ۽ پهيڙو جي معنيٰ ‘قاصد’ لکي اٿائين. جيڪي ٻئي غلط آهن، جسوڌن ڪا ذات نه بلڪه هِڪ ڪردار آهي، ڄام جسوڌڻ، پهيڙو جي معنيٰ سمجھاڻي ۾ پانڌيڙو ۽ هيٺ حاشيي ۾ قاصد، جڏهن ته جسوڌڻ نه وڻجارو هو، نه پانڌي هو، ۽ نه ئي قاصد هو. جسوڌڻ جي متعلق معمور يوسفاڻي لکي ٿو، “ جسوڌڻ مهڙاڻيءَ کي ڪن مؤرخن جسوڌڻ آگريو پڻ ڪوٺيو ۽ ڪيترن ليکڪن وري جسوڌڻ مهڙاڻي کي جدا شخصيت قرار ڏنو آهي. اصل ۾ جسوڌڻ اهو هڪ ئي آهي. مهڙاڻي سندس پاڙو هو ۽ آگريو (آڳڙيه) سندس وڏن جو پيشو هو.”(9)

جسوڌڻ حڪومت جي ايراضي ٻڌائيندي معمور صاحب لکي ٿو ته، “ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن واري ايراضيءَ تي هن خاندان جي سپوٽ شخصن ڄام جسوڌڻ مهراڻي جي حڪومت رهي، جيڪا پاري ننگر کان وٺي پٽيهل تائين رهي. جنهن ۾ پٽيهل جي ڪناري جسوڌڻ جي وڏن جو آباد ڪيل شهر آڳڙي هو. جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن.’آڳڙي’ شهر انهي ڪري مشهور ٿيو، جو جسوڌڻ جا وڏا، لوهارڪو ڪم ڪندا هئا، جنهن ۾ به، تراريون ٺاهڻ سندن خاص پيشو هو ۽ انهيءَ پيشي جي ڪري اُهي ‘آڳڙيا’ سڏبا هئا.”(10)

جسوڌڻ جو ذڪر شاه صاحب سر ڏاهر جي مُختلف بيتن ۾ هيٺين ريت ڪيو آهي.

“جسودن جيڏو، تو ڪو ڏٺو پهيڙو.
جسودن جهڙا يار، پئا وير وماس ۾.
آهِمِ اولاڪو، جسودن جو جان ۾.
تڏهين تازِيُنِ تورُ، هو جسودن سين.” (11)


جڏهن ته آڏواڻيءَ صاحب کان اڳ ۾ شاهواڻي صاحب هِن سُر جي مضمون متعلق لکي ڇڏيو هُيو، هُن ڪٿي به، ٿر يا انهيءَ جي ڀٽن جي وچ واري ماٿري ۽ وري اهي خيال ڀٽائيءَ کي ڏهر مان گذرندي آيا، اهڙو ڪو به ذڪر نه ڪيائين، هو لکي ٿو ته، “هن سُر ۾ مُختلف موضوعن تي بيت ڏنل آهن. پهرين داستان ۾ ڪنڊي کي مخاطب ٿي اُن کان خبرون ورتيون ويون آهن. ۽ مڇ کي وجھ وڃائي پاڻ کي تانگھي پاڻي ۾ موت جي شڪار ٿيڻ تي تنبيهه ڪئي وئي آهي. ٻئي داستان ۾ رسول ڪريم جن کي هڪل ۾ حامي ٿيڻ لاءِ التجائون ڪيون ويون آهن، خدا کان مهربانيون مڱيون ويون آهن، ۽ ڪُجھ سسئي جي پريشان حاليءِ جون حقيقتون ڏنيون ويون آهن. ٽئي داستان ۾ مالڪ کي گھڻي سمهڻ کان منح ڪئي وئي آهي. ۽ اگھور ننڊ مان جيڪي اُگرا نتيجا نڪرن ٿا، تن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چوٿين داستان ۾ ڪُونجڙين جي ميل ميلاپ ۽ ٻَڌيءَ جي بيان ڪرڻ بعد، ساڻن شڪارين جي ظُلم جو احوال ڏنو ويو آهي، ته ڪيئن شڪاري ڪا ڪونج ماري ٿو. ۽ ٻيون ڪونجون اُن جي اوسيئڙي ۾ داڻو پاڻي نه ٿيون کائن ۽ پيئن. آخر ۾ لاکي ۽ سندس گھوڙي لکي جو احوال ڏنل آهي.”(12)

آڏواڻي صاحب کان پوءِ ڪن ٻين مُرتبن به انهن سببن ۽ معنائن بُنياد بڻائي لِکيو. فقير محمد قاسم راهمون پنهنجي مُرتب ڪيل ‘شاھ جي گنج’ ۾ لِکي ٿو ته، “ڏهر لفظ جي معنيٰ وارياسو پٽ. ڏهر سڌو علائقو. هن سُر ۾ لطيف سرڪار ڪونجن ۽ رونجهن کي ڳايو آهي. هن سُر ۾ محبوب مصطفيٰ‌ﷺ جن کي پڪار ڪئي آهي. ڄام لاکو ۽ اوڏڻ کي به ڳايو آهي. هي سُر مختلف موضوعن تي آهي.”(13)

غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ پنهنجي مُرتب ڪيل ‘شاهه جو رسالو’ ۾ لکي ٿو ته، “ڏهر چئبو آهي ٻن ڀٽن جي وچ واري سخت مٽي واري ماٿري يا ميدان کي. شاهه صاحب جڏهن هن واريءَ کان گذريو ته اتي بيٺل ڪنڊي کي ڏسي اُتي اڳ وهندڙ واهه ۽ ساوڪ جو خيال آيس ۽ ڪنڊي سان ويهي رهاڻ ڪيائين ته هينئر هو ڇا محسوس ڪري رهيو آهي.”(14)

“اڳتي انهي سُر جي فڪر ۽ شاهه جي شاعريءَ جي فلسفي جي حوالي سان لکي ٿو ته” شاهه صاحب جي اصل مول ۽ متو به هن سُر ۾ غافل انسان کي سُجاڳ ڪرڻ آهي. ته هن وقت جڏهن آرام آهي، عيش ۽ فرحت آهي. ته تون غافل ويٺو آهين، اُهي وقت جڏهن گذري ويندا، ته پوءِ هٿ هڻندين.”(15)

عبدالغفور سنڌي، سر ڏهر جي شرح لکندي، نه صرف نالي ۽ موضوع جي حوالي سان آڏواڻيءَ صاحب واري ساڳي غلطي دهرائي پر، جسوڌڻ کي جسودن لکي، ساڳي معنيٰ لکي، “محصول وٺندڙ ڪامورن، وڻجارن ۽ جسودن جي قومن جو وڏو چهچٽو هوندو هو.”(16)

مٿي ذڪر ڪيل نسخن ۽ ڇاپي رسالن سان گڏ ۽ ٻين رسالن جي “ڳاڻيٽي جي حساب کان اٺ بمبئي ڇاپا، نائون ڊاڪٽر ٽرمپ وارو نسخو، ڏهون چوويهن سٽن وارو قديم ڇاپو، يارهون مولانا بختيارپوريءَ وارو نسخو، ٻارهون برٽش ميوزيم وارو نسخو، تيرهون قاضي احمد وارو منتخب، چوڏهون مرزا قليچ بيگ وارو ڇاپو، پنڌرهون خانبهادر محمد صديق وارو ڇاپو ۽ سورهون محمد عثمان ڏيپلائيءِ وارو 1951ع وارو ڇاپو، اهڙا ڇاپا آهن، جن سڀني ۾ سر ڏاهر لکيل آهي. ٻئي طرف ڇاپي رسالن مان فقط اٺن رسالن ۾ سر ڏهر لکيل آهي، جن مان فقط تارا چند شوقيرام وارو رسالو 1900ع جو ڇپيل آهي، باقي سڀ رسالا 1950ع ۽ ان کان پوءِ واري ويجھي دور جا ڇپيل آهن. انهي حساب سان قديم رسالن ۽ گھڻن رسالن کي ترجيح ڏبي ۽ هن سر کي سر ڏهر نه بلڪ سر ڏاهر سڏبو.”(17) جڏهن ته سگهڙ حاجي الهداد جنجي، شاهه جو ڪلام سهيڙي شاهه جو گنج جي نالي سان ڇپرايو، جيڪو ڪويتا پبليڪيشن، ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ ڇاپيو. جنهن ۾، حاجي صاحب انهي سُر جو نالو ‘سُر ڏاهر’ لکيو آهي.

معمور يوسفاڻي جي خيال موجب ته اصل لفظ ڏاهر هيو جيڪو اچار کي ننڍو ڪري اچارڻ سان ڏهر ٿيو آهي. لساني ڦيرن جي مثالن سان وضاحت ڪندي لکي ٿو ته، “لسانيات جي دائري ۾ ٻنهي لفظن جو جائزو وٺبو ته ڏهر لفظ، ڏاهر جو مخفف (ننڍو ڪيل) ڏسڻ ۾ ايندو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏاهر ان هم وزن ڪئين لفظ ملن ٿا، جن جا مخفف پڻ ڏهر جهڙا ٿين ٿا، جيئن واهر مان وهر ۽ ٿاهر مان ٿهر لفظ جڙيا آهن. اهڙي طرح ساڳي دائري ۾ لوهار مان لوهر، ميهار مان ميهر، ڏاتار مان ڏاتر لفظ ٺهيا آهن. اسن وٽ اٺ به ڏاهري قوم جي ماڻهن کي عام طرح ڏهري سڏيو وڃي ٿو.”(18)

معمور صاحب ‘ڏاهر’ لفظ جو اشتقاق ڪندي، سندس معنيٰ واضح ڪندي لکي ٿو ت، “ڏاهر لفظ جي معنيٰ آهي، سڌ سما يا ڏس پتو ڏيڻ وارو. هي لفظ بنيادي طرح ‘ڏاھ’ لفظن مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خبرچار، اهڃاڻ، ڏس، پتو، سڌ سما وغيره. لسانياتي ڀڃ گھڙ موجب ‘ڏاھ’ جي پوئتان اَر حرف ملائڻ سان (ڏاه‍ ار) ڏاهر لفظ ٺهيو آهي، جيڪو مشهور سنڌي نالو آهي، جيڪو قديم سنڌي نالو آهي جيڪو قديم دور کان سنڌ جون قومون پنهنجي اولاد تي رکنديون آهن.”(19)

مٿين حوالن اِهو ظاهر ٿئي ٿو ته، شاهواڻي صاحب، ڏاهر يا ڏهر جو مُختلف معنائون ڏنيون. انهن مان ٻن ڀٽن جي وچ واري ماٿريءَ واري معنيٰ کي آڏواڻي صاحب بنياد بڻائي، انهن سُر سان ڳنڍندي لکيو ته شاھ صاحب کي ڏهر واچان گذرندي جيڪي خيال آيا، سي بيت هِن سُر ۾ رکيا ويا آهن، انهيءَ پوءِ جي مرتبن به بنا ڪُجھ وڌيڪ سوچڻ جي، اِهو ئي خيال برقرار رکيو ۽ اڄ جا مُحقق به انهيءَ معنيٰ تي متفق آهن. اِها ڪهڙي ڳالھ ٿي جو شاعر جنهن جڳھ تي ويٺو هُجي، سُتو هُجي، ڪو ڪم ڪندو هُجي، پنڌ ۾ هُجي، ته اُتي ان کي جيڪي خيال اچن ٿا، ته انُ جڳھ جي نالي پويان انهي سُر يا صنف جو نالو رکجي. جيڪڏهن ايئن هُجي ته پوءِ سُر پوٺو، سُر ٻيڙي، سُر گھوڙي، سُر ڪراڙ، سُر ڀٽ وغيره به هُجڻ گھُرجن، جو شاھ صاحب کي انهن جڳهن تي هوندي خيال آيا هوندا. ۽ ٻي ڳالھ ته ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته شاعر کي ڪهڙو خيال ڪهڙي جڳھ، حالت، ۽ ڪيفيت ۾ آيو آهي، اِهو شاعر جو اندروني معاملو آهي. ته هو ڪهڙي ڪيفيت جو اظهار ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن ٿو ڪري. اِهو انهي جو تخيل هوندو آهي، ته جيڪڏهن هو ڪنهن واقعي کي تمثيل طور پيش ڪري ٿو، ته ضروري ناهي ته، هو انهيءَ واقعي جو اکين ڏٺو گواھ هُجي ۽ جتي واقعو رونما ٿئي ٿو، اُتي ئي ٺهه پهه شاعري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، (اِهو ته لوڪ ادب جي صنف ‘واقعاتي بيت’ ٿيا) ۽ پويان ٻيا وري انهيءَ شاعريءَ کي انهيءَ هنڌ يا جڳھ جي نالي جي عنوان سان سڃاڻين. جيڪڏهن ايئن هُجي ته ڀٽائي ڪربلا جو ميدان نه ڏٺو، نه سسئي سان پنڌ ڪيائين، نه سُهڻيءَ سان گڏ گھڙو کڻي درياھ ۾ گھڙيو وغيره ۽ نه ئي انهن سُرن جا نالا ماڳن جي حوالي سان آهن.

جڏهن سُر ڏهر جي نالي جو ٻن ڀٽن جي وچ واري ماٿريءَ سان ڪو تعلق ناهي ته پوءِ اسان انهيءَ سُر جي نالي جا سبب سُر جي موضوع يا موسيقيءَ جي حوالي سان ڳولهينداسين.

سُر ڏهر جي موضوع جي حوالي سان سڀئي محقق انهيءَ خيال جا آهن، ته انهي سُر ۾ ڪو هِڪ مرڪزي خيال نه آهي. هر داستان جو موضوع الڳ الڳ آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته، “ذات الاهي جي ذڪر ۽ ياد الاهي ۾ ورتل دلين طرفان حمد ۽ ثنا کي، آگاهي وقت کان وٺي صوفين ۽ درويشن جي سماع وارين محفلن ۾ ‘سر ڏهر’ ۾ آلاپيو ويو. هن سُر جي پهرين داستان جو موضوع ئي آهي ساري جهان جي خالق ۽ پالڻهار موليٰ مهربان جي صفت ۽ ساراهه ۽ سندس مهر ۽ ٻاجهه لاءِ دعا. انهيءَ لحاظ سان، انهن بيتن کي فقيرن ذڪر طور سُر ڏهر ۾ آلاپيو. ساري جهان جي خالق ۽ پالڻهار جي وڏائي ۽ واکاڻ سان گڏ، هن زمين تي انسان عارضي زندگي جي حوالي سان کيس ترغيب ڏنل آهي ته هي حياتي هڪ عارضي منزل آهي يا مانجهاندي جو ماڳ آهي، انهي ڪري ڊگهيون رٿائون رٿڻ ۽ وڏيون اميدون رکڻ بي سود آهن. ننڊ ۽ غفلت بدران بيداري ۽ سجاڳي واري حالت ۾ هجڻ ضروري آهي. اها سجاڳي ۽ بيداري ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ سان حاصل ٿيندي.

داستان ٻئين ۾ جسوڌڻ آگري جي دؤر ۾ پٽيهل درياهه ۾ پاڻي جي موج سببان ملڪ ۾ آبادي ۽ ماڻهن جي خوشحالي ۽ ان بعد وري پٽيهل ۾ پاڻي گھٽجڻ ۽ سُڪڻ، ماڻهن جو لڏڻ ۽ ملڪ جو ڦٽڻ هن داستان جو مکيه موضوع آهي.

داستان ٽئين ۾ اڳين وقت جي وڏي ارڏي ۽ اڻٽر سردار لاکي ڦلاڻي جي ڳڻت ڳالهين ۽ ڏاڍاين جا اهڃاڻ ڏنل آهن. سندس ڳڻ اهو هو جو غريب اوڏڻ سان دل لاتائين، اوڏن جي لڄ پت رکيائين ۽ کين پاڻ وٽ اجھو ۽ اوٽ ڏنائين. سندس ڏاڍائي اِها هر طرف هُلائون ڪري مال ڦري، ڪاجي راڄن کي لڏايائين. ريٻارين ۽ جاڙيجن جا ته وڳ ڪاهيائين. پر اُهي راڄ جيڪي ملڪ جي حاڪم راءِ کنگهار جي پناهه هيٺ هئا تن جو به لوڙيون هنيائين.

داستان چوٿون سنگهارن يعني مالدارن جو وڏي چاهه سان مال چارڻ ۽ چارڻ پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ سندن صلح سانت ۽ اطمينان واري سماجي زندگيءَ جو آئينو آهي.

داستان پنجين ۾ ڪونجن جي اعليٰ وصفن جي اهڃاڻ ڏنل آهي. ۽ ڪوجن جي ڪهل ڪرڻ ۽ کين نه مارڻ جي ترغيب ڏنل آهي. ڪونجن جون اعليٰ وصفون اهي جو اُهي قوت ۽ چُوڻي خاطر ديس ڇڏي پرديس اچن پر وطن به وسارين ۽ وري پوئتي ورن هو. اُهي ٻاجهاري ٻولي ڪن. وڳر ڪري هلن ۽ هڪٻئي کان جدا نه ٿين ۽ جيڪا منجهائن پوئتي رهجي وڃي ته ان کي سنڀاري ساڻ ڪن. انهي ڪري کين سندن واسطي دعا ته شال ڌڻي پنهنجي ٻاجهه ڪري کيس سندن وطن ۾ پنهنجي ٻچن سان ميڙي.”(20)

سُر ڏهر ۾ جنهن جاگرافي ۽ اُن سان وابسته تاريخي واقعن، ڪردارن، ماڳن مڪان، ڍورن، ڀڙن جو ذڪر ٿئي ٿو، اُن جو سرسري جائزو پيش ڪندي اِهو ڏسنداسين ته انهن جو انهي سُر جي نالي سان ڪهڙي ۽ ڪيتري وابستگي آهي.

“هتي قديم دور ۾ وڏا وهڪرا يا ڪن وهڪرن جون جيڪي شاخون وهنديون هيون، انهن لوڻي، سرسوتي ۽ جمنا جون شاخون، نار، جهول ۽ گھلوءَ جون شاخون- واهند، دامن، هاڪڙو، ريڻي، ٻوڏاري، پوراڻ، پينگهارو، ڳونيرو، ميڻي، ڍاڳي ۽ ڍوڙ وغيره ڳڻي سگهجن ٿا. اهي سڀئي وهڪرا اوڀر، اوڀر اتر ۽ اتر کان اچي هن ضلعي جي ڌرتيءَ کي آباد ڪندا هئا. جنهن جا آثار ۽ نشان هنڌين ماڳين موجود آهن.”(21)

انهن درياهن، ڍورن ۽ ندين جي وهڪرن ۽ شاخن جي ڪپن تي ڪيترائي شهر جڙيا، آباد ٿيا، جن مان ڪيترن ئي جا کنڊر اڄ به پسي سگھن ٿا. جن مان، “جوڻا گڍ، ڪيرٽي گڍ، پارٿين گڍ، ساکي جو گڍ، اونچل ڪوٽ، ڪانڌل ڪوٽ، ڪانجي ڪوٽ، مارل جو ڪوٽ، ڪسل ڪوٽ، وڳهه ڪوٽ، عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ، مهڙڪوٽ، ٻٽو ڪوٽ، ٻرڙائي ڪوٽ، سنڌرن جو ڀڙو، جسيرل جو ڀڙو، بولدن جو ڀڙو، راڻي جو ڀڙو، دلوراءِ جو ڀڙو، حمل جو ڀڙو، ڳاڙهو ڀڙو، لاليءَ جو ڀڙو، پچٽ جو ڀڙو، ڪينجهه جو ڀڙو، ارڻيءَ جو ڀڙو، نور علي شاه واري ڀڙي، سونبور واري ڀڙي، واهوندين واري ڀڙي، ڳاڙهي ڀڙي، ڏنڀرلو، دڙيلو، ڀوريلو، ڏيپلو، ٽمونهي، جھڙٻي، کڏي، گنج گوندي، راڄاري، اڪڙي، راڄيا ڇانئين، بازاريا، ڀوڏيسر، جوارياسر، تڳوسر، ٻلهيار، ڳاهيار، اڪڙو، کاروڙو، کيراهو، ڀوڻيو، ليورِ، ٽائونگ، ڏهر، چوٽاڻ، اسلام ڳڙھ ، فتح ڳڙھ، کن، شرواھ، ٽيڪراء، سينگاريو، سونٺي ۽ ٻيا.”(22)

پر هاڻي انهن ندين، ڍورن يا شاخن جا وهڪرا هتي ناهن، نتيجي ۾ سڃ لڳي پئي آهي. “البته ٿر جي ڪن ٿورڙن ٽڪرن تي ٿوري ڪي گھڻي وسنون نظر اچي ٿي، ورنه سڃ ئي سڃ پئي واڪا ڪري. چون ٿا ته، جتي اڳين وقت ۾ نهرن جي ڪنارن، ڪپرن ۽ ڪنڌين تي جيڪي قيمتي وکر جا کوڙ هوندا هئا، اڄ اُتي سواءِ ڪکن، پنن ۽ واري جي دڙن جي ٻيو باقي نه ٿو نظر اچي. ايتري تائين وڻ ٽڻ ته ٺهيو، پر ڪرڙن ۽ ڪانڊيرن جي ڪنڊن جي به اهڙي حالت بڻي آهي، جو هو پنهنجو اڳيون اوج به وساري چڪا آهن.”(23)

ٿر جي پائر واري پٽ وارو ڀاڱو جسوڌڻ جي راڄڌانيءَ جو حصو هو. پائر جي پٽ ۾ شاھ لطيف جي سير سفر جو ذڪر ڪندي معمور صاحب لکي ٿو ته:

“واٽ ۾ جيڪي شهر اچن ٿا، انهن ۾ ڏهر ٻلهياري ۽ جتن جي ترائي مشهور آهن. قديم دؤر ۾ ڏهر ۽ ٻلهياري ۾ سنڌ جا قديم وهڪرا اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا، جن لاءِ شاھ صاحب فرمايو آهي ته:

ڍاڳي ۽ ڍور ٻئي وهن ٻلهيار ۾،
تڏهن تاجڙين تور، هئي جسوڌڻ سان.

جسوڌڻ جي دؤر ۾ اهي ٻيئي شهر آباد هئا، انهن مان ڍوري جي ڪناري تي مشهور وڏو ڪنڊو بيٺل هو، جنهن سان مخاطب ٿيندي شاھ صاحب فرمايو ته:

ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي،
جسوڌڻ جيڏو، تو ڪوگڏيو پهيڙو.

اهڙي طرح شاھ صاحب ڪنڊي کي ۽ ڪنڊي ڌڻي جسوڌڻ مهڙاڻي کي خطاب ڪندي انهي دؤر جي تاريخ جا اهڃاڻ ڏنا آهن. جن ۾ پارڪر کان پيٽيهل تائين جاگرافي ۽ تاريخ ملي ٿي.”(24)

ڪاڪي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لطيفي سئر ۾ لکي ٿو ته، “لکپت ۽ ابراسو جي وچ ۾ چتراڻو نالي هڪ ڏونگر آهي، جتان اڳتي هڪ درياھ وهي، مانڊوي جي ويجھو ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو. انهيءَ کي ‘پتريل’ يا ‘پٽيهل’ درياھ چوندا هئا. اهو درياھ ڪيترن سالن کان سڪي ڍويون (ڊٻون) ٿي ويو آهي ۽ منجهس جھنگلي وڻ ٽڻ بيٺا آهن. رسالي جي سر ڏهر ۾ انهيءَ ڍوري جو نالو ۽ انهيءَ جي حاڪم جسودن موراڻيءَ جي ڳالهه بابت اشارا آهن.”(25)

مٿين حوالن مان شهر ڏاهر جي اشارا ملن، جيڪو ڄام ڏهر جوڙايو هو. جنهن جي باري ۾ معمور صاحب لکي ٿو ته، “شاھ صاحب هن سر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي جنهن ڌرتيءَ جا اهڃاڻ پيش ڪيا آهن. اها ڌرتي قديم دور ۾ مشهور سمي سردار ‘ڄام ڏاهر’ ۽ ان جي وڏن جي آباد ڪيل ڀونءِ هئي، جنهن ۾ ڄام ڏاهر جي خاندان جي مشهور شخصيتن جي نالن سان منسوب ڪيترائي آثار موجود آهن جيئن ‘هٻو’، ‘لوڻو’، ‘ڪيرو’، ‘کريڙ’، وغيره جيڪي قديم دور ۾ سڀئي سنڌ ۾ شامل هئا ۽ پوءِ مختلف دورن ۾ ٽٽندا ويا آهن اڃا به انهن علائقن تي سنڌ جو اثر غالب آهي. اهو هيئن جو اڄ به انهن علائقن جو ماڻهو جيڪر ڪڇ جي ڏاکڻين حصي ۾ ويندو ته اتي جا ماڻهو چوندا ته فلاڻو سنڌ کان آيو آهي.”(26)

معمور صاحب اڳتي لکي ٿو ته، “جيئن ته ڄام ڏاهر کي به سنڌ توڙي ڪڇ جا ماڻهو ڄام ڏهر ڪوٺيندا هئا. ان ڪري جڏهن ڄام ڏاهر، وٽ واري سهڻي علائقي ۾ پنهنجي نالي سان شهر ٻڌايو ته اهو شهر به ڄام ڏهر جو شهر سڏجڻ ۾ آيو ۽ گھڻي وقت کان پوءِ ان شهر کي ماڻهن فقط ڏهر ڪوٺيو، جنهن جا آثار ڏيپلي تعلقي جي ٻلهياري ۽ راحمڪي بازار شهرن جي وچ تي موجود آهن، جتان انهي دور ۾، ڍور دريا جو وڏو وهڪرو وهندو هو ۽ اهو شهر تمام آدباد هو، جيڪو هڪ طرف دريائن سان ۽ ٻئي طرف ‘گوڙيءَ جي نار’ (ڪوريءَ جي نار) سان ڳنڍيل هو.”(27)

معمور صاحب ڄام ڏاهر جي راڄڌانيءَ جي ايراضيءَ بابت لکي ٿو ته، “ڄام ڏاهر يا ڏهر جي راڄڌاني ٿرپاڪر ضلعي جي ننگرپارڪر، مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن ۽ ڊگھڙي تعلقي جي ڏاکڻين حصي ۽ بدين ضلعي جي ٽنڊي باگي، بدين ۽ گولاڙچي تعلقن ۽ ڪڇ جي لکپت، سنڌڙي کريڙ، ٻني، ٻيلي ۽ ٻين قريبي ٻيٽن جا ماڻهو ۽ خاندان جا فرد آباد آهن.”(28)

مٿي ڄاڻايل ايراضيءَ جي حاڪمن ۾مان جسوڌڻ نالي وارو حاڪم ٿي گذريو، جنهن جو ذڪر شاھ لطيف ڪيو آهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون. انهيءَ جي خاندان مان جيڪي پوءِ حاڪم ٿيا. جن مان “ڄام ڪيريي کان پوءِ ڄام جوجهي ولد سمي ولد هٻي جو راڄ شروع ٿيو، جيڪو پڻ پنهنجي دور جي يادگار شخصيت هو. جنهن کان پوءِ سندس پٽ ڄام ڏاهر ساماڻو، جنهن جو اثر اڳوڻن سڀني سردارن کان اڳرو رهيو، جنهن ٻلهيار واري ايراضيءَ ۾ ڍور جي وڏي وهڪري تي هڪ وڏو ۽ نئون شهر آباد ڪرايو، جنهن جو نالو اڳتي هلي ‘ڏهر’ مشهور ٿي ويو ۽ هنڌين ماڳين ڏاهر جي تعريف ٿيڻ لڳي. جڏهن شاه صاحب پنهنجي دور ۾ انهيءَ ايراضيءَ ۾ آيو ۽ سمن سردارن جا يادگار ڏٺائين ته انهن کان تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ آثارن واري ايراضي ۽ سردارن کي ڳائيندي، ان سر جو نالو ئي کڻي ‘سر ڏهر’ رکيائين. جنهن کي پوئين دور جي مرتبن سي ڏهر لکيو آهي.”(29)

هِن سُر جي موضوع جي درجابندي ڪندي، مُحترم معمور يوسفاڻي اهو واضح ڪري ٿو ته، هن سُر جو وڏو مضمون جاگرافي آهي، جيڪو ٻين مضمونن سان گڏيل به آهي ته جدا به ۽ ان جا ڪيترا موضوع آهن، جن جو تفصيلي خاڪو جدا ايندو، هتي فقط عنوان يا موضوع لکندس ته جيئن جاگرافي جي مضمون جي وسعت معلوم ٿئي. هن مضمون جا وڏا ۽ خاص موضوع هيئن آهن.

وهڪرا
علائقا ۽ پٽ
ٻيٽ ۽ جبل
ماڳ مڪان
قومون ۽ ذاتيون
لوڙائو ۽ هاڻو
ماري ۽ شڪاري
پکي ۽ جانور
هن سر جو ٻيو وڏو مضمون تاريخ آهي، جنهن ۾ نائين ۽ ڏهين صدي عيسوي جي تاريخ اجا جزا شامل آهن، جن ۾ مشهور سکر ۽ چڱو مڙس جسوڌڻ، آڳڙيو، لاکو ڦلاڻي، پنرو بڊاماڻي خاص آهن. جن تي اڳتي بحث ايندو.

مناجات ۽ دعا
غافل مغرور انسان کي چتاءُ ۽ ڏس
شاعر جو ذاتي مشاهدو
سنڌ جا مشهور وهڪرا
اُڀرندو هاڪڙو
ڍاڳي

“جڏهن ‘ڍاڳي’، ڍور، ٻني وهن ٻلهيار ۾،
تڏهن تازڻين طور، هئي جسوڌڻ سين.

ڍور:

سچ ڪ‍ سڪو ڍور ڪنڌيين اڪ ڦلاريا
جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو، سونگي گيا.

پوراڻ:

جهوني تون پوراڻ، جنگ ڇٽيهه سنڀرين
توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.

پٽيهل:

پٽيهل چئي، پرين کي، ساري آئون سڪو،
آهم اولڪو، جسوڌڻ جو جان ۾.

هن سر ۾ مختلف علائقن جو ذڪر:

ڪاڇو،ڪڇ، ڪاڇڙو:

ڀُڄ ٿا ڀير، وڌو راءِ رڪاب ۾
ڪڇ رهندو ڪير،لاکو لوڙائن سين.
تن جاڙيجن جاڙ ڪئي، راءِ سان رٺا جي
ڪيئن ماڻيندا سي،چوهن چارو ڪاڇڙو.

چوٽاڻ:

لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار
چوٽاڻي چوڌار، وانڍيون وس چرنديون.
جهڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾
آيل سنگهارن، جيڪس چوٽاڻو چت ڪيو.

وٽ:

جهوڪون نه جهڻڪن، وڳ نه پسان وٽ ۾
آيل سنگهارن،جيڪس چوٽاڻو چت ڪيو.

ٻيلو:

ڪيڏانهن ويا سنگهار، جي هئا هيٺين ڀيڻين،
ڏور ته ڏوريون يار، ٻيلي ٻنهي ڪنڌيئن.

کريڙ:

اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري
‘کريڙ’ ڀونءِ کري، پير ڏکويا پکڻين.

ٻني:

ٻني ٻهڻ نه ڏي، جهري ويئي جهوڪ
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.

پاندر:

لاکو لوڻي آئيو، هٻي پيئي هاڪ
پاندر ڪنا پڇڙي،ڏونگر پيئي ڏاڪ
اٺيون ۽ عراق،گڏيا نه گئون ٿيا.

ڪوهيار/روھ/ڇپر:

ڪاڇو ۽ ڪوهيار، ڏونگر سندن ڏيهڙو
ساجهر نيئي بار، ڪوهه نه ويين ان سين.

لوڻو:

هٻو:

لاکو لوڻي آئيو، هٻي پئي هاڪ،
پاندر پهري ڪا نه ڪا، ڏونگر پئي ڏاڪ،
اٺيون ۽ عراق گڏيا نه گئون ٿيا.

جهرو:

ٻني ٻهڻ نه ڏي، جهري وئي جهوڪ،
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لڪ لڏايا.

ڀڄ:

ڀُڄئا (ڀڄ ئا) ڀُلي پير وڌو راءِ رڪاب ۾
ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائن سين.

بڊام:

چيتا ڪيو چڻيج، بڊاماڻي بُٺ ۾،
نيڻين ننڊ مَ ڏيج ڇيڙون ڇپرا آئيون.

گهاڙي:

لاکي لڳئي ڏينهن، گهاڙي ري ڪيئن گهاريئين،
مٿان وسي مينهن، واٽون ولين ڇا نئيون.

ڪنڊو:

ڪنڊا ڪُڄاڙيا اُڀو آهين ريل ۾،
پرين پُڄاڻا سڪين ڀانگهر نه ٿيئين.

چوڏانهن چارا:

تن جاڙيجن جاڙ ڪئي، راءِ سان رُٺا جي،
ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏانهن چارو ڪاڇڙو.

پر سوال اڃا به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، ته جڏهن شاھ لطيف، جسوڌڻ، جسي، جسراج، لاکي ڦُلاڻي ۽ مهرراڻي، ڪيريي، هٻي وغيره جو ته پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي راڄڌانيءَ جي ماڳن مڪانن، وهڪرن، ڍورن ۽ اُتان جي معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن جو به ذڪر ڪيو آهي، پر اصل ڪردار ڄام ڏاهر، جنهن جي نالي پويان انهيءَ سُر جو نالو رکيو ويو، تنهن جو ڪوبه ذڪر سندس شاعريءَ ۾ نٿو ملي. ته پوءِ انهيءَ سُر جو نالو ڏهر يا ڏاهر ڇو ۽ ڪيئن پيو؟

ڀڄئا ڀلي نڱئو، ڏيئي پاڳوڙي پير،
‘جسي’ ۽ ‘جسراج’ جو، مٿي وانڍين وير،
ڪڇ رهندو ڪير؟ لاکو ‘لوڙائو’ ٿيو!

جيئن ته، شاھ جي رسالي ۾ جن سُرن جا نالا موضوعاتي (مثال طور سُر سهڻي، سُر مارئي، سُر سامونڊي وغيره) ناهن، تن جا نالا موسيقيءَ جي راڳن جي نالن سان رکيل آهن. جيئن ته ڏاهر جي سُر ۾ آيل شاعريءَ جو نه ڄام ڏاهر سان ۽ نه ئي ڏهر (ٻن ڀٽن جي وچ واري ماٿري يا زمين) سان واسطو آهي، ته پوءِ اسان اِهو ڏسنداسين ته، انهيءَ سُر جو نالو موسيقيءَ جي راڳن جي نالي سان لاڳاپو ته ناهي.

شاھ جي رسالي جي سُرن جي حساب سان ورڇ، ترتيب ڏيڻ ۽ “شاھ عبداللطيف ‘موسيقي’ جي انهيءَ نيئن تحريڪ کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ سن 1742ع ڌاري جڏهن هن ڀٽ تي هميشه لاءِ سڪونت اختيار ڪئي، تڏهن هڪ مستقل “راڳي جو ادارو” قائم ڪيو. ان سلسلي ۾ پاڻ هڪ نئون ساز ايجاد ڪيائين ۽ پنهنجن فقيرن جي هڪ گروھ کي پنهنجي موسيقي ڀريل شعر کي نئين طرز سان ڳائڻ جي ترتيب ڏنائين، جنهن موجب سندس ڪلام کي مختلف موضوعن جي لحاظ سان جدا جدا سُرن ۾ ڳايو ويو ۽ انهيءَ ڪري مختلف موضوعن بابت سندس بيتن ۽ واين لاءِ اهي ‘موسيقي جا سُر’ ئي باب بنجي ويا. هر ‘سُر’ هيٺ آيل ڪلام کي مخصوص لئي ۽ راڳڻيءَ ۾ ڳايو ويو، ۽ هر ‘سُرَ’ کي انهي لئي يا راڳڻي جي نالي سان ئي سڏيو ويو.”(30)

“شاهه جي رسالي ۾ جيڪي سر ڏنل آهن انهن ۾ هيٺين نمونن جا سر شامل آهن:

اهڙا سُر، جن جا نالا ڪلاسيڪي سُرن جي نالن تي رکيل آهن، پر اهي سنڌي نموني ۽ سنڌ جي فني انداز ۾ ڳايا ٿا وڃن ۽ انهن ۾ ڪنهن لوڪ داستان ۽ علاقائي روماني داستان جو ذڪر لازمي طور موجود ڪونهي. اهڙن راڳن ۾ يمن، کنڀات (ڪماچ)، سري راڳ، سارنگ، ديسي (ديس) بروو، رامڪلي، پرڀاتي وغيره شامل آهن.
اهڙا سُر، جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ يا علاقائي روماني ڪهاڻيءَ جو ذڪر آهي، جيئن ته راڻو، مارئي ۽ ليلا.
اهڙا سُر، جن جا نالا ڪلاسيڪي راڳن جي نالن تي رکيل آهن، پر انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن علاقائي رومان يا لوڪ ڪهاڻي جو بيان موجود آهي.
اهڙا سُر، جن ۾ مختلف موضوع بيان ڪيل آهن، ۽ جن ۾ مشهور ۽ غير موزون قصن جا حوالا به اچي وڃن ٿا، جيئن ته معذوري، آبري، ڪوهياري، رپ، ڪاپائتي، ڏهر، گھاتو، پورب (پوربي) ۽ ڪارايل وغيره.”(31)
شاھ جي رسالي جو سمورو ڪلام مُختلف سُرن جي عنوانن هيٺ آيل آهي، جيڪي ڪلاسيڪي ۽ ديسي سُرن جي نالن سان سڏبا آهن. “سنڌي موسيقيءَ ۾ ڀٽائيؒ جي قائم ڪيل نظام موسيقي ڏانهن توجه ڏجي ٿو ته هي معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائي ؒ امير خسروءَ وانگر عربي ۽ ايراني موسيقي کي به برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ڪلام جي ٽيٽيهن راڳڻين مان ‘يمن’ ۽ ‘حسيني’ ٻن راڳڻين کي آندو ۽ باقي 31 سرن مان 16 راڳڻيون (ڪلياڻ، يمن، ڪاموڏ، سر سريراڳ، سهڻي، ديسي ڪاموڏ، سورٺ، ڪيڏارو، آسا، پورب، پرڀاتي، بلاول، کنڀات، بروو، رامڪلي، بسنت ۽ تلنگ) ڪلاسيڪي سنگيت مان مقرر ڪيون ۽ پنڌرهن سرن (سامونڊي، ڪوهياري، ليلان چنيسر، راڻو، مارئي، گھاتو، رپ، کاهوڙي، ڪاپائتي، ڪارايل، پرڀاتي، ڏهر، ماري، ڍول مارو، هير رانجهو) کي سنڌي موسيقي جي ڌنن جي ۾ ڍاليو.”(32)

مٿئين حوالي مان پتو پيو ته سُر ڏاهر جو نالو، موسيقيءَ جي راڳن جي نالن تي به آڌاريل ناهي. ته پوءِ اِهو سُر ڪيئن ٿيو؟ ۽ انهيءَ سُر کي ڪهڙي راڳ يا راڳڻيءَ ۾ ڳائي سگھبو.

“انهن سُرن مان هر سُر ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ٻڌل آهي، ۽ روايت مطابق هڪڙي موضوع جو ڪلام ٻئي سر ۾ ڳائبو ۽ نه وري ڪنهن هڪڙي لوڪ ڪهاڻيءَ جي ڪا وائي يا بيت ٻئي سُر ۾ ڳائي ويندي. شاھ ۽ ٻين سنڌي شاعرن جي رسالن جي هر هڪ سر جو جدا موضوع ۽ ان لاءِ جدا راڳ مقرر آهن. اهڙيءَ طرح شاھ جي رسالي جا ڪل سُر ٽيهن کان ڇٽيهن تائين هئا، پر اڄڪلهه جي معياري رسالن ۾ اڻٽيهه يا ٽيهه سُر موجود آهن. ان جو مطلب ٿيو ته شاهه جي راڳ ۾ (سنڌي موسيقي جا) وڌ ۾ وڌ ڇٽيهه ۽ گهٽ ۾ گهٽ اُڻٽيهه راڳ شامل هئا. پر اڄ اسان وٽ هر سُر لاءِ جدا راڳ موجود نه آهي. ڪيترائي راڳ اسان جي ڳائڻن وساري ڇڏيا آهن. مثال طور، ڏهر، ڪاپائتي، گھاتو، ڪارايل وغيره لاءِ ڪي به سُر هيئنر موجود نه آهن، يا اسان جي ڳائڻن کي انهن جي خبر ڪانهي. پر ان جي هي مطلب اصل ڪونهي ته سنڌي راڳن ۾ ڪي ٻيا راڳ شامل ڪونهن. سنڌي راڳن ۾ ڀيروي، مانجھ، لاڙائو، سنڌڙو، جوڳ، پهاڙي ۽ ڪيترا ٻيا راڳ به آهن ۽ شاهه جا ڪيترا سُر انهن راڳن ۾ به ڳايا ٿا وڃن.”(33)

مٿين حوالن مان اِها ڳالھ واضح ٿئي ٿي ته، جيڪو شاھ لطيف جي رسالي ۾ سُر ڏهر آهي، سو گَوين کان وسري ويو ۽ اُن جو وجود ئي ناهي. پر، آئون موسيقيءَ جو ته ڄاڻو ناهيان، پر ٻوليءَ جو شاگرد هُجڻ جي حيثيت ۾ اها ڳالھ سمجھي سگھان ٿو، ته موسيقي پڻ هِڪ ٻولي آهي، جيڪا زباني ٻولين کان مضبوط هوندي آهي. زبان سان ڳالهائجندڙ ٻوليون پڻ ڦٽندي ۽ وجود وڃائيندي پڻ صديون لڳائينديون آهن، ته موسيقيءَ يا انهي جي راڳ ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪيئن ٿي، وسري ۽ ختم ٿي سگھي. منهنجو اِهو خيال آهي، ته انهي نالي سان ڪا به راڳڻي آهي ئي ڪانه، ۽ جنهن جي هُجڻ جي ڪنهن به موجوده ڪلاسيڪي راڳي کي خبر ناهي، انهي ڳالھ جي تصديق ٽيليفون ذريعي مُحترم تاراچند، ڀٽ شاھ؛ مُحترم شفيع فقير، عمرڪوٽ؛ مُحترم ذوالفقار قريشي، حيدرآباد؛ مُحترم سڪندر پنهيار، جيڪب آباد ڪئي آهي.

مٿئين بحث مان جيئن ته اِهو ثابت ٿيو، ته ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ آيل سُر ڏاهر جو نالو نه موضوعاتي آهي ۽ نه ئي موسيقيءَ جي راڳ تي آڌاريل. جيڪڏهن اهڙو ڪو سُر هو، ته موسيقيءَ جي ماهرن کي اڳيان اچڻ گھُرجي، ۽ تحقيق ڪري سنڌي موسيقيءَ جي ڪالب ۾ آندي وڃي ۽ ادارن کي شاھ صاحب جي موسيقيءَ جي بچاءُ ۽ بقاءُ لاءِ اُپاءِ ورتا وڃن.



حوالا:
ميمڻ، حاجي محمد صديق محمد يوسف، ‘رسالو شاه عبداللطيف ڀٽائي’، سنڌ مُسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، سنڌ 71 _1371هه، ص: 1۽2.
بيگ، مرزا قليچ، ‘رساله شاه عبداللطيف ڀٽائي’، محمد يوسف برادرس بڪ سيلر، 1951ع، حيدرآباد، سنڌ، ص: 01
شاهواڻي، غُلام محمد، ‘شاه جو رسالو’، سنڌيڪا ، ڪراچي، 2005ع، ص: 866.
ساڳيو، ص:15.
آڏواڻي، پروفيسر ڪلياڻ، ‘شاهه جو رسالو’، (مڪمل)، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1991ع، ص: 467.
آڏواڻي، پروفيسر ڪلياڻ، ‘شاهه جو رسالو’، مڪتبه بُرهان، اردو بازار، ڪراچي، ص:1.
آڏواڻي، پروفيسر ڪلياڻ، ‘شاهه جو رسالو’، (مڪمل)، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1991ع، ص:467.
آڏواڻي، پروفيسر ڪلياڻ، ‘شاهه جو رسالو’، مڪتبه بُرهان، اردو بازار، ڪراچي، ص:447.
يوسفاڻي، معمور، ڊاڪٽر نواز علي شوق (سهيڙيندڙ)، ‘سر ڏاهرجو مطالعو’ (مقالو)، ‘سُر ڏهر’ (ڪتاب)، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ_ حيدرآباد، 1989ع، ص: 19 ۽ 20.
ساڳيو، ص: 18 ۽ 19.
شيخ، ٻانهون خان، ‘شاھ جو رسالو’، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع، ص: 230، 231 ۽ 232.
شاهواڻي، غُلام محمد، ‘شاه جو رسالو’، سنڌيڪا ، ڪراچي، 2005ع، ص: 866.
راهمون، فقير محمد قاسم (ساڪري، ٿر)، ‘شاهه جو گنج’، روشني پبليڪيشن ڪنڍيارو، 2013، ص: 548.
ميمڻ، غلام مصطفيٰ مشتاق، ‘شاهه جو رسالو’، مهراڻ اڪيڊمي، 2000ع، ص: 729.
ساڳيو، ص: 730.
سنڌي، عبدالغفور، ‘شرح سر ڏهر’، مهراڻ پبلشرز، سکر، 1978ع، ص: 8.
يوسفاڻي، معمور، ڊاڪٽر نواز علي شوق (سهيڙيندڙ)، ‘سر ڏاهرجو مطالعو’ (مقالو)، ‘سُر ڏهر’ (ڪتاب)، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ_ حيدرآباد، 1989ع، ص: 16 ۽ 17.
ساڳيو، ص: 17.
ساڳيو، ص: 15.
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ‘شاھ جو رسالو’، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، 2009ع، ص: 160.
يوسفاڻي، معمور، ڊاڪٽر نواز علي شوق (سهيڙيندڙ)، ‘سر ڏاهرجو مطالعو’ (مقالو)، ‘سُر ڏهر’ (ڪتاب)، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ_ حيدرآباد، 1989ع، ص:
ساڳيو، ص: 13 ۽ 14.
سنڌي، ميمڻ عبدالغفور، ‘شرح سر ڏهر’، مهراڻ پبلشرز سکر، 1978ع، ص:
يوسفاڻي، معمور، ‘لطيف جا ٿر تان ڀيرا’، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، 2006ع، ص:
آڏواڻي، ڀيرو مل مهرچند، ‘لطيفي سئر’، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ حيدرآباد، 1989ع، ص:
يوسفاڻي، معمور، ڊاڪٽر نواز علي شوق (سهيڙيندڙ)، ‘سر ڏاهرجو مطالعو’ (مقالو)، ‘سُر ڏهر’ (ڪتاب)، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ_ حيدرآباد، 1989ع، ص: 17 ۽ 18.
ساڳيو، ص:
ساڳيو، ص:
ساڳيو، ص:
بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر درشهوار سيد (سهيڙيندڙ)، ‘شاھ عبداللطيف راڳ ۾ هِڪ نئين تحريڪ جو باني’ (مقالو)، ‘شاھ لطيف جي موسيقي’ (ڪتاب)، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، 1992ع، ص:
عشقي، الياس،’شاھ لطيف جي موسيقي’(مقالو)، ڪتاب ساڳيو، ص: 54 ۽ 55.
عزيز، شيخ، ‘سنڌي سنگيت جو سنواريندڙ ڀٽائي’(مقالو)، ڪتاب ساڳيو، ص:
عشقي، الياس،’شاھ لطيف جي موسيقي’(مقالو)، ڪتاب ساڳيو ، ص: 55 ۽ 56