سر سامونڊي جي واين تي اعتراض: 1
پاڻيءَ سين پيک ڪئو، تيلاهه وڻجارن،
لعلون سي لهن، جنين سودو سچ سين.
جيئن ته مان هڪ شاگرد آهيان، پنهنجي حيثيت کي مطالعي ۾ آئيني اڳيان بيهارڻ کانپوءِ پنهنجي وجود کان به انڪار محسوس ڪيم ۽ انهن عظيم اديبن، سگھڙن، عالمن ۽ محققن جي نور نچوئيل پورهئي تي ڪجھ سوچڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿيو ڄڻ مان پاڻ مرادو ٻه قدم پاڇلئي سرڪي پيس ۽ قلم کڻڻ کان اڳ ۾ هٿن ۾ ڪا لرزش پيدا ٿي پئي ۽ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڀڻڪي پيس ته، نه مان انهي جي قابل ناهيان. بهرحال ڏڪندي ڪنبندي قلم کنيو اٿم اهو سوچي ته مان انسان آهيان ۽ انسان جي عظمت انهي ۾ آهي ته پنهنجي سوچ کي هڪ هنڌ بيهڻ نه ڏي. مونکي پنهنجن عظيم استادن ۽ عالمن تي ڪو به شڪ ناهي ڇاڪاڻ ته “اهو سچ آهي ته جيڪو پنهنجي استادن تي شڪ ڪري ٿو ته انهي ڇا سکيو، صرف شڪ ڪرڻ” شاهه جي سالڪن جي محنت، محبت، پورهئي ۽ عشق کي پسي ڄڻ شاهه صاحب انهن سڀني اديبن کي مخاطب آهي ته،
اي گت غواصن، جئن سمنڊ سوجھيائون،
پيهي منجھ پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرو لعل هٿن سين.
بيشڪ هي اهي ئي ٽوٻا آهن جيڪي پنهنجي جان ۽ مال جو فڪر ڪرڻ کان سواءِ علم جي اونهي سمنڊ ۾ ڪاهي پيا ۽ زندگي جا ڪيئي سال انهيءَ ڪم کي ارپي ڇڏيائون. مان سمجھان ٿو ته اهي ئي انهن جي زندگيءَ جا عظيم لمحا هئا جن ۾ انهن شاهه سائينءَ جي شاعري کي ميڙي سيڙي، سنواري سڌاري اصلي حالت ۾ اسان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃان تائين هلندڙ آهي.
مغرب جي عالمن جا اسان تي ٿورا آهن، جو مشرق ۾ پيدا ٿيندڙ عظيم شاعرن کي انهن متعارف ڪرايو، جيتوڻيڪ انهن جي طرفان پاڻيءَ ۾ پٿر ڪيرائڻ کان پوءِ اسان جي عالمن پاڻ پتوڙيو، مان انهن جي قدمن جي نشانن تي قدم رکڻ جي قابل به بلڪل ناهيان، صرف انهن نشانن کي ڏسي ڪري سڪي ٿو پوان.
اسان اڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا
ڄڻ انهن جي شيءِ، انهن کان اڌاري وٺي، انهن کي ئي پيو ارپيان.
منهنجو موضوع شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.مون کي مختلف عالمن پاران ترتيب ڏنل “شاهه جو رسالو” جي سر سامونڊي جي واين مان ڪن سان اختلاف آهي. پنهنجي موضوع تي اچڻ کان پهرين اهو ڏسجي ته شاهه جو ڪلام ڪيئن جمع ٿيو ۽ مختلف عالمن ۽ محققن ڪلام کي ڪيئن گڏ ڪيو.
مير عبدالحسين ‘سانگي’ پنهنجي وقت ۾ شاهه جي ڪلام جو هڪ وڏو ڄاڻو هو ۽ هن جون ٻڍڙن، فقيرن ۽ شاهه جي جھونن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. شاهه صاحب جي ڪلام سان هن کي هڪ قسم جو عشق هو. مير صاحب مرحوم لکي ٿو ته “شاهه صاحب پاڻ لکي پڙهي ڪونه ڄاڻيندو هو، هو شعر چوندو هو ۽ فقير اهو لکندا ۽ بي ترتيب جمع ڪندا ويندا هئا. ڪي فقير وري ان کي ياد ڪري وٺندا هئا. ان ريت هڪ طرف شاهه جو ڪلام ڪيترن ماڻهن کي ڪنٺ ٿيل هو ٻي صرف دفترن جا دفتر لکجي گڏ ٿي رهيا هئا.” هڪ روايت موجب “شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ جا دفتر پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ کڻي وڃي ڍنڍ ۾ اڇلايا”. ڊاڪٽر گربخشاڻي انهي روايت کي بلڪل ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي سمجھي ٿو. مان به ڊاڪٽر صاحب جي سوچ سان اتفاق ڪندي اهو چوندس ته هر ڪڪو پنهنجي ڪوتا کي پنهنجي اولاد کان به مٿانهون آهي؟ ڪجھ به نه، هي ته صرف مٽيءَ جو پتلو آهي، جيڪو ساهه نڪرڻ کان پوءِ صرف مٽي رهندو ۽ مٽي سان ملي وڃي مٽي ٿيندو. اصل، سچو ۽ هميشه لاءِ رهندڙ منهنجو پٽ ته صرف منهنجو شعر آهي”.
شاهه صاحب جي ڪلام کي جيڪا هاڻي ترتيب ڏيئي رسالي جي صورت وٺرائي وئي آهي ان بابت سانگيءَ جي تحقيق ڪيل آهي ته “شاهه صاحب وٽ هڪڙا ٻه گويا ‘چئنچل’ ۽ ‘اٽل فقير’ رهندا هئا، هو اصل دهلي جا رهاڪو هئا، پهريان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي درٻار ۾ آيا ان کان پوءِ سموري ڄمار شاهه صاحب جي خدمت ۾ اچي رهيا. علم موسيقي يا راڳ وديا جا وڏا ڄاڻو هئا، جن شاهه صاحب جي ڪلام کي موسيقي جي سرن موجب ورهائي جدا جدا داستان رٿيا ۽ داستانن تي سندن مضمون پٽاندڙ راڳڻين جا نالا ڏنا، جن کي پويان فقير علم موسيقي جي سرن پٽاندر راڳڻين کي جدا جدا آوازن ۾ آلاپيندا رهن ٿا. رسالي ۾ جو هندي يا پارسي شعر داخل ٿي ويا آهن، سي به انهن دهلوي گوين جي معرفت رسالي جي ترتيب ڏيڻ وقت درج ٿيل آهن. هندي شعر يا ٻين سنڌي سگھڙن جا ڏوهيڙا جيترا به رسالي ۾ آيل آهن سي شاهه صاحب جي خدمت ۾ ڳائيندا هئا ۽ پاڻ ٻڌندا هئا، جنهنڪري انهن کي به کڻي رسالي ۾ داخل ڪيو اٿن. اهو سڀ ڪجھ شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ ٿيو آهي يا حياتي جي پوئين زماني ۾، ان بابت ٺيڪ ڳالهه هيءَ معلوم ٿئي ٿي ته سندس وفات کان پوءِ ئي هاڻوڪي صورت وارو رسالو جمع ٿيو. سندس حياتي ۾ ڪجھ ڪلام فقيرن جي هٿ نه اچڻ سبب ناحق ناس ٿي ويو. ڪجھ فقيرن وٽ لکيل هو ۽ گھڻو ڪري گھڻن کي ياد هو، جنهن کي گڏي هاڻوڪو مجموعو ٺاهيو ويو. هڪ ٻي روايت آهي ته تمر فقير واري نسخي تان سرن جي ترتيب موجب ٻه نسخا تيار ڪرايا ويا. جن ۾ هڪ ڀٽ تي رهيو ۽ ٻيو درگاهه ڪريميءَ تي رکيو ويو. درگاهه ڪريميءَ واري اصلي نسخي تان 1196هه مطابق 1789ع ۾ ٻيو نسخو لکرايو ويو جو اڄ تائين موجود آهي. اهو نسخو شاهه صاحب جي وفات کان 13 ورهيه پوءِ تيار ڪرايو ويو، جو گھڻو ڊگھو زمانو ڪونه گذريو هو، ان وقت شاهه صاحب جا ڪيترائي ملاقاتي هن جھان ۾ موجود هئا. درگاهه لطيفي ۽ درگاهه ڪريمي وارن نسخن جو بمبئي وارن نسخن کان ٿورو تفاوت آهي. شاهه صاحب جي رسالي گنج جي صورت ۾ گڏ ٿيڻ کانپوءِ هن جا جدا جدا ڇاپا پڌرا ٿيندا رهيا.
رسالي جا جدا جدا نسخا:
سڀ کان پهرين شاهه جي رسالي جو هڪ نسخو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب 1866ع ۾ جرمني ۾ لپزگ شهر ۾ ڇپارايو. ٽرمپ صاحب لکي ٿو ته، کيس ٻه جھونا قلمي رسالا هٿ آيا، جن کي هڪ هوشيار پڙهيل سنڌي عالم ڀيٽي سندس لاءِ هڪ ڪاپي تيار ڪئي.
بمبئي جو ڇاپو؛ اهو رسالو قاضي ابراهيم پلبندي، بمبئي جي ڪتاب فروش پهريون ڀيرو 1867ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. مرزا قليچ بيگ صاحب جو چوڻ آهي ته اهو صحيح نسخو آهي ۽ ڀٽ جي گنج تان ورتل ٺيڪ ڇاپو آهي. مگر ڊاڪٽر گربخشاڻي جو لکڻ آهي ته “هن ڇاپي جھڙو ردي نسخو ڪڏهن هٿ نه ايندو”. بمبئي وارو نسخو هڪ دفعو وري 1877ع ۾ ڇپيو، جنهن جي پڇاڙي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهه جي مشهور فقير طالب هالن واري ڪيترائي نسخا ڀيٽي تيار ڪيو آهي.
سنڌ سرڪار جي تعليم واري کاتي جو ڇپايل ‘شاهه جو رسالو’؛ اهو رسالو ديوان تارا چند ايجوڪيشنل انسپيڪٽر 1900ع ۾ تيار ڪرايو. ڀٽ واري قلمي رسالي، ٽرمپ جي رسالي ۽ بمبئي جي ڇاپي سان مقابلو ڪرائي تيار ڪيو ويو آهي. مگر انهي ۾ ڪيترو ئي ڌاريو ڪلام آهي.
مرحوم مرزا قليچ بيگ، شاهه جي رسالي کي پنهنجي نموني ۾ 1913ع ۾ جمع ڪيو جنهن کي شڪارپور جي منشي پوڪراس 1914ع ۾ پهريون دفعو ڇپائي پڌرو ڪيو. مرزا صاحب، ديوان تاراچند جي ڇاپي ۾ آيل ڌارئي ڪلام ۾ اضافو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي جو رسالو؛ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي شاهه جي رسالي کي چئن جلدن ۾ ورهائي، ڏاڍي محنت ڪئي جنهن جو پهريون جلد شرح ۽ معنيٰ سميت 1923ع ۾ ڇپيو، ٻيو جلد 1925ع ۾ پڌروٿيو ۽ ٽيون حصو 1931ع ۾. افسوس جو چوٿون حصو آخري وقت تائين پڌرو ڪري نه سگھيو. ڊاڪٽر صاحب ڏاڍي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان هي رسالو تيار ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نور نچوئيندڙ پورهئي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب پاڻ موکيو ۽ ڏهن جلدن تي مشتمل ‘شاهه جو رسالو’ ترتيب ڏنائون. ڊاڪٽر صاحب به گھڻي محنت ۽ پورهئي کان پوءِ هي انمول رسالو ڏنو.
مذڪورا بالا رسالن کان پهرين ۽ پوءِ ٻين ڪيترن ئي محققن ۽ عالمن شاهه سان عشق جو ثبوت ڏيندي تمام گھڻي محنت ڪئي ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا آيا ۽ اچڻ لڳا. منهنجو هتي رسالن جي اچڻ ۽ ڇپجڻ جو ذڪر ڪرڻ انهيءَ لاءِ ضروري هو ته، اها ڳالهه ظاهر ٿي وڃي ته شاهه جو ڪلام ڪيترن پيچيدگين ۽ مشڪلاتن مان گذري ڪري اڄ هتي موجود آهي، جنهن تي اڄ ڪيترائي ادارا تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترائي اديب گوشه نشيني ۾ پنهنجي پر ڪم ڪري رهيا آهن.
شاهه جي ڪلام جي گڏ ٿيڻ جي باري ۾ ايترو لکڻ کان پوءِ آئون پنهنجي موضوع طرف موڙ کائيندي، ‘سر سامونڊي’ جي موضوع ۽ مضمون متعلق ڪجھ عالمن جا رايا پيش ڪندس ته جيئن اهو واضح ٿي وڃي ته سر سامونڊيءَ جو اصل موضوع ڪهڙو آهي، تقريبن سڀني محققن جھڙوڪ ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ. آءِ قاضي، ممتاز مرزا، غلام مصطفيٰ قاسمي، شوقيرام تاراچند، مرزا قليچ بيگ، ٻانهون خان شيخ، ڪاڪو ڀيرومل، لالچند امر ڏنو مل ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي انهيءَ رايي تي متفق آهن ته:
“مشهور هندستاني راڳن مان اهڙو ڪو به نه ٿو سجھي جنهن جو نالو سر سامونڊي هجي، مضمون جي مدنظر ئي هن کي اهو نالو ڏنو ويو آهي. هي سر گويا ‘سريراگ’ جو ڌوڙي آهي، يا ايئن چئجي ته ساڳي تصوير جو ٻيو پاسو آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي وڌيڪ لکي ٿو ته “سر سريراڳ ۾ وڻجارن جو ذڪر ڪيل آهي ته سر سامونڊي ۾ وري سندن وڇڙيل وهن جو ذڪر ڪيل آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب جي شاعراڻي شعور جون ٻه خاص خوبيون ڀلي ڀت ظاهر آهن، هڪڙو ته دلسوزي ۽ وقت نهايت نازڪي سان ادا ڪئي ويئي آهي ۽ ٻيو زال ذات جي دلي جذبن ۽ امنگن جي اهڙي چٽي مورت ڪڍي ويئي آهي، جو ڄڻ ته شاعر خود عورت بڻجي ويو آهي. وڻجاري جي اندر جا احوال طرحين طرحين جا پور ۽ خيال کيس پلپل پون ٿا. ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پڇائون ڪرڻ، پيرن تي پڙ باسڻ، درياهه تي اَکا پائڻ، چؤ واٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره، انهن واقعن جو نهايت درد ڀريو احوال بيان ڪيل آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي سر به شاهه جي جواني جي وقت جو چيل آهي ۽ هي سر انهن ٿورن سرن مان آهي، جنهن ۾ ڪو به ڌاريو بيت ڪونهي ۽ نڪا ڪا پڙهڻين ۾ گھڻي ڦير گھير آهي.”
مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحقيق جي بنياد تي رايو ڏيندي لکي ٿو ته “هن سر جو نالو ‘سامونڊري’ غور طلب آهي، جنهن جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا.
عام فهم سبب اهو ته هن سر جا مکيه ڪردار يعني سمنڊ جو سفر ڪندڙ وڻجارا، معلم، ملاح ۽ ناکئا هئا، جنهن کي ‘سمنڊ’ جي نالي پويان ‘سامونڊري’ سڏيو ويو ۽ انهي نالي سببان هن سر کي به ‘سامونڊري’ سڏيو ويو.
تاريخي لحاظ سان وڌيڪ سهي سمجھڻ ۾ ايئن ٿيندو ته ان دؤر ۾ سنڌ جي پرڏيهي واپارين ۽ ملاحن جا ڏوراهين منزل ۽ مقصد وارا ماڳ اوڀر طرف جاوا ۽ سوماترا جو ‘سامونڊرا’ وارو ملڪ هو ۽ ان سامونڊرا واري ملڪ ڏانهن وڃڻ ۽ واپار ڪرڻ سببان کين ‘سامونڊري’ سڏيو ويو. جنهن تان هن تي پڻ اهو نالو پيو. جيڪڏهن اهو نالو سمنڊ جي نسبت سان هجي ها ته جيڪر ‘سامونڊرائي’ يا ‘سمنڊرائي’ سڏجي ها. ٻيو ته ‘سامونڊري’ فقط ان تاريخي دور وارن وڻجارن، ملاحن يا ناکئن کي سڏيو ويو ۽ اهو دور ختم ٿي ويو. هن موجوده صدي ۾ 1947ع کان اڳ سنڌ جا واپاري ۽ ناکئا اوڀر طرف هندستان جي بندرن تائين ويندا هئا، پر انهن کي ‘سامونڊري’ ڪونه سڏيو ويو. ان مان انهيءَ دليل جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ته اڳوڻي دور ۾ ‘سامونڊرا’ طرف وڃڻ وارن وڻجارن کي ئي سامونڊري سڏيو ويو.
انهي کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ‘سر سامونڊي’ جي ‘سر’ ۽ ‘راڳ’ متعلق لکي ٿو ته، ‘شاهه جي راڳ’ جي روايت ۾، وقت جي لحاظ سان ‘سامونڊري’ لاباري واري موسم جو راڳ آهي. وڌيڪ هي ڄاڻڻ ضروري آهي ته ‘سامونڊري سر’ يقيني طور ‘مقامي سنڌي سر’ آهي، جنهن جو بنياد شاهه صاحب وڌو ۽ ان ۾ هندستاني موسيقي جي راڳ راڳڻين سان گڏ اڌو اڌ کن مقامي سنڌي سر ۽ الحان شامل ڪيائين. سندس وقت تائين سنڌ جي هيٺئين لاڙ ۽ کاري واري ڀاڱي ۾ وڻجارن جي موضوع وارو ‘سامونڊي ڳائڻ’ يا ‘سامونڊري سر’ هلندڙ هو، جنهن کي راڳ ۾ شامل ڪيو ويو. ڀٽ تي ‘شاهه جي راڳ’ ۾ جيئن هاڻي ڳائجي ٿو، تيئن اهو ڪنهن حد تائين ڄڻ هندوستاني ‘راڳ گا وتي’ سان ملي ٿو. سنڌ جو اهو آڳاٽو راڳ هاڻي فقط ‘شاهه جي راڳ’ ۾ ئي سلامت وڃي بچيو آهي، باقي ٻاهر ڪٿي به ڪو نه ٿو ڳائجي”.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحقيق جي آڌار تي سر سامونڊيءَ کي چئن داستانن ۾ ورهايو آهي، جنهن متعلق لکن ٿا ته، “پهرئين داستان جو موضوع ماضي ۾ سمونڊر ذريعي پرڏيهه ويندڙ وڻجارن ۽ سندن سمنڊر جي سفر ۽ ڪشالن وارو ماحول آهي ۽ مجموعي طرح داستان ٻئي، ٽئي ۽ چوٿين ۽ هنن ٽنهي داستانن جو مکيه موضوع ساڳيو آهي يعني وڻجاري ڪانڌ ۽ سندس وني جي وڇوڙي وارو ماحول. البته ڪنهن حد تائين هي داستان ۾ هن ماحول جا ڪي جدا جدا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ منجھن وڌيڪ روشن ڪيل آهن”.
سر سامونڊي جي واين کي سولي نموني سمجھڻ لاءِ تمام ضروري هو ته پهرين انهي ڳالهه کي وائکو ڪجي ته انهي سر جو اصل موضوع ڇا آهي؟ انهي ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان ڪيترن ئي مهان محققن ۽ سگھڙن جا ميڙيل سيڙيل تحقيقي حوالا پيش ڪيا، جنهن مان صاف صاف ظاهر آهي ته، هي سر سمنڊ سان وابسطه ماضي جي انهن ماڻهن جي زندگيءَ جو آئينو آهي جي سنڌ کي خوشحال ڪريو ويٺا هئا ۽ انهن جا پنهنجا هٿ جي تري تي رکڻ جھڙا جوکائتا عمل ڪرڻ ۽ سندن ونين جا دلي جذبا ۽ دل ۾ ڇوليون پائيندڙ محبت جي عظيم قرباني کي، نه چاهيندي به قربان ڪرڻ جھڙا عظيم موضوع سامهان اچن ٿا. مان پنهنجي نڪتي جي پٺڀرائي ڪندي اهو چوندس ته انهن سڀني محققن جي اشارن مان اهڙو ڪو به اشارو نه ٿو ملي جيڪو ٿورو ٿڙيل هجي. اگرچه ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ مان ڪجھ نواڻ سامهون اچي ٿي، مگر اها نواڻ يا تحقيق به منهنجي موضوع جو جواب نه ٿي ڏئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اها ڳالهه ضرور ڪن ٿا ته سر سامونڊي تي اهو نالو ‘سامونڊرا’ جي ملڪ ڏانهن ويندڙ واپارين جي ڪري پيو هجي، بهرحال ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش تمام گھڻي معنائتي آهي تنهن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي.
سنڌي شعبي ۾ منهنجي استاد سائين عابد مظهر شاهه صاحب جي ڏنل علم ۽ شفقت جي روشني منهنجي ننڍڙي ذهن کي جنهن ڳالهه تي لکڻ لاءِ اتساهيو آهي سو نڪتو اڃا به پنهنجي جاءِ تي آڪڙيو بيٺو آهي ۽ اهو آهي سر سامونڊيءَ ۾ ان جي موضوع کان هٽيل واين جي موجودگي، جنهن تي تقريبن هر محقق سوچيو ۽ لوچيو هوندو. مونکي اهو سوچيندي حيرت ٿئي ٿي ته، اهي ته چٽيون ۽ پنهنجو پاڻ ظاهر ڪندڙ غلطيون آهن، جيڪي اڃان تائين ٿينديون پيون رهن. آخر اهو ڇو ضروري هو يا آهي جو ماضي ۾ ۽ اڄ جا عالم به انهن شين کي سر سامونڊي ۾ رکڻ ضروري ٿا سمجھن، جيڪي پنهنجي موضوع مطابق رڙي رهيون آهن ۽ اهي تمام ڪوڪون ۽ رڙيون مونکي ته ڀٽائي سرڪار جي سورمي ‘سسئي’ جون ٿيون لڳن. جن جن لفظن، مصرعن ۽ واين تي مونکي اعتراض ٿو لڳي انهن نڪتن تي بحث ڪرڻ کان اڳ اهو واضح ڪرڻ گھران ٿو ته، شاهه جي سالڪن مان ‘سر سامونڊي’ جي واين سان ڪنهن ڪيترو نڀايو آهي ۽ ڪهڙي محقق ڪهڙي وائي هن سر ۾ ڪٿي سجائي آهي.
1- شاهه جو رسالو گنج شريف:
جيئن ته گنج شريف ۾ شاهه جي بيتن کي داستانن ۾ موتئي جي هار جيان پوئِيو ويو آهي جن جي وچ وچ ۾ وايون گلاب جي گلن جيان سينگاريل آهن. شروع ۾ ڏهن بيتن کان پوءِ
“ائين اچي پسو جيڏيون! هي جو حال منهنجي جندڙي” واري وائي آهي، وري يارهن بيتن کان پوءِ
“ڏک لاهيندا ڏونگر ووءِ ماءُ! پريان جا” آهي ۽ وري ارڙهن بيتن کان پوءِ
“پرين جي پنڌان مونکي جي جھلنديون، سي نه پڄنديون” آهي، انهيءَ کان پوءِ وري يارهن بيتن کان پوءِ
“ڪرهل پائي لڄ، ڪوهه نه ويئينءَ ان سين” آهي. انهي کان لاڳيتو پوءِ
“پڳهه پاءِ پانهنجي، متان ڇوهي ڇنيائين،” اٺن بيتن کان پوءِ ٻه لاڳيتيون وايون اچن ٿيون:
“آئون هلندي هوت ڏي، هاءِ هاءِ” ۽
آيل ڪريان ڪيئن وو! منهنجو نينهن پليو نه رهي” ۽ آخر ۾
تڙ نهاريان تي، منهنجا بندر وئڙا جي” آيل آهي.
2- شوقيرام تاراچند
داستان پهريون
پرين جي پنڌان مونکي جي جھلنديون، سي نه پڄنديون.
تڙ نهاريان تي، منهنجا بندر وئڙا
آيل ڪريان ڪيئن وو! منهنجو نينهن پليو نه رهي.
داستان ٻيون
ائين مونکي زور مَ جھليو جيڏيون، آءُ هلندي هوت ڏي.
ڪرهل پائي لج، ڪوهه نه وئينءَ ان سين.
ويندي آءُ هوتن وٽ، مرڻ مون وڻجارن سين.
داستان ٽيون
ائين اچي پسو جيڏيون، هي جو وهه منهنجي جندڙي.
ڏک لاهيندم ڏونگر وو، پرين جا مونکي سڀئي.
مرحوم مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، غلام محمد شاهواڻي ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي جھڙن سڀني محققن سڀ وايون پنهنجن ترتيب ڏنل رسالن ۾ آنديون آهن. جڏهن ته عثمان علي انصاري ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضي ٻنهي صاحبن ‘ڏک لاهيندم ڏونگر وو’ ناهي ڏني، ۽ ٻانهي خان شيخ ‘سڙھ سڃاڻيو ڇوءِ، ماءِ سامونڊي آيا’ پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ مٿين سڀني واين سان گڏ اضافي ڏني آهي. مجموعي طور تي مٿي ڏنل وايون، سڀني محققن ساڳيون پيش ڪيون آهن، پر هر محقق ڪجھ لفظن ۽ مصراعن جي ڦيرڦار ڪئي آهي، جهڙوڪه: سڀني محققن ‘ڪرهل پائي لڄ’ لکيو آهي، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ‘گرهڙ پائي لڄ’ لکيو آهي. اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي، جيڪو اڄ تائين بحث هيٺ آهي، ڇاڪاڻ ته شاھ جو ڪلام مختلف علائقن جا ماڻهو مختلف انداز ۾ پڙهن ٿا. هاڻي اسان هتي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي تان ورتل انهن واين جا ڪجھ ٽڪڙا هيٺ پيش ڪنداسين، جن تي اعتراض اٿن ٿا ته، اهي سُر سامونڊيءَ سان تعلق نٿا رکن، ته پوءِ اهي سُر سامونڊيءَ جي واين ۾ ڪيئن ۽ ڇو گڏيا ويا.
پرين جي پنڌان، مونکي جي جھلينديون، سي نه پڄنديون.
تان ڪين واس وهائيو، ٻاروچي ملاءُ، سي نه پڄنديون.
تان ڪيئن ڏونگر ڏوريان، جان ڪرهه اندر ساهه، سي نه پڄنديون.
ائين مونکي زور م جھليو جيڏيون!
ووءِ! آءُ ويندي هوت ڏي.
هاڻ نه جيان جيڏيون! آءُ ڪٺس ڪوهياري،
ووءِ! آئون هلندي هوت ڏي.
ڪرهل پائي لڄ، ڪُہ نه وئين ان سين.
متان وهين ويسري! اٿي ڀورل ڀڄ، ڪہ نه وئين ان سين؟
ويندي آئون هوتن وٽ.
پورينديس پين ڏي.
آئين اچي پسو جيڏيون.
پائي ويئڙا پير ۾ منجھان کرس کسو.
آئون ڏوريندي ان کي، ڏيئي تن تسو.
ساءُ نه آيان سورجو، هاڻي ٿيون هسو.
متان وِهو ويسريون، رِڙهو تي رسو.
ڏک لاهيندم ڏونگر وَو!
ڏاڍي ذات جتن جي ويئي ڏيل ڏهي.
آئون ڏوريندي ان کي، رائي رات رهي.
ڏٺا وڻ ڪوهيار جا، ويئي اڃ لهي.
مٿي ڏنل سٽن مان جيڪي اعتراض جوڳيون ڳالهيون ظاهر ٿيون تن جي وضاحت هيٺ ڏجي ٿي.
وڻجاري جي وني جو پنهنجي ڪانڌ پٺيان وڃڻ جو جذبو:
جڏهن ته اسان بلڪل واضح نموني اهو بيان ڪري چڪا آهيون ته ‘سر سامونڊي’ ۾ سمنڊ جي ذريعي واپار ڪندڙ ۽ وڻجارن جي ونين جي اندر جي اڌمن جي چٽي تصوير آهي. اسان اهو چئي سگھون ٿا ته شاعر پنهنجن خيالن جا بادشاهه ٿيندا آهن ۽ عاشق پنهنجن عملن جا. اهو ٿي سگھي ٿو ته شاهه صاحب پنهنجن خيالن جي اڏام ۽ وڻجارن جي عشق جو بي پناهه اظهار ڪيو آهي. شاعر ۽ عاشق پنهنجن خيالن کي انهي کان به مٿي آزاد رکي سگھي ٿو. جڏهن ته وڻجارن جي وني ظاهري طرح پنهنجي ڪانڌ جي پٺيان نٿي وڃي سگھي، مگر هوءَ پنهنجن خيالن ۽ اڏامن ۾ رهي ڪري اهڙن خيالن جو اظهار ڪري ٿي. هوءَ پنهنجي ڪانڌ کي ماڻڻ لاءِ هرهر پويان وڃڻ جا اڌما رکي ٿي ۽ انهن اڌمن جو اظهار اجھو هيئن ڪري ٿي:
“پرين جي پنڌان، مون کي جي جھلنديون، سي نه پڄنديون”
مٿئين رايي سان اتفاق ڪري سگھجي ٿو ۽ اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو ته اهڙا وڻجاري جي ونيءَ جا اڌما هجن. پر مان هتي هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته شاهه صاحب جا ڪردار لوڪ ڪهاڻين جھڙا بلڪل ناهن، شاهه صاحب به پنهنجن ڪردارن کان اهڙا ڪم بلڪل نٿو وٺي، جيڪي اسان لوڪ ڪهاڻين ۾ گرڙ پکي ۽ ديون کان وٺون ٿا. شاهه صاحب جا ڪردار پنهنجي حيثيت جي دائري ۾ حقيقت جو آئينو آهن ۽ سندس جي هر بيت مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ پاڻ انهيءَ مشاهدي مان گذريو هجي. يعني شاهه صاحب جو ڪم مشاهدي سان ٽمٽار آهي. اسان موضوع جي حوالي سان مٿين سٽ کي جيڪڏهن غور سان پڙهون ۽ پڙهڻ کانپوءِ ‘سر سسئي’ جو دائري ۾ رهي ڪري اگر سوچيون ته تمام بهتر رهندو بنسبت ‘سر سامونڊي’ جي. انهيءَ نڪتي جي حوالي سان ڏسو ته ‘سر سامونڊي’ ۾ ڪيترين واين ۾ وڻجارن جي ونيءَ جو پنهنجن ڪانڌ پٺيان وڃڻ جو ذڪر ملي ٿو جيڪا موضوع ۽ مضمون جي حوالي سان نه ٺهڪندڙ ڳالهه آهي.
ٻاروچي ۽ جت جو ذڪر:
بلوچ قوم کي ‘ٻروچ’ به سڏيو وڃي ٿو ۽ اوٺاڙين کي ‘جت’ جڏهن ته هر سر ۾ انهن شين جو رکڻ کل جھڙي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي لفظ صاف ‘سر سسئي’ جا آهن ۽ اتي ئي ٺاهوڪا ٿا لڳن. ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته اهي لفظ علامتي آهن ۽ انهن جو استعمال سي سامونڊي ۾ ڪو عيب ناهي. حالانڪه اها ڳالهه ائين صحيح ٿيندي ته جڏهن اسان ڪنهن سر جا روحاني راز ڳوليون ٿا ته انهي سر جا ڪردار اسان کي علامتي لڳن ٿا. مگر ٻئي سر لاءِ علامت طور استعمال ڪيل نٿا لڳن. اسان انهي ڳالهه کي مونجھاري ۾ ڇو وجھون جڏهن ته اهي لفظ ۽ جملن جا ٽڪڙا سڌاسنوان سر سسئي سا وابسته آهن.
ڏونگر ۽ ڪوهيار جو ذڪر:
سر سامونڊي ۾ مٺي ۽ کاري جو ذڪر ڏاڍو وڻي ٿو، مگر ڏونگر ۽ ڪوهيار تي دل نٿي پوي. اهو صاف ڪنن تي پوي ٿو ته سسئي ڀٽڪندي رڙندي ۽ رلندي جڏهن ڪوهيار جا وڻ ڏسي ٿي ته پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيندي دعا ڪري ٿي ته:
“ڏٺا وڻ ڪوهيار جا ويئي اڃ لهي”
جيڏين جو ذڪر ۽ وڻجاري جي وني کي پيڙا ۾ هڪ ۽ اڪيلي ڪرڻ:
اها ڳالهه اعتراض جوڳي آهي ته لفظ ‘جيڏين’ يا ‘جيڏيون’ جو ذڪر شاهه صاحب پنهنجي ‘سر سسئي’ جي حوالي سان استعمال ڪيو آهي. پر سر سامونڊي ۾ اهڙن لفظن کي ٽبنڻ نا انصافي ٿيندي. جيڪڏهن اسان انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪريون ته شاهه صاحب وڻجاري جي ونيءَ کي پنهنجين جيڏين سان مخاطب ٿو ڪرائي ته اها ڳالهه ناقابل قبول رهندي ڇاڪاڻ جو صرف انهي هڪ وڻجاريءَ جو ڪانڌ واپار تي ويو آهي، جو هوءَ ٻين سرتين کي ميارون ڏي ته:
“ائين اچي پسو جيڏيون” يا “هاڻي ٿيون هسو”
مٿين ٻن مثالن مان اهو صاف ظاهر آهي ته وڻجارن جي پاڙي ۾ ڪي ڪي واپار تي ويندا هئا، ته ڪي ڪي نه ويندا هئا. جنهن ڪري اها عورت جنهنجو ور وڇڙيل آهي سا پنهنجي سر تي چوي ٿي ته، اهين اچي مون کي ڏسو، منهنجو حال ڏس ته مان ڪهڙن سورن ۾ آهيان، يا وري چوي ٿي ته مان بلڪل پنهنجي سرت يا عقل ۾ ناهيان، منهنجي محبوب جي وڇوڙي مونکي چري ڪري وڌو آهي ۽ توهان جا مڙس توهان ساڻ آهن، تڏهن ٿيون توهان کلو ۽ خوش ٿيو ۽ مونتي ٺٺوليون ڪريو.
جڏهن ته اها ڳالهه ڪٿي به واضح ناهي ته هڪ وڻجاريءَ کي ڪا ٻي عورت روڪي ٿي، ٽوڪي ٿي يا انهي جي حال تي کلي ٿي، مگر اها ڳالهه اسان کي “سر سسئي” ۾ صاف نظر اچي ٿي.
رائي جو ذڪر:
‘سر سامونڊي’ ۾ پاڻي ۽ پاڻي جي ڇولين جو ذڪر ٺهي ٿو مگر رائي جو ذڪر بلڪل نامناسب آهي، رائو ته انهن ريگستانن ۽ وارياسن يا پٿريلن پٽن ۾ هوندو آهي، جتي پاڻيءَ جو ڦڙو به ناهي هوندو، جيئن سسئي پنهنجن سرتين کي مخاطب ٿيندي سمجھائي ٿي ته:
سرتيون سڄي سڃ، متان ڪا مون سين هلي،
پاڻي ناهي پٽن ۾، رائو سجھي رڃ،
متان مري اڃ، ڏي پاراتو پنهون کي.
ٻي پڙهڻيءَ مطابق:
پاڻي ناهي پنڌ گھڻو، رڳو رائو رڃ.
متان مري اڃ، ڪا ڏئي پاراتو پنهونءَ کي.
انهي کان علاوه ٺاٺارو، هوت، ٿرس ٿسو، ڏيئي تن تسو، رڙهو ته رسو وغيره وغيره. اهي سڀ اهڙا لفظ آهن جن کي سر سامونڊي ۾ رکڻ مناسب نٿو لڳي. هڪ هنڌ شاهَه صاحب سسئيءَ کي صلاح ڏيندي چوي ٿو ته “ڪرهل پائي لڄ، ڪوهه نه وئينءِ ان سين؟” ڪرهل اٺ کي چئبو آهي، اٺ جو ذڪر سر سامونڊي ۾...!! بهرحال ڊاڪٽر بلوچ صاحب ‘ڪرهل’ جي جاءِ تي ‘گرهڙ’ لفظ استعمال ڪيو آهي پر انهي لفظ جي معنيٰ ناهي ڏني، جنهن ڪري اهو ظاهر نٿو ٿئي ته ڊاڪٽر صاحب انهن واين کي سر سامونڊي جي موضوع سان ٺهڪائڻ لاءِ جتي، جت، هوت ۽ ٻاروچي جھڙا لفظ استعمال ڪيا آهن اتي ‘پرين’ وغيره جا لفظ وڌا آهن، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ائين رسالي جا لفظ مٽائي سگھجن ٿا؟ باوجود انهيءَ جي ڊاڪٽر صاحب به مٿين اعتراض جوڳين ڳالهين کي چٽي طرح واضح نٿو ڪري.
اهو مسئلو نه صرف سر سامونڊيءَ جي واين سان آهي بلڪه شاهه صاحب جو سڄو رسالو اهڙن مسئلن کان اڃان تائين آجو ناهي ٿيو. جنهن تي محنت ۽ تحقيق صاحب جو ڪلام ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪيترن ئي هندي، فارسي ۽ عربي شاعرن جي شاعريءَ جا ٽڪرا گڏوچڙ ٿي پيا، انهي بابت مٿي ڏنل آهي ۽ واضح آهي ۽ اڄ تائين اهو ئي عقيدو رهيو آهي ته شاهه جي سماع ۾ گويا شاهه جا شعر چوڻ سان گڏ ٻين ٻولين توڻي سنڌي ٻوليءَ جي ماضي جي يا شاهه صاحب جي همعصرن جي شاعري شاهه سائين جي حضور ۾ آلاپيندا هئا، جنهن جو اثر شاهه جي رسالي تي پيو ۽ صاف نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ شاهه صاحب جي هر سٽ کي جتي به آلاپجي پنهنجي سڃاڻپ جي پاڻ مالڪ آهي. هڪ عظيم ڪويءَ جي ڪويتا ۾ جيڪا انفراديت هوندي آهي، اها ئي يقيني انفراديت شاههه جي شاعريءَ ۾ جرڪي ٿي، هو پنهنجي انفراديت جي ئي بنياد تي شاعريءَ جي آسمان تي سورج جيان چمڪي ٿو ۽ پيار ۽ امن جا ترورا ٽمڪائي ٿو ۽ انهن ترورن ۾ پنهنجي ڪشش ۽ لطف آهي، جيڪي پنهنجائپ کي آلاپي ٿو ۽ انهن جي پنهنجن اندر جي اڌمن تحت معنيٰ ڪڍي ٿو. اها ڳالهه سئو سيڪڙو درست آهي ته هر ماڻهو پنهنجي ذهني دائري تحت معنيٰ جي دور ۾ اچي ٿو. تڏهن ته اهو به سئو سيڪڙو ممڪن ٿي سگھي ٿو ته مان به سئو سيڪڙو غلط رايو ڏيندڙ هجان، ڇاڪاڻ ته منهنجو ذهني دائرو پنهنجو آهي. سو ڪنهن به محقق جي ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگھجي، ۽ نه ئي اهو چئي سگھجي ٿو ته مان جو چوان ٿو بلڪل لوهه تي لڪير آهي. ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب پنهنجن بيتن لاءِ ڪجھ اهڙو رايو ڏي ٿو ته:
جي تون بيت ڀائيين، سي آيتون آهن.
بهرحال سڀني محققن ۽ عالمن جا لک لائق، لک ٿورا جو انهن پنهنجن پيارن نيڻن کي اوجاڳا ڏئي، نور نچوئي، رت ولوڙي، اهڙو انمول هيرو اصل حالت ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسان فخر ڪريون ٿا اها اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جي وڏائيءَ جي علامت آهي، اسان زندهه قوم آهيون جيڪا هڪ عظيم شاعر سان روشناس ٿيل آهي. اسان کي جڳائي ته صرف عقيدن جي ڏاوڻن کي پنهنجي تحقيق جي پيرن مان ڪڍي حقيقت ۽ سچائي سان پنهنجن مهان ڪوين کي پنهنجن ۽ پراون جي دلين ۾ جاءِ ڏيون ۽ انهن جي ڪويتائن ۾ موجود مونجھارن جي سچائيءَ تائين پهچون ۽ پنهنجي روح کي آرام ڏيون. مون ته بهرحال اهڙي ڪا تحقيق ناهي ڪئي، پر پاڻيءَ ۾ پٿر به ناهي هنيو ۽ نه ئي ککرن ۾ کڙو هنيو اٿم، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب جي شاعريءَ تي تحقيق جو سلسلو ماضيءَ جي ڪيترن ئي سالن کان هلندو اچي ۽ هلندو ٿو رهي. صرف ايترو ضرور چوندس ته شاهه جي سالڪن کي ۽ جن ‘شاهه جا رسالا’ ترتيب ڏنا آهن تن مان جيڪي حال حيات آهن انهن کي اهل نماڻي گذارش ڪندس ته پنهنجي محنت تي نظرثاني ڪن، ممڪن آهي ته کين ڪي مونجھارا نظر اچن ۽ انهن کي سلجھائڻ جي ڪوشش ڪن. منهنجي نظر تي جيڪي به رسالا چڙهيا تن مان صرف ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جن داد جا حقدار آهن، جن جي تحقيق تي سچ ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن، پر ٻيا ته هڙئي رسالا ڄڻ هڪٻئي کي ڏسي تيار ڪيا ويا آهن، جن صرف ايترو ڪيو آهي ته ڪنهن بيت کي ڪنهن داستان ۾ رکيو آهي ته ڪنهن وائيءَ کي ڪنهن داستان ۾، هيڏانهن جو بيت هوڏانهن ڪري ۽ هوڏانهن جو بيت هيڏانهن ڪري يا ڪجھ بيتن جي سٽن ۾ ٿوري گھڻي ڦيرڦار ڪري رسالا تيار ڪيا ويا آهن. ٿي سگھي ٿو ته مان انهن عالمن جي باري ۾ غلط رايو ڏئي ويو هجان، مگر مونکي جو ڪجھ محسوس ٿيو آهي سو مون لکيو آهي.
منهنجي موضوع جي حوالي سان ائين ڪرڻ گھرجي ته، اهو ڏسجي ته هڪ ئي سٽ ۾ يا بيت ۾ ٻن سرن جون ڳالهيون پيون ٿين، اهو ڏسجي ته اهڙو ٽڪرو جيڪو سر سامونڊي يا ڪنهن ٻئي بيت جي رهنمائي ٿو ڪري، انهن کي انهي سر جي ڪنهن بيت سان ڀيٽي ڏسجي، ته ڪٿي ٿو پورو لهي ۽ ٻئي ٽڪري کي ٻئي سر جي ڪنهن بيت يا وائي سان، جھڙوڪ.
ڪرهل پائي لڄ، ڪهه نه وئينءَ ان سين؟
اجاريائون اوليون، ڏئاريائون ڌڄ.
سر سامونڊيءَ جي انهي وائي ۾ مٿين سٽ سر سسئي جي لڳي ٿي ته هيٺين سٽ سر سامونڊيءَ جي. انهي مونجھاري کي اڪلائڻ لاءِ مٿين سٽ کي ‘سر سسئي’ جي بيتن سان ۽ واين سان ڀيٽجي ته متان اها اتي ڪٿي ٺهڪي ته اهائي آهي. اگر جي نٿي ٺهڪي ته پوءِ ٿي سگھي ٿو ته اها سٽ يا چوڻ ڪنهن ٻئي شاعر جو آهي. اهڙي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ اهو پتو پئجي سگھي ٿو ته اهو بيت، سٽ يا وائي ڪهڙي سر جي آهي ۽ ڪٿي هئڻ گھرجي، سر سامونڊيءَ جون وايون ايترو ته ڌارين لفظن ۽ سٽن جي ور چڙهيل آهن جو صرف ٻه ٽي وايون خاص انهي سر جون آهن باقي ته انهيءَ سر جون لڳن ئي نٿيون ۽ تقريباً ته گاڏڙ آهن.
“سامونڊيڪو سڱ، آهي گوندر گاڏئون،
انگن چاڙهي انڱ، وئو وڻجارو اوهري.”
مددي ڪتاب:
شاهه جو رسالو گنج شريف.
شاهه جو رسالو ڪلياڻ آڏواڻي.
شاهه جو رسالو علامه آءِ. آءِ. قاضي.
شاهه جو رسالو شوقيرام تاراچند.
شاهه جو رسالو ڊاڪٽر گربخشاڻي.
شاهه جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
شاهه جو رسالو مرزا قليچ بيگ.
شاهه جو رسالو ٻانهون خان شيخ.
شاهه جو رسالو غلام محمد شاهواڻي.
شاهه جو رسالو عثمان علي انصاري
شاهه جو رسالو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي.
شاهه جون وايون بولچند آڏواڻي.
شاهه جي شاعري تنوير عباسي.
سر سامونڊي حميده عباسي.
ڪلاچي تحقيقي جنرل.
نئين زندگي (رسالو)
سوجھرو (رسالو)
شاهه ۽ سنڌ ڊاڪٽر فهميده حسين.
سنڌ جو شاهه بدر ابڙو.
شاجي رسالي جو مطالعو مولانا دين محمد وفائي.
لطيف لطيف مولانا دين محمد وفائي.
شاهه جون وايون پروفيسر ڪلياڻ بولچند آڏواڻي.